مڪلي
تاريخي پسمنظر
حافظ عبدالستار ڪوريجو
دهشلا
اپاکيان (حصو) ڏهين صدي عيسوي يا ان کان به گهڻو اڳ هڪ تاريخي ڪتاب هندواڻي ٻولي
(سنڌي سنسڪرت) تان عربي ٻوليءَ ڪوفي لپيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو هو. ترجمو ڪندڙ ابو
صالح بن شعيب بن جامي آهي، جنھن سنڌي سنسڪرت تان ترجمي جي تاريخ ڪانه ڄاڻائي آهي ۱۰۲۶ع ۾ ابوالحسن علي بن محمد الجبلتيء، جيڪو جرجان ۾ ڪنھن پستڪاله (لائبريري) جو
سنڀاليندڙ هو، تنھن ديلماتيDilmati سپھ باد لاء نسخ (فارسي)
۾ ترجمو ڪيو هو. ان تان ئي هڪ ٻئي ليکڪ، جنھن جي نالي جي ڄاڻ ڪانهي، تنھن بعد جي
فارسي نستعليق ۾ “مجمل التواريخ” نالي سان ترجمو ۱۱۲۶ع ۾ ڪيو. هتي ان پوئين ڪتاب سان ئي واسطو آهي، جنھن جي اول اول ڄاڻ شري
ايم ريناڊ M. Reynaud ڏني، جنھن ان ڪتاب جا
ڪي ٽڪرا ڪڍي فرينچ ۾ ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرا ڪيا. جنھن تي ٻن ٽن ودوانن ليک به
لکيا هئا. هيءَ اٽڪل ۱۸۵۰ع ۽ ان
کان ٿورو اڳ جي ڳالهه آهي. ويجهڙائي ۾ (جون ۱۹۴۱ع ڌاري ريناڊ جي فرينچ تان ڊيڪن ڪاليج (پونا) جي شري هرش، انگريزيءَ ۾
ترجمو ڪري ڇپيو هو.
وري
جولاءِ ۱۹۵۸ع تي شري سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ
اتان پريرڻا پائي، مول فرينچ ۽ مول فارسي جي سھاري هڪ ليک، ان تي جدا لکيو هو. سري
سنيتي ڪمار جي ئي انگريز جو هو بھو ترجو ساڳئي وقت هنديءَ ۾ ڇپيو هو.
هي ڪتاب
ليکڪ جي ڪتاب جو پھريون باب آهي، جيڪو هن سنسار جي اتھاس تي لکيو، تنھن ۾ هي ان
مول عربيءَ وارو ترجو جوڙيو ٿو ڏسجي. اهو عربي مان ٿيل ترجمو ڪنھن سنسڪرت ۾ لکيل ڪتاب
جو ترجمو آهي. هاڻي اهو ڄاڻي عجب ٿو لڳي ته ويجهي دور تائين به ڀارت جو اتھاس ان
طرح ويندو هو. ليکڪ مھاڀارت جي مٿئين “سنڌي راڻي دهشلا اپاکيان” کان وٺي لڳ ڀڳ گپت
گهراڻي تائين جو اتھاس لکيو آهي، جو نه
پورو شڌ آهي نه ئي اتھاس. ڪنھن ٻُڌل روايت کي ڪنھن سان ٺھڪائي ملائي مڙئي سنڌ جي
نالي سان اتھاس لکيو ويو آهي. ان بعد ٻيو ڪجهه به آهي ۽ اسين هي سڀ اليٽ ڊاؤسن جي
اتھاس تان هتي ڏيئي رهيا آهيون. ان موجب:
“جت ۽ ميد
هام جي ونش (نسل) مان آهن. اهي سنڌوندي جي ڪناري تي رهندا آهن جنھن کي بحر چوندا
آهن. عرب هندن کي جاٽ چوندا آهن. ميد زور وارا هئا جتن (جاٽن) کي ڏاڍو تنگ ڪندا
هئا، جنھن ڪري لاچار هو لڏو کڻي پاهن؟ نديءَ جي پار هليا ويا، پر ٻيڙين جي استعمال
ڪرڻ جي ڪري هو ندي پار ڪري ميدن تي حملا ڪندا هئا، جيڪي رڍون پاليندا هئا. چون ٿا
ته ان طرح جتن ميدن کي هيڻو ڪري ڇڏيو، ڪيترن کي ماري ڇڏيو ۽ سندن ملڪ لٽي تاوان ڪري
ڇڏيو. ان طرح ميد جتن جا ماتحت ٿي ويا.
جتن جي
هڪ پرئي مڙس (ميدن جي درگتي ڏسي) پنھنجي قبيلي (Tribe)
کي چيو ته اها سوڀ دائمي ڪانهي، ڪو وقت هو جو ميد توهان
کي پريشان ڪندا هئا، هاڻ توهان ٿا ڪريو. ان ڪري صلح شانتيءَ ۾ رهو ته سٺو. ٻنھي ڌرين
کي صلاح ڏنائين ته پنھنجا ڪي چڱا مڙس راجا Dahrat
درت راشٽر جي پٽ دريوڌنDarjushan
وٽ
موڪليو ۽ گهر ڪريو ته ڪو راجا موڪلي جنھن جي ماتحت ٻئي ڌريون رهن. هنن ايئن ڪيو ۽
راجا دريوڌن پنھنجي ڀيڻ دهشلاDassal شڪستي شالي راجا جيدرٿJadrat
جي
پتني (زال) کي جتن ۽ ميدن مٿان شاسڪ (حاڪم) مقرر ڪيو. دهشلا وڃي سنڌ ديش ۽ شھرن جي
اختياري سنڀالي. جن مڙني جو وچور ۽ راڻيءَ جي لياقت، سياڻپWisdom
جو
وچور سان ورڻن مؤل گرنهٿ ۾ آهي پر باوجود ان جي يوگيتا ۽ وڏائي Greatness، شاهوڪاري ۽ حيثيت، دٻدٻيDignity جي، ملڪ ۾ ڪوبه براهمڻ يا
بزرگ ڪونه هو، جنھن ڪري هن پنھنجي ڀاءُ کي هڪ چٺي موڪلي ۽ سھايتا لاءِ نويدن (عرض)
ڪيو. جنھن سڄي ڀارت مان ۳۰ هزار
براهمڻ ڪٺا ڪري، مال سامان سوڌو پنھنجي ڀيڻ ڏانھن موڪليا. ان باري ۾ وستار (احوال)
مؤل گرنٿ ۾ آهي.
ٿوري
وقت ۾ سنڌ سائو آباد ٿي، جنھن جو سمورو ورڻن نديون، شھر وغيره سڀ اتي ڏنل آهن. راڻيءَ
جي گاديءَ جو هنڌ اسڪلندAskaland ۾ هو. هن ديش جو ٿورو حصو
جتن کي ڏنو ۽ اتي سندن پريو مڙس شاسڪ (حاڪم) ڪري رکيو جنھن جو نالو (جؤدرت؟) هو.
ساڳئي طرح ميدن لاءِ به ڪيو. هيءَ راجائي اٽڪل ۱۵ هزار سالن تائين هلي. ان کانپوءِ ڀارت ونشين هن ديش تان قبضو وڃايو.
مھاڀارت
يڌ کان اڳ ڪوٽن، قلعن يا محلن جي ٺھرائڻ جو بيان:
بيان-۱: مھاڀارت يڌ (جنگ) کان اڳ شري ڪرشن جي صلاح سان پانڊؤن، ديوتائن جي راجا
اندر کان سندس وڏو انجنيئر نالي “وشوڪرما” گهرايو. جنھن کين هڪ عاليشان ۽ مضبوط
شھر ٺاهي ڏنو. ان جي تحفظ ۽ سلامتيءَ لاءِچؤگرد هڪ ٿلهي مضبوط ديوار ٺاهيائين.
جنھن تي ڪئين توپون ۽ پٿر اڇلائڻ جون ڪلون رکيل هيون. قلعي جي ٻاهران هڪ اونهي
کاهي کوٽيل هئي. جيڪا سدائين پاڻيءَ سان ڀريل رهندي هئي. مطلب ته پھريدارن جي
اجازت کانسواءِ ڪنھن به ماڻهوءَ يا مرونءَ جو شھر ۾ داخل ٿيڻ ناممڪن هو. شھر جي اندر
عاليشان عمارتون ۽ محل، بازاريون ۽ باغيچا، تلاءَ ۽ کوهه هئا. راجا اندر جي ڏنل ڪاريگر
اهو شھر سرڳ سمان (جنت نما) ٺاهيو، تنھنڪري ان جو نالو رکيائين “اندر پرست”.
پانڊؤن
“اندر پرست” کي راڄڌاني بڻائي ملڪ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙڻ لڳا. ڪجهه عرصي
۾ “اندر پرست” جو نالوڏيھان ڏيھه مشھور ٿيندو ويو. اهڙي عاليشان درٻار ۾ هيرن
جواهرن سان جڙيل تخت تي ويھي پانڊؤ ڏاڍي دٻدٻي سان راڄ جو ڪاروبار هلائڻ لڳا.
بيان-۲: هن طرح آهي ته پانڊؤن جي راڄڌانيءَ
۾ “کانڊؤن بن” نالي هڪ وڏو جهنگل هو، جتي وقت جا ڌاڙيل، رهزن، لٽيرا ۽ چور، ماڻهن
جو مال کڻي اچي لڪندا هئا. ارجن ۽ شري ڪرشن سڌ پوڻ تي ان جهنگل کي باهه ڏياري. ان
بن (جهنگل) ۾ ميه دانو نالي هڪ هوشيار ڪاريگر رهندو هو، اهو اچي ارجن وٽ پيش پيو،
ارجن ان کي جيئندان ڏنو.
ميه
دانؤ، شري ڪرشن ۽ ارجن کي عرض ڪيو ته توهان مونکي جيئندان ڏنو آهي. مان هڪ وڏو
هوشيار ڪاريگر آهيان، حڪم ڪيو ته مان توهان کي پنھنجي ڪاريگريءَ جو ڪم ڏيکاريان.
ان کي چيو ويو ته هڪ اهڙو عاليشان محل ۽ درٻار هال ٺاهه، جنھن جھڙو دنيا ۾ ٻيو ڪٿي
به نه هجي.
اهو ٻڌي
ميه دانو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ اندر پرست مان اٺ هزار مزور گهوڙا ۽ خچر وٺي هماليه جي
بند سرو وَر جي ڪنٺيءَ تان اڇو ۽ رنگين سنگمرمر، رنگين رتن، ماڻڪ ۽ چمڪندڙ پٿرن جا
ڍير، سون چانديءَ جا وڏا وڏا ٽڪر ۽ ٻيو اڪيچار سامان کڻائي، آيو ۽ کانڊؤ پرسٿ ۾
محلات ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيائين. هو هماليه مان هڪ ڳري گدا ۽ ديو دوت نالي شنکه به کڻي
آيو. ان تجلي دار گدا ۾ سون جي چٽساليءَ ۾ رتن جڙيل هئا، جيڪا هن ڀهيمسن کي ڏني.
ديو دوت نالي شنکه هن ارجن کي ڏنو، جنھن جي ڳنڀير گرجنا دليون ڏهڪائيندڙ ۽ ٿرٿلائيندڙ
هئي.
چوڏهن
مھينن جي هزارين ڪاريگرن جي لڳاتار محنت کانپوءِ ميه دانؤ، راجا يڌشٽر وٽ اچي عرض ڪيو
ته سڀئي هلي نئون محل ڏسن. سڀئي پانڊؤ پنھنجين راڻين سميت نئون محل ڏسڻ آيا. جنھن
جي ڀتين تي سون چانديءَ سان قدرتي نظارن واريون سندر تصويرون هيون. جن ۾ رنگين پٿر،
ماڻڪ ۽ پيروز جڙيل هئا. جيڪي جڳمڳ ڪري رها هئا. محل ۾ نرمل جل (پاڻيءَ) جي ننڍڙي
نھر پيئي وهي، تنھن جي خوشبودار پاڻيءَ روح کي راحت ۽ فرحت پئي ڏني. نھر ۾ سچا ۽ هٿرادو
ڪنول جا گل ٽڙيل هئا، پر پتو نه پيو پوي ته اصلي ۽ نقلي ڪھڙا آهن. اهو محل اهڙي ته
ڪرامتي ڪاريگريءَ سان ٺھيل هو جو سڀئي ميه دانؤ جو ڪمال ڏسي وائڙا ٿي ويا ۽ سندس
ساراهه ڪرڻ لڳا. يڌشٽر ميه دانؤَ کي بيشمار انعام اڪرام ڏيئي شاهوڪار بڻائي ڇڏيو.
مذڪوره
ٻنهي بيانن جو حاصل مطلب هي آهي ته جبلن تان گهربل وڏا وڏا پٿر آڻي، گهڙي ٺاهي،
درست ڪري، عمارتن ٺاهڻ جو رواج اسان کي مھاڀارت واري دور کان به اڳ ملي ٿو. ديوار
اندر تحفظ ۽ سلامتيءَ لاءِ برج ۽ مارا به ملن ٿا. جن جي ذريعي دشمنن مٿان منجنيقن
يا توپن ذريعي پٿر اڇلائڻ لاءِ يعني ڪَلُنِ وغيره جي بھترين انتظام هئڻ جو ڏس به
ان دور ۾ ملي ٿو.
ملڪه
محترمه “راڻي دهشلا ڪورؤ” سنڌ ملڪ جي حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ ان کي مضبوط ۽ مثالي بڻائڻ
لاءِ وقت جي سيبتن ۽ سياڻن ماڻهن سان صلاح ڪيائين، جيئن ته مٿي بيان ڪيل ڪوٽ، قلعا
۽ محل راڻي دهشلا ڪورؤ جي سؤٽن يعني پانڊؤن جوڙايا هئا جن کان راڻي متاثر ٿي
پنھنجي ملڪ سنڌ اندر کيرٿر جبلن جي ڪلهن تي عاليشان ۽ لازوال قلعي نما شھر پٿرن
سان جوڙائي، پنھنجو ۽ سنڌ ملڪ جو نالو دنيا ۾ امر ڪري ڇڏيو.
رني ڪوٽ
جي نالي بابت تحقيق:
ڪتاب
“دنيا جي قديم عجائبات منجهان هڪ عجوبو رني ڪوٽ يا راني ڪوٽ” ص:۷۰ موجب “رني ڪوٽ” جو اصل نالو “راني
ڪوٽ” آهي. اهو ڪوٽ “راني دهسلا/دهشلا ڪورو” جو اڏايل آهي جيڪو مھاڀارت جنگ کان اڳ
جو جوڙايل آهي.
“راني” لفظ
هندي اسم مؤنث معنى اٿس راجا جي زال، ملڪه، هندو عورتن جي نالي سان خطاب طور ڪم
ايندڙ لفظ.
“ڪوٽ” لفظ
هندي اسم مذڪر معنى اٿس قلعه، حصار، ڳڙهه، شھر جي پناهه، چار ديواري.
“ڪوٽ” لفظ
سنسڪرت، اسم مذڪر معنا اٿس ڳڙهه، لشڪر رکڻ ۽ بچاءِ لاءِ ڏنل وڏي ڀت، قلعو، چار
ديواري، بادشاهن جي رهڻ جو وڏو محلات.
قديم
زماني کان وٺي اچارڻ ڪري “راني ڪوٽ” لفظ مان “الف” حروفِ علت حذف ٿيڻ کانپوءِ “رني
ڪوٽ” لفظ مشھور ٿي ويو.
رني ڪوٽ
يا نيئرون ڪوٽ:
پھريون
نالو: “راني ڪوٽ” پوءِ بڻيو “رني ڪوٽ”.
ليکڪن
ان جو ٻيو نالو “نيرون ڪوٽ” لکيو جيڪو اصل ۾ هن طرح آهي:
نئن +
رني + ڪوٽ:
پوءِ بڻيو: نئن
+ رني + ڪوٽ
۽ آخر ۾ بڻيو:
نئن + رون + ڪوٽ
يعني نئرون ڪوٽ.
پوءِ
اهو نالو پرڳڻي طور مشھور ٿي ويو پر قلعي جو اڄ به اهو قديمي نالو راني ڪوٽ “رني ڪوٽ”
قائم آهي.
ان ڪوٽ
اندر وهندڙ نئن کي “نئن رني” سڏيو وڃي ٿو. پر قلعي ۾ داخل ٿيڻ وقت نئن کي “نئن
موهن” ۽ قلعي کان ٻاهر نڪرڻ وقت کيس “نئن سن” سڏيو وڃي ٿو. ان مان ظاهر ٿيو ته
قلعي تي نالو اصل “نئن” جي ڪري پيل نه آهي بلڪه “نئن” تي نالو قلعي راني (رني) جي ڪري
مشھور آهي. ڇاڪاڻ ته “نئن” جو قلعي ۾ داخل ٿيڻ وقت نالو هڪڙو، قلعي جي اندر ٻيو ته
قلعي کان نڪرڻ وقت نالو ٽيون آهي.
تاريخي
روءِ سان سڪندر اعظم وقت سيوهڻ جو حاڪم راجا سامبس (راجا سمو) سندس لقب ڄام هو.
راجا چچ جي وقت چچنامو ص:۸۰ موجب،
رني ڪوٽ قلعي ۽ علائقي جي گاديءَ جو هنڌ ڪاڪا راڄ (ڪنراڄ) هو ۽ حاڪم جو نالو بسرڪونڌ
بن ڀنڊار ڪورهڪو (ڪورهه جو، ڪوريجو) هو.
محمد بن قاسم جي وقت اِن ئي قلعي جو حاڪم شمني (سماني) ڄام چيل آهي. ڪتاب “ٻيلائين
جا ٻول” ۽ ڪتاب “سنڌي جنگنامه” ۾ رني ڪوٽ جي اولهه طرف هن ويجهي دؤر تائين ڪاڪا راڄ-
ڪنراڄ علائقي جا سردار ۱۷۴۲ع
تائين لسٻيلي جا ڪوريجا ڄام رهيا آهن.
ڪتاب
“سنڌو سؤ وير”اٽڪل ص:۲۵۱ ايرين
جي لکت موجب، “موافق هوائن وقت سڪندر اعظم جو ٻيڙو روانو ٿيو. بندر کان روانو ٿي هڪ
ڏينھن جي سفر (۽ اٽڪل سئو اسٽيڊيا مفاصلو طئه ڪرڻ) کانپوءِ سنڌو جي اسٽوراStoura
نالي
کاري ۾ لنگر هنيو، جتي ٻه ڏينھن رهيا. ٽئين ڏينھن وري روانا ٿيا. پر گهڻو نه وڌي
سگهيا، فقط ۲۰ کن اسٽيڊيا
هلڻ کانپوءِ ٻي کاريءَ وٽ پھتا جتي جو پاڻي کارو هو، جو سمنڊ جي وير ڪري اهو پاڻي
اچي ندي سان گڏجندو هو. ان هنڌ جو نالو ڪؤمنKaumana
هو.
ٻئي ڏينھن به ۲۰ اسٽيڊيا
هلي ڪورياٽسKoreatis پھتا، جتي وري لنگر هنيائون. وري وڌڻ تي اڳيان رنڊڪ آين جا سنڌوءَ
جي منھن کي پئي آڏو ٿي ۽ ڇوليون ڏاڍي ڌم سان آواز ڪري پئي ٽڪريون. هڪ هنڌ ڏٺائون
ته اها آڏ ڪجهه نرم آهي، ان ڪري اتي وير لھڻ وقت ۵ اسٽيڊيا جيترو ٽڪو ڏيئي ڇڏيائون. جڏهن وري وير آئي ته سندن سڄو آرماڙ ان لھر
۾ لڙهي وڃي کلئي سمنڊ ۾ ٿيو. پوءِ وروڪڙ وارو رستو ۱۲۰ اسٽيڊيا طئه ڪري اچي ريتيلي ٻيٽاري ڪروڪلاKrokala
تي
پھتا. ٻئي ڏينھن تائين اتي ترسيا. ان جي ئي ويجهڙائيءَ ۾ ارابيس جو ديش هو. ڪروڪلا
(ڪلان ڪوٽ) کان هلڻ تي ساڄي هٿ تي کين ايروسEiros جو پھاڙ سامھون هو ۽ کاٻي
طرف سمنڊ جي سنوت تي هڪ سڌو ٻيٽ، سو به مکيه زمين جي ويجهو هو، جنھن ڪري وچ وارو
رستو تمام سوڙهو هو. ان کي صاف ڪري ٻئي محفوظ پتڻharbour
تي
اچي لنگر هنيائون. اهو بندر (لنگهه) به ٻه اسٽيڊيا پري هڪ ٻيٽ ۾ محفوظ هو، جنھن کي
ببڪتBibakta ۽ ان جي پسگردائي کي سانگدSangada
چوندا
آهن. ان بندر کي اها ٻيٽاري سمنڊ جي جوش کي ٿڌو ڪري بچايو ويٺي هئي. هتي سخت هوائن
جي ڪري ۲۴ ڏينھن
رهيا. کاڌي لاءِ فقط مڇي ۽ پيئڻ لاءِ سمنڊ جو پاڻي هو.
چؤماسو
پورو ٿيڻ کانپوءِ ياترا آرنڀ ڪئي ۽ ۶۰ اسٽيڊيا
هلڻ بعد وارياسي ڪناري تي اچي لنگر کوڙيائون. جنھن جي ڀر ۾ سڄو ٻيٽ ڊومئيDomai
هو.
ٻئي ڏينھن اڳتي ۳۰۰ اسٽيڊيا
اڳتي سارنگSaranga لاءِ روانا ٿيا پر رات تائين اتي ڪونه پھتا. ان ڪري ڪناري تي لنگر
کوڙيائون جتي ۸ اسٽيڊيا
پري مٺو پاڻي ملين. سارنگ کان هلي ساڪلSakala پھتا، جيڪو سڃو هو. اتي لنگر هنيائون. اتان هلڻ کانپوءِ به ٽڪريون لڳو لڳ اڳيان
۽ ايترو ويجهو هيون جو ونجهه (چپو) به پئي انهن سان ٽڪريا. ۳۰۰ اسٽيڊيا هلڻ کانپوءِ مورونتوباراMorontobara وٽ اچي لنگر هنيائون. هتي
بند اونهو ۽ ڪشادو هو ۽ چوطرف محفوظ هو. پاڻي به ماٺو پر لنگهه سوڙهو هو، ان ڪري
زالن جو بندرWomen’s Haven چوندا آهن، جو اتي پھريون هڪ استري (عورت) راڄ ڪندي هئي. مورونتو بارا ۾
ترسيا ڪونه. ٻئي ڏينھن روانا ٿيا. رستي تي کاٻي طرف هڪ ٻيٽ هو جنھن کين سمنڊ کان
پناهه ڏني پر وچ ۾ ۷۰ اسٽيڊيا
سوڙهو لنگهه هو. ڪنارو ٻيلن سان ڀريل هو ۽ ٻيٽ ۾ هر قسم جا وڻ هئا. ۱۲۰ اسٽيڊيا کانپوءِ ارابيس ندي جي منھن وٽ اچي لنگر هنيائون. اهو سڄو ارابيس
ملڪ هو جيڪو ڀارت جي لوڪن جي آخري آبادي هو ۽ ان جي پرينءَ ڀر اوريتائيOreitai
لوڪ
رهندا هئا. (Mujumdar P.P 313-317)
سلجهاء:
مٿي بيان ڪيل الفاظ ڪروياٽس، (ڪروڪلا، ڪروڪالا) (ڪلان ڪوٽ) ماڳن جا نالا آهن وڌيڪ
هئ به ته يونانين جي لکتن ۾ لفظ “مورنتو بارا” ملي ٿو جنھن کي “زالاڻو بندر” چيل
آهي جو اتي هڪ استري (عورت) راڄ ڪندي هئي. تاريخي روءِ سان سڪندر يوناني کان گهڻو
اڳ سنڌ ملڪ مٿان “راڻي دهشلا ڪورؤ” جي حڪومت ثابت آهي. ان عورت راڻيءَ ۽ ان جي
قبيلي “ڪورؤ” جي نسبت سان قديم سنڌ سميت ڪراچيءَ جا مختلف نالا تاريخن ۾ درج آهن. ڪتاب
“ڪراچي سنڌ جي مارئي” ۾ ڪراچيءَ جا هيٺيان نالا ملن ٿا. ڪروڪالا، مورنتو بارا، درٻو،
سڪندري جنت، خوار الديبل، ڪڪرالو، ڪروڪل، ڪروڪالي، ڪائو ماره، ڪوره (ڪورا)، ڪراشر،
ڪراسٽي، ڪلاچو، ڪورنجي، ڪراچر، کوراچي، گهراچر، ڪراچر، داراجا،ڪوراچي، ڪلاچي ۽ ڪراچي
شامل آهن. اصل ۾ مٿيان گهڻا نالا ڪراچي جي مختلف حصن جا به آهن.
مذڪوره
ڪراچيءَ جي نالن سان گڏوگڏ ڪورنگي، ڪوري جو ڦاٽ، ڪوري جو نار پڻ “راني دهشلا ڪورؤ”
جي قبيلي طرف يقيناً دلالت ڪن ٿا.
مڪلي ٽڪريءَ
جي بيھڪ:
مڪلي
نامه ص:۲ موجب، “مڪلي” کيرٿر جبل جي هڪ
دور افتاده ٽڪريءَ جو ٽڪرو آهي.
هالار
جبل جي هڪ شاخ، جنھن جي ڀاڱن جا هيٺ تي ايندي مختلف نالا ٿيندا وڃن ٿا، يعني “ڪرؤ
جبل” ۽ ان جي شاخ ڏاڙهيارو ۽ ان جي شاخ کيرٿر، جتي اچي کٽي ٿي، اتي مُچي (گڏجڻ) جي
صورت اختيار ڪري ٿي. دادو ضلعي ۾ تونگ وٽ مچيءَ مان مختلف ننڍيون ننڍيون ٽَڪريون ڦٽي،
مختلف طرفن ڏانھن رخ رکن ٿيون. ڪانڀو رينج، سورجاڻو، هَمِليگ، دينار، ڪوهستان
رينج، لڪي رينج وغيره ئي انهن ڦٽي نڪتل شاخن جا نالا آهن. انهن شاخن مان ڪي مڪران
طرف وڃن ٿيون ۽ ڪن جو رخ سنڌ ۾ ڏکڻ ۽ اولهه طرف ٿئي ٿو. لڪي رينج جو اختتام ۽ ڪوهستان
رينج جي پڄاڻي اوڀر اتر وٽان اچي لڪيءَ جي سامھون ٿئي ٿي. نقشي مان معلوم ٿيندو ته
مڪلي، کيرٿر جبل جي هڪ بلڪل دور افتاده شاخ آهي، جيڪا اتر کان ساموئيءَ وٽان شروع ٿي
ڏکڻ طرف ٻارهن ميل هلي، ڪلان ڪوٽ (اصل ڪراڪوٽ) وٽان ٿيندي، پير پٺي تي ختم ٿئي ٿي.
هالار
جبل جون جيڪي شاخون سنڌ ڇڏي بلوچستان طرف وڃن ٿيون، انهن مان هاڙهو، پٻ ۽ هنگور
وغيره آهن، جن جو (موجوده) سنڌ سان ڪوبه تعلق ڪونه آهي، ۽ نه وري جيئن مير علي شير
جو خيال آهي “مڪلي” انهن جي شاخ ٿي سگهي ٿي.
مڪلي
نامه ص:۳ موجب، روايت مشھور آهي ته،
انهيءَ ٽڪريءَ تي سوا لک اولياء الله ۽ رب پاڪ جا برگزيده ٻانها مدفون آهن، ۽ وڏي
خير برڪت ۽ انوار الاهيءَ جو مظھر، اها پھاڙي آهي. نه فقط اهو بلڪ سنڌ جي ڇھن سون
ورهين جي تاريخ انهيءَ ٽڪريءَ جي پيٽ ۾ آهي. بادشاهه، حاڪم، وزير، امير، شاعر،
اديب، مصنف، ملڪي خواهه غير ملڪي- انهن مقبرن، رانئڪن، روضن، هديرن ۽ قبرن ۾ ستل
آهن،جن جو سلسلو اسان کي ٻارهن ميلن ۾ اتر کان ڏکڻ تائين مسلسل نظر اچي ٿو. مقبرن
جي عجيب غريب بناوت، پٿر تي خطاطي ۽ گلڪاريءَ جي نادر نمونن ۽رانئڪن خواهه قبرن جي
مختلف نمونن ۽ ڪمال سبب، اهڙي مدفن گاهه جو مثال سموريءَ دنيا ۾ ملڻ مشڪل آهي. ان
کانسواءِ ڀلن سان گڏ برا، بادشاهن سان گڏ فقير، اميرن سان گڏ غريب، ظالمن سان گڏ
مظلوم، راعيءَ سان گڏ رعيت ۽ راجا سان گڏ پرجا، انهيءَ پھاڙ تي پوريل روزِ جزا جي
انتظار ۾ آهن.
مڪليءَ
تي اِهو نالو ڪيئن پيو؟
مڪليءَ
جو نالو انهيءَ ٽڪري تي ڪيئن پيو؟ ان جي صحيح ۽ اطمينان بخش تحقيق ڪانه آهي. “تحفة
الڪرام” جي روايت مطابق، هڪ بزرگ حج تي ويندي، انهيءَ ٽڪريءَ تي اچي مقيم ٿيو، رات
جو ڪو خواب ڏٺائين، ان مان ڇرڪ ڀري جڏهن اٿيو ته سندس زبان تي “هذا مکة لي” جو
فقرو جاري هيو يعني “هي منھنجي لاءِ مهڪھ آهي! هي منھنجي لاءِ مڪھ آهي!” انهيءَ
بزرگ جو اهو فقرو ايتريقدر مشھور ٿي ويو، جو عوام جي زبان تي عام ٿي، آخر “مڪلي”
جي تخفيف ٿيل صورت اختيار ڪري چڪو. ٻي روايت موجب، (مڪليءَ نالي) هڪ پاڪباز ۽
زاهده عابده مائي فوت ٿيڻ بعد، انهيءَ ٽڪريءَ تي دفن ٿي، جنھن جي مزار سان متصل
شيخ حماد جماليءَ پنھنجي جامع مسجد ٺھرائي. انهيءَ مائي جي نالي پٺيان ٽڪريءَ جو
نالو شيخ حماد “مڪة لي” رکيو ۽ اهو مشھور ٿي “مڪلي” ٿي ويو. مسجد جامع جي عين
محراب سان متصل انهيءَ مائيءَ جي زبون ٿيل مزار موجود آهي. راقم الحروف جي تحقيق
موجب، تحفة الڪرام جو پھريون حوالو مسلمانن طرفان مڪي پاڪ سان صرف مذهبي عقيدت جي
نسبت سان جوڙيل ٿو ڀائنجي. هونئن به قديم سنڌ جي تاريخ ۽ سنڌي قوم جي وجود کي
مذهبي آڙ ۾ تمام گهڻو ڇيهو رسايو ويو آهي، جنھنڪري تاريخي روءِ سان مٿيون حوالو
فرضي ۽ مهنَ گهڙت ٺاهيل ٿو ڀائنجي.
باقي ٻئي
حوالي ۾هڪ قبر مڪلي نالي سان، ٽڪري تي اڏايل مسجد جي محراب پويان پاڪدامن، الله
واري عورت جي دفن ٿيڻ جي حوالي سان بيان ڪيل آهي. اها قبر قديم سنڌ جي حڪمران
“پھرين راڻي دهشلا ڪورؤ” جي هجي! ڪراچي وارو ليک، زالاڻو بندر ۽ هڪ عورت جي حڪمراني
پڻ هن ڏس ۾ اسان جي واهر ڪري ٿو.
راڻي
دهشلا ڪورؤ کي تاريخي روءِ سان شڪستي شالي (وڏي طاقت واري) هڪ بھترين منظم حڪمران
عورت طور پيش ڪيو ويو آهي. جنھن سنڌ ملڪ جي “جتن ۽ ميدن” مٿان ڪنٽرول ڪري امن امان
قائم ڪيو ۽ سنڌ ملڪ ۾ تعليم جي کوٽ محسوس ڪري ٽيهه هزار برهمڻ گهرائي صحيح تعليم
جو سلسلو جاري فرمايو. سنڌ جي بچاءَ ۽ تحفظ واسطي قلعه بندي جي عمارتسازي واري فن
۾ “دنيا جي قديم عجائبات منجهان هڪ عجوبو رني ڪوٽ يا راني ڪوٽ” سَنَ شھر کان اولهه
طرف کيرٿر جبل جي ڪلهن تي پٿرن سان ٺھرايو.
راني
دهشلا ڪورؤ جي اڏايل “رني ڪوٽ يا راني ڪوٽ” ۽ “مڪلي ٽڪري” تي رهائش سبب، قلعي ڏانھن
اچڻ وڃڻ واري سفر دوران وچ ۾ منزل انداز ٿيڻ سبب رستي ۾ تعلقي مانجهند ۾ ڪوهستاني
پٽي ۾ اڄ به “ديهه ڪوريجاڻي” جي نالي سان ماڳ موجود آهي. جتي شاهه اويس ڪرني (ڪراڻي-
ڪوراڻي) جي نالي سان هڪ درگاهه قائم آهي جنھن کي پڻ متبرڪ ۽ محترم سمجهيو ويندو
آهي.
رني ڪوٽ
يا راني ڪوٽ کانسواءِ ٻيا ڪوٽ به آهن هڪ گورک هل اسٽيشن ڏانھن وڃڻ واري رستي طرف
کيرٿر جبل جي ڀر ۾ “ڪراڪوٽ” جنھن کي ڪن ليکڪن “ڪاراڪوٽ” لکيو آهي ٻيو مڪلي ٽڪري جي
ڏاکڻي ڇيڙي تي ڪلاڪوٽ (ڪراڪوٽ) اهي ڪوٽ ۽ پڻ ان ئي علائقي ۾ سانڪوره (ساڪرو) شھر پڻ
راڻي جي عظمت ۽ سندس قبيلي جو سنڌ ۾ قديمي وجود ٻڌائين ٿا. ان کانسواءِ ٽٺي شھر ڀرسان
مڪلي ٽڪريءَ جي بلڪل اترئين ڇيڙي تي “سما نگر، ساموئي” (ڪورا سما- ڪوراجا سما) ڄامن
جو شھر يادگار طور تاريخ ۾درج آهن. ان شھرکي غير محقق مؤرخن غلطيءَ سان “يادؤ سما”
لفظ سان لکي ڇڏيو آهي جنھن جي وضاحت پنھنجي وقت تي ڪئي ويندي.مٿئين سموري وضاحت
کانپوءِ سنڌ جي “پھرين حڪمران راڻي دهشلا ڪورو” جي مذڪوره پرفزا ٽڪريءَ تي رهائش ۽
وفات بعد کيس انهيءَ ٽڪري تي دفن ڪيو ڪيو ويو. سندس اعلى ڪارنامن ۽ وڏي عزت جي ڪري
ان ٽڪري کي به مقدس ۽ متبرڪ سمجهيو ويو، پوءِ ان ٽڪريءَ جو نالو “مھا ڪوري” پئجي
ويو جيڪو بگڙجي “مھا ڪولي” بڻيو ۽ اختصار طور “مهڪُلِي”مشھور ٿيو. اهو ئي سبب آهي
جو تحفة الڪرام ۾، مير علي شير قانع جي ڏنل حوالي موجب، “مڪلي ٽڪري” جي نالي جي نسبت
پراڻي وقت کان وٺي هڪ معزز، پاڪدامن ۽ الله پاڪ ڏانھن مائل پرهيزگار عورت سان
وابسته قصن ۽ ڪھاڻين طور مشھور رهندي آئي آهي.
مڪليءَ جا تاريخي
ماڳ
عنايت الله کٽياڻ
هي منظر به ڏاڍو دلڪش ۽ دلفريب محسوس ٿيو ۽ مون
کي هن ڪوٽ جي تعريف ۾ مير علي شير قانع جي
ڪتاب ”مڪلي نامه“ ۾ لکيل خوبصورت تشبيهون ۽ منظر ڪشي ياد اچي ويئي. مير صاحب هن ڪوٽ
لاءَ لکي ٿو ته هيٺان کان ڪوٽ جا برج ڏسجن ٿا ته اهي آسمان سان ڳالهيون ڪندي نظر اچن
ٿا ۽ ڪوٽ جي ديوار يا برجن کان ڪوٽ جي ٻاهران ڍنڍ جو دلڪش نظارو ۽ ساوا ساوا باغات،
جنت جو منظر نظر اچي ٿو. مير صاحب هي منظر ڪشي شام جي ٿڌڙي هير لڳندي ۽ چانڊوڪين راتين
جو ذڪر ڪندي ڪئي آهي جيڪا مون کي سؤ في صد صحيح
لڳي ٿي. مير صاحب تاريخ فيروز شاهيءَ جي حوالي سان لکيو آهي ته دهليءَ جي شهنشاهه فيروز
سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته هو ڪلان ڪوٽ کي ڏسي ۽ ان کي فتح ڪرڻ مشڪل سمجهي واپس هليو ويو.
ان وقت شهنشاهه فيروز جي لشڪر ۾ نوي هزار سوار، چار سئو اسي هاٿي، پنج هزار ٻيڙيون
۽ لکين پيادا شامل هئا ۽ هن ڪلان ڪوٽ جي اندر سنڌ جي فوج جا ويهه هزار سوار ۽ چار لک
پيادا سپاهه موجود هئو، ڪوٽ جي مضبوطي ۽ ان ۾ سپاهه جي گنجائش ان کان سواءِ حاڪمن
(ڄامن) ۽ ٻين حڪومتي ڪارندن جون رهائش گاهون
به ڪوٽ جي اندر هيون. اهي سڀ حوالا ثابت ڪن ٿا ته ڪلان ڪوٽ تمام مضبوط ۽ وسيع ڪوٽ هئو.
هن وقت به تحقيق ڪندڙ اراضيءَ جي لحاظ کان رني ڪوٽ کان پوءِ ٻيو نمبر سنڌ جو وڏو ڪوٽ
هن کي قرار ڏين ٿا. هن ڪوٽ جي برجن جو تعداد ڪوٽ جي مضبوطيءَ جو واضح مثال آهي ۽ ٻيو ته هن ڪوٽ کي اتر کان
وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ وڌيڪ برج ۽ به دفاعي ديوار به ڏنا ويا هئا. ان کان سواءِ ڪوٽ
جي ٻاهران جنهن پاسي کان ڍنڍ نه هئي ته ان پاسي کان ڪوٽ جي حفاظت لاءِ کاهيون کوٽيل
هيون، اهي سڀ حفاظتي قدم ثابت ڪن ٿا ته هي
ڪوٽ تمام قديم هئڻ باوجود انتهائي حڪمت عمليءَ سان ٺاهيو ويو هئو جيڪو سنڌ جي تاريخي
اڏاوت جو هڪ عظيم شهڪار ۽ مثالي ڪوٽ هئو.
راجا ڏاهر جي وقت ۾ ديبل جو ڪوٽ سنڌ جي گاديءَ
جو هنڌ هئو ليڪن ڪلان ڪوٽ راجا ڏاهر جي حڪومت کان اڳ تعمير ٿيل آهي هن ڪوٽ جي اڏاوت
تمام پراڻي آهي ۽ ٻه ڀيرا ڊهي وڃڻ کان پوءِ هن کي وري ٺاهيو ويو آهي. ديبل جي اجڙڻ
کان پوءِ سمن جي دور ۾ سماننگر/سموئي/ٺٽو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻيو ۽ سنڌ تي ڪلهوڙن
جي دور تائين ٺٽو ئي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو ۽ ڪلان ڪوٽ ۾ ٺٽي جي هر حاڪم ڏکئي دور
۾ پناهه ورتي هئي. اوائلي دور کان پوءِ سماڄام، ارغون، ترخان ۽ مغلن جي دور تائين هي
ڪوٽ مختلف نالن سان سڏيو ويو. هن کي ڪڏهن ڪلان ڪوٽ ۽ ڪڏهن ڪلياڻ ڪوٽ ترڪن وري هن کي
تغرل آباد ۽ تغلق آباد به نالو ڏنو ويو. راجا ڏاهر واري دور کان اڳ جي ٺهيل هن ڪوٽ
کي ڊهي وڃڻ کان پوءِ وري سمن پنهنجي دور ۾ ٻيهر ٺهرايو ۽ ترخانن به هن ڪوٽ جي مرمت
ڪرائي پر مغلن جي دور کان پوءِ هي زبون ٿيندو ويو ۽ اڄ مٽيءَ ۽ سرن جي ڍير جي شڪل
۾ موجود آهي. ڪجهه سال اڳ قبضا گيرن هن تاريخي ماڳ تي به وڃي قبضو ڪيو پر پوءِ انهن
کان خالي ڪرايو ويو ليڪن اهي قبضا گير جيترو وقت به اتي ويٺا انهن هن تاريخي ماڳ کي
گهڻو نقصان ڏنو آهي. ڪوٽ جون پڪيون سرون پٽي پنهنجا گهر پيا ٺاهين. ٻيو ته هن ڪوٽ اندر
پوليس ٽريننگ لاءِ فائرنگ رينج به ٺاهي وئي آهي جنهن لاءِ ڪوٽ جي هڪ پاسي ديوار جي
دڙن تي وڌيڪ مٽي چاڙهي اونچو ڪيو ويو آهي هن دور ۾ جنهن ۾ تاريخي ماڳن جي بچاءَ لاءِ ڌار وزارتون آهن انهن جي هوندي به اسان جي
تاريخي ماڳن جو اهو حال آهي ته انهن جي ديوارن جي صفائي ڪرائي
ان کي ظاهر ڪرڻ بدران، بلڊوزرن سان انهن مٿان مٽي چاڙهي پشت پڪي ڪرڻ جو ڪم ورتو وڃي
ٿو.
انهن اهم تاريخي ماڳن کان سواءِ به مڪليءَ ٽڪريءَ
تي ڪئي تاريخي نشانيون وکريون پيون آهن، هتي سنڌ جي ۶۰۰ سالن جي تاريخ دفن آهي ان تي تحقيق ٿيڻ گهرجي
۽ ان کي اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
Comments
Post a Comment