Skip to main content

ڪنڊيارو - شفيق جوکيو


نرمل نيارو
شفيق جوکيو
Image result for kandiaro
ڪنڊيارو اصل شهر هڪ دڙي تي ٻڌل آهي، جيڪو اٺ ڪلو ميٽر چورس تي پکڙيل آهي. سڄي شهر ۾ ۳۰ کن ننڍيون وڏيون چاڙهيون ۽ لنهواريون آهن. جيڪي وڌ ۾ وڌ ۸۰ فوٽ، گهٽ ۾ گهٽ ۴۰ فوٽ تي مشتمل آهن.


ڪنڊيارو شهر ۾ ۲۰۰ کن مٺي پاڻيءَ جا کوهه ۽ کوهيون هوندا هئا. جن ۾ پئنچاتي کوهه ۽ مجسدن مندرن، باغن ۽ ٻنين جا کوهه ۽ مسافر گهرن جا کوهه سڀ شامل آهن. جتان مسافرن کان سواءِ جانورن؛ گهوڙن، گڏهن ۽ اٺن جي پاڻي پيئڻ لاءِ، جيڪي قافلن سان گڏ هوندا هئا، شامل آهن.
ڪنڊيارو جي اتر ۾ محبت ديرو-موهن جو دڙو روڊ تي، مکي جهامنداس جو ۷۰ کن ايڪڙن تي مکي جهامنداس جي نالي باغ ۾ هڪ بنگلو هوندو ھو. ٿي سگهي ٿو ته اڃا به ۱۰۰ ايڪڙن تي هجي. مکي جهامنداسن جي باغ ۾ وري اندر ۲۰۰۰ هزار گزن تي بنگلو هوندو هو، جنهن ۾ انب، نارنگيون، گريٽ فروٽ، ڪينو، فلٽر ۽ زيتون پوکيل هوندا هئا. ان کان سواءِ ڪڻڪ، ڪپهه ۽ جوار به پوکي ويندي هئي.
مکي جهامنداس جو سنڌ منجهان لڏي وڃڻ جي ڪري، مکي جهامنداس پنهنجو باغ، بنگله ۽ ڪنڊيارو شهر ۾ هڪ ۳۰ ڪمرن واري جڳهه، ڪنڊياري جي خانصاحب عبد العليم اڄڻ ايس اي ايريگيشن کي لکي ڏئي هليو ويو.
ڪنڊيارو شهر ۾، ۵۰ مسجدون هونديون هيون ۽ ۲۰ کن مندر ۽ ٽڪاڻا هوندا هئا.
مسجدون ۽ مندر/ ٽڪاڻا سڀ آباد هوندا هئا. جتي مسلم يا هندو مسافر مفت ۾ رهندا ۽ کائيندا پيئندا هئا. گهر ڀاتي مسافرن کي کارائڻ کان سواءِ ڪني منجهان اڳ گرهه به کڻي ڪو نه کائيندا هئا، جيستائين ڪنهن مسافر کي نه کارائين.
ڪنڊيارو ۾ ۱۵ ڍنڍون هونديون هيون جن ۾ بدڪون ڪاز، آڙيون، ڀوتيون، پيڻ، ڊگوش ۽ سائبيريا جا پکي پکڻ هوندا هئا ۽ مسافر پکيئڙا به ايندا هئا جن جو ذڪر لکي چڪم، ان کان سواءِ ڪنول جا گل پٻڻ بهه لوڙهه مڇي وغيره هوندا هئا.
سنڌي هندو اسنان ڪندا هئا، ۽ ڪپڙا وغيره اتي وڃي انهن جون عورتون ڌوئنديون هيون. مجال آهي جو ڪو مرد ان پاسي اک کڻي به ڏسي. منهنجي ڏاڏي ناني پڻ اتي ڪپڙا ڌوئنديون هيون. باقي سرنديءَ وارن کي سندن گهر ۾ کوهه هوندا هئا.
ڪنڊيارو شهر ۾ چمنداس بازار جي ڀر ۾ هڪ سنڌي هندوءَ جي سئنيما آهي جيڪا دنيا جي ڀلوڙ سئنيما منجهان آهي، سنڌي هندو ته الائجي ڪهڙو نالو رکيو هوس، پر هاڻ وينس سئنيما جي نالي سان آهي، جيڪو هن وقت سيد مراد علي شاهه ڀريا واري جي هٿ ۾ آهي، خبر ناهي ته هلندي آهي يا نه؟
ڪراچي ۾ ۱۸۴۳ع کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ سنڌي هندو ڪنڊيارو، ڀريا، شڪارپور، دادو، خدا آباد، مٺياڻي، همائو، شهميرديرو محبت ديرو، ڪوٽڙي، خانواهڻ، هالاڻي، درٻيلو، ڪمالديرو ۽ ميهڙ جا آباد ٿيا.

Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

جوڻاڻي

جوڻاڻي جَناني Junani - هڪ قديم وساريل شهر تحقيق ۽ تعارف: ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جوڻاڻيءَ جو قديم تاريخي شهر، سنڌ صوبي جي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي وارهه ۾ هڪ قديم ۽ سهڻو شهر ٿي گذريو آهي. هيءُ شهر سنڌونديءَ جي اوڀر ڪناري تي آباد ۽ وڻندڙ هيو. هن وقت موجوده وهڪري کان گهڻو اولهه طرف واقع آهي. ”هن درياهه جو بنياد سنڌودرياهه جا وهڪرا آهن، جيڪي اولهه کان اوڀر طرف پيٽ مٽائيندا رهيا آهن. جڏهن ”جهڪر جو دڙو“ ۽ ”لوهم جو دڙو“ آباد هئا. تڏهن درياهه انهن جي اولهه طرف وهندو هئو. هن زماني ۾ اهي دڙا خود درياهه جي اولهه ۾ آهن ۽ اها جاءِ وقوع جي تبديلي هنن دڙن جي تباهيءَ جو واضح سبب آهي.“ (صديقي- ۵۱ - ۱۹۹۶ ع) سنڌودرياهه جي وهڪرن بابت هڪ الڳ مضمون ۾ بيان ڪيو آهي، هتي اهڙي ذڪر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. مٿئين احوال جي آڌار تي چئي ٿو سگهجي ته سنڌو درياهه پنهنجا پاسا مٽائيندو رهيو آهي. جنهن جي ڪري ڪي شهر ڦِٽندا ويا ته ڪن جو وري نئون بنياد پيو. اهڙن شهرن جي اُسرڻ ۽ برباد ٿيڻ جو سنڌودرياهه ئي جوابدار آهي. ”سنڌ جون بستيون پراچين دور کان وٺي سنڌونديءَ جي سهاري آباد پَئي ٿيون آهن. ۽ انهي موجي درياهه جي ر...