Skip to main content

مـُهين جو دڙو - عيسيٰ ميمڻ


مـُهين جو دڙو
سنڌو ماٿر جي تهذيب جو عظيم اهڃاڻ
عيسيٰ ميمڻ
انساني تاريخ جي سڄي سفر ۾ ٽي وڏيون تھذيبون ڳڻيون وڃن ٿيون.مصري تھذيب، سميري تھذيب ۽ سنڌو ماٿر جي تھذيب ٽنهي وڏين تھذيبن جي حوالي سان الڳ بحث ڪرڻ بجاءِ اسان صرف سنڌو ماٿر جي تھذيب تي بحث ڪنداسين ته آخرڪار هيڏي وڏي دنيا جي تھذيب تباهيءَ جي ڪنڌيءَ تي ڪيئن پھتي؟ پر ان کان به وڏو الميو اهو آهي ته، اسان هن تھذيب جي اڃان نالي جو تعين به نه ڪري سگهيا آهيون.دڙي جــو نـالـو: سرڪاري کاتي وارا سمجهن ٿا ته موئن جو دڙو (Mound of Dead) نالو ئي درست آهي، هو چون ٿا ته ”مئن جو دڙو“ غلطي سان ”مئن“ بدران ”موهن“ لکيو ويو آهي، ان جو صحيح اچار مهين جو دڙو ۽ ڪي مُهن جو دڙو چون ٿا. پر ٻنهي جي معنى آهي، مات ٿيلن جو دڙو. ڀيرو مل مهرچند آڏواڻي لکي ٿو ته سنڌي ۾ ماهو معنى ”خون يا ڪوس“، ڪٿي لٺ لڳي ۽ ماڻهو مري پئي ته چوندا آهن، ماهو ٿيو. ماهو جو ڌاتو سنسڪرت لفظ مش معنى ڪهڻ يا ناس ڪرڻ آهي. پراڪرت ۾ ان جو اُچار ”مهه“ ۽ سنڌي ۾ ”مهو - ماهو“. ان جو واحد ٿيندو ”مھي- ماهي.“ جمع ٿيندو ”مھن، ماهن پر مھين“ به چيو وڃي ٿو. انهيءَ پسمنظر ۾ ڏسبو ته مُھين جو دڙو معنى مات يا خون ٿيلن جو دڙو (Mound of the Killed) پر هتي هن انومان کي ان ڪري به درست نه ٿو چئي سگهجي، ڇاڪاڻ ته هن شهر جي ٿيل ڏهه سيڪڙو کوٽائيءَ مان لاشن جو تعداد آڱرين تي ڳڻن جيترو مس وڃي بيھندو.


سراج چواڻي ته: دڙي مان لڌل ٽي چار مھرون اهڙيون آهن جن جي پڙهڻي ”ڪوٽ مون“، ”ڪوٽ غل مون“ ۽ ”ڪوٽ مھن“ لفظ لڳن ٿا. هن جي خيال مطابق دڙي جي پوئين دؤر ۾ يا ٻئي يا ٽئين تهه واري ڪنھن شھر کي ٺل مھن، يا ٺل مون سڏيندا هئا. جنهن کي سميرين ۾ دل مون (دلمون) سڏيو ٿو وڃي. ڪن تاريخدانن اهو به ٻڌايو آهي ته، جڏهن آريا سنڌ ۾ آيا ته انهن سامونڊي ڪناري سان سفر ڪندي سنڌو درياهه جي ڇوڙ کان داخل ٿي، سنڌو درياهه جي ڪناري تي آباد ٿيڻ شروع ڪيو ۽ جنھن جاءِ تي آرين اول رهائش اختيار ڪئي، ان جاءِ کي Mohan Jo Daro نالو ڏنو ويو هو. موهن آرين قبيلي جي سربراهه جو نالو سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن ته دڙي (Daro) جو مطلب پتڻ (Port) آهي. جنھن کي سنڌي ۾ موهن جو پتڻ چئجي ٿو. اهو قبيلو ڪنھن طرح سان ان نالي سان اسان وٽ مروج نظر اچي ٿو، جنھن ڪري ان کي مھين جو دڙو سڏڻ بھتر سمجهيو وڃي ٿو. سر بئنرجي ان نالي کي انگريزيءَ ۾ (Mohain) يا (Mohen-Jo-Daro) لکيو هو. ڇاڪاڻ ته انگريزن جڏهن کوٽائي ڪرڻ يا ان کان اڳ جڏهن عام ماڻهن کان دڙي جي باري ۾ معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تڏهن عام لوڪ انهن کي مُھين معنى سامھون (Infront) جو دڙو (Mound) ٻڌائيندا هئا. اڄ به توهان ڪنھن عام ماڻهو کان پڇندا ته اهي، ان کي ان مُھين جو دڙو ڪري سڏيندا آهن ۽ عام ماڻهو جڏهن دڙي تي گهمڻ ويندا آهن، ته اهي چوندا آهن ته، اسان مُھين تي پيا وڃون. اهوئي ڪارڻ آهي جو، دنيا جا مڙيو ئي آرڪيالاجيءَ جا ماهر ان کي مُھين جو دڙو ڪري لکن ٿا. ڇاڪاڻ ته جيستئاين دڙي جي نالي جي حقيقت پڌري نه ٿي ٿئي، تيستائين لوڪ ڏاهپ (Folk Wisdom) کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. باقي هن کي مئلن جو دڙو سڏڻ تاريخ سان هٿ چراند آهي. ڇاڪاڻ ته هتي لاشن جو انگ ايترو مليو ئي ڪين آهي ته ان لفظ کي بگاڙي پيش ڪرڻ درست عمل نه ٿو چئي سگهجي. هونئن به ڏسجي ته جيڪي به قديم دڙا آهن، اهي سڀ مئلن جا دڙا آهن، جيئرن جا دڙا ٿيندا ئي ناهن ته رڳو هن کي مئلن جو دڙو چوڻ غير عقلي، غير سائنسي ڳالهه آهي، مُهين کي آباد ڪندڙ:هتان جا اصل رهاڪو ڪولرين يعني ڪولهي، مهاڻا ۽ گهٽ ذات وارا هئا. پر سائنسي بنيادن تي چون ٿا ته مُھين جي دڙي جي هن عظيم شهر جي رٿابندي ڪندڙ دراوڙ هئا، جن ڏکڻ مان نڪري سنڌ، پنجاب، بلوچستان ۽ ڪلدانيا تائين بيٺڪون قائم ڪيون. دڙي مان لڌل ڍانچن جي مشابهت سمنڊ جي اوڀر ڪنارن تي رهڻ وارن قديم ماڻهن سان ملي ٿي پر حقيقت ۾ دراوڙ اصل هتان جا ئي سنڌي هئا. سنڌي هندستان ۾ آرين جي اچڻ کان اڳ آباد هئا. ممڪن آهي ته اهي سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويا هجن. ڇاڪاڻ ته هي اقتصادي طور تي شاهوڪار هئا. ان ڪري ڏور ڏيساورن سان واپاري ناتا ۽ شين جي مٽاسٽا جو بندوبست به ڪري سگهندا هئا. سنڌو ماٿر جا رهواسي صاف سٿرا، شاهوڪار، فلاحي ۽ منظم سماج جا مالڪ هئا. ڪن ماهرن جو چوڻ آهي ته هن شھر جي اڏاوت آرين ڪئي آهي. جيڪا ڳالهه درست نه ٿي چئي سگهجي. ڇاڪاڻ ته آريا بنيادي طور تي ڳوٺاڻا ماڻهو هئا. جڏهن ته دڙي جا ماڻهو شھري ۽ تھذيب يافته هئا. انهن باقاعدي رٿابندي ڪري شھر جي اڏاوت ڪئي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن شھر جي اڏاوت ڪندڙ دراوڙ ئي آهن. هتان جا ماڻهو ڪيتريون ئي پوکون به ڪندا هئا. جنھن ڪري هن تھذيب يافتا ماڻهن کي شھري زندگيءَ سان گڏوگڏ زرعي حوالي سان به ماهر سمجهيو وڃي ٿو. ربيع جي فصل جا ته آثار واضح نظر اچن ٿا. پوک اڪثر ڪري سيلابن تي ڪندا هئا. دڙي جي کوٽائي مان ڪڻڪ ۽ جَوَن جا داڻا به مليا آهن. جيڪي ربيع جا فصل آهن، خريف جي فصل ۾ ڪپهه جو فصل سڀ کان اهم ۽ دلچسپ آهي. ڪپهه ۽ ڪپهه مان ٺھيل سوٽي ڪپڙي کي سوميري سنڌو، يوناني سيندان ۽ مصري سندال ڪري سڏيندا هئا. دڙي جي کوٽائيءَ مان سوٽي ڪپڙي جا ٽڪرا به مليا آهن. جنھن مان ثابت ٿئي ٿو ته هتان جا ماڻهو ڪپهه جهجهي انداز ۾ ڪندا هئا. هي علائقو گرم رهيو آهي. جنھن سبب دڙي جي هر گهر ۾ کوهه ملي ٿو. مرڪزي تلاءَ ڍنڍون ڍورا به جهجهي انگ ۾ ملن ٿا. هتي پوکيءَ لاءِ جن اوزارن جا نشان مليا آهن، انهن مان ڏاٽو ۽ هَرُ اهم آهن. ڪوڏر ۽ کوٽڻ جي رنبي جھڙا اوزار به مليا آهن. هر ڪاهيندڙ ڍڳي جون تصويرون به مليون آهن. جڏهن ته مينهون، گينڊا، چيتا، شينھن، ڦاڙها ۽ هاٿي وڏي تعداد ۾ رهندا هئا. ٻلهڻ، ٻلهڻيون (Dolphins) ۽ واڳون درياهه ۾ عام جام هوندا هئا. درياهن ۽ ڍنڍن ڍورن ۾ مڇي عام هئي. جنھن ڪري هتان جا رهواسي مڇي کائو (Fish Eater) به سڏيا ويندا آهن.
مذهب: مذهب جي ڏس ۾ دڙي جي کوٽائي مان ڪنھن به حصي ۾ اڄ تائين ڪوئي مندر، نه ڪوئي عبادت گاهه ۽ نه وري ڪو اهڙو دستاويز مليو آهي، جنھن جي بنياد تي اهو پڪ سان چئي سگهجي ته، اتان جي ماڻهن جو مذهبي عقيدو ڪھڙو هو؟ باقي اتان لڌل مجسمن، مھرن، پٿرن ۽ نقشن جي آڌار تي قياس آرايون ڪيون ويون آهن. ڪيترين ئي ديوين جا بت توڙي ماتا ديوي جا بت لڌا ويا آهن، جن کي ڌرتي ماتا يا ماتا ديوي جا بت سڏيو وڃي ٿو. هن خطي ۾ ماتا جو تصور (matriarchal) اوائلي زماني کان ملي ٿو. هو سمجهندا هئا ته ڌرتي اسان جي جياپي ۽ بقا لاءِ مھربان ماءُ وانگر ان ۽ جل ڏئي ٿي. هن وقت هندو ان ديويءَ کي امبا درگا ۽ ٻين نالن سان سڏين ٿا.
دنيا جي ملڪن ۾ اڄ تائين وڻن ۽ ٻوٽن جي پوڄا به ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ ٿيندي نظر اچي ٿي. جيئن عيسائي نال جي وڻ ڪرسمس ٽري، يھودي شجرالحيات ۽ هندو سوم کي مقدس سمجهي ان جي پوڄا ڪندا آهن. دڙي مان پڻ ڪيتريون ئي مورتيون مليون آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته، اتان جا ماڻهو وڻ جي، خاص ڪري پپر جي پوڄا ڪندا هئا. نم جي وڻن جا به آثار پوڄا واري حالت ۾ مليا آهن. هتي وڻن کي پوڄڻ جا ٻه طريقا مروج نظر اچن ٿا. هڪ وڻ کي سڌي طرح پوڄيو ويندو هو، ٻيو وري وڻن کي روحن ۽ ديوين / ديوتائن جي جاءِ سمجهندا هئا.
دڙي جي کوٽائي: راڪلداس بئنرجي قديم آثارن واري کاتي جي سپرنٽينڊنٽ جڏهن سڪندراعظم جي ٻارنهن ٺلن، جن تي يوناني ۽ هندستاني ٻولين ۾ نوشتا اڪرايا هئا، تن جي ڳولا ۾ بيڪانير ۽ بھاولپور رياستن جا دورا ڪندو، مھراڻ يا هاڪڙي جا سڪل پيٽ ڳوليندو سنڌ ۾ داخل ٿيو هو. تڏهن 1922ع ۾ لاڙڪاڻي جي پاسي دڙي جي آسپاس اچي ٿانيڪو ٿيو هو. جڏهن هتي جي ماڻهن انهيءَ کي ٺڪر جي ٿانون توڙي ٻين لڌل شين جا ڪجهه ٽڪرا ڏنا ته هن ان مان اندازو لڳايو ته، هت ڪا قديم ترين تھذيب لڪل آهي. بئنرجي سياري ۾ اتي کوٽائي شروع ڪرائي. قديم آثارن وارا اڪثر ڪري کوٽائي سياري ۾ ڪرائڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته موسم سرد هئڻ سبب کوٽائي ڪرڻ ۾ تڪليف گهٽ ٿيندي آهي. کوٽائي دوران بئنرجي کي عظيم سڀيتا جون ڪيتريون ئي يادگار شيون مليون. ان وقت هندستان جي آرڪيالاجيڪل کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل هو. هن اهي شيون گهرائي، انھن جا فوٽا السٽريٽيڊ لنڊن نيوز ۾ ڇپايا: جنھن سڄي دنيا جو هن عظيم تھذيب طرف پنھنجو ڌيان ڇڪايو. ان کانپوءِ ان جي وڌيڪ کوٽائي لاءِ 1922ع اٽڪل هڪ هزار مزدور رکيائين. جن مان اڪثر ڪري بروهي ذات سان تعلق رکندڙ هئا. ڪِن ڪمائي خاطر ته ڪِن هن عظيم ورثي سان محبت خاطر ڏاڍو پيار سان پورهيو ڪيو. انهن مزدورن جا نالا توڙي ايڊريسون گم آهن. ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته، انھن پورهيتن کي مان ڏيڻ لاءِ ڪونه ڪو يادگار قائم ڪري انھن جا نالا ۽ ايڊريسون لکرايون وڃن. هن وقت تائين اٽڪل 33 ايڪڙ زمين جي کوٽآئي ٿي سگهي آهي. جڏهن ته دڙي جو وڏو حصو اڄ تائين کوٽائي کان محروم آهي. سرڪار 20-اپريل 1953ع تي دڙي کي 655 گهنٽا ايراضي الاٽ ڪئي هئي. جنھن مان هاڻ چؤطرف قبضا ٿي ويا آهن. 43 ايڪڙ 22 گهنٽا سول ايوي ايشن وارن جي قبضي ۾ آهن. 11 ايڪڙ 16 گهنٽا ايريگيشن وارن والاري درياهه جو  بچاءُ بند اڏي ڇڏيو آهي، باقي به عملدارن ڪافي ايراضي کپائي ڇڏي آهي. اتي مقامي ماڻهو آبادي ڪن ٿا، جنھن سبب دڙي جي ايراضي ننڍڙي ٿيندي وڃي ٿي.
تباهيءَ جا سبب: دڙي جي قدامت جا ڪل 9 دؤر آهن. جڏهن ته هن وقت تائين 8 سائيٽن جي ٽن دؤرن تائين کوٽائي ممڪن ٿي سگهي آهي. هن وقت تائين ٿيل ڏهه سيڪڙو کوٽائيءَ مان هن دڙي جي تباهيءَ جا جيڪي سبب معلوم ٿيا آهن اهي به آخري ته نه آهن، پر اصل سبب تائين پھچڻ لاءِ، راءِ هموار ڪرڻ لاءِ بنياد ضرور ثابت ٿيا آهن. هڪ اهو سبب به برسات جي پاڻيءَ جي ڇوڙن لھڻ سبب زمين دوز ٿيو. يا درياهه جي رخ تبديل ٿيڻ ڪري هي شھر ان جي وَر چڙهي ويو آهي. ٻوڏن هن شھر کي ڪيترائي دفعا لوڙهيو هو ۽ ساڳي رٿابنديءَ مطابق ٺاهيو ويو هو. ٻيو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته سم ۽ ڪلر سبب شھر ويران ٿيو آهي ۽ ماڻهو پنھنجا گهر گهاٽ ڇڏي لڏپلاڻ ڪري ويا آهن. لڏ پلاڻ ڪرڻ جو سبب اهو به تصور ڪيو وڃي ٿو ته، جڏهن شھر جي رهواسين جو واپار ختم ٿي ويو ته ڪاروبار به بند ٿي ويو. جنھن ڪري شھر ويران ٿي ويو. هڪ انومان اهو به آهي ته آرين اچي شھر تي حملو ڪيو. حملي آور جيئن ئي شھر ۾ داخل ٿيا ان کان اڳ ۾ ئي ڪافي ماڻهو شھر ڇڏي ويا هئا. آخري دؤر ۾ مردن، عورتن توڙي ٻارن جا گهٽين ۽ جاين ۾ گڏيل ڪجهه لاش مليا آهن. جن ۾ ڪيترن تي گھرا گهاوَ به آيل آهن. انھيءَ کان به وڌيڪ زور سان آخري سبب اهو ڄاڻايو وڃي ٿو ته، هن شھر ۾ ڪا خطرناڪ بيماري داخل ٿي آهي، جنھن سبب ماڻهو پاڻ کي غير محفوظ سمجهندي هتان لڏپلاڻ ڪري دنيا جي مختلف خطن ۾ ويا آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو دنيا جي مختلف خطن ۾ هن تھذيب جي وارثن جا آثار اڄ به ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ موجود آهن. ڪجهه به هجي، پر اڄ تائين هن دڙي جي پڄاڻيءَ جا سبب مڪمل طرح سان معلوم نه ٿي سگهيا آهن. هر محقق پنھنجي انداز سان انومان ظاهر ڪري رهيو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته مُهين جي دڙي جي لڌل مهرن مٿان اڪريل ٻوليءَ کي پڙهيو وڃي ۽ اصل حقيقتن تائين پهچڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي وڃي.





موھن جو دڙو
تاريخي ۽ تهذيبي ماڳ جي ٿيندڙ لتاڙ...!
ونود ڪمار
سنڌ صدين کان تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي خطو رهندو اچي پيو، هن ڌرتيءَ جي عظيم سنڌو سڀيتا اڄ به سڄي دنيا جي ڌيان جو مُک مرڪز آهي، جڏهن يورپ اڃا پٿر دؤر ۾ زندگي گهاري رهيو هو ته ان وقت موهن جو دڙو هڪ مهذب سماج جو شهر هو، جن ۾ انسانن لاءِ هر قسم جون بنيادي سهولتون موجود هيون، سنڌ صوفين جي سرزمين آهي، هن ڌرتيءَ جي انسانن هميشه امن لاءِ جاکوڙيو آهي، دنيا کي مهذب پڻي جو درس ڏنو آهي، سنڌ ۾ ڪيترن ئي عظيم ڪردارن جو جنم ٿيو آهي ۽ اڃا به ٿيندو رهي ٿو، جن پنهنجي فلسفي ۽ پيغام کي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ ڦهلايو.
اڄ جيڪا اسان جي سماج جي صورتحال آهي، ان کي ڏسي ڪري اکين ۾ لڙڪ لڙي اچن ٿا ته اسان ڪهڙي راهه تي هلي پيا آهيون، جيڪا اسان کي سڌي واٽ تي وٺي وڃڻ ۽ پنهنجي تهذيبي ماڳن جو تحفظ ڪرڻ بجاءِ پاڻ ئي انهن کي لتاڙي تباهه و برباد ڪري رهيا آهيون، ڪيڏي ته افسوسناڪ صورتحال آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته اسان جي نوجوان نسل ۾ پنهنجي تاريخي ۽ تهذيبي ماڳن، مڪانن ۽ آستانن جي اهميت بابت آگاهي نه آهي، نتيجي ۾ اڄ اسان جا اهي تهذيبي ماڳ تباهه ٿي رهيا آهن، قومن جي سڃاڻپ ۽ انهن جو تاريخي، تهذيبي پسمنظر ۽ اهميت انهن جي تاريخي ماڳن منجهان پوي ٿي.
چوندا آهن ته ڪنهن به قوم جو زوال تڏهن ايندو آهي، جڏهن انهن جي تهذيبي ورثن کي تباهه ڪيو ويندو آهي، عظيم سنڌو سڀيتا اڄ ڪيترن ئي خطرن جي ور چڙهي وئي آهي، بي ڌياني سبب اسان جو تهذيبي ڪلچر سنگين خطرن جي گهيري ۾ اچي چڪو آهي. سنڌو سڀيتا جو ماڳ موهن جي دڙي جا آثار اڄ به عظيم سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت جا ڳاٽ اوچا ڪري بيٺل آهن، عالمي اداري يونيسڪو سميت ٻين آثار قديمه جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ ادارن جو به هن تاريخي ماڳ جي حيثيت کي برقرار رکڻ لاءِ اهم ڪردار آهي، موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪري ان جي اهميت بابت سڄي دنيا کي ڄاڻ ڏيڻ ۾ يونيسڪو جو اهم ڪردار ملي ٿو. جنهن کي اسان ڪڏهن به نظر انداز نٿا ڪري سگهون.
عالمي ادارا جيڪي وقت به وقت موهن جي دڙي جي سارسنڀال لهندا ۽ ان کي محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجيون تجويزون ڏيڻ سان گڏ مالي مدد ڪندا رهيا آهن، هن تاريخي ماڳ کي دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ لاءِ سڀ کان وڏيون ڪوششون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ورتيون، جنهن اڄ جي حڪمرانن جيان صرف اعلان نه پر عملي ڪم ڪري ڏيکاريو، شهيد ڀُٽي پنهنجي دور ۾ موهن جي دڙي کي عالمي ڌيان جو مرڪز بڻايو ۽ هن ماڳ کي سير ۽ سياحت لاءِ موزون بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪيو، تاريخي ۽ تهذيبي ماڳ تي عالمي سطح جو سيمينار به ڪرايو ۽ ترقياتي ڪم ڪرايا، جنهن سان ان وقت هي ماڳ محفوظ ٿي ويو هو، شهيد ڀٽو جي اهڙي دلچسپي سبب موهن جو دڙو عالمي سطح جي قديم آثارن جي ماهرن جو ڌيان بڻجي ويو، پر وقت جي وهندڙ وهڪري ۾ وڏيون تبديليون اچي ويون، اڳتي هلي هي تاريخي ماڳ بي ڌياني سبب ميسارجڻ ڏانهن وڌڻ لڳو، جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري ۽ ساري آهي.
موجوده پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جيتوڻيڪ موهن جي دڙي بابت سنڌ فيسٽول ڪرايو هو ۽ جيڪي اعلان ڪيا پر افسوس انهن اعلانن تي سنڌ سرڪار اڄ ڏينهن تائين عمل ناهي ڪيو، موهن جي دڙي جي کوٽائي وارو ڪم به اتي جو اتي پيو آهي ۽ لتاڙ وارو سلسلو به جاري آهي پر ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته بلاول جي کنيل ان قدم سان قديم ۽ عظيم سنڌو ماٿريءَ جي تهذيبي اهڃاڻ موهن جو دڙو هڪ ڀيرو ٻيهر سڀني جي ڌيان جو مرڪز ضرور بڻيو، جيڪڏهن سرڪار ۽ ساڃاهه وندن قدم کنيا ته سنڌ جا قديمي ماڳ برباديءَ جو شڪار ٿيڻ کان بچي سگهن ٿا. موهن جي دڙي بابت عالمي سطح جا سيمينار ڪرائڻ جي اڄ به ضرورت آهي، عالمي ماهرن کي تحقيق لاءِ طلب ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ ڄاڻ جو لڪل خزانو هٿ ڪري سگهجي.
سنڌي ٻولي به خطرن ۾ آهي، دنيا جون هزارين ٻوليون ختم ٿي چڪيون آهن، جن جي وارثي نه ٿي سگهي هئي، اسان جي سنڌي ٻولي کي ڏٺو وڃي، جيڪا سنڌ جي مادري زبان آهي ۽ ڪروڙين سنڌي اها ٻولي ڳالهائين ٿا پر وڏي افسوس جي ڳالهه اها آهي ته خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي لاءِ دروازا بند ڪيا ويا آهن، ايتري قدر جو هاڻ ته سنڌي ڳالهائيندڙن کي به خانگي وڏن اسڪولن ۾ ملازمت تي به نٿو رکيو وڃي، ان حوالي سان سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي چيئرمين سرفراز راڄڙ سنڌ حڪومت کي ڪجهه وقت اڳ هڪ تفصيلي خط لکي آگاهي ڏيڻ سان گڏوگڏ سنڌي ٻولي نه پڙهائيندڙ خانگي اسڪولن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ انهن جي رجسٽريشن رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي. سنڌ حڪومت کي انهي سفارش تحت سخت قدم کڻي سنڌي ٻولي خانگي اسڪولن ۾ لازمي پڙهائڻ تي عمل ڪرائي.
سنڌو سڀيتا جو تاريخي ۽ تهذيبي ماڳ موهن جو دڙو جيڪو لتاڙ سبب ميسارجي رهيو آهي، هر سال عيد جي ڏهاڙن تي ته هن تاريخي ماڳ جي وڏي پئماني تي لتاڙ ٿئي ٿي، تازو هن عيدالاضحيٰ جي ٽنهي ڏهاڙن تي به ميڊيا منظر ڏيکاريا، جن ۾ نوجوانن جو وڏو انگ موٽرسائيڪلن ۽ ٻين گاڏين تي چڙهي موهن جي دڙي جي بي درديءَ سان لتاڙ ڪندو رهيو، انتظاميا تهذيبي ماڳ کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا، لاڳاپيل انتظاميا جي اها ذميواري هوندي آهي ته تاريخي ماڳن جي تحفظ کي يقيني بڻائي ۽ جيڪو به ماڳن جي لتاڙ ڪري ٿو ته انهن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻڻ گهرجي، پر افسوس هتي ته اسان هٿ تي هٿ رکي پنهنجي ورثي کي پاڻ تباهه ٿيندي ڏسي رهيا آهيون، ان کي بچائڻ لاءِ ڪي به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهيون.
سنڌ سرڪار کي گهرجي ته هزارين سالن جي عظيم سنڌو سڀيتا جي ماڳ موهن جي دڙي کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي، ائين بيدرديءَ سان پنهنجي تاريخي ۽ تهذيبي ورثي کي جيڪڏهن وڃائي ويٺاسين ته پوءِ اسان سنڌي قوم پنهنجي وجود کي به وڃائي ويهنداسين، حڪومت سان گڏوگڏ سنڌ جي ساڃاهه وندن سميت هر فرد کي به گذارش آهي ته پنهنجي تاريخي ۽ تهذيبي ورثي جي ڀرپور وارثي ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن ته جيئن هي تاريخي ماڳ تباهه ٿيڻ کان بچي سگهي.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]