ساڌ ٻيلو
غلام مصطفي سولنگي
سکر، ايڪيهين صديءَ جو جديد شهر، جيڪو پنهنجي سونهن
۽ سوڀيا ڪري ملڪان ملڪ مشهور آهي. هي اهو شهر آهي، جنهن جي ڌرتي سنڌ جي صدين جي تاريخ
جي گواهه پئي رهي آهي. سنڌ جي تاريخ جي هڪ ڌارا سنڌو درياءَ جي صورت ۾، هن شهر سان
گڏگڏ وهي رهي آهي. هن شينهن درياءَ ۾ سکر جي ويجهو ۽ بکر جي اولهه ۾ هڪ ٻيٽ آهي، جنهن
کي ”ساڌو ٻيلو“ چيو وڃي ٿو. هن ٻيٽ ۾ مشهور ۽ تاريخي مندر موجود آهي، جيڪو بابا بنکنڊي
چنڊ شرما ٺهرايو هيو. پاڻ ۱۸۰۳ع
۾ پنهنجو اباڻو ملڪ نيپال ڇڏي اچي روهڙيءَ ۾ آباد ٿيو ۽ پوءِ وري ويهن سالن بعد هن
ٻيٽ تي اچي هي شاندار مندر ٺهرايو هئائين، جنهن جي تاريخي لحاظ کان تمام گهڻي ۽ اهم
حيثيت پئي رهي آهي.
شري بابا بنکنڊي هڪ سئو روهين جي ڄمار ۾ ۱۸۶۳ع ۾ پرلوڪ پڌاري ويو. سندس اصل نالو ٻالچند هيو، پر
جيئن ته هن نون سالن جي عمر ۾ گهر ڇڏيو هو ۽ بن جو راهي ٿيو هو، تنهن ڪري سندس گروءَ
نالو مٽائي بنکنڊي رکي ڇڏيو. هو ذات جو برهمڻ ۽ اداسي پنٿ سان واسطو رکندڙ هيو. اداسي
پنٿ معنيٰ اهو مذهبي پيروڪار جيڪو سڄي ڄمار شادي نه ڪري ۽ پنهنجو اندر ماري ڇڏي. اداسي
پنٿي سنياسي ۽ ساڌو ويرانن ۾ رهي پوري ڌيان سان تپسيا ڪندا آهن.
بابا بنکنڊي هيو ته نيپال جو، پر سندس گرو هندستان
جي رياست پٽياله جو رهاڪو هيو. پاڻ جڏهن سنڌ ۾ آيو هو تڏهن سندس عمر ۶۰ سالن جي لڳ ڀڳ هئي. اهو ٽالپرن
جو دور هيو. چون ٿا ته مير سهراب خان ٽالپر هن ساڌوءَ سان اڪثر ملڻ ايندو هو. خود مير
سهراب خان ۽ پوءِ انگريزن هيءُ ٻيٽ تيرٿ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو هو.
بابا بنکنڊي صاحب کان پوءِ جيڪي به ساڌو ٻيلي جا گاديسر
ٿيا، سي به پهتل پرش هئا. ورهاڱي کان پوءِ وارن ڏينهن تائين ساڌو ٻيلي جو منهنت سوامي
هرنام داس هيو، جيڪو سدائين لوڪن جي ڀلائيءَ جا ڪارج ڪندو رهندو هيو. سندس ايا مڪاريءَ
۾ ساڌو ٻيلي کي گهڻو سڌاريو ۽ سينگاريو ويو. ٻيٽ جي چئني پاسن کان سنگ مرمر جا گهاٽ
۽ پٿرن جي ڀت ٻڌائي وئي ته جيئن درياءَ جو پاڻي کاڌ نه ڪري. مکيه مندر ۾ شريمد ڀاڳوت
۽ گرو گرنٿ صاحب سان گڏ سري چند بابا ۽ رام ڪرشڻ ۽ ٻين ديوتائن جون مورتيون به اسٿا
پت ٿيل آهن.
ساڌو ٻيلي ۾ ٺهيل هن مندر جي تعمير نهايت نرالي ۽ وڻندڙ
آهي. هن کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته تعمير جو ههڙو منفرد اسٽائيل سنڌ ۾ موجود مندرن
مان شايد ئي ڪنهن مندر جو هجي.
هن مندر جي ٺهڻ کان پوءِ هيل تائين هن جي تعمير ڪيترا ئي ڀيرا ٿيندي پئي رهي آهي ۽ هر ڀيري ان جو اسٽائيل
بدلبو پئي رهيو آهي. هن مندر جي ڇتين تي راجستاني طرز نظر ايندي ته ڀتين تي وري مغليه
اسٽائيل ڏسڻ ۾ ايندو. مغليه طرز تعمير جو هڪ ٺاهوڪو سفيد گنبذ به آهي. سمورو مندر سنگمرمر،
پٿرن ۽ پڪين سرن مان ٺهيل آهي.
جڏهن بابا بنکنڊيءَ ساڌو ٻيلي جو ٻيٽ وسايو ته اتي
تمام وڏو جهنگ هوندو هيو، جنهن ۾ شينهن سميت ٻيا به ڪيترائي جانور رهندا هئا. پوءِ
وري ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ ڪري يا ته اهي ساڌو ٻيلو ڇڏي هليا ويا يا وري هوريان هوريان
ختم ٿيندا ويا. تنهن ڪري انهن جي ياد طور سنگرمرمر جي پٿر مان هڪ شينهن جو مجسمو ٺهرائي
مندر جي وچ تي رکيو ويو آهي، جيڪو نهايت خوبصورت ٿو لڳي.
هن مندر ۾ هڪ شاندار لائبريري پڻ قائم ڪئي وئي آهي،
جنهن ۾ خاص ڪري هندو مذهب بابت سوين ڪتاب ۽ رسالا رکيا ويا آهن. اهي ڪتاب سنڌي، هندي،
سنسڪرت، انگريزي، اردو ۽ ڪجهه ٻين ٻولين ۾
لکيل آهن. هندو مذهب جي عام اڀياس توڙي تحقيق لاءِ هي لائبريري هڪ ننڍڙي ريسورس سينٽر
جي حيثيت رکي ٿي.
ساڌ ٻيلي ۾ هر جمعي تي هڪ خاص ڏڻ ملهايو ويندو آهي،
جنهن ۾خاص ڪري اتر سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کان هندو ڀائي شريڪ ٿيندا آهن ۽ سندن روحاني
تربيت ڪئي ويندي آهي.
هر سال جون مهيني جي وچ ڌاري بابا بنکنڊي چند شرما
جي ورسي ملهائي ويندي آهي، جنهن ۾ سڄي دنيا کان هزارين ياتري شامل ٿيندا آهن. انهن
مان اڪثر ياتري پنهنجن گهرن کان ڪڻڪ ڀڃي کڻي ايندا آهن، جنهن کي ”ستو“ چيو ويندو آهي.
سڀئي ياتري ستو کائي ۽ چانهه پي مندر جي اڱڻ تي ڳائيدا وڄائيندا ۽ خوشيون ملهائيندا
آهن. اهي پوڄا هندو سناتن طريقي موجب ڪندا آهن ۽ سنڌو درياءَ مان مورجا کنڀ ٻوڙي هڪ
ٻئي کي هڻندا آهن ۽ هٿ کڻي ترشي نمشڪار جو اشارو ڪندا آهن.
ساڌو ٻيلي جي مندر ۾ ڪجهه مورتيون پڻ رکيون ويون آهن.
هڪ وڏي مورتيءَ جو نالو ترلوڪ ناٿ آهي جڏهن ته ٻين مورتين کي گيڻس، ڪارتڪ، سوام، پارپتي ۽ رشي
چيو و ڃي ٿو.
ساڌ ٻيلو
سکر
عنايت کٽياڻ
بکر جي قلعي اندر
بزرگ صدرالدين شاهه جي ڀرسان واري آباديءَ ۾ سليم مهر جونيئر جي گهر تي مانجهاندو ڪيوسين
۽ هن دوست تي ئي ساڌ ٻيلو ۽ ستين جو آستان گهمائڻ جو ڪم رکيل هئو ماني کائي آءُ،
رفيق چاچڙ ۽ سليم مهر جونيئر ساڌ ٻيلي لاءِ روانا ٿياسين، هن دوست ساڌ ٻيلي جي
انتظاميه وارن سان اڳ ۾ ئي ڳالهائي ڇڏيو هو اسان پتڻ تي پهتاسين پتڻ جي مک دروازي
جي سامهون سکر جي مشهور مسجد منزل گاهه آهي، مون دوستن کي چيو ته هن مسجد جي به وڏي
تاريخي حيثيت آهي، اها به ڏسي وٺون، اسان مسجد تي وياسين پر قديمي مسجد جو رڳو هڪ
گمبذ باقي بچيو آھي باقي وڏي نئين مسجد تعمير ٿي وئي آھي. پراڻي تاريخي گمبذ جا فوٽو
ڪڍيا ۽ پتڻ جي دروازي طرف وڌياسين درياهه چاڙهه کي مد نظر رکندي پتڻ جي گيٽ اونچي ٺهيل
آهي جنهن جي ٻنهي پاسن کان ڏاڪڻ ٺهيل آهي جنهن تان چڙهي وڃي پتڻ تي پهتاسين
انتظاميا پاران اجازت ملڻ تي موٽر واري ٻيڙيء تي چڙھي ساڌ ٻيلي روانا ٿياسين ساڌ ٻيلو
بکر جي ٻيٽ جي مقابلي ۾ ننڍو ٻيٽ آهي، پر هتي به مندر جي مک عمارت کان سواءِ مندر
سان منصوب ٻيون جايون به آهن ۽ ڪافي وڏي ايراضيءَ تي مشتمل آهي، ٻيڙي جيئن ته سنڌو
درياهه ۾ هلڻ لڳي ته سکر ۽ سنڌوءُ جو خوبصورت نظارو هتي پسڻ لاءِ ملي ٿو، سچ پڇو
ته اهرو نظارو پوري ايشيا کنڊ ۾ نه ملندو ، وچ درياهه ۾ سامهون ساڌ ٻيلو سڄي هٿ تي
سکر بيراج جنهن جي پاسن کان نڪرندڙ واهن جي خوبصورت منظر ۽کٻي هٿ تي ستين جو آستان
۔ لينس ڊائون پل ۔ ايوب پل ۔ بکر جو قلعو ۽ وچ درياهه ۾ درياهه جي هلڪين ڇولين تي
سج جا ڪرڻا پون پيا ته ستارن جيان ڇولين ۾ تجليون ۽ ترورا نظر اچن پيا، پوئتي ڪناري
تي سکر شهر جون گنجان عمارتون خوبصورت منظر پيش ڪري رهيون هيون، جن تي هڪ قد آوار
چوڪيدار طور مير معصوم شاهه جو منارو ڄڻ ته اڄ به پنهنجو فرض نڀائي رهيو هيو، مطلب
ته وچ درياهه مان چوڌاري نظر ڦيرائيندي هر نظر هڪ نئين خوبصروت منظر کي پسي پئي،
سکر کي ڏسڻو آهي ته هن هنڌ تان ڏسجي ته مون کي يقين آهي ته يورپ جا نظارا وسري
ويندا، نظارا پسندي اسان اچي ساڌ ٻيلي جي پتڻ تي پهتاسين، ساڌ ٻيلي ٻيٽ جي چوڌاري
پٿرن جي خوبصورت ۽ مضبوط ديوار ڏنل آهي، جنهن جي مک دروازي تي گول مورچا به ٺهيل
آهن، مک دروازي وٽ پڪي سنگ مرمر جي ڏاڪڻ به ٺهيل آهي جنهن ڪري درياهه جو پاڻي ڪيترو
به هجي پر مندر جي پهچ ۾ آساني رهي ٿي پٿر جي ٻاهرين پڪي ديوار جو دروازو پار ڪرڻ
کان پوءِ مندر جي مک وڏي گيٽ آهي جيڪا تمام خوبصورت ۽ اونچي آهي ۽ مڪمل سنگ مرمر
جي جڙيل آهي گيٽ جي کٻي هٿ تي ساڌ ٻيلي جو مک مندر ٺهيل آهي جيڪو پڻ تمام وڏو آهي
۽ پورو سنگ مرمر سان جڙيل آهي ۽ هن جي ٻاهران مغليه ۽ راجستاني طرز تعمير جيان
دروازا دريون پلر ۽ بالڪونيون ٺهيل آهن، هن مک مندر کان سواءِ ٻيون به گهڻيون عمارتون
ٺهيل آهن جيڪي پڪين سرن سان جڙيل آهن هنن عمارتن ۾ هڪ ٻه منزله لئبريريءَ جي عمارت
به آهي جنهن جي مٿين منزل تي ڪاٺ جون خوبصورت گئلريون ٺھيل آهن هن لئبريريءَ ۾
هندو ڌرم بابت تمام گهڻا ڪتاب رکيل آهن جيڪي سنڌيءَ سميت ٻين ٻولين ۾ به آهن هتي هڪ
پراڻو کوهه ٺهيل آهي جنهن جي مٿان گول گمبذ ٺهيل آهي جنهن جو رنگ به ڳاڙهو آهي ۽
لئبريريءَ جو رنگ به ڳاڙهو آهي باقي عمارتون پيلي رنگ سان رنگيل آهن اندر هڪ وڏو
باغيچو به آهي ۽ ياترين جي لاءِ رهائش ۽ خوراڪ جو پڻ وڏو بندوبست ٿيل آهي، اولهه
پاسي ڪجهه نيون عمارتون به ٺهي رهيون آهن جن جي جديد آرسي سي اڏاوت ٿي رهي آهي،
بهرحال پوري ٻيٽ کي خوبصورتيءَ سان سنيگاريو ويو آهي ۽ هر طرف خوبصورتي ۽ صفائي
نظر اچي رهي آهي.
مطلب ته ساڌ ٻيلو
مندر جيڪو پري کان سنڌو درياھ جي وچ ۾ هڪ خوبصورت گلدستي وانگر نظر اچي ٿو . هن کي
ساڌو ٻيلو به چيو وڃي ٿو ۽ بابا بنکنڊي مھراج جنهن هتي مندر جو بنياد رکيو ان کان
اڳ هن ٻيٽ کي شاد ٻيلو سڏيو ويندو هئو هتي گهاٽو ٻيلو هئو ۽ هن ٻيٽ تي پهرين عمارت
ارغون دور ۾ مرزا شاھ حسن ارغون ٺھرائي هئي ۽ مغل اڪبر جي دور ۾ مير معصوم شاھ ھڪ
غنبذدار عمارت جوڙائي جيڪي ٻئي عمارتون ٽالپرن جي دور تائين ميسارجي ويون هيو ۽ ان
دور ۾ ساڌو بابا بنکنڊي مھراج اچي هتي مورتيون رکي مندر جو بنياد رکيو جنهن کان
پوء ھن ٻيٽ کي ساڌو ٻيلو سڏيو ويو هندو ياتري زيارت لاء ھتي ايندا رهيا ۽ هتي تڪڙي
ترقي ٿيندي رهي. هن وقت ٻيٽ تي سنڌ جو هڪ اهم ۽ مشهور مندر موجود آهي، هن مندر جي
هندو ڌرم ۾ وڏي مڃتا ۽ تمام گهٹي اهم حيثيت رهي آهي. ساڌ ٻيلي تي مندر جي زيارت لاء
زائرين لاءِ صرف ٻيڙي ذريعي وڃڻ جو رستو آهي.
* بابا بنکنڊي
مھراج *
مهراج بابا بنکنڊيء
جو جنم ۱۷۶۳ع ۾ شري رامچند شرما گور برهمڻ جي گهر ۾ ٿيو. سندس نالو ٻالچند َرکيو ويو
هو. هن ۹ سالن جي عمر ۾ ئي علم حاصل ڪري َبن (جهنگ) ڏانهن رخ ڪيائين. جيئن ته هن
جيَ حياتيء جو گهٹو وقت اتي گذاريو هو، ان ڪري سندس نالو ٻالچند مان ڦيرائي
“بنکنڊي” رکيو ويو. هي هندستان جي پٽيالا رياست جي مهاتما ميلارام کان سکيا وٺي
سندس شيوڪ ٿيو. هو پاڻ ۱۸۰۳ع ۾ پنهنجو اباٹو ملڪ نيپال ڇڏي برصغير جا مختلف علائقا بر ٿر ۽ ڪوهستان
جاڳي ٽالپرن جي دؤر ۾ بابابنکنڊي مهراج ۶۰ سالن جي عمر ۾ سال ۱۸۲۳ع ۾ روهڙي ۾ آيو. هو ذات جو برهمڻ ۽ اداسي
پنٿ هو، “اداسي پنٿ” مڃڻ وارو سڄي عمر شادي نه ڪندو آهي. هي اچي روهڙيء ۾ رهيو ۽
پوء وري ويهن سالن بعد هن ٻيٽ تي اچي دونھي دکايائين. هن ماڻهن کي ڪنهن به خاص پوڄا
جي هدايت نه ڪئي، ان جي برعڪس هر ڪنهن کي آزادي هئي. ان جو پتو هن مان ملي ٿو ته
بنکنڊي مهراج جي آستاني ساڌ ٻيلي ۾ اڄ تائين ڪيترن ئي قسمن جا مندر جوڙيل آهن، جن
مان ديوي ماتا مندر، شو مندر (شوالو)، گڻيش مندر، هنومان مندر، وشنو مندر ۽ بابا سريچند
جو مندر موجود آهن. بابا بنکنڊي مهراج سؤ سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي. هن وقت ساڌ ٻيلو
سنڌ ۾ هندو ڌرم وارن جو اهم تيرٿ آهي.
بابا بنکنڊي صاحب
کان پوءِ جيڪي به ساڌو ٻيلي جا گادينشين ٿيا، سي به پهتل پرش هئا. ورهاڱي کان پوءِ
وارن ڏينهن تائين ساڌو ٻيلي جو گادينشين سوامي هرنام داس هيو، جيڪو سدائين عام عوام
جي ڀلائيءَ جا ڪم ڪندو رهندو هيو. سندس دور ۾ ساڌو ٻيلي کي گهڻو سڌاريو ۽ سينگاريو
ويو. ٻيٽ جي چئني پاسن کان سنگ مرمر جا گهاٽ ۽ پٿرن جي مضبوط ديوار ٻڌائي وئي ته
جيئن درياءَ جو پاڻي ٻيٽ ۽ مندر کي کاڌ نه ڪري سگهي. مکيه مندر ۾ بابا بنکنڊي
مھراج ۔ شريمد ڀاڳوت ۽ گرو گرنٿ صاحب سان گڏ سريچند بابا ۽ رام ڪرشڻ ۽ ٻين ديوتائن
جون مورتيون پڻ رکيون ويون آهن. هڪ وڏي مورتيءَ جو نالو ترلوڪ ناٿ آهي جڏهن ته ٻيون
مورتيون گيڻس، ڪارتڪ، سوام، پارپتي ۽ رشي جون به رکيل آھن .
جڏهن بابا بنکنڊيءَ
ساڌو ٻيلي جو ٻيٽ وسايو ته اتي تمام وڏو جهنگ هوندو هيو، جنهن ۾ شينهن سميت ٻيا به
ڪيترائي جانور رهندا هئا. پوءِ وري ماڻهن جي گهڻي اچ وڃ ڪري يا ته اهي ساڌو ٻيلو ڇڏي
هليا ويا يا وري هوريان هوريان ختم ٿيندا ويا. تنهن ڪري انهن جي ياد طور سنگرمرمر
جي پٿر مان هڪ شينهن جو مجسمو ٺهرائي مندر جي وچ تي رکيو ويو آهي، جيڪو نهايت
خوبصورت ٿو لڳي. هن مندر جي شاندار لائبريري ۾ خاص ڪري هندو مذهب بابت سوين ڪتاب ۽
رسالا رکيا ويا آهن. اهي ڪتاب سنڌي، هندي، سنسڪرت، انگريزي، اردو ۽ ڪجهه ٻين ٻولين
۾ لکيل آهن. ساڌ ٻيلي ۾ هر جمعي تي هڪ خاص ڏڻ ملهايو ويندو آهي، جنهن ۾خاص ڪري اتر
سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن کان هندو ڀائي شريڪ ٿيندا آهن ۽ سندن روحاني تربيت ڪئي
ويندي آهي. ۽ هر سال جون مهيني جي وچ ڌاري بابا بنکنڊي چند شرما جي ورسي ملهائي
ويندي آهي، جنهن ۾ سڄي دنيا کان هزارين ياتري شامل ٿيندا آهن. انهن مان اڪثر ياتري
پنهنجن گهرن کان ڪڻڪ ڀڃي کڻي ايندا آهن، جنهن کي ”ستو“ چيو ويندو آهي. سڀئي ياتري
ستو کائي ۽ چانهه پي مندر جي اڱڻ تي ڳائيدا وڄائيندا ۽ خوشيون ملهائيندا آهن. اهي
پوڄا هندو سناتن طريقي موجب ڪندا آهن ۽ سنڌو درياءَ مان مورجا کنڀ ٻوڙي هڪ ٻئي کي
هڻندا آهن ۽ هٿ کڻي ترشي نمشڪار جو اشارو ڪندا آهن.
* ستين جو
آستان*
هي مير ابوالقاسم
نمڪين جي قبرستان واري ٽڪري آھي، جنھن لاء چيو وڃي ٿو ت هن ٽڪريء کي قبرستان ٺھڻ کان
اڳ بي ستين جو ٿان سڏيو ويندو ھو يعني ستين جو آستان۔ هي قبرستان روھڙي جي سول ڪورٽ
جي ويجھو، اتر ۽ اولھ جي ڪنڊ تي درياء جي ڪپ تي ھڪ بلند ٽڪري مٿان ٺھيل آھي. اوڀر
کان ٻن فرلانگن جي پنڌ تي لئنسڊائون پل ۽ ايوب پل آھن. سامھون اتر کان درياء جي ٻي
ڀر سکر جو شھر آھي ۽ ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ٻن ٽن فرلانگن جي فاصلي تي روھڙي جو شھر آھي.
بکر جي قلعي جون ڊٺل ديوارون اوڀر کان ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ساڌ ٻيلو اتر کان درياء جي
وچ تي سامھون موجود آھي. جاء وقوع جي لحاظ کان ھي ٽڪرو بي مثال آھي. چارئي طرف
کليل ڪوھن تائين نظر پوي ٿي، قدرتي مناظر صبح شام پري پري تائين ڏسي سگھجن ٿا. سڄو
ڏکڻ طرف انبن ۽ کجين جي باغن سان ڀريو پيو آھي، سکر کان ايندڙ رستو (پراڻو قومي
شاھراھ) درياء جو ڪپ ڏيو، انھي ٽڪري جي پھلو کي ڇھندو روھڙي ڏانھن وڃي ٿو.
تاريخي طور سنڌ جي
ھڪ مضبوط ڏند ڪٿا هي آھي ته جڏھن مسلمانن بکر تي حملو ڪيو ھو تڏھن شاهي گهراڻي جي
عورتن پنھنجي ست بچائڻ لاء انھي جڳھ تي پاڻ کي باھ ۾ ساڙي آپگھات ڪيو ھو، جنھن ڪري
ان تي ستين جو ٿان نالو پيو آھي، پر پوء مسلمانن ان جاء تي قبرون ٺھرائي ان جاءِ کي
پنهنجي شناخت ڏني ليڪن هن ماڳ کي اڄ بي ستين جي آستان سڏيو وڃي ٿو ۔ مير ابوالقاسم
نمڪين جڏھن بکر ۾ حاڪم ٿي آيو ته بکر کي ئي پنھنجي رھائش لاء پسند ڪيائين ۽ اتي ئي
پنھنجا يادگار ٺھرائڻ شروع ڪيائين. تڏھن انھي ٽڪري جو ماحول، جاء وقوع ۽ ڀرپاسي جا
ڏيک کيس پسند آيا ۽ ھن انھي ٽڪري جي چوٽي کي صاف ڪرائي، ھموار ڪري، چوڌاري ديوار ڏئي،
پڪين سرن جو فرش ٻڌرائي، چئني ڪنڊن کان چار منارا ۽ گوشا ٺھرائي، ان کي پنھنجي
خاندان جي قبرستان طور ڪتب آڻڻ جو ارادو ڪيو، مگر ان کان اڳ جو فوتين کي اتي دفن ڪيو
وڃي، مير صاحب ان جاءِ کي چانڊوڪين راتين ۾ مجلس آراتي لاءِ ڪتب آندو ۽ ان جو نالو
”صفه صفا“ رکيائين. لب تاريخ جي مصنف انھي پھاڙي کي ”قاسم خواني“ جي نالي سان سڏيو
آھي، انھي پھاڙي جي ايترن جدا جدا نالن جي ھوندي اڄ بي ستين جي آستان سڏيو وڃي ٿو
۔ ڏکڻ طرف چئن ڪوھن تي سنڌ جو تمام پراڻو گادي جو ھنڌ اروڙ آھي جنھن کي عربن فتح
کان پوءِ الور سڏيو، ان زماني ۾ اھو مير صاحب جي جاگير ۾ ھو ۔ مير صاحب سنگتين ساٿين
عالمن ۽ اديبن کي چانڊوڪين راتين ۾ انھي ٽڪري تي گڏ ڪري مجلسون ڪري قدرتي نظارن
مان لطف اندوز ٿيندا هئا ۔ انھيء صحن تي چانڊوڪين راتين جون مجلسون مير صاحب جي
زندگي تائين قائم رھيون. ۱۰۱۸ ھ ۾ مير نمڪين فوت ٿيو ۽ پھريون پاڻ ان ٽڪري تي آرامي ٿيو
۽ بعد ۾ اصلي مقصد مطابق اھو سندن خاندان جو قبرستان ٿي ويو. ڏکڻ کان مٿي پھچڻ لاء
جيڪا ديوار آھي ان جي ٻنھي پاسن کان خوبصورت صحرا ٺھيل آھن جيڪي ڏينھن جي آرام جي لاء
ڪتب ايندا ھئا، اھڙي طرح اتر جي طرف کان اوڀر ۽ اولھ جي ڪنڊن تي ٻه حجرا آھن جن جو
رخ درياء طرف آھي، جيڪي صبح شام درياء جي نظاري ڪرڻ لاء نشيمن جو ڪم ڏيندا ھئا.
فرش جي سطح کان پنج فوٽ چار انچ اوچائي تي ھڪ ٿلھو ٺھيل آھي جنھن جو ڊيگھ ۴۸ فوٽ ۶ انچ ۽ ويڪر ۳۸ فوٽ آھي، ان تي ڏھ قبرون آھن، جن مان مکيه
مير ابوالقاسم نمڪين جي آھي. انھي ٿلھي تي چئني ڪنڊن تي چار منارا ترڪي منارن جي
نموني تي آھن جيڪي پنج فوٽ کن اوچا ٿيندا. نمبر ۹ ۽ ۱۰ قبرون چوني جي پلاسٽر جون آھن باقي سڀ پٿر جون آھن جن
جو سمورو لوڙھ اڪر جي بھترين ڪم جو شاھڪار آھي.
مير ابوالقاسم جو ٺهرايل
قبرستان زبون ٿي ويو ھو منارا ڊھي اچي پٽ پيا ھئا قبرون ڊھي ويون ھيون ڪتبا منتشر ٿي
چڪا ھئا عمارت جي خاص وضع ٽڪري جي ماحول ۽ چوڌاري جي نظارن محڪمه آثار قديمه کي
متاثر ڪيو جنھن کي ان محڪمي حفاظت ۾ وٺي ان جي نئين سر تعمير ۽ مرمت ڪري قبرستان
کي اصلي حالت ۾ آندو منارا ٺاھيا ويا، قبرن جي مرمت ڪري مٿن اصلي ڪتبا لڳايا ويا
فرش لڳايو ويو ۽ حدبندي واري ديوار ٻيھر مضبوط ڪئي وئي ۽ حجرن کي به مرمت ڪري
استعمال لائق ڪيو ويو جن تي هاڻي جڳاڙي فقيرياڻن جو قبضو آھي ليڪن سنڌودرياھ ڪناري
تمام خوبصوت منظر وارو ماڳ آهي۔
(روزاني ايڪتا ۲ جنوري ۲۰۲۰ع )

Comments
Post a Comment