Skip to main content

لاکين جو دڙو - ربنواز راز ڄامڙو


لاکين جو دڙو
ربنواز راز ڄامڙو
سنڌ جيتري سونهن ۽ سوڀيا جي مالڪياڻي آهي تيتري سندس جھولي قديم آثارن سان ڀري پئي آهي، انهن سمورن مان لاکين جو دڙو به هڪ اهم آهي. هي دڙو ڳوٺاڻي ۽ شهري ثقافت سان واسطو رکندڙ هزارين سال آڳاٽو قديم شهر آهي جنهن جي سڃاڻپ قديم شهر طور ٿي چڪي آهي. هي دڙو سکر شهر جي سائيٽ واري علائقي مان دريافت ٿيو آهي. 


شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي قديم آثارن جي ماهر غلام مصطفى شر جي نگرانيءَ ۾ تازو هن شهر جي کوٽائي ڪئي وئي. هيءُ شهر 12 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي مشتمل آهي. هن قديم ماڳ کي شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي آرڪيالاجي شعبي 1988ع ۾ ڳولي لڌو ۽ ابتدائي طور تي کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو. جنهن بعد 1994ع کان 2006ع جي وچ ۾ کوٽايون ڪيون ويون. تازو جنوري 2009ع ۾ ٿيل کوٽائي مان وڌيڪ ثابتيون مليون آهن. ماهرن موجب هيءُ قديم ماڳ بلوچستان مان مليل ڳوٺاڻي ثقافت جي قديم ماڳ مهرڳڙهه جي زماني جو آهي. دنيا اندر ملندڙ سڀ کان قديم ٽن شهرن ۾ هيءُ شهر به شامل آهي. جڏهن ته هن کان اڳ هن دور جو هڪ شهر بلوچستان ۾ مهرڳڙهه ۽ فلسطين ۾ جريڪو شهر آهي. اهي ٻئي شهر به لاکين جي دڙي جا هم عصر آهن. هيءُ ماڳ 9 هزار سال آڳاٽو يعني 7هزار سال ق م جي دور جو آهي. پکيڙ جي لحاظ کان هيءُ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قديم شهر آهي. هن وقت تائين دنيا اندر 12 چورس ڪلوميٽرن تي ٻڌل هن عمر جو ڪوبه قديم ماڳ هٿ نه آيو آهي. هيءُ قديم ماڳ 9 تهن تي ٻڌل آهي. هڪ ٻئي هيٺان 9 شهر دفن ٿيل آهن. هيءَ آبادي اتان جي رهواسين تباهه ٿيڻ بعد 9 ڀيرا وري ٻيهر اڏي اتي پنهنجي رهائش اختيار ڪئي. هن ماڳ جي هر تهه جي اوچائي ڏيڍ کان ٻه ميٽر آهي. ماهرن موجب هيٺين تهه جي آبادي پٿر دور سان واسطو رکندڙ آهي. جڏهن ته وچون تهه ڳوٺاڻي ثقافت سان واسطو رکندڙ يعني 9 هزار سال آڳاٽو آهي. مٿين تهه جا آثار مشهور شهري تمدن مُهين جي دڙي جي دور جا آهن. لاکين جي دڙي جي قديم آثارن مان مور جي شڪلين وارا پينٽ ٿيل مٽڪا، ڊزائن ٿيل مٽيءَ جون سرون، مٽيءَ جون ٺهيل چوڙيون، ننڍا گول مٽڪا، رانديڪا ۽ ٻيون شيون مليون آهن. کوٽائي دوران ڪجهه هڏا به مليا آهن. جڏهن ته هتان جي اهم دريافت شيشي ٺاهڻ جي فيڪٽري آهي. هتان لکتن جا به نمونا مليا آهن. اهي لکتون تصويري رسم الخط ۾ آهن، ڳوٺاڻي ۽ شهري ثقافت سان واسطو رکندڙ 9 هزار سال آڳاٽو شهر لاکين جو دڙو سکر شهر جي سائيٽ واري علائقي مان تازو دريافت ٿيو آهي. مُهين جي دڙي جهڙو ئي سکر جي سائيٽ ايريا ۾ هڪ هنڌ واري علائقي جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌڻ، توڙي مقامي ماڻهن کي کوٽائي دوران هٿ آيل شين کان پوءِ لطيف يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شبعي جي تڏهو ڪي چيئرمين قاضي مختيار پاران سڀ کان پهريان ان سکر سائيٽ ايريا ۾ موجود لاکين جي دڙي تي کوٽائي وارو عمل شروع ڪيو، ائين لطيف يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شعبي پاران لاکين جي دڙي جي 1988ع ۾ پهريون کوٺائي شروع ڪئي وئي ان کوٽائي مان لڌل شين مقامي ماڻهن جي ڳالهين کي اهميت ڏني ۽ پوءِ اهو معلوم ٿي ويو ته هي لاکين جو دڙو مُهين جي دڙي جي دور جو آهي ان بعد لاکين جي دڙي تي 1994ع فيڊرل آرڪيالاجي ۽ ميوزم شعبي جي ڊاڪٽر اشفاق جيڪو تازو رٽائرڊ ٿي ويو آهي ان پنهنجي ٽيم سان گڏ لطيف يونيورسٽي جي آرڪيالاجي شعبي جي ميڊم نيلوفر، پروفيسر غلام محي الدين سان گڏجي هڪ مهيني تائين لاکين جي دڙي جي کوٽائي ڪئي، ته اتان مُهين جي دڙ ي مان مليل مهرون، تور ماپ جا وٽ، چاڪو مليا ۽ لاکين جي دڙي جي کوٽائي بعد نظر آيل تعمير جو آرڪيٽيڪچر مُهين جي دڙي وار ومليو ۽ اوساري ۾ ڪتب آندل سرون به مُهين جي دڙي جي اڏاوت ۾ ڪتب آندل سرن جهڙيون مليون ۽ لاکين جي دڙي ۾ به مُهين جي دڙي وانگر ناليون ڍڪيل مليون، هيءُ شهر 12 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضيءَ تي ڦهليل آهي..

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

جوڻاڻي

جوڻاڻي جَناني Junani - هڪ قديم وساريل شهر تحقيق ۽ تعارف: ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جوڻاڻيءَ جو قديم تاريخي شهر، سنڌ صوبي جي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي وارهه ۾ هڪ قديم ۽ سهڻو شهر ٿي گذريو آهي. هيءُ شهر سنڌونديءَ جي اوڀر ڪناري تي آباد ۽ وڻندڙ هيو. هن وقت موجوده وهڪري کان گهڻو اولهه طرف واقع آهي. ”هن درياهه جو بنياد سنڌودرياهه جا وهڪرا آهن، جيڪي اولهه کان اوڀر طرف پيٽ مٽائيندا رهيا آهن. جڏهن ”جهڪر جو دڙو“ ۽ ”لوهم جو دڙو“ آباد هئا. تڏهن درياهه انهن جي اولهه طرف وهندو هئو. هن زماني ۾ اهي دڙا خود درياهه جي اولهه ۾ آهن ۽ اها جاءِ وقوع جي تبديلي هنن دڙن جي تباهيءَ جو واضح سبب آهي.“ (صديقي- ۵۱ - ۱۹۹۶ ع) سنڌودرياهه جي وهڪرن بابت هڪ الڳ مضمون ۾ بيان ڪيو آهي، هتي اهڙي ذڪر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. مٿئين احوال جي آڌار تي چئي ٿو سگهجي ته سنڌو درياهه پنهنجا پاسا مٽائيندو رهيو آهي. جنهن جي ڪري ڪي شهر ڦِٽندا ويا ته ڪن جو وري نئون بنياد پيو. اهڙن شهرن جي اُسرڻ ۽ برباد ٿيڻ جو سنڌودرياهه ئي جوابدار آهي. ”سنڌ جون بستيون پراچين دور کان وٺي سنڌونديءَ جي سهاري آباد پَئي ٿيون آهن. ۽ انهي موجي درياهه جي ر...