ڇڇانگي سنڌ جي شاندار وادي آصف رضا موريو پاڪستان ۾ ڪوههِ سليمان جو کيرٿر جابلو سلسلو گهڻو تڻو سنڌ جي ٽن ضلعن قمبر، دادو ۽ ڄامشورو جي سرحدن منجهان گذري ٿو. هي سلسلو وچ اوڀر بلوچستان ۾ واقع مولا ندي کان هلندي ڪيپ مونزي وٽان ٿيندي عربي سمنڊ تائين هليو وڃي ٿو جيڪو سنڌ ۽ بلوچستان واري ٻنهي صوبن وچ ۾ هڪ قدرتي سرحد جيان بيٺل آهي. قمبر جي اتر ۾ واقع کيرٿر جو حصو قدرت جي بيش بها خزانن، آثارِ قديمه جي آثارن ۽ زميني آميرائپ سان مالال آهي جتي تيل گيس جهڙي دولتن جا پڻ تمام گهڻا خزانا موجود آهن.