ڪتي جي قبر
خليل چانڊيو
کير ٿر
سنڌ ۽ بلوچستان جي وچ تي هڪ قدرتي سرحد آهي. ان پهاڙي سلسلي جو هڪ حصو ڪراچي
تائين آهي، جڏهين ته هڪ حصو بلوچستان جي ضلعي خضدار سان ملي ٿو. ان جبل جي سب کان اوچي
چوٽي جو نالو ڏاڙهيارو جبل آهي جيڪو سطح سمندرکان ۷۰۰۰ فٽ بلندی تي
آهي. ان عظيم الشان جبل تي هڪ وفادار ڪتي جي قبر آهي، جيڪا ڪتي جي قبر جي نالي سان
مشهور آهي، پراڻي زماني جي ڳالھ آهي ته هڪ ڀيرو ان ڏاڙهيارو جبل تي هڪ بروهي قبيلي
جو نوجوان پنهنجي ڪوڏر سان هڪ قبر کوٽي رهيو هيو، نوجوان ڏک ۾ ورتل هيو، اکين مان ڳوڙهن
جا نير وهي رهيا هيس ۽ هو مسلسل ان قبر کي کوٽي رهيو هيو، قبر کوٽڻ کانپوء ان قبر
مان هن ٻوري ۾ ويڙهيل هڪ لاش کوليو ۽ ان لاش کي ڳلي سان لڳائي مسلسل روئي رهيو، ڇو
ته اهو لاش سندس وفادار ڪتي جو هيو، ڪتي جون اکيون بند ۽ جسم ساڪن هيس، جنهن ۾
زندگي جي ڪا به علامت موجود نه هئي، انهي نوجوان ڪتي سان ڀاڪر پائي، پيار ڪرڻ
کانپوءِ ان کي ساڳي ريت با حفاظت قبر ۾ دفن ڪيو، اهو سندس معمول هيو، جڏهين به هن
جي دل ڀرجي ايندي هئي ته ڪتي جي قبر کولي ساڻس پيار ڪري وري ان کي دفن ڪري ڇڏيندو
هيو. ان ڏينهن هلڪو هلڪو مينهن به وسي رهيو هيو ۽ ان نوجوان ان وفادار ڪتي کي دفن ڪرڻ
کانپوء مٿان هڪ وزني پٿر رکي ڇڏيو ته جيئن جانورن کان محفوظ رهي سگهي، ان ڏينهن ان
نوجوان پورو ڏينهن ان جي قبر تي گذاريو ۽ شام جو روئيندي روئيندي پنهنجي گهر هليو
ويو، رستي ۾ ويندي ويندي هن جي ذهن ۾ ان وفادار ڪتي جا ڪيترا ئي خيال ستائڻ لڳس ۽
سندس وفادارين کي ياد ڪندي اکين مان ڳوڙها ٽمندا رهيس.
اهو
بروهي نوجوان ڏاڙهيارو جبل جي هيٺاهين واري حصي تي پنهنجي خاندان سان رهندو هيو،
خيالن خيالن ۾ هن کي ان ڪتي جا اهي ڏينهن ياد ڪيا جڏهين هن هڪ ڏينهن هڪ ننڍڙي ڪتي
کي ان جبل جي آسپاس ڀٽڪندي ڏٺو هو، ڪتو ننڍو ۽ بي انتها خوبصورت پڻ هيو، بروهي
نوجوان ان ڪتي کي پڪڙي پنهنجي گهر وٺي آيو، ان جو تمام گهڻو خيال رکڻ لڳو، وقت گذرڻ
سان گڏ ان نوجوان ۽ ڪتي جو پيار تمام گهڻو وڌي ويو، اهو ڪتو هاڻي پنهنجي مالڪ سان
گڏ رهڻ لڳو، سندن پيار جا چرچا پوري ڏاڙهياري جبل ۾ مشهوري ماڻي چڪا هيا، ان
نوجوان جي ڳوٺ ۾ هڪ دوڪان هوندو هيو جٿي زندگي جي ضرورتن جو سمورو سامان ملندو
هيو، اهو ڪتو ان نوجوان سان سودو وغيره وٺڻ مهل به اڪثر دوڪان تي گڏ ويندو رهندو
هيو، هڪ سال اهڙو گذريو جو ان پوري جابلو سلسلي ۾ ڪا بارش نه پئي، ڪو فصل نه
اپائجي سگهيو، ان نوجوان دوڪاندار کي چيو ته کيس هڪ سال تائين اوڌر تي سودو وغيره ڏي
آئينده سال جيئن بارش پوندي فصل ٿيندا ته تنهنجو سمورو قرض لاهي ڇڏيندم، دوڪاندار ڪجه
سوچڻ کانپوء کيس چيو ته جيستائين تون مونکي قرض واپس نه ڪرين تيستائين هي ڪتو مونوٽ
ضمانت طور گروي رکڻو پوندئي، ان غريب نوجوان کي پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالڻ خاطر مجبورن
ايئن ئي ڪرڻو پيو، ليڪن هن کي پنهنجي ان ڪتي جي جدائي جو تمام گهڻو ڏک ۽ افسوس
هميشه سندس اندر ڳاريندو رهندو هيو، نوجوان زمين تي ويهي ڪتي جي ڪن ۾ چيو ته غيرت
جي اها تقاضا آهي ته پنهنجي نئين مالڪ سان وفادار رهجانء جيستائين مان قرض ادا ڪري
توکي واپس نه وٺي وڃان.
ڪتي جي
اکين ۾ به ڳوڙها اچي ويا هو پنهنجي مالڪ جي جدائي کي شدت سان محسوس ڪري رهيو هيو،
ليڪن هن پنهنجي مالڪ جي رضا تي راضي رهي پاڻ کي نئين مالڪ سان وفادار رهڻ تي آماده
ڪري ورتو. دوڪاندار ڪتي جي واپس وڃڻ جي ڀوء کان سندس ڳچي ۾ زنجير وجهي ڇڏيو ۽ ان
کي پنهنجي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ٻڏي ڇڏيو، ڪتي اڳ ڪڏهين زنجير ڏٺي ئي ڪو نه هئي، زنجير
جي سبب مٿس عجيب بيچيني ٿي رهي هيس، بحرالحال ڏينهن گذرندا رهيا، هڪ ڏينهن ان دوڪاندار
جي گهر ۾ چور گهڙي آيا ۽ دوڪاندار جي نقدي ۽ زيورات، گهر جو پورو اله تله ٻهاري
هليا ويا ، ويچارو ڪتو زنجير ۾ بند هيو، مجبور هيو هو زور زور سان ڀونڪڻ لڳو ته ڪتي
جي ڀونڪ تي دوڪاندار ننڊ مان اٿيو ۽ سمجهيائين ته ڪا گڙ ٻڙ ضرور آهي، هن فورن ڪتي
جي زنجير کولي کيس آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ڪتو تيزي سان ڊوڙندو ڊوڙندو چورن جي پٺيان لڳو،
تيستائين اهي ڄور ڳوٺ کان ٻاهر نڪري چڪا هيا، دوڪاندار ۽ ڪجه ڳوٺ جا ماڻهو ان ڪتي
جي پويان پويان ڊوڙندا ٿي ويا بالآخر سمورا ڳوٺاڻا چورن جي ويجهو پهچي ويا ۽ چورن ٻي
ڪا واه نه ڏسي چورايل سامان اتي ئي ڦٽي ڪري ڀڄي ويا ، دوڪاندار ڪتي جي ان ڪارنامي
تي تمام گهڻو خوش ٿيو۽ ان خوشي ۾ ڪتي کي آزاد ڪري کيس پنهنجي اصل مالڪ وٽ رهڻ جو
فيصلو ڪيو ۽ کيس آزاد ڪري ڇڏيو دوڪاندار سوچيو ته جڏهين بروهي نوجوان ملندو ته کيس
ٻڌائيندم ته تنهنجي ڪتي جي وفاداري سبب مان وڏي نقصان کان بچي ويو آهيان ان خوشي ۾
مان تنهنجي مٿان سمورو قرض به معاف ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪتي کي به آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهين
ته ڪتي جو اصل مالڪ بروهي نوجوان به فصل کپائي قرض جا پيسا کڻي دوڪاندار ڏانهن وڃي
رهيو ته اوچتو ان ڪتي تي نظر پيس، ڪتو تمام گهڻو خوش ٿيو ته مالڪ کيس سندس وفاداري
تي تمام گهڻو پيار ڪندو جڏهين ته ان بروهي نوجوان سمجهيو ته ڪتو بيوفائي ڪري دوڪاندار
وٽان ڀڄي نڪتو آهي، هاڻي ڪتو ۽ بروهي نوجوان آمهون سامهون هيا ليڪن ٻنهي جي جذبات
۾ فرق هيو
بروهي
نوجوان ڪتي کي چيو ته بي شرم ڪتا مان تو کي دوڪاندار سان وفاداري لاءِ چيو هيم مگر
تون ان سان بيوفائي ڪري ڀڄي آيو آهين جنهنڪري مونکي شرمسار ڪري ڇڏيو آهي، ڪتو مالڪ
جي پويان پويان هليو مگر مالڪ کيس ڪا اهميت نه ڏيئي رهيو هيو، هڪ وفادار ڪتي لاءِ
اهو الزام ناقابل برداست هيو ته کيس سندس مالڪ بيوفا سمجهي ڌتڪاريندو رهي، ان شدت
غم کان ڪتو رستي مان غائب ٿي ويو ۽ هڪ وڏي جبل جي ٽڪري تان پاڻ کي ڪيرائي خود ڪشي ڪري
ڇڏيائين، بروهي نوجوان جڏهين دوڪاندار وٽ قرض واپس ڪرڻ لاء پهتو ته دوڪاندار سموري
پيرائتي ڳاله ڪندي ڪتي جي باري ۾ پڇيائينس ته اهو وفادار ڪتو ڪٿي آهي، بروهي
نوجوان ان وقت پاڻ به خود ڪشي ڪرڻ ٿي چاهي مگر پنهنجن ٻچن کي ڏسي خود ڪشي جو ارادو
ترڪ ڪري ڇڏيو ۽ ڪتي جي لاش کي هڪ ٻوري ۾ بند ڪري ڏاڙهياري جبل جي ٽڪري تي دفن ڪيو،
ان ڳاله کي ڪيئي صديون گذري چڪيون آهن ليڪن سنڌ جو ماڻهو ان ڪتي جي وفاداري کي نه
وساري سگهيو آهي ۽ هر سال ڪيترا ئي ماڻهو ان ڪتي جي قبر جي زيارت لاء ڏاڙهياري جبل
تي ويندا رهن ٿا.
ڪتي جي قبر
سنڌ جو اهم تاريخي
تفريحي ۽ گورک کان وڌيڪ ٿڌو ماڳ
رفيق ڀٽي
قمبر شهداد ڪوٽ
ضلعي ۾ گورک هل اسٽيشن کان به وڌيڪ ٿڌ رکندڙ ماڳ ”ڪتي جي قبر“ وارو علائقو به قدرت
جي حسين رنگن جو ناياب شاهڪار آهي، جنهن کي ڏسڻ سان ڪشمير، سوات، ڪوهه مري واريون
واديون ياد اچي وينديون آهن پر بدقسمتي ۽ سرڪار جي بي ڌياني سبب هيءُ تاريخي ماڳ
دنيا جي ماڻهن جي اکين کان اوجهل آهي. جنهن ڪري هي قديمي تاريخي ماڳ دنيا جي مشهور
تاريخي ماڳن واري فهرست ۾ به شامل نه آهي. ڪتي واري قبر جو هي علائقو قمبر شهدادڪوٽ
ضلعي جي تعلقي قمبر جي حد کيرٿر جبلن جي سلسلي جي ڏاڙهياري جبل ۾ موجود آهي. جنهن
جي اوچائي ۶۰۰۰ هزار فوٽن تي آهي ڪجهه محققن ۽ سياحن هن جي اوچائي ۶۹۰۰ فٽ ٻڌائي آهي، پر تعلقي وارهه جي اڳوڻي
مختيارڪار ۽ سنڌي جي نامياري محقق مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ”تقريرون ۽ تحريرون“
۾ هن جي اوچائي ۶۰۰۰ فوٽ ڄاڻائي آهي.
ڪتي جي قبر جي ڪهاڻي
جو ذڪر ڪيترن ئي ڪتابن ۾ آهي، پر ۱۸۸۵ع واري دور جي ڊپٽي ڪمشنر چارلس پنهنجي ڪتاب هيو فوڪ ٽيلس
آف سنڌ Hue folk tells of sindh سنڌ جون لوڪ ڪهاڻيون ۾ به ڪتي جي قبر جو ذڪر
ڪيل آهي. جنهن ۾ لکيل آهي ته ڪتو ڪنهن ڳوٺاڻي جو هو جيڪو گهر جي کاڌ خوراڪ واري
سامان خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪتي سان گڏ جبل هيٺ لهي هڪ هندو دوڪاندار وٽ آيو، جتي
هن سامان خريد ڪيو ۽ ڪجهه رقم کٽي پيس، تنهن تي دوڪاندار کي چيائين ته هي منهنجو ڪتو
گروي طور رک رقم واپس ڪرڻ بعد ڪاهي ويندس، ڳوڻاٺو ائين چئي سامان کڻي واپس ڳوٺ
روانو ٿيو، قدرت جو لقاءُ اهو ٿيو جو هندو دوڪاندار جي دوڪان ۾ چور کاٽ هڻي چوري ڪري
رهيا هئا ته اهو ڪتو سجاڳ ٿي تيز ڀونڪڻ لڳو جنهن جي آواز تي هندو دوڪاندار ۽ ٻيا ڳوٺاڻا
سجاڳ ٿي پيا ۽ چور اتان ڀڄي ويا، ڪتي جي اهڙي وفاداري ڏسي هندو دوڪاندار ڪتي کي
آزاد ڪري ڇڏيو. ڪتو آزاد ٿيڻ کان پوءِ واپس پنهنجي مالڪ جي ڳوٺ ڏانهن آيو پئي ته
رستي ۾ سندس مالڪ کيس ڳوٺ ڏانهن ايندو ڏسي ڪتي کي نمڪ حرام وارو جملو چئي کيس ڀونڊو
(بُجو) ڏنو، ۽ چيو اڄ مان توکي آزاد ڪرائڻ اچان پيو پر تون هندو دوڪاندار سان
غداري ڪري ڀڄي آيو آهين! اڄ کان تون منهنجي لاءِ مري وئين. اهڙي جملي پوري ٿيڻ بعد
ڪتي مالڪ جي پيرن تي ڪري ڏڪي ڏڪي دم ڏنو. ان بعد ڳوٺاڻو اچي هندو دوڪاندار وٽ پهتو
۽ معافي گهري رقم واپس ڪرڻ لڳو تنهن تي هندو دوڪاندار چيو ته تنهنجي ڪتي مون سان
وفاداري ڪئي ۽ منهنجي هزارين روپين جي چوري ٿيڻ کان بچائي، جنهن ڪري مان تنهنجي
رقم انعام طور معاف ڪري تنهنجي ڪتي کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي. هندو دوڪاندار جي اهڙي ڳالهه
ٻڌڻ بعد ڳوٺاڻو افسوس ۾ روئندو رهيو ۽ واپس اچي مئل ڪتي کي کڻي ڏاڙهياري جبل جي چوٽي
تي قبر کوٽي کيس دفن ڪيو، ڪتي جي قبر جي ڪهاڻي بابت ڪيتريون قياس آرائيون هجن يا
اهو معجزو هجي، پر اصل ڳالهه اها سامهون ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ته اهو ڪتي واري قبر جو
علائقو قدرتي نظارن سان ڀريل هڪ عجوبو آهي. جتي لالڻ جي ماڙي، انگريزن جي دور جو ٺهيل
پوليس ٿاڻو، ۽ سرسبز پهاڙ، قدرتي پاڻي جون ننڍيون، ننڍيون نديون ڏسڻ وٽان آهن، جن
کي ڏسي ڪشمير ۽ سوات ياد ايندو، پر افسوس جو سرڪار پاران هنن قدرتي نظارن کي دنيا
تائين روشناس نه ڪرائڻ ڪري هي تاريخي ۽ قديمي ماڳ سان گڏ قدرت جي حسين شاهڪار کان
دنيا بي خبر بڻيل آهي، ڪتي واري قبر تائين پهچڻ لاءِ سواري لاءِ ڪو به رستو روڊ ڪو
نه ٺهيل آهي. پر محقق ۽ سياهه علائقي جي بااثر ماڻهن جي مدد سان اٺن ۽ گڏهن وسيلي
اتي ڪيميرا جي اک سان اهي دلفريب منظر محفوظ ڪن ٿا ۽ اتان جي رهاڪن کان ڪتي جي ڪهاڻي
۽ ٻين تاريخي ماڳن بابت احوال وٺي. پنهنجي ڪتابن ۾ لکي ماڻهن کي آگاهي ڏين ٿا. ٻڌايو
پيو وڃي ته پيپلز پارٽي جي اڳوڻي سنڌ جي وزير اعليٰ مرحوم سيد عبدالله شاهه ۽ قمبر
شهداد ڪوٽ ضلعي جي اڳوڻي ايم اين اي مرحوم شبير احمد چانڊيي، هيليڪاپٽر وسيلي ڪتي
جي قبر جو معائنو ڪيو هو، ۽ ان وقت عبداللّٰه شاهه سنڌ جي هن تاريخي ماڳ کي دنيا ۾
روشناس ڪرائڻ ۽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جو واعدو به ڪيو هو، پر جلد پيپلز پارٽيءَ
جي حڪومت جو تختو اونڌو ٿيڻ ڪري هي ماڳ ترقي کان رهجي ويو، جو اڄ تائين ڪيتريون حڪومتون
آيون ۽ ويون پر هن قدرت جي حسين شاهڪار ڏانهن ڪنهن به اک کڻي ڪو نه ڏٺو آهي، ٻڌايو
ٿو وڃي ته گرميءَ جي موسم ۾ ڪتي واري قبر وارو علائقو گورک هل اسٽيشن کان به وڌيڪ ٿڌو
هوندو آهي، پر اتي بنيادي سهولتون توڙي ٽرانسپورٽ جون سهولتون ميسر نه ٿيڻ ڪري ماڻهو
هن تفريحي ماڳ تائين ڪو نه پهچي رهيا آهن، جنهن ڪري هي تفريحي ماڳ ائين رهجي
ويندو، حالانڪ ڪتي جي قبر وارو علائقو لاڙڪاڻي، شهدادڪوٽ، قمبر ۽ وارهه کان گهڻو
پري ڪو نه آهي. جو سنڌ يا ضلعي جا ماڻهو نه پهچي سگهن، پر نه پهچڻ جو وڏو سبب ٽرانسپورٽ
جي دڳ جو نه هجڻ ۽ سيڪيورٽي جو نه هجڻ آهي جنهن ڪري سموري سنڌ هن تفريحي ماڳ جي ڏسڻ
کان محروم بڻيل آهن، جيڪڏهن سنڌ سرڪار هن تفريحي ماڳ ڏانهن خاص ڌيان ڏيئي ته هي ماڳ
به دنيا جي حسين قدرتي نظارن واري فهرست ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.
Comments
Post a Comment