ماڻڪ تارو
غلام مصطفيٰ سولنگي
”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت
ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين
۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون
ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“
ناليواري تاريخ دان ۽قديم آثارن جي ماهر تاج صحرائيءَ جا هي لفظ اُن ماڳ
جي باري ۾ آهن، جنهن کي ماڻڪ تارو سڏيو وڃي ٿو. وڏن ۽ ننڍن دڙن جي صورت ۾ موجود هي
ماڳ تاريخي ۽ دفاعي لحاظ کان نهايت اهم پئي رهيو آهي، پر بدقسمتيءَ سان هن جي مٿان
وقت جي دَزَ تمام گهڻي پئجي چڪي آهي ۽ سنڌ جون تاريخون هن جي باري ۾ گهڻو خاموش آهن.
هي ماڳ سنڌ جي انهن قديم ماڳن مان هڪ آهي، جيڪي زماني جي ستم ظريفيءَ
سببان ميسارجي ويا آهن، پر ڪنهن دور ۾ اهي نهايت ترقي يافته ۽ وسندڙ شهر هئا.
ماڻڪ تارو دادو شهر کان اٽڪل ٻارنهن ڪلو ميٽر اُتر طرف ۽ ڦلجي اسٽيشن
جي اوڀر ۾ هڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي موجود آهي. ماڻڪ تاري جي دڙن جي موجوده پکيڙ ٻاويهه
ايڪڙ آهي، پر ڀرپاسي وارا ڳوٺاڻا ٻڌائين ٿا ته هن ماڳ جي ايراضي ڪنهن دور ۾ سوين ايڪڙ
هئي، پر ماڻهن پاران پوکي راهي يا آبادي ڪرڻ جي ڪري هي ماڳ سوڙهو ٿيندو پيو وڃي.
ماڻڪ تاري ۾ ڪيترا ئي
دڙا آهن. انهن دڙن جي اوچائي ڪٿي پنج فوٽ آهي ته ڪٿي وري چاليهه فوٽ، انهن دڙن جي کوٽائي
ٿيڻ کانپوءِ ئي هن ماڳ جي قدامت ۽ تاريخي حيثيت جي پروڙ پئجي سگهندي.
ماڻڪ تاري تي اهو نالو ڪيئن پيو؟ ان بابت مختلف روايتون ملن ٿيون. ناليواري
محقق ۽ اديب غلام حيدر چنا ماهوار نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکيو آهي
ته ”ماڻڪ تارو هڪ رياست هئي ۽ سنڌ جي سڀني ڏن ڀَرو رياستن کان سکي ستابي ۽ شاهوڪار
هئي. ان ڪري ان رياست کي سڀني رياستن جي اکين جو تارو سڏيو ويندو هو. بعد ۾ وري ان
کي ماڻڪ تارو ڪوٺيو ويو.“
هي ٻي روايت اها آهي ته هن وسندڙ آباديءَ کان ڪجهه پرڀرو سنڌو درياهه
جو هڪ بندر هوندو هيو ۽ اتان وري هڪ سِڌو چارو هن ماڳ تائين پهچندو هيو، ماڻهو هن کي
ماڻڪ چارو ڪوٺيندا هئا، پر بعد ۾ اهو نالو ڦري ”ماڻڪ تارو“ ٿي پيو.
ماڻڪ تارو ڪڏهن وجود ۾ آيو، ڪيئن برباد ٿيو ان باري ۾ سنڌ جي تاريخ تي
لکيل ڪتاب خاموش آهن. ان ڏس ۾ ڪن ٿورن تاريخي ڪتابن ڪجهه معلومات فراهم ڪئي آهي. انهن
ڪتابن مان ڪجهه انومان ڪڍي هن ماڳ جي قدامت بابت معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.
تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته ”سلطان آرام شاهه جي وقت ۾ بادشاهت چئن حصن۾
ورهائجي وئي، ملتان، اچ شريف ۽ سڄي سنڌ تي ناصر الدين قٻاچا جو حڪم جاري ٿيڻ لڳو،
ان وقت سنڌ جي سرزمين تي ست راڻا ملتان جا ڏن ڀريندڙ حڪمران هئا، انهن مان هڪ جيسر
ولد ججو ماڇي سولنگي به هڪ هيو، جيڪو ماڻڪ تارو جو حڪمران هيو“
تحفته الڪرام جي فارسي ڇاپي ۾ صفحي 62 تي مانڪتاره لکيل آهي. ناليوارو
تاريخ دان رحيم داد خان مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب ”جنت السنڌ“ ۾ لکي ٿو ته ”ناصر الدين
قٻاچا جي وقت ۾ ست رياستون قائم هيون، جن مان ٽين رياست ماڻڪ تارو تي جيسر ولد ججو
ماڇي سولنگي حڪومت ڪندو هيو.“
تاريخ خاصخيليءَ جي ليکڪ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته سولنگي قوم به حڪمران
هئي جنهن مالوه، سورا سٽ، گجرات ۽ ڪوڪن تي صدين تائين حڪومت ڪئي، سنڌ ۾ ماڻڪ تارو هن
قوم جي رياست هئي.
ناصرالدين قباچا 1210ع ڌاري ملتان ۽ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ اهو قبضو ٻاويهن
سالن تائين جاري رهيو، ماڻڪ تاري جي رياست ناصر الدين قٻاچا جي سنڌ تي قبضي ۾ اچڻ کان
گهڻو وقت اڳ آباد هئي.
تاريخ معصوميءَ ۾ مير معصوم بکري لکي ٿو ته ”شاهه بيگ ارغون، باغيان جي
حدن تائين پهتو ۽ هن اوڙي پاڙي جي اميرن کي حاضر ٿيڻ جو حڪم ڏنو، هتان جي ماڇين سولنگين سرڪشي ڪري اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ کان منهن موڙيو،
تنهن تي سڀني کي قتل ڪيائين، عورتن، ٻارن ۽ ٻڍن تي به رحم نه آيس، انهن جا مال، زيور
ڍور ڍڳا ڦري لٽي ۽ گهر تڙ ۽ قلعا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيائين.
هڪ ٻي روايت به موجود آهي ته شاهه
بيگ ارغون ڦر لٽ ڪري سڄي شهر کي باهه ڏياري ڇڏي، جيڪا ساندهه ٽي ڏينهن جاري
رهي. تاريخ معصوميءَ ۾ جن قلعن جو ذڪر ملي ٿو، سي هنن ئي دڙن ۾ دفن ٿيل آهن، تاريخ
فرشته ۽ تاريخ معصوميءَ جي حوالي سان چئي سگهجي ٿو ته ماڻڪ تارو جو هي ماڳ سلطان جلال
الدين جي ڏينهن ۾ يعني 22-1221ع ۾ برباد ٿيو هوندو، ڪجهه سال اڳ هن دڙي جي کوٽائي ڪئي
ويئي هئي،کوٽائي ڪندي هڪ قبر دريافت ٿي آهي، قبر مان جيڪو لاش دستياب ٿيو آهي، سو صحيح
سلامت آهي، لاش جي پورجڻ جو نمونو مسلمانن وارو هيو ۽ لاش ويجهي دور جو هيو. تاج صحرائيءَ
جو چوڻ آهي ته دڙو ٻن تهن تي مشتمل آهي، هيٺيون تهه مسلمانن جي دور کان اڳ جو آهي،
جڏهن ته مٿيون تهه مسلمان جي دور جو آهي، هيٺين تهه مان مسڻ جا ڪجهه نشان پڻ مليا آهن،
جن مان اهو انو مان ڪڍي سگهجي ٿو ته هن ماڳ جي پهرين دور ۾ هندو رهندا هئا ۽ جڏهن مسلمان
طاقت ۾ آيا ته هتي مسلمان ئي آباد ٿيڻ لڳا، اهڙي طرح هن شهر به مختلف دور ڏٺا. ماڻڪ
تاري جي ماڳ مان ڪيتريون شيون دستياب ٿيون آهن، انهن مان ٺڪر جا ڀڳل ٽٽل ٽڪرا، سارين
ڏرڻ لاءِ ٺڪر جو جنڊ ۽ ٺڪر جو گلدستو پڻ مليو آهي، جيڪو به ڀڳل صورت ۾ آهي، ٺڪر جا
ڀڳل ڪئونرا پڻ هٿ آيا آهن، ان کان علاوه مٽيءَ جا گليلا ۽ ٺڪر جون سرون پڻ مليون آهن،
جيڪي نهايت باريڪ آهن، دڙن تي تمام گهڻو ٺيڪراٽو موجود آهي، ڪوٺيڪراٽو سنهو آهي ته
ڪو وري ٿلهو، اهو ٺيڪراٽو ٿانون ۽ سرن جو آهي.
کوٽائيءَ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿو ته ماڻڪ تاري ۾ موجود سموريون جايون پڪين سرن مان ٺهيل
آهن ۽ وڏي رٿابنديءَ سان ڪم ٿيل آهي، اڃا به کوٽائي ڪئي وڃي ته ڪيتريون ئي حقيقتون
پڌريون ٿي پونديون.
ڪنهن دور ۾ سنڌو درياءُ ماڻڪ تاري جي ڀرسان وهندو هيو يعني هي ماڳ دريائي
بندر پڻ هيو، هن بندر ذريعي وڏي پئماني تي واپار هلندو هيو ۽ هتان خام مال، ڪپڙو، گيهه،
مکڻ، چمڙو، تيلي ٻج، نير، چانور ۽ ٻيو سامان ڏيساور موڪليو ويندو هو ۽ اتان وري لوهه،
دوائون ۽ ٻيون شيون گهرايون وينديون هيون. بهرحال... ..ماڻڪ تارو هڪ وسندڙ ۽ سکيو ستابو
شهر هيو، ان تي تحقيق جي تمام گهڻي ضرورت آهي ته جيئن سنڌ جي تاريخ جون ڪي مکيه ڪڙيون
ملي پون.
Comments
Post a Comment