ھيرو خان جو قديم قبرستان عزيز ڪنگراڻي ڳوٺ هيرو خان جوهي تعلقي، ضلعي دادو ۾ ڪاڇي واري علائقي ۾ قديم ڳوٺ آهي. هيءُ ڳوٺ جوهي شهر کان اٽڪل ۲۵ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر-اولهه ۾ قائم آهي. مقامي روايتن موجب هيرو خان لغاري هو جيڪو وڏو اثر رسوخ رکندڙ شخص هو. غالبن هيرو خان ڪلهوڙن جي دور جو هو. ڪلهوڙن جي دور ۾ ميانوال تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن فوجي فقير جو تعلق به ڳوٺ هيرو خان سان هو.
ڪاڪڙيءَ جو قلعو سنڌي مزاحمت جو اھڃاڻ محمد صالح سولنگي تاريخي ماخذن مطابق ڪاڪڙي هڪ پرڳڻي جو نالو آهي. گمبٽ جي آسپاس ۾ موجود ڪاڪڙي پرڳڻي جي سڃاڻپ ماضي ۾ سنڌ جي مزاحمت جو اهم اهڃاڻ رهي آهي. جيتوڻيڪ، تاريخ ۾ هن پرڳڻي جو ڪو خاص ذڪر نٿو ملي. پر اسٿاني روايتن مطابق هن پرڳڻي ۾ هڪ قلعو هوندو هو، جنهن کي پڻ “ڪاڪڙي جو قلعو” چيو ويندو هو. هي اهو قلعو آهي، جنهن جي دفاع ۾ ڌرتي ڌڻين خون جو خراج پيش ڪيو.
ستين جو آستان ۽ تاريخ جو بدترين بگاڙ عزيز ڪنگراڻي سنڌ جي تاريخ توڙي سنڌ جي اڪثر اهم تاريخي ماڳن جي اصل تاريخ سان ويڌن ٿيل آهي. ڪنهن به مورخ انهن بابت ڪا مستند تحقيق پيش رفت نه ڪئي آهي. تاريخ کي به افسانوي ادب سمجهي لکيو ويو آهي. اهو ڪلور روهڙي ڀرسان ستين جي آستان نالي ماڳ سان به ٿيل آهي.
نئون ڪوٽ عنايت کٽياڻ نئون ڪوٽ ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي مٺيء جي مھاڙي ۾ ميرپورخاص کان ۶۴ ڪلوميٽر ڏکڻ پاسي مٺيء ويندڙ نئين شاهراھ تي آهي، هي ڪوٽ مير ڪرم علي خان ٽالپر سن ۱۸۱۴ ع ۾ ٺهرايو. سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ دوران ٿر تي مقامي سوڍا ئي راڄ ڪندا هئا، ليڪن ڪلهوڙن کي ڏن ڏيندا هئا ۽ عمر ڪوٽ جو قلعو جوڌپور جي مھاراجه جي قبضي ۾ هئو، ڪلهوڙن کان بعد ٽالپرن سنڌ جون واڳون سنڀاليون ته ٿر وارن ٽالپرن کي ڏن ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو جنهن تي ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان طئي ڪيو ته ٿر جا سوڍا قابوءَ ۾ ڪرڻ لاءِ ٿر ۾ ڪوٽ ٺهرايا وڃن ۽ پوءِ سڀ کان پهرين مٺيءَ ۾ سن ۱۷۸۵ ع ۾ قلعو ٺهرايو ويو ۽ مٺيءَ تي فتح ڳڙهه نالو رکيو ويو، ڪجهه سپاهه اتي رکيو ويو ۽ ڪاردار مقرر ڪري سوڍن کان پيدائش مان پنج حصا ڪري ٻه حصا ٽالپر ڍل طور وٺندا هئا ۽ ٽي حصا سوڍن جا هوندا هئا، ان کان پوءِ شهر ٻاهران ڀٽ تي مورچي طور سن ۱۷۸۹ ع ۾ ننڍو قلعو ٺهرايو جنهن جا آثار اڄ به مٺيءَ واري ڀٽ تي موجود آهن.