Skip to main content

ٺلھ لالو رائنڪ - عزيز ڪنگراڻي


ٺلھ لالو رائنڪ
عزيز ڪنگراڻي
ٺلهه ٻڌ ڌرم جي عبادت گاهه آهن، جيڪي مذهبي طور مقدس ليکيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ ٻڌمت موريا گهراڻي جي حڪمران اشوڪا يا آسوڪا جي دور ۾ اٽڪل ۳۲۲ قبل مسيح ۾ پکڙيو. اشوڪا ٻڌ مت کي وڏي هٿي ڏني. اشوڪا جي زماني ۾ ٻڌ ڪانفرنسون ٿينديون هيون، جن ۾ سنڌ جا ڀڪشو به شريڪ ٿيندا هئا. موريا گهراڻي کانپوءِ سنڌ تي راءِ گهراڻو اٽڪل ۴۵۰ع کان حڪمران رهيو، جيڪو پڻ ٻڌ مت جو قائل رهيو. لڳ ڀڳ ۶۳۱ع ۾ چچ برھمڻ گهراڻي جي حڪومت جو پايو رکيو پر سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم رهيو. چچنامي موجب برھمڻ گهراڻي جي حڪمران راجا ڏاهر جي دور ۾ سنڌ ۾ ٻڌيا پرڳڻو هو، جيڪو سيوهڻ کان ويندي اتر طرف لڳ ڀڳ سبي واري علائقي تائين قائم هو. سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم ثانوي حيثيت ۾ عرب دور کان سومرا دور تائين رهيو. ايم ايڇ پنهور موجب ٻڌ ڌرم سنڌ ۾ ۱۳ صدي عيسوي تائين رهيو. لاڙڪاڻي يا هاڻ شايد قمبر- شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ٻڌ هن وقت ذات به آهي.


سنڌ ۾ سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسي ٻڌ ڌرم جا آثار ۽ ٺلهه موجود آهن. سنڌو درياهه جي ساڄي ڪناري سان دادو ضلعي کان وٺي لاڙڪاڻي، قمبر - شهدادڪوٽ، ڪشمور -ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ ٻڌ ڌرم جي ٻين آثارن سان گڏ ٻڌ ڌرم جا ٺلهه به موجود آهن، جيڪي هن وقت نظر اندازي جو شڪار آهن. هنن ٺلھن بابت ڪجهه محققن جا ڀوڳ جهڙا رايا آهن ته عام ماڻهو به سندن انهيءَ راءِ کي اهميت ڏين ٿا. انهي راءِ پٺيان مذهبي سوچ جو عمل دخل آهي يا وري انگريز سرڪار جي باقيات جو اثر آهي. انهن محققن جي راءِ آهي ته اهي ٺلهه نه پر آڳاٽن رستن تي انگريزن پاران ٺهيل واچ ٽاور يا روشني جا مينار يا راهه ڏسڻا آهن، انهن تي رات جي وقت باهه ٻاري ويندي هئي ته قافلا نه ڀلبا هئا. ڪن جو وري اهو خيال آهي ته انهن تي حڪمران خاص طور انگريز سرڪار جا ڪارندا ويهي علائقي تي ڪرڙي نظر رکندا هئا. ٺلهه جي جڳهه يا محل وقوع کي ڏسبو ته آهي سڀ ٺلهه هڪ رستي سان ناهن. وڏي ڳالهه ته ٺلهه کيرٿر جابلو سلسلي ۾ جبلن اندر به ٺهيل آهن جيڪي رستن سان نه آهن. اهي قديم بستين ڀرسان تعمير ٿيل آهن. جبلن ۾ جبل جون وڏيون چوٽيون هوندي، چوڪي يا ڪرڙي نظر لاءِ ٺلهن جي ضرورت ڪيئن پئي. تفصيل لاءِ “ڪاڇو هڪ اڀياس” ۽ “اي گلمپس ان ٽه هسٽري آف سنڌ” ڪتاب پڙهڻ گهرجن.
ٺلهه لالو رائنڪ به ٻڌ ڌرم جي عبادت گاهه آهي. هيءُ ٺلهه به ايترو ئي قديم آهي جيترا سنڌ ۾ ٻيا ملندڙ ٺلهه قديم آهن. هيءُ ٺلهه ضلعي قمبر- شهدادڪوٽ جي تعلقي وارهه جي ڳوٺ لالو رائنڪ کان اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع آهي ۽ بي ڌياني جي ور چڙهيل آهي. ٺلهه اوچائي ۾ اٽڪل ۲۵ کان ۳۰ فوٽ آهي. هن ٺلهه جو گولائي وارو گهيرو ۳۰ فوٽ ٿيندو. ٺلهه جي چوٽي سر ڪرڻ لاءِ ٺلهه کي اتر طرف کان ڏاڪڻ جا نشان معلوم ٿيڻ ٿا جيڪي هاڻ بلڪل اڻ چٽا رهجي ويا آهن. مطلب ته ٺلهه جي ڏاڪڻ جا نشان ميسارجي ويا آهن.
ٺلهه لالو رائنڪ جو چوٽي کان هيٺ وچ وارو حصو کوهه نما پڪ سرو جوڙيل آهي. دادو ضلعي جي جوهي تعلقي جي ٺلهه ڳوٺ واري ٺلهه ۽ هيرو خان واري ٺلهه جي اڏاوت به لڳ ڀڳ ساڳي ٺلهه لالو رائنڪ جهڙي آهي. ٺلهه هيرو خان ۽ ٺلهه لالو رائنڪ جي اڏاوت ۾ ڪو فرق ناهي. ٺلهه لالو رائنڪ جي اڏاوت ۾ ڪچيون ۽ پڪيون سرون ڪم آيل آهن. سرون ڊيگهه توڙي ويڪر ۾ وڏيون آهن. ٺلهه لالو رانئڪ ۾ ٺلهه هيرو خان وانگر ونگ تي جڙيل هڪ اهڙي اڏاوت آهي جيڪا ٺلهه جي اتر ڏکڻ آرپار آهي. اها اڏاوت ڪنهن ڀڪشو يا ڀڪشوڻي جي ويهڪ جي جاءِ لڳي ٿي. هن ٺلهه کي ساريالي فصل سبب سم وغيره جو سيڄ گھيريل آهي. جتي موهن جو دڙو نڌڻڪائپ جو شڪار هجي اتي ٺلهه لالو رائنڪ جي تاريخي ورثي جي محفوظ ڪرڻ جي ڇا ڳالهه ڪجي؟

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]