جوھي
جاني آ تون جوهي
عاجز جمالي
جوهي
مون لاءِ شهر جانان ته ناهي پر محبوبا جهڙو اُهو شهر آهي، جنهن جي جهوليءَ ۾ مون جڏهن
پنهنجو مٿو رکيو ته منهنجي دماغ ۾ شعور جي لاٽ ٻَري. جوهيءَ کان وڇڙي ورهيه گذري
ويا. ڪڏهن ڪڏهن ايئن محسوس ٿيندو آهي ته اسين هڪ ٻئي کان ڄڻ رُٺل هجون يا هڪ ٻئي
کي پرچائڻ جو اوسيئڙو ڪندا هجون. جوهي ۾ سنڌ جا ڪيترا ئي وڏا ماڻهو رهندا آهن پر
اهو ڪڏهن اسين جوهي ۾ رهي سوچيو ئي ناهي. جوهيءَ مان جيتوڻيڪ گذيل ويهارو سالن
دوران ڪيترا ئي املهه موتي وڇڙي ويا پر هن شهر ۾ رهندڙ ڪردارن سماج منجهه هاڪاري ڪردار
ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجو رت ۽ ست ڏنو. دل ته چوي ٿي ته جوهيءَ تي هڪ اهڙو ناول لکجي
جنهن ۾ پورو ڪاڇو هُجي. پوري تحقيق هُجي. محبتون هجن، انقلاب هجي، خواب هُجن ۽
انهن جون ساڀيائون هُجن. ڪڏهن ڪڏهن ته مان اهو به سوچيندو آهيان ته جوهيءَ تي هڪ
اهڙي فلم ٺاهڻ گهرجي جيڪا “هالي ووڊ” کان سڄي دنيا تائين ڦهلجي. اهڙي فلم جنهن ۾
جوهيءَ ۾ پلجي وڏو ٿيندڙ هڪ مشهور ڪردار هڪ وڏي جهنگ ۾ وڃائجي وڃي ٿو ۽ سندس سڄي
حياتي “ڳوليان ڳوليان مَ لهان” جهڙي صورتحال ۾ گذري وئي هُجي.
جوهيءَ جي باري ۾
سوچيندي مون کي ۳۴ سال پراڻي فلم جا ڪجهه منظر
ياد اچن ٿا. سيٺ حاجي يعقوب جمالي (مرحوم) جي پيٽرول جي دڪان تي وات ۾ رٻڙ جو
پائيپ وجهي پيٽرول جي ڊرمن مان پيٽرول گاڏين ۾ منتقل ڪندڙ هڪ نوجوان نظر اچي پيو.
سندس چهري جي ڳاڙهاڻ ۽ بيزاري ٻڌائي رهي هئي ته هو هِن ڪم کان بلڪل به مطمئن ناهي
پر خبر ناهي پوءِ به هُو اهو ڪم ڇو ڪري رهيو آهي. ڪجهه عرصي کانپوءِ اُهو ساڳيو ڇوڪرو
ڇني روڊ تي بوٽن جي دڪان تي ماڻهن کي بوٽ پارائيندي نظر اچي ٿو. هي جوهي جو هڪ ڪردار
آهي. جنهن کي بعد ۾ الڳ الڳ ڪردارن ۾ ڏٺو ويو. ڪڏهن شهر جي چوڪ تي زنده باد، مُرده
باد جا نعرا هڻندي ڏٺو ويو ته ڪڏهن رات جي اونداهي ۾ ديوارن تي نعرا لکندي ڏٺو
ويو. ڪڏهن هارين سان گڏجي وڏيرن سان وڙهندي ڏٺو ويو ته ڪڏهن ٻيڙي مزدورن، هوٽل
مزدورن، دڪاندارن سان گڏجي انقلاب انقلاب جا نعرا هڻندي ڏٺو ويو ۽ نيڪ نمازي هن
نوجوان جي زندگيءَ پنهنجو رخ بدلائي کيس ڪفر جي فتوائن تائين پهچائي ڇڏيو. علم ادب
جون ڪچهريون، سنڌي ادبي سنگت، ساٿي ٻارڙا سنگت جي لائبريري، سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون.
هڪ غريب پورهيت جي ٻار لاءِ زندگيءَ جي پُلصراط آهي. ڪامريڊن سان گڏجي سماج ۾
تبديليءَ لاءِ جاکوڙيندڙ جوهيءَ جو هي ڪردار ڪڏهن جيل ۾ ته ڪڏهن ٿاڻي ۾، سندس
زندگي هُن جي ڪامريڊ دوستن جي کيسي تي هلي رهي هئي. “جوهي” سندس جنم ڀومي نه هوندي
به جنم جنم تائين سندس اندر ۾ اوتيل ان نشي وانگر هُئي، جنهن جا خمار سڄي زندگي چڙهيل
رهندا آهن. پورهيت انقلاب لاءِ خواب سندس اکين ۾ سدائين آباد رهيو پر سوويت يونين
جي ڀُري ڀورا ڀورا ٿيڻ سان ئي سندس خواب چڪنا چور ٿي ويا ۽ هُن جوهي ڇڏي جهنگ جو
رُخ ڪيو ۽ ۲۶ سالن کان ان جهنگ ۾ وڃائجي وڃڻ
کانپوءِ هو پنهنجي پاڻ کي ڄڻ ڳولي رهيو هُجي. يا پنهنجو پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو
هُجي.
جوهيءَ
بابت لکندي مان ڪيترن ئي ڪردارن بابت سوچيندو رهيس ته وفا برهماڻيءَ جو برقي نياپو
مليو ته جوهي اوهان کي ياد ڪري پئي. ان ئي ويل مون کي سائين احمد خان مدهوش جي سٽ
ياد اچي وئي ته
“جاني آ تون
جوهي،
جوهي
مکڻ موهي.”
جوهي
کي ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ ماڻهو ساڃهه وندن
يا ڪامريڊن جو شهر سڏيندا هئا. ٻلهڙيجي وانگر جوهي کي “لِٽل ماسڪو” به سڏيو ويندو
هو پر حقيقت ۾ جوهي جي پنهنجي سُڃاڻپ هئي. هتي رڳو ڪامريڊ نه پر هر سوچ جا ساڃاهه
وند هئا. ڀل هو قومپرست هُجن، ڀل ترقي پسند هُجن، ها پر سمورين سوچن جا ماڻهو جوهيءَ
جي “جنت” ۾ گڏ هوندا هئا. جنت اها تنظيم هئي جيڪا بهرحال اين جي او نه هئي. جوهي
نوجوان تنظيم واقعي به جنت هُئي، جنهن شهر جي سمورن نوجوانن کي گڏ ڪري شهر جا
سماجي مسئلا حل ڪرائڻ جو ڪم ڏنو هو. سماجي تنظيمن ۾ “فنڊز” يا “ڊونرز” اڃا ڄاوا ئي
ڪونه هئا. رسيد بوڪ کڻي شهر ۾ ڪاهي پوندا هئا. هر هڪ دڪان تي وڃبو هو. سائين نجف
شاهه جي ميلي تي ڪتاب گهر پيا هڻون چندو ڏيو. سائين روڊ جي مرمت پيا ڪرايون چندو ڏيو.
سائين والي بال ٽورنامينٽ پيا ڪرايون چندو ڏيو ۽ شهر جي هنن ڇوڪرن تي شهري ڪمال جو
اعتبار ڪندا هئا ۽ کين چندو ڏيندا هئا. ڇو ته شهر جا ڪجهه سکيا ستابا ڇوڪرا به هن ٽولي
۾ شامل هوندا هئا. پر ڪمال جي دوستي به هوندي هئي، شام جو سيٺ بشير جي هوٽل تي گڏ ٿبو
هو. چانهه گهرائبي هئي پر چانهه جا پئسا هڪ هڪ ڪري گڏ ڪبا هئا. شهر جي ٻين ماڻهن
کي هي عجيب لڳندو هو پر “جنت” جا ڪارڪن يا ڪامريڊ هن ڪلچر جا باني هُئا. جوهي جا
کوڙ سارا ڪردار هوندا هئا جيڪي هاڻي سڀ شايد جوهي ۾ موجود ناهن پر ڊاڪٽر حميد
سومرو، وفا برهماڻي، سائين بخش رند، عزيز ڪنگراڻي ۽ ڪجهه ٻين دوستن جون سرگرميون
سوشل ميڊيا وسيلي نظر اينديون آهن. جوهي جي شينهن رند بابت مضمون پڙهي سندس سرگرم ڏهاڙا
ياد اچي ويا. مون کي جوهيءَ جو جيالو محمد حسين رند ۽ بشير ٿهيم (مرحوم) به شدت
سان ياد اچن پيا. جوهي ۾ محمد شريف ٿهيم، منظور ٿهيم، خادم ٿهيم ۽ سندن سڄو خاندان
سماجي ۽ سياسي ڪمن ۾ سرگرم رهيو. سندن والد چاچو محمد بخش ٿهيم ته عبدالحميد خان
جتوئي جو گهاٽو دوست هو، انڪري اقتداري سياست ۾ علڻ خان لغاري ۽ عبدالحميد جتوئي
گروپ جا سمجهيا ويندا هئا پر سندن اولاد جو تعلق انقلابي سياست سان رهيو. جوهي جي ڊاڪٽرن
مان ڊاڪٽر حميد سومرو، ڊاڪٽر جمن باهوٽو، ڊاڪٽر عزيز چانڊيو، ڊاڪٽر محمد خان ٻٻر، ڊاڪٽر
عبدالستار راڄپر سميت ۱۹۹۰ع جي ڏهاڪي
جا ڪيترا ئي نوجوان سرگرم رهيا. جيڪي اڄ به پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪن
پيا. مقامي صحافت جي شعبي جو ذڪر ڪندس ته مينهون خان چنجاڻي (کوسو) وفا برهماڻي،
غلام رسول ٿهيم، نواز علي رند، حاڪم لغاري، اشرف امر لاشاري، خادم ٻٻر جا نالا ذهن
تي تري رهيا آهن. ان کان بعد ڪيترا ئي نوجوان صحافت ۾ آيا. جوهي جي شاعرن ۾ سائين
احمد خان مدهوش، عزيز ڪنگراڻي، خليل عارف سومرو، جاني اسحاق ملاح، لياقت علي
لياقت، استاد طالب لاشاري، يامين غمگين ٻٻر، ميهر فقير، انور قمبراڻي، محمد علي ماجد
۽ ٻيا کوڙ نالا آهن.
جوهي
مان ڪراچي جي جهنگ ڏانهن سفر ڪري جڏهن مون صحافت جي دنيا ۾ پير رکيو ته ان کانپوءِ
جوهي جا ڪيترا ئي دوست عملي صحافت ۾ داخل ٿيا، جيڪي اڄ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود
آهن. عزيز سومرو، قربان بلوچ، فاروق سومرو، امداد سومرو ۽ هاڻي نئين ٽهيءَ جا کوڙ
نوجوان آيا آهن. جوهي جي سرگرم ڪردارن مان زندگي جي هر شعبي جا ماڻهو ملندا. ڊاڪٽر
علي احمد رند ۽ همسفر گاڏهي “افيئر” نالي شاندار نيوز مئگزين ڪڍي رهيا آهن. اسٽيٽ
بئنڪ ۾ سرگرم محمد اسماعيل کوسو هُجي يا سنڌالاجيءَ جو ڊائريڪٽر اسحاق سميجو هُجي.
جوهيءَ مان جاپان تائين علم پرائڻ لاءِ ويندڙ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سرگرم استاد ڊاڪٽر
انيلا سومرو هُجي يا خوشبو بلوچ هُجي يا سياست ۾ سرگرم سعيده گوپانگ هُجي. جوهيءَ
مان ڪيتريون ئي ڇوڪريون نڪري اڳتي آيون آهن.
جوهي
جي ادب ۾ اڪبر جسڪاڻي (مرحوم) هڪ انوکو ڪردار رهيو، سندس نالي سان منسوب “اڪبر جسڪاڻي
لائبريري” اڄڪلهه جوهيءَ ۾ جاڳرتا ڦهلائي رهي آهي. اها لائبريري جڏهن بلڪل ننڍڙي
لائبريري هئي ته ٽائون ڪاميٽي جوهيءَ جي تڏهوڪي چيئرمين ۽ تڏهوڪي سگا جي اڳواڻ علي
نواز سومرو جي مهربانين سان ٽائون ڪاميٽيءَ وٽ اسان ان لائبريري جو بنياد وڌو هو ۽
ٻڌو آهي ته جوهي جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي ۽ ٽائون ڪاميٽي جي ڪوششن سان هيءَ
لائبريري جوهيءَ جو وڏو ادارو بڻجي چُڪي آهي. منهنجو خيال آهي ته اسان جي دوست اڪبر
جسڪاڻيءَ کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو اهو ئي هڪ بهترين طريقو آهي، جنهن تي جوهي جا
دوست جس لهڻن. ڇو ته ڪنهن تاريخ ساز شخص جي ياد ۾ وڏو مقبرو اڏائڻ بدران جيڪڏهن
لائبريري سندس نالي سان قائم ڪجي ته ان مان سندس عظمت ۽ ڀيٽا ڏيڻ جو مثال ملي ٿو.
جوهي ۾ هلچل دوران سرگرم رهندڙ دوستن ۾ حيدر سيال، غلام رسول ٻٻر، عبدالغفور ٿهيم،
قربان کوکر، امان الله باهوٽو، منظور سيال، ڊاڪٽر نياز جمالي، ڊاڪٽر سڪندر جمالي، ڊاڪٽر
امان الله لاشاري، ٽائون ڪاميٽي جو اڳوڻو چيئرمين غلام قادر جمالي، مرحوم حاجي
يعقوب خان جمالي، مرحوم آدم خان جمالي، محمد بخش خان جنگواڻي، محمد خان جنگواڻي، ڊاڪٽر
ابراهيم رند، ڊاڪٽر غلام قادر سومرو، ڊاڪٽر مصطفيٰ سومرو، ڊاڪٽر محمد صالح سومرو،
هي سڀ ڪردار ۱۹۹۰ع جي ڏهاڪي ۾ هن شهر جا سرگرم ڪردار
هوندا هئا. مان نقاد ٿهيم، هارون پنهور، زبير پنهور، شجاع پنهور، مجيد ٿهيم، سائين
حبيب ڪنگراڻي، علي حسن ڪنگراڻي، اڪبر ڪنگراڻي، واحد بخش سرهيو جهڙن ڪردارن کي به
وساري نٿو سگهان. اسانجي مائٽن مان مامون مرحوم ڇُٽل، مامون غلام محمد جمالي، سندن
اولاد مان رسول بخش جمالي، مُراد جمالي پڻ جوهيءَ ۾ سرگرم رهيا. جوهي تعلقي مان ۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي کان وٺي سردار محمد بخش جمالي ايم اين اي چونڊجندو آيو. بعد ۾
سندس فرزند سردار رفيق احمد مسلسل ايم اين اي چونڊجندو پيو اچي. رفيق احمد جمالي
هن وقت گورک هِل اسٽيشن ڊولپمينٽ اٿارٽيءَ جو چيئرمين پڻ آهي، وفاقي وزير به رهي چڪو
آهي. سندس وڏو ڀاءُ سردار ڏاتل خان ماضيءَ ۾ جوهي ٽائون ڪاميٽيءَ جو چيئرمين رهي چڪو
آهي. سندس ٻيو ڀاءُ پوليس جو ايس ايس پي رهيو. ڇهه مهينا کن اڳ لاڏاڻو ڪري ويو.
جوهي جي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ تي غلام شاهه جيلاني ايم پي اي آهي، وزير پڻ آهي.
غلام شاهه هِن تڪ مان ڪافي ڀيرا ايم پي اي چونڊيو پر هن تڪ مان ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽي
مخالف ڊاڪٽر منظور لغاري (مرحوم) به چونڊيو ويو. سندس بيواهه ڊاڪٽر سجيلا لغاري هن
وقت به مخصوص سيٽن تي چونڊيل پيپلز پارٽيءَ جي ايم پي اي آهي. ماضيءَ ۾ ڊاڪٽر
منظور لغاريءَ جو وڏو ڀاءُ اڪبر خان لغاري به هتان ايم پي اي چونڊيو. جڏهن ته ۱۹۸۸ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي هتان نبن خان لنڊ ايم پي اي چونڊيو هو. جنهن
سان اسانجو زبردست ڦڏو رهيو. ان دور ۾ دادو جي ڊپٽي ڪمشنر سبحان ميمڻ ۽ ايس ايس پي
سليم اختر صديقيءَ اسان جي مدد ڪئي هئي. مون دادو ٿاڻي تي نبن خان لنڊ (مرحوم)
خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي هئي. جوهي تعلقي مان قومي اسيمبليءَ جي چونڊ هڪ ڀيري
مير ظفر الله وڙهي جيڪو هارائي ويو ۽ هڪ ڀيري دادو مان سردار منظور پنهور چونڊيو
ويو هو. جوهي تعلقي ۾ لغاري، جمالي، لاشاري، رند، ٿهيم، کوسا، رستماڻي، انڙ،
مغيري، رودناڻي، شاهاڻي، آگهاڻي، پنهور، بروهي ۽ ٻين قبيلن جا ماڻهو رهندا آهن.
جوهي جي تاريخ تي نه پيا ڳالهايون- پر “جوهي” دادو ضلعي جي تاريخ ۾ هڪ خوبصورت باب
جي حيثيت رکندڙ شهر آهي. هن ۾ ڪيترا ئي تاريخي ماڳ آهن. ڪاڇي جو گيٽ وي جوهي آهي
پر جوهي کي ايڏي اهميت نه ملي سگهي آهي جيترو هي اهم شهر آهي.
Comments
Post a Comment