Skip to main content

Posts

ڪنڊيارو - شفيق جوکيو

ڪنڊيارو نرمل نيارو شفيق جوکيو ڪنڊيارو اصل شهر هڪ دڙي تي ٻڌل آهي، جيڪو اٺ ڪلو ميٽر چورس تي پکڙيل آهي. سڄي شهر ۾ ۳۰ کن ننڍيون وڏيون چاڙهيون ۽ لنهواريون آهن. جيڪي وڌ ۾ وڌ ۸۰ فوٽ، گهٽ ۾ گهٽ ۴۰ فوٽ تي مشتمل آهن.

ھيرو خان جو قديم قبرستان - عزيز ڪنگراڻي

ھيرو خان جو قديم قبرستان عزيز ڪنگراڻي ڳوٺ هيرو خان جوهي تعلقي، ضلعي دادو ۾ ڪاڇي واري علائقي ۾ قديم ڳوٺ آهي. هيءُ ڳوٺ جوهي شهر کان اٽڪل ۲۵ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر-اولهه ۾ قائم آهي. مقامي روايتن موجب هيرو خان لغاري هو جيڪو وڏو اثر رسوخ رکندڙ شخص هو. غالبن هيرو خان ڪلهوڙن جي دور جو هو. ڪلهوڙن جي دور ۾ ميانوال تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن فوجي فقير جو تعلق به ڳوٺ هيرو خان سان هو.

ڪاڪڙيءَ جو قلعو - محمد صالح سولنگي

ڪاڪڙيءَ جو قلعو سنڌي مزاحمت جو اھڃاڻ محمد صالح سولنگي تاريخي ماخذن مطابق ڪاڪڙي هڪ پرڳڻي جو نالو آهي. گمبٽ جي آسپاس ۾ موجود ڪاڪڙي پرڳڻي جي سڃاڻپ ماضي ۾ سنڌ جي مزاحمت جو اهم اهڃاڻ رهي آهي. جيتوڻيڪ، تاريخ ۾ هن پرڳڻي جو ڪو خاص ذڪر نٿو ملي. پر اسٿاني روايتن مطابق هن پرڳڻي ۾ هڪ قلعو هوندو هو، جنهن کي پڻ “ڪاڪڙي جو قلعو” چيو ويندو هو. هي اهو قلعو آهي، جنهن جي دفاع ۾ ڌرتي ڌڻين خون جو خراج پيش ڪيو.

ستين جو آستان - عزيز ڪنگراڻي

ستين جو آستان ۽ تاريخ جو بدترين بگاڙ عزيز ڪنگراڻي سنڌ جي تاريخ توڙي سنڌ جي اڪثر اهم تاريخي ماڳن جي اصل تاريخ سان ويڌن ٿيل آهي. ڪنهن به مورخ انهن بابت ڪا مستند تحقيق پيش رفت نه ڪئي آهي. تاريخ کي به افسانوي ادب سمجهي لکيو ويو آهي. اهو ڪلور روهڙي ڀرسان ستين جي آستان نالي ماڳ سان به ٿيل آهي.

ٺلھ لالو رائنڪ - عزيز ڪنگراڻي

ٺلھ لالو رائنڪ عزيز ڪنگراڻي ٺلهه ٻڌ ڌرم جي عبادت گاهه آهن، جيڪي مذهبي طور مقدس ليکيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ ٻڌمت موريا گهراڻي جي حڪمران اشوڪا يا آسوڪا جي دور ۾ اٽڪل ۳۲۲ قبل مسيح ۾ پکڙيو. اشوڪا ٻڌ مت کي وڏي هٿي ڏني. اشوڪا جي زماني ۾ ٻڌ ڪانفرنسون ٿينديون هيون، جن ۾ سنڌ جا ڀڪشو به شريڪ ٿيندا هئا. موريا گهراڻي کانپوءِ سنڌ تي راءِ گهراڻو اٽڪل ۴۵۰ ع کان حڪمران رهيو، جيڪو پڻ ٻڌ مت جو قائل رهيو. لڳ ڀڳ ۶۳۱ ع ۾ چچ برھمڻ گهراڻي جي حڪومت جو پايو رکيو پر سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم رهيو. چچنامي موجب برھمڻ گهراڻي جي حڪمران راجا ڏاهر جي دور ۾ سنڌ ۾ ٻڌيا پرڳڻو هو، جيڪو سيوهڻ کان ويندي اتر طرف لڳ ڀڳ سبي واري علائقي تائين قائم هو. سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم ثانوي حيثيت ۾ عرب دور کان سومرا دور تائين رهيو. ايم ايڇ پنهور موجب ٻڌ ڌرم سنڌ ۾ ۱۳ صدي عيسوي تائين رهيو. لاڙڪاڻي يا هاڻ شايد قمبر- شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ٻڌ هن وقت ذات به آهي.

سکر جو گھنٽا گھر - فاروق سومرو

سکر جو گھنٽا گھر ٻاويھ سالن جو ٿي ويو فاروق سومرو انگريز دور ۾ بهترين ۽ دلڪش انداز ۾ تعمير ٿيل گهنٽا گهر کي هاڻ ۸۲ سال مڪمل ٿي ويا آهن پر سنڌ حڪومت، سکر انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي سبب هي تاريخي گهنٽا گهر پنهنجي سونهن وڃائي ويٺو آهي، قديمي ۽ تاريخي حيثيت رکندڙ گهنٽا گهر جي چوڌاري مصروف ترين بازارون موجود آهن جتي تمام گهڻي آمد رفت هجي ٿي، ريڙها، بي ترتيب گاڏيون بيهارڻ ۽ حددخلين سبب چوڪ سوڙهو ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هر وقت ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول بڻيل آهي.

نئون ڪوٽ - عنايت کٽياڻ

نئون ڪوٽ عنايت کٽياڻ نئون ڪوٽ ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي مٺيء جي مھاڙي ۾ ميرپورخاص کان ۶۴ ڪلوميٽر ڏکڻ پاسي مٺيء ويندڙ نئين شاهراھ تي آهي، هي ڪوٽ مير ڪرم علي خان ٽالپر سن ۱۸۱۴ ع ۾ ٺهرايو. سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ دوران ٿر تي مقامي سوڍا ئي راڄ ڪندا هئا، ليڪن ڪلهوڙن کي ڏن ڏيندا هئا ۽ عمر ڪوٽ جو قلعو جوڌپور جي مھاراجه جي قبضي ۾ هئو، ڪلهوڙن کان بعد ٽالپرن سنڌ جون واڳون سنڀاليون ته ٿر وارن ٽالپرن کي ڏن ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو جنهن تي ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان طئي ڪيو ته ٿر جا سوڍا قابوءَ ۾ ڪرڻ لاءِ ٿر ۾ ڪوٽ ٺهرايا وڃن ۽ پوءِ سڀ کان پهرين مٺيءَ ۾ سن ۱۷۸۵ ع ۾ قلعو ٺهرايو ويو ۽ مٺيءَ تي فتح ڳڙهه نالو رکيو ويو، ڪجهه سپاهه اتي رکيو ويو ۽ ڪاردار مقرر ڪري سوڍن کان پيدائش مان پنج حصا ڪري ٻه حصا ٽالپر ڍل طور وٺندا هئا ۽ ٽي حصا سوڍن جا هوندا هئا، ان کان پوءِ شهر ٻاهران ڀٽ تي مورچي طور سن ۱۷۸۹ ع ۾ ننڍو قلعو ٺهرايو جنهن جا آثار اڄ به مٺيءَ واري ڀٽ تي موجود آهن.