ڇَڇَ
جتي راجا ڏاهر کان جند ۽
سنڌ کسي وئي!
نواز ڪنڀر
راجا ڏاھر
جي مدفن جي حوالي سان مختلف روايتون ملن ٿيون، جن مان ھڪ سينه در سينه ھلندڙ روايت
ھي به آھي ته راجا ڏاھر ۽ محمد بن قاسم وچ ۾آخري معرڪو “ڇڇ” جي علائقي ۾ ٿيو ھو ۽
کيس ڄام صاحب جي ڀرپاسي ۾ ئي ڪٿي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ھو. جنھن لاءِ اھي به
روايتون ملن ٿيون ته کيس ڄام ڏاتار کان ڏيڍ ڪلوميٽر کن اولھ طرف واقع ڳوٺ خان محمد
گھوٽاڻو لڳ “ڏھر جي قبرستان” ۾ دفن ڪيو ويو ھو، جيڪو اڄ به موجود آھي ۽ “ڏھر” جي
نالي سان سڏبو آھي. ھن قبرستان ۾ موجود قبرن مان ھڪ قبر راجا ڏاھر جي به چئي وڃي ٿي!
راجا ڏاھر جي مدفن جي حوالي سان ھڪ روايت اھا به موجود آھي ته کيس “واسڻي ڀٽ” تي
دفن ڪيو ويو ھو، جيڪا ڄام صاحب کان اولھ طرف ۶۸
موري لڳ ڏھاڪو کن ڪلوميٽرن تي موجود آھي. ھتي اھو به
مشھور آھي ته انھي ڀٽ تي ھندوستاني حڪومتن جا جاسوس ۲۰۰ سالن تائين، راجا ڏاھر جو لاش تلاش ڪندا رھيا پر کين ناڪامي نصيب ٿي. اُھي
جاسوس ھتي سون ۽ ڌن ڳوليندڙن جو روپ اختيار ڪري ايندا ھئا ۽ مقامي ماڻھن ۾ افواهه پکيڙيندا
ھئا ته ھِن ڀِٽ تي ديو، جن ۽ واسينگ نانگ وغيره آھن، جن کي ھو پڙھائي ڪري پڪڙڻ يا ڀڄائڻ
لاءِ آيا آھن، ان ڪري ڪو به ماڻھو سندن ويجھو نه اچي. اھي ڳالھيون اڳتي هلي آھستي
آھستي انهن مقامي ماڻھن ذريعي ظاھر ٿيون، جيڪي انھن ٻھروپين جا مقامي ملازم يا ساٿاري
ھئا.
سانگھڙ
جي ڊپٽي ڪمشنر جي اڳواڻي ۾ ڪم ڪندڙ ھيريٽيج ڪاميٽي جي دوستن عاجز منگي ۽ ممتاز
لغاري سان گڏ جڏھن غلطي وچان ضلعي جي حد پار ڪري نوابشاھ جي حد ۾ وڃي “ڇڇ” ۽ راجا ڏاھر
جي حوالي سان روايتون گڏ ڪيم ته، انھن مطابق ڇڇ جو علائقو ڄام صاحب کان مٿي ضلعي نوابشاھ جي
تعلقي دوڙ جي يونين ڪائونسل جھوڙو خان ۽ ديھ اڪرو ھڪ ۾ واقع آھي. ھي اھو ئي علائقو
آھي، جتي واڳن جي حوالي سان مشھور گيم سينچري ۽ چاليھارو کن ڍنڍون به آھن. ڇڇ جو
علائقو اڄ ڪلھ ڍنڍ ۾ بدلجي چڪو آھي. جنھن جي اولھ ۾ جتي زرعي زمين آھي، اُتي اوڀر
۾ موراکي، ڊرگھ، سنھڙي، لوڻ کاڻ، مريد وارو، واسو ۽ سنھڙي ٽو وغيره ڍنڍون پڻ آھن.
اُتر ۾ پاڻي جا ننڍا ننڍا دُٻا ۽ سيد صلاح بزرگ جي درگاھ آھي. ڏکڻ ۾ ياري واري ۽ ڪونڊو
جون ڍنڍون، اولھ ڏکڻ جي ڪنڊ تي سِڌ ۾ ٻارنھن کن ڪلوميٽرن تي ڄام صاحب، ٽيھ پنجٽيھ ڪلوميٽرن
تي شاھپور چاڪر ۽ اُڀرندي طرف ڏھ کن ڪلوميٽرن تي مُنڍ جمڙائو آھي. اڇڙي ٿر جي ٻين
علائقن جي اُبتڙ، جمڙائو/ناري جي ساڄي پاسي وارو هي اھو ئي علائقو آھي، جتي ڀٽائي
جو نانگڻ وارو تڪيو به آھي ۽ جتي شاھ صاحب پاران ليلا چنيسر جو بيت “پوچا ڏٺم پير”
چوڻ واري روايت به ملي ٿي. اڇڙي ٿر جو بلڪل ڪنڊائتو ۽ ھڪ ڇيڙي جھڙو ھي علائقو،
جنھن کي ھتي جو عبدالحڪيم ناريجو اڇڙي ٿر جو ئي حصو سمجھي ٿو. جڏھن ته علائقي جي
تاريخ ۽ جاگرافي جو ڄاڻو اُستاد رسول بخش شر ھن علائقي کي “راھ واري” وارو علائقو
سڏيندي ۽ ان جون حدون واضح ڪندي چوي ٿو ته ھي علائقو، ويڪر ۾ نوابشاھ جي اُڀرندي ۶۸ ميل موري/شھر کان ھيڊ جمڙائو تائين پنجاھ کن ڪلوميٽرن تائين ۽ ڊيگھ ۾
شاھپور چاڪر کان منڍ جمڙائو تائين تقريبن سٺ کن ڪلوميٽرن تائين پکڙيل آھي. ھن ئي
علائقي مان دھلي کان سيوستان/سيوھڻ تائين پراڻو “ڊاڪ” وارو ۵۲ فٽ ويڪرو رستو ويندو ھو، جيڪو اڄ به پراڻن سرڪاري نقشن ۽ رڪارڊ ۾ موجود
آھي. چون ٿا ته انھي رستي تان ابنِ بطوطه به لنگھيو ھو. ھي شاھراھ نوابشاھ کان ڄام
صاحب، اتان راھ واري، منڍ جمڙائو وٽان لنگھي ٿي، جيڪا منڍ جمڙائو کان ۴
ڪلوميٽر کن ڏکڻ طرف ۶ ميل موري لڳ اڳتي وڃي ٿي. علائقي بابت ڄاڻ رکندڙن جي بقول ته ان پراڻي
راھ/اوائلي رستي جي ڪري ئي ھن علائقي کي “راھ واري” سڏجي ٿو. ھتي راھ واري جو
بنگلو به ڦٽل حالت ۾ ھڪ ڀِٽ تي موجود آھي، جيڪو ھن حالت ۾ انگريز دؤر جي اريگيشن
کاتي وارن جو جوڙايل چيو وڃي ٿو. اهو به مشهور آهي ته راجا ڏاھر جي ڀيڻ جي زمين به
هتي هئي ۽ ھُن جو ھتي ڪو بنگلو وغيره به ھو. ھن رستي جي ڪري ئي، شايد مذڪوره
علائقي ۾ وڏي انساني آبادي ھئي، جيڪا پوءِ گھڻو ڪري حُر مارشلا ۾ ھتان بيدخل ٿي.
جنھن جو ٺڪراٺو ھتي وسيع علائقي ۾ ۽ مختلف ھنڌن تي موجود آھي. جن ۾ ھڪ “ڪوٽ واري” ڀٽ
به آھي. جيڪا ڄام صاحب کان پنج کن ڪلوميٽرن تي، اوڀر طرف آھي. ڪي ماڻهو چون ٿا ته
انھيءَ ڀٽن واري علائقي جي بناوٽ گول ڀٽن سان گھيريل ھجڻ ڪري ۽ رڳو ڏکڻ طرف کليل
ھجڻ سبب ۽ پري کان ڪنھن ڪوٽ جو ڏيک ڏسڻ جي ڪري، ھن کي “ڪوٽ واري” سڏجي ٿو. سائين
رسول بخش شر ۽ نويد وسطڙي جو خيال آهي ته، ھتي ملندڙ ٺڪراٺو، ڪا ٻي تاريخي ڪھاڻي
بيان ڪري ٿو. ھتي ڪنھن زماني ۾ ھڪ ڪوٽ به ھو ۽ اڄ به تمام گھڻو ٺڪراٺو پکڙيل آھي.
تمام پراڻا سڪا ۽ زيور وغيره به هتي ملندا رھيا آھن. ھن ئي علائقي ۾ ڇڇ ڏانھن
ويندي ھڪ پراڻي اوڏڪي ڀٽين واري جاءِ به آهي جيڪا انھي راھ تي ھڪ واڻئي جي “وڏي ھٽ”
جي نالي سان مشھور آهي. جيڪڏھن سڄاڻ ڌريون ۽ آرڪيالاجي کاتي وارا دلچسپي وٺن ۽ ڌيان
ڏين ته ھتي ٻيا به ڪيترا ئي اھڙا تاريخي ماڳ ملي سگھن ٿا. ڇڇ جي حوالي سان اھو به
چيو وڃي ٿو ته، اڳي ھي ھڪ دُٻي واري حالت ۾ ھو، جتان لوڻ ملندو ھو ۽ جتي برسات جو
پاڻي جمع ٿيندو ھو، پر ھاڻ ھي ڍنڍ ۾ بدلجي چڪو آھي. جنھن جي ڊيگھ ۲
ڪلوميٽر کن اُتر ڏکڻ طرف ۽ اولھ اوڀر ۾ ويڪر ڪٿي ڪلوميٽر
ته، ڪٿي اڌ ڪلوميٽر آھي. اڳي ھن ڍنڍ ۾ مُڪر ۽ چٽو وغيره وڏي مقدار ۾ ملندا ھئا، پر
ھاڻ ھتان رڳو پاپليٽ ملي ٿو.
ڇڇ
وارو ھي علائقو، انھيءَ پراڻي راھ/شاھراھ کان اتر ۾ اڌ ڪلوميٽر کن تي واقع آھي.
جنھن تي انھيءَ نالي پوڻ جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته ڇڇ معنيٰ بيٺل پر اونھو پاڻي.
روايتن موجب ڇڇ واري علائقي ۾ اڳي چوڌاري پاڻي ھو ۽ وچ ۾ راجا ڏاھر جو قلعو ھوندو
ھو، اتي ئي هڪڙي فاتح ۽ ڌرتي ڄائي وچ ۾ تاريخي معرڪو ٿيو ھو. ھن علائقي ۾ ٻن راجا ڏاھرن
جي ھجڻ جون به ڳالھيون به ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ھڪ راجا ڏاھر، جنھن سان ويڙهه ڪرڻ لاءِ
محمد بن قاسم آيو ھو ۽ ٻيو راجا ڏاھر اهو جيڪو ڏاھرين جي وڏي طور مشهور آهي. اھي سڀئي
روايتون ۽ ڳالھيون بحث ۽ تحقيق طلب آھن. ڇا اهڙين تاريخي ڳالهين کي علائقي ۾ موجود
ڪجھ مقامي جھونن جي سينن ۾ سانڍيل روايتن ۽ ڳالھين کي تفصيلي نموني سھيڙڻ ۽ رڪارڊ ڪرڻ
جي ضرورت آھي ۽ انھن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري سگهجي ٿي؟
Comments
Post a Comment