ٽنڊو محمد خان
نورالنساءِ پٺاڻ
سونهاري
سنڌ کي ڀريو ڀاڳيو، مالدار ۽ سکيو ستابو رکڻ وارو سنڌو درياءَ ئي آهي جنهن کي
“درياءَ شاهه” به چون، جو سموري سنڌو ماٿريءَ جي تاريخ ۽ تهذيب جو صدين کان امين
آهي. سنڌوءَ جي وهڪرن، واهن، ڦاٽن، ڍنڍن ۽ ڍورن جي ڪنارن ۽ ڪپن تي ڪيترا ئي شهر
آباد يا ويران آهن. انهن ئي وهڪرن ۽ ڦاٽن مان هاڪڙو، ريڻي ندي ۽ گوني ڦاٽ، سنڌو
درياءَ جي ويجهڙائي واري تاريخ يعني سومرا سلطان، ارغون، ترخان، ڪلهوڙا ۽ ٽالپر
اميرن حاڪمن جي تاريخ جا مشهور ماڳ ۽ ٽاڻا آهن.
درياءِ سنڌ جي تاريخي وهڪري مان هاڪڙو
۽ ريڻي نديءَ جا هاڻ فقط قصا ۽ نشان آهن، جڏهن ته گوني سدا اونهي جنهن کي ڦليلي ڦاٽ
به چون. اڄ به اسان جي سامهون وهي، سُڪل ٻنيون، برن ۽ بيابانن کي سيراب ڪري سبز ۽
شاداب ڪري رهي آهي. گوني ڦاٽ آڳاٽي ۾ هاڻوڪي شهدادپور کان سنڌوءَ مان نڪري هالا هٽڙي
کان ٿيندي، حيدرآباد کان وراڪو ويجهي، ٽنڊو محمد خان جي وچ مان گذرندي، ماتلي ۽
تلهار کان ڦري گولايون ڏيندي، ور-وڪڙ وجهندي، هيرا-ڦيريون ڪندي وڃي ڪڇ جي رڻ جي اڃ
اجهائيندي هئي. اڄ جيان ان سمي به هي سمورو علائقو جيڪو لهاڻه پرڳڻو سڏبو هو، لاڙ
جو زرخيز صوبو هو. سڄو سال پاڻيءَ جي ريل پيل هئڻ ڪري لوهاڻه پرڳڻو گهاٽن ٻيلن،
زرخيز زمينن، ڀلوڙ آبادين، خاص ڪري چوپائي مال جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور هو. هتي جون مينهون ۽ جانور عراق تائين مشهور هئا، سومرا ۽ سمان دؤر کان وٺي ٽالپر اميرن تائين
گوني ڦاٽ واري علائقي جي خوشحالي ۽ سستائي جو ذڪر تاريخ مان ملي ٿو ته “سياري ۾ مکڻ
جون ٻيڙيون ڀرجي اينديون هيون ۽ هڪ روپئي ۾ ڪوڏر جا سورنهن لپا ملندا هئا. ان کان
علاوه هتان گيهه ، ڪڪڙ، ماکي ۽ ڪٽو مال، گاڏين ذريعي حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ ايندو هو”.
لاڙ جي ته سموري آمدرفت ، باربرداري ۽ واپار جو مک ذريعو هو ئي گوني ڦاٽ، جنهن۾ ننڍيون
وڏيون مال بردار ٻيڙيون ۽ مسافر بردار آگبوٽ سڄو سال پيا هلندا هئا، تيستائين
جيستائين ريلوي هلي. پهرين ۽ ٻي مهاڀاري لڙاين ۾ جڏهن ريلون بند ٿيون ته هندو سيٺن
جا آگبوٽ سکر کان حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان ۽ تلهار تائين مال ۽ مسافر ڍوئيندا هئا.
گوني ڦليلي ڦاٽ جي سرسبزي ،خوشحالي ۽ آسودگي جتي پنهنجن کي ڍايو اتي ڌارين کي به
نه وساريو، کين کارايو ۽ کڻايو به، مغل اعظم جلال الدين محمد اڪبر جو پيءُ شهنشاه
همايون، شير شاهه سوري کان شڪست کائي پنهنجي دربدريءَ جا ڪيترا ئي سال لوهاڻي پرڳڻي
جي مشهور ماڳ ، جنت نشان( فتح باغ ماتلي کان ۵
ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ اڄ هڪڙو ننڍو ڳوٺ آهي) ۾ سڪون سان گذاري
پوءِ ايران ويو. شهنشاهه اڪبر جي جرنيل عبدالرحيم خان خانان، سنڌ جي حاڪم مرزا
جاني بيگ سان لڙائي مهل پنهنجي لشڪر جو سمورو ان ۽ جانورن لاءِ گاهه هن ئي هنڌان حاصل
ڪيو. سنڌ جي ارغون حاڪم شاهه حسن جڏهن پنهنجي ڌيءَ ناهيد بيگم، مرزا ڪامران سان پرڻائي
ته ڏاج ۾ فتح باغ ڏئي کين اتي ئي رهايو. هن علائقي جي زرخيزي ۽ شادابي فقط مدد خان
پٺاڻ جهڙي قهري ۽ دولابي شخص کي نه وڻي، جنهن فتح باغ ۽اگهاماڻي جهڙن تاريخي ۽
خوبصورت شهرن کي لٽي ساڙي ختم ڪري ڇڏيو. گونيءَ لاءِ ڪيتريون ئي ڪٿائون ۽ ڪهاڻيون
عام آهن، جن مان هڪ هي به مشهور آهي ته ، اتوان جبل ۾ جوڳين وٽ اهو مشهور هو ته (
شيش نانگ ) اصيل نانگ سئو سالن کان پوءِ وڏي قوت وارو شيش نانگ ٿي پوندو آهي، ڌن
(خزاني)تي ويهندو آهي، هر روپ اختيار ڪندو آهي، خاص ڪري ديهه ٿي ويندو آهي ۽ هو ماڻهو
جو روپ پڻ اختيار ڪندو آهي سو ان شيش نانگ کي جوڳين بيوس ڪري جهلڻ لاءِ گهيرو ڪيو
ته نانگ اتان ڀڄي نڪتو ۽ جتان جتان مَٽيو اتان اتان گوني ڦاٽ ٺهيو، اهي ور وڪڙ
گولايون ان نانگ جون آهن.هن گونيءَ لاءِ اهو به سوڻ آهي ته هي هر سال ۽ ٻئي سال ڪناري
جي بستين مان هڪ ماڻهو ضرور کڻندي آهي.يعني ٻوڙيندي آهي، گونيءَ لاءِ هي به ڪٿا
آهي ته هي ڪڏهن به پنهنجي ڪنارن کان ڪا بستي نه ٻوڙيندي. گونيءَ جا ٻئي ڪپ الله جي
عاشقن جا ابدي آرام گاه به آهن، هر ور وڪڙ ۽ پيچ تي ڪنهن نه ڪنهن ولي يا درويش جو
آستانو ضرور آهي، گنجو ٽڪر آهي ئي ولين جي من جو، جتي مشهور مجذوب شيخ ڀريو ويرداس
وفات ۹۰۳ هه دفن آهي. حديقته الاولياءَ
جي مصنف کي هن ئي درويش کان اسحاق آهنگرجو چيل اهو تاريخي سنڌي پهريون (آڳاٽو) بيت
“ٿيان مان جهرڪ ويهان پرينءَ جي سپ تي”...... مليو هو. ان کان علاوه اتي سائين
نهال شاه مداري، نورائي وٽ شيخ اسماعيل قادري ۽ علي اصغر شاهه جيلاني، ٽنڊو
سائينداد واري ور ۾ هالو پير، تاجن شاهه، درن واري پل وٽ سائين حاجي شاه، ٽنڊو
محمد خان واري ڪپ تي سائين جمن شاه ۽ ٿورو هيٺ بهرام شاهه وري ماتليءَ لڳ بخاري
بادشاهه جهڙا مجذوب ۽ الله جا ولي آرامي آهن. گوني لاڙ جي ته سڏجي ئي سونهن راڻي، ٽنڊو
محمد خان ۽ ماتلي شهر ته قائم ئي سندس دم سان آهن، انهن ٻنهي شهرن جي وچ مان ، ڪنهن
سهاڳڻ جي سر جي سينڌ جيان، سنڌ ڏئي ٽلندي ۽ ٽُلهندي ٿي وڃي. گوني وهڻ ۾ پروقار ۽ ڏسڻ
۾ سانيتڪي، پر هن جي اندر جي اونهن ڪُنن، گهيرن ۽ گردابن جي دهشت اڄ به قائم
آهي.هن گونيءَ ۾ اٺ (۸) وڏا ڪُن
آهن، جن مان ٻن ڪُنن جي دهشت ۽ هاڃيڪارين جا قصا لوڪ ۾ مشهور آهن. ۱) حيدرآباد جي ڀرسان گهانگهرا موري وٽ، “ناريجن جو ڪُن” جنهن جي گهيرن، چڪرن
۽ اوچتي ڇڪ کان ٻيڙياتا هميشهه خير خيرات ڏئي ، باسون باسي پوءِ مٽيندا هئا. هن ئي
ڪُن ۾ ۱۹۳۰ ڌاري هڪ
مسافر بردار ٻيڙي غرق ٿي هئي،جنهن ۾ سٺ زندگيون اجل جو شڪار ٿي ويون هيون. ۲) ٽنڊو محمد خان کان هيٺ نظر پور وارو دهشتناڪ ڪُن آبڪلاڻيءَ ۾ جنهن جا
گهيرا ۽ ڪڙڪا پري کان ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، ان کان سواءِ نهال شاهه جو ڪُن، کٿڙ کان ٿورو
اڳتي برهان شاهه جو ڪُن، سيريءَ جو ڪُن، نورائي وارو ڪُن، ماتلي شهر کان اوريان واڻيي
جو ڪُن ۽ لوهارن جو ڪُن مشهور آهن.
ٽنڊو
محمد خان، گوني ڦاٽ جي ٻنهي ڪنارن تي آباد، لاڙ جي هن مشهور شهر جو بنياد ميرن جي
صاحبيءَ جي پهرين چؤياري ۱۷۸۳ کا۱۸۳۳) واري سمي ۾ مير محمد خان شهواڻي سن ۱۷۹۱ع ۾ وڌو جيڪو جلد ئي پنهنجي سرسبز خطي، سهڻن باغن۽ چانورن جي ڪاشت ۽ واپار
جي ڪري مشهور ٿي ويو، تعمير جي ارڙهين سال انگريز محقق ڪرنل هينري پاٽيجرس سن ۱۸۰۹ ۾ هتي آيو ۽ شهر جو اوج ڏسي حيران ٿي ويو.پنهنجي تاريخ ۾ ذڪر ڪيائين ته ٽنڊو
محمد خان لاڙ جو سکيو ستابو شهر آهي، جنهن مان شهر جي مالڪ ٽالپر حاڪم مير سلطان
علي خان کي ساليانو ۵ لک
روپيه آمدني ملي ٿي. ٽنڊو محمد خان جا انب، مربا ۽ پينهون سڄي سنڌ ۾ واکاڻيل هئا، ٽنڊو
محمد خان ديسي چانورن جو مرڪز هو ۽ هتان جو گيهه ٻين شهرن لاءِ ويندو هو. انگريزن
جڏهن ۱۸۴۳ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ۽ ٽالپر حاڪمن
کي قيد ڪري بمبئي موڪليو ته مير ٽالپرن جي ديرن کي به حيدرآباد مان ٻاهر نڪرڻ جو حڪم
ڏنو. تڏهن مرزا خسرو بيگ(مرزا قليچ بيگ جو ڏاڏو) شاهي ديرن کي راتو رات گوني ڦاٽ
ذريعي وڌي اچي ٽنڊو محمد خان سان لڳ ٽنڊو سائينداد ۾ رهايو هو. ٽنڊو محمد خان هڪ
تاريخي ماڳ ۽ مقام جو شهر آهي، جنهن جي اوڀر ۾ راءِ گهراڻي جو قديمي ۽ تاريخي شهر
اگهم ڪوٽ يا اگهاماڻو جا آثار موجوده چمبڙ شهر جي ڀر م اڄ به آهن.، جتان ئي ان
زماني ۾ وهندڙ درياءَ جي تاريخي تڙ “ جهم جو تڙ” وٽان غازي محمد بن قاسم لشڪر ٽپائي
دراوڙ جي قلعي وٽ راجا ڏاهر کي فيصله ڪن شڪست ڏئي سوڀ ماڻي هئي، ان کا ن سواءِ
نورائي وٽ ٻڌ زماني جي ڏيوري ۾ سومرا دؤر جو قبرستان ۽ اولهه ۾ ٻڌي ٽڪر هتي جا
قديمي اهڃاڻ آهن لاڙ جو ڀاڳ ۽ بخت به ٽنڊو محمد خان آهي، جتي ۱۹۶۰ ع ۾ ان وقت جي صدر ايوب خان فوجي شوگر مل قائم ڪري لاڙ جي ترقي ۽
خوشحاليءَ جو در کوليو، اڄ هتي ۵ شوگر
ملون آهن آهن ۽ زرعي شعبي ۾ ٽنڊو محمد خان شوگر ڪين اسٽيٽ ليکجي ٿي، ان کان علاوه
هتان ڪيترن ئي هنڌان تيل ۽ گيس به نڪري رهي آهي. اڄ به هي شهر اهڙو ئي اپت وارو ۽
زرخيز آهي، جهڙو آڳاٽي دؤر ۾ هو. اهو ئي گوني ڦاٽ ۽ ان جا سرسبز شاداب ڪنارا ۽
تاريخ جا ڦيرا جو اڄ به هن شهر جو بنياد وجهندڙ حاڪم جو اولاد ئي ان شهر جو ناظم
آهي.
(ڪاليج
مئگزين جوت ٽنڊو محمد خان جي ٿورن سان)
Comments
Post a Comment