Skip to main content

لوھم جو دڙو - محمد عرس ”اظهر“ سولنگي


لوھم جو دڙو
سنڌ جو قديم ماڳ
محمد عرس ”اظهر“ سولنگي
سنڌ علم ادب، تهذيب ثقافت تاريخ ۽ جاگرافيائي لحاظ کان مالا مال آهي، هن ۾ ڪيترائي ڪوٽ قلعا، ماڳ مڪان، جبل، ڍنڍو ڍورا، ڀڙا، دڙا، پراڻا شهر موجود هئا، جيڪي وسندڙ، آباد ۽ سرسبز هئا. پر افسوس جو اهي وقت جي ستم ظريفي سبب تباهه و برباد ٿي چڪا آهن ۽ پنهنجي حال تي ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن، انهن قديم ماڳن ۾ موهن (موهين) جو دڙو، آمري، ڪوٽڏيجي، ڀنڀور، رني ڪوٽ، برهمڻ آباد ۽ ٻيا کوڙ سارا ماڳ مڪان نظر ايندا. اهي عهد قديم ۾ تمام ترقي يافته ۽ وسندڙ هئا، مگر زماني جي ستم ظريفي سبب ميسارجي زمين دوز ٿي چڪا آهن. انهن ۾ لوهم جو دڙو به شامل ڪري سگهجي ٿو.


لوهم جو دڙو دادو تعلقي ۾ پيارو اسٽيشن جي اتر ۾ ريلوي لائين کان اٽڪل هڪ فر لانگ اوڀر ۾ واقع آهي، هيءُ دڙو دادو شگر مل پيارو ڳوٺ جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ صحيح سلامت هو. شگر مل جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ آهستي آهستي ٿي شرف آباد ڳوٺ ۾ بدلجي ويو، دڙي جي بربادي ۾ مل انتظاميا، ريلوي جي عملي ۽ تر جي جاهل ۽ ناران تهذيب ۽ ثقافت کان لاعلم وڏيرن ۽ غير سنڌي آبادگارن ۽ پورهيتن جو هٿ ۽ رُخُ هو. بروقت انتظاميا قدم کڻي ها ته هي تاريخي دڙو ائين تباهه ۽ برباد نه هجي ها. ڪن سڄاڻ وند شخصيتن آواز بلند ڪيو، پر افسوس جو ان طرف ڪنهن به توجهه نه ڏنو. آثار قديمه جي ماهر، تاريخ نويس محترم تاج صحرائي جنهن آثار قديم جي عملدارن، حيدرآباد جي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر دادو ۽ ان وقت جي ڊپٽي ڪليڪٽر لياقت آرائين کي خطن ۽ تارن رستي آگاهه ڪيو. ڊپٽي ڪليڪٽر لياقت علي آرائين ڇهين جنوري ۱۹۷۹ع کان ارڙهين آگسٽ ۱۹۸۰ع تائين ان بابت انڪوائري به ڪئي، پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو.
محترم تاج صحرائي پنهنجي هڪ مقالي ۾ جيڪو سيپٽمبر ۱۹۹۶ع ۾ ماهوار ”نئين زندگي“ حيدرآباد ۾ شايع ٿيو هو لکي ٿو ته راقم اهي دڙا آمريڪي ماهر ڊاڪٽر لوئيس فليم کي ٻاويهين ڊسمبر ۱۹۸۶ع تي گهمايا ۽ ٻيو ڀيرو جرمن اسڪالر ڊاڪٽر هنس نيسان، مادام مارگريٽ نيسان ۽ مسٽر محمد صديق سان گڏ ڇهويهين فيبروري ۱۹۸۳ع تي گهمايا. ان وقت دڙي تي اڏاوتون زور شور سان جاري هيون.
ميان محمد صديق قديم آثارن جي کاتي ۾ ملازم هو ۽ سندس مقرري هڙاپه ۾ هئي. ان وقت اسان دڙن جي تباهي ۽ بربادي کي اکين سان ڏسي رهيا هئاسين ۽ جرمن ماهر اسان جي قديم ماڳن کي اهڙي طرح برباد ٿيندي پڻ ڏسي رهيو هو. هن دڙي جي طبعي بيهڪ قديم آثارن جي ماهر اين جي مجمدار تفصيلي رپورٽ ۾ پيش ڪئي آهي، هن اهي دڙا نومبر ۱۹۳۰ع ۾ گهميا هئا ۽ تحقيق به ڪئي هئي ۽ کوٽائي به ڪئي هئي. هن صاحب جي لکڻ موجب دڙا اوڀر کان اولهه طرف ست سو فوٽ ڊيگهه ۽ اتر کان ڏکڻ طرف ڇهه سئو فوٽ ويڪرا هئا. دڙا ان وقت آس پاس جي زمين کان ٽيويهه فوٽ مٿي هئا. هن صاحب جي کوٽائي کان اڳ به ڪن ماڻهن دڙي مان سون ڳولڻ لاءِ هٿ چراند ڪئي هئي. ان هٿ چراند ڪرڻ وارن کي قديم شين سان دلچسپي نه هئي. کوٽائي جي سائنسي ۽ فني ڄاڻ نه هجڻ سبب فائدي جي مقابلي ۾ گهڻو نقصان ڪيو ويو. تنهن کان سواءِ انهن کي کوٽائي مان ڪجهه به نه مليو ۽ ان بابت ڪنهن کي ڪا به خبر نه آهي. باقي آثار قديم جي هڪ ٻئي ماهر مسٽر ڊڪشٽ کي دڙي مٿان گهمندي ٽامي جون ٻه چار تسريون چقمق، پٿر مان گهڙيل کرپيون، سپين جا ذرڙا ۽ ٻيو ٺڪراٺو مليو آهي، جنهن جو مهين تهذيب سان تعلق ۽ هڪ جهڙائي هئي. ان ساڳئي قسم جون شيون مجمدار کي به گهمندي ڦرندي حاصل ٿيون هيون.
مسٽر اين جي مجمدار هن دڙي کي موهن جي دڙي جي تهذيب وارن ماڳن سان ڀيٽيو آهي، هو صاحب لکي ٿو ته لوهم جي دڙن مان جيڪي باقيات حاصل ٿيون آهن، سي ساخت، بيهڪ ۽ چٽسالي جي خيال کان مهين کان پوءِ ”جَهڪُر“ جي باقيات سان مشابهت رکن ٿيون. مسٽر لئمبرڪ به پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جو جائزو“ ۾ به ساڳي ڳالهه لکي آهي، ماهرن جي نظر موجب هي دڙو ٻن تهذيبن تي مشتمل معلوم ٿئي ٿو. مجمدار کي کوٽائي دوران هيٺين تهه ۾ ٺڪراٺو به گهٽ ڏسڻ ۾ آيو هو. شايد ٿوري آبادي سبب گهٽ استعمال ۾ هوندو. هن جي لکڻ موجب جيئن کوٽائي هيٺ اونهي ٿيندي وئي. تيئن ٺڪراٺو گهٽ ٿيندو ويو، پر ائين نه چئي سگهبو ته ٺڪراٺو بلڪل نه هو. مجمدار جي خيال موجب شايد هيٺيان تهه اڃا به وڌيڪ هيٺ هجن، جتي پاڻي جي نڪري اچڻ سبب کوٽائي ممڪن نه ٿي سگهي، جهڙي طرح مهين ۽ جهڪر جي دڙن ۾ ٿيو هو.
اين جي مجمدار لکي ٿو ته وڌيڪ پراڻن ۽ هيٺين تهن مان وسنديءَ جي پهرين دور ۾ ڀتين جي بنيادن مان جيڪو ٺڪراٺو مليو آهي، سو هوبهو سنڌو ٺڪراٺي جهڙو آهي، ٿلهو به مليو آهي، جنهن مٿان ڪاري رنگ واري چٽسالي ٿيل آهي. جڏهن ته ٿانون جو استر ڳوڙهي ڳاڙهي رنگ ۾ رڱيل آهي. اهو ٺڪراٺو ڇهن فوٽن جي تهه ۾ مليو آهي، ٻه فوٽ زمين ۾ اندر ۽ چار فوٽ زمين مٿان. انهن دڙن مان مليل ٺڪراٺو تمام سهڻي نموني جو پڪو ۽ پختو آهي. ان جي مٽي به چڱي طرح ڳوهيل هئي. مٽي ۾ واري ۽ ابرق جا جزا چڱي انداز ۾ مليل هئا. جنهن مان ثابت ٿي ٿيو ته سنڌو درياهه جو وهڪرو ان دور يعني ٽامي ۽ ڪنجهي جي دور ۾ لوهم شهر جي ڀرسان وهندو هوندو. ان ڳالهه جي تصديق مسٽر ليمبرڪ به ڪئي آهي.
ٻئي قسم وارو ٺڪراٺو يعني وسندي جي پوئين دور وارو ٺڪراٺو سٺو ۽ چڱي طرح پڪل نه هو. ان جي مٽي چڱي طرح ڳوهي لسي ۽ ملائم به گهٽ ڪيل هئي. نتيجي ۾ ٿانون جي ساخت سٺي ۽ وڻندڙ نه هئي. تنهن کان سواءِ ٿانون مٿان استر  ۽ چٽسالي جي رنگن ۾ فرق نظر ٿي آيو. ان سبب آدم جي واڌ ۽ مال جي تمام گهڻي ضرورت ۽ کپت ڄاڻي سگهجي ٿي، جنهن ڪري پوئين ڪنڀرن جي ڪاريگري پنهنجي وڏڙن جهڙي نه رهي هئي. لوهم جي دڙي مان جيڪي ٿانو ۽ ٺڪراٺو مليو آهي، انهن جي بناوٽ ۽ رنگت کان سواءِ چٽسالي ۾ به فرق آهي. پهرين دور جي ٺڪراٺي ۽ ٿانون تي ٽمڪن وارا گل، اڏامندڙ پکي، پر وارا ٻوٽا، پپل جاپن، ڦڻي جي شڪل جهڙيون ٽاريون نمايان نظر اچن ٿيون. پوئين دور واري ٺڪراٽي تي اکين جي شڪل جهڙا خاڪا ۽ هر هڪ خاڪي ۾ هڪ وڏو ٽٻڪو يا گول چٽيل آهي. ان کان سواءِ قطارن م صليب شڪل ۾ اکين وانگر به ڪي چٽ چٽيل آهن.
لوهم جي دڙي مان هيٺيون شيون دستياب ٿيون آهن، جن جو ذڪر اين جي مجمدار هيٺين طرح ڏنو آهي، ابرڪ مان ٺهيل ٿالهي جي شڪل جهڙا گول مڻيا، ان قسم جا مڻيا گهڻي تعداد ۾ حاصل ٿيا آهن. ٿڦڻين مان گهڙيل سنها ٿلها ۽ ننڍا وڏا مڻيا، ان قسم جا مڻيا به جهجهي تعداد ۾ مليا آهن، جيڪي مٽي مان ٺهيل ۽ پڪل ڳاڙهي رنگن وارا آهن. ڳاڙهي رنگ واري پٿر مان گهڙيل نيزي جو مٿو، هڪ خنجر، هڪ پاڪي، چاڪو، ابرق مان ٺهيل گول مُٺئي جهڙي شي ۽ بٽڻ جي شڪل ۾ هڪ مُهر، هڪ درجن کن تصويري خاڪا، هڪ قطار ۾ اُڪريل آهن. ان کان سواءِ هڪ سنڱي جانور Unicorn کي به ڏيکاريو ويو آهي، هن دڙي مان پڪل مٽي مان هڪ ڪيڪ نما ٿانو به مليو آهي، مٽي جا پڪل اٽڪل ڏهن ڍڳن جا بوتا ۽ سڱ به مليا آهن ۽ گاڏين جا ننڍڙا ڦيٿا به مليا آهن.
سنڌ جي هڪ ڏاهي ۽ آثار قديم جي ماهر محترم تاج صحرائي جو چوڻ آهي ته لوهم جو دڙو ٻن تهن تي مشتمل آهي، ان مان انو مان ڪڍي سگهجي ٿو، ته هيءُ ماڳ پڻ ماڻڪٽاري جي دور جو معلوم ٿئي ٿو، هن دڙي مان چيڪي شيون دستياب ٿيون آهن. اهڙيون شيون ماڻڪٽاري جي دڙي مان پڻ دستياب ٿيون آهن، ان مان سمجهي سگهجي ٿو ته هيءُ ماڳ ماڻڪٽاري جي راجا جيسر پٽ جج سولنگيءَ جي ماتحت هوندو ۽ اهو ئي هن شهر جي سار سنڀال ڪندو هوندو ۽ سندس حڪمراني هيٺ هوندو.
لوهم جي دڙي تي نالو ڪيئن پيو ۽ برباد ڪيئن ٿيو، ان بابت مختلف رايا آهن. سنڌ جي هڪ ڏاهي، مورخ ۽ آثار قديم جي ماهر محترم تاج صحرائي پنهنجي مقالي ۾ لکيو آهي، جيڪو ماهوار ”نئين زندگي“ حيدرآباد ۾ سيپٽمبر ۱۹۹۶ع ۾ شايع ٿيو آهي، هو صاحب لکي ٿو ته سنڌي ٻولي جي اکرن جو عام جام استعمال ٿيندڙ لفظ جيڪي وهڻ، واهڻ، سيوهڻ، ٻلهڻ، گرڪڻ، راڌڻ، شادڻ، رڪڻ، ڇنڊڻ، ٻيلو پتڻ، کارو ڇاڻ، ٻگهاڻ، مياڻ، پراڻ، ڦڳڻ، پوکڻ، رامڻ وغيره آهن، اهي ڪن شهرن ۽ ماڳن جا نالا آهن، سڪڻ، نئين رڪڻ، چڪڻ، ڍنڍن جا نالا آهن. جيوڻ، ميرڻ، ڌيرڻ، مير رڪڻ، لالڻ، ساوڻ، گلڻ، ڦلڻ، جهلڻ، مکڻ، پيرڻ، مهراڻ وغيره ماڻهن جا نالا آهن. جڏهن ته رامڻ، راڌڻ، شادڻ، رڪڻ ۽ ڪڏڻ وري هن خطي جي ڪن ڍنڍن ۽ ماڳن جا نالا آهن. بهرحال لوهڻ نالي سان ان ماڳن جو وڌيڪ صحيح ۽ موزون نالو ٿيندو، هي شهر ڪيئن برباد ٿيو ان لاءِ ڪي روايتون آهن ته سنڌود رياهه کي پورالو درياهه سڏيو وڃي ٿو. درياهه جي اٿل سبب هيءُ شهر برباد ٿيو هوندو. ان روايت تي هتان جا ڪيترائي ڏاها متفق آهن، ته درياهه جي پائڻ يا رخ تبديل ٿيڻ سبب هي شهر ويران ٿيو هوندو، ٻي روايت آهي ته جڏهن شاهه بيگ ارغون پنهنجي سپاهه سميت اچي باغبان ۾ ديرو ڄمايو ته آس پاس جي بااثر ماڻهن کي اچي سندس درٻار ۾ حاضر ٿيڻ جو حڪم ڪيو. لوهم جو شهر پڻ ماڻڪٽاري جي راجا جيسر پٽ جج سولنگي جي ماتحت هو، جيسر پٽ جج ماڇي سولنگي حڪم عدولي ڪئي ان ڪري ماڻڪٽاري سان گڏ لوهم جي شهر ۾ پڻ لٽ مار ڪئي وئي، عورتن، ٻارن، ٻڍن جو قتل عام ڪري هن شهر کي باهه ڏئي زمين دوز ڪرائي ڇڏيو. بهرحال آثار قديم جا ماهر هنن آثارن تي تحقيق ڪندا ته ڪافي مفيد معلومات ملي ويندي. مضمون نگار ان سلسلي ۾ لوهم جي دڙي تي پهچي فوٽو گرافي جي ڪوشش ڪئي ته اتان جي غير سنڌي آبادگارن مزاحمت ڪئي ۽ فوٽو ڪڍڻ کان منع ڪيو ۽ ڪيمرا ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ڪن ماڻهن جي وچ ۾ پوڻ سبب جهيڙي کي ٽاريو ويو، ان صورتحال کي ڏسي مضمون نگار افسوس جو اظهار ڪيو ۽ محسوس ڪيو ته اسان سنڌي پنهنجي ماڳن، شهرن جي حفاظت نه ڪري سگهيا آهيون، جيڪو عمل ڳڻتيءَ جو باعث آهي.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]