نئون ڪوٽ
عنايت کٽياڻ
نئون ڪوٽ ٿرپارڪر
ضلعي جي تعلقي مٺيء جي مھاڙي ۾ ميرپورخاص کان ۶۴ ڪلوميٽر ڏکڻ پاسي مٺيء ويندڙ نئين شاهراھ تي آهي، هي ڪوٽ مير ڪرم علي خان ٽالپر
سن ۱۸۱۴ع ۾ ٺهرايو. سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ دوران ٿر تي مقامي سوڍا ئي راڄ ڪندا
هئا، ليڪن ڪلهوڙن کي ڏن ڏيندا هئا ۽ عمر ڪوٽ جو قلعو جوڌپور جي مھاراجه جي قبضي ۾ هئو،
ڪلهوڙن کان بعد ٽالپرن سنڌ جون واڳون سنڀاليون ته ٿر وارن ٽالپرن کي ڏن ڏيڻ بند ڪري
ڇڏيو جنهن تي ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان طئي ڪيو ته ٿر جا سوڍا قابوءَ ۾ ڪرڻ
لاءِ ٿر ۾ ڪوٽ ٺهرايا وڃن ۽ پوءِ سڀ کان پهرين مٺيءَ ۾ سن ۱۷۸۵ع ۾ قلعو ٺهرايو ويو ۽ مٺيءَ تي فتح ڳڙهه
نالو رکيو ويو، ڪجهه سپاهه اتي رکيو ويو ۽ ڪاردار مقرر ڪري سوڍن کان پيدائش مان
پنج حصا ڪري ٻه حصا ٽالپر ڍل طور وٺندا هئا ۽ ٽي حصا سوڍن جا هوندا هئا، ان کان
پوءِ شهر ٻاهران ڀٽ تي مورچي طور سن ۱۷۸۹ع ۾ ننڍو قلعو ٺهرايو جنهن جا آثار اڄ به مٺيءَ واري ڀٽ
تي موجود آهن.
چيو وڃي ٿو ته هي ٻئي
ڪوٽ سن ۱۸۴۴ع ۾ زلزلي اچڻ ڪري ڊهي ويا، هاڻي شهر واري ڪوٽ جي جاءِ تي اسپتال آهي جيڪا ڪشمير
چوڪ جي ڀر ۾ ٻڌائي وڃي ٿي، مٺيءَ کانسواءِ سن ۱۷۹۵ع ۾ اسلام ڳڙهه جو قلعو ٺهرايو ويو جيڪو هاڻي
اسلام ڪوٽ سڏجي ٿو، هي به فتح ڳڙهه جيترو ئي ڪوٽ هئو، هن جون ديوارون ۳۰ فوٽ اونچيون ۽ چئني ڪنڊن تي برج هئا، اوڀر
پاسي کان دروازو هئس ۽ ان لاءِ به هڪ برج ٺهيل هئو، هي قلعو به ڊهي ويو آهي ۽ ان
جاءِ تي اسڪول ٺهيل آهي، هن ڪوٽ جي ٺهرائڻ کانپوءِ سن ۱۸۰۰ع ۾ چيلهار، سينگاري ۽ کُڏي ۾ قلعا ٺهرايا
ويا، هنن سڀن قلعن جي تعمير هڪ جهڙي هئي جيڪي هاڻي سڀ ڊهي ويا آهن، چيو وڃي ٿو ته
انگريزن پنهنجي دور ۾ هنن قلعن کي پاڻ تباهه ڪيو ته جيئن باغين جي ڪم نه اچي سگهن،
ڇو ته مياڻي ۽ دٻي جي جنگ هارائڻ کانپوءِ مير شير محمد خان ٽالپر ٿر جي هنن ڪوٽن ۾
پنهنجو سپاهه گڏ ڪرڻ لاءِ ڦيرا لڳائيندو هئو. ٿر ۾ ننڍن قلعن کي گڊ سڏيو ويندو
آهي، انڪري مٺي جي ڀٽ جتي هاڻي تفريحگاھ ٺاهي ويئي آهي، ان جي هڪ پاسي تي ننڍو
قلعو ٺهيل هئو جيڪو مورچي طور ڪم ايندو هئو، ان ڪري ئي ڀٽ کي گڊ سڏيو وڃي ٿو.
هن وقت نئين ڪوٽ جو
قلعو ميرپورخاص کان مٺي ويندر نئين شاهراهه تي نئون ڪوٽ شهر کان ٻاهر نڪرندي کٻي هٿ
تي آهي، ڪوٽ جي دروزاي وارا ٻائي شاندار برج ٿر جي هن هنڌ واري کي سڌي زمين تي
اونچي ڳاٽ سان پري کان ئي نظر اچن ٿا ۽ سندسن اونچائي مضبوطي پهرين نظر ۾ ئي ڏسدڙ
کي قائل ڪري ٿي ته هي ڪوٽ پوري ٿر جو رکوال ۽ محافظ قلعو آهي.
نئون ڪوٽ مير ڪرم
علي خان ٽالپر سن ۱۸۱۴ع ۾ ٺهرايو، مير ڪرم علي خان ۱۸۱۲ع ۾ حڪومت جي مسند سنڀالي ۽ سن ۱۸۱۳ع ۾ جوڌپور جي راجا کان عمر ڪوٽ فتح ڪيو ۽
پوري ٿر تي پنهنجو ڪنٽرول پڪو ڪرڻ لاءِ سن ۱۷۱۴ع ۾ نئون ڪوٽ ٺهرايو، هي ڪوٽ ٿر جي ٻين قلعن کان وڏو ۽
مضبوط قلعو آهي، ڪوٽ چورس نظر اچي ٿو جنهن جي ماپ اڪثر ڪتابن ۾ ويڪر ۶۰۰ فوٽ ۽ ڊيگهه ۶۴۰ فوٽ لکي آهي، ليڪن اشتياق انصاري صاحب ۳۶۶ فوٽ ۽ ۳۱۸ فوٽ لکي ٿو جيڪو تمام وڏو فرق آھي. ڀتين ۽
برجن جي زمين کان اونچائي ۳۰ فوٽ آهي جنهن ۾ مٿي مارا به ٺهيل آهن ۽ برساتي پاڻي جي
نيڪال لاءِ نيسارا ٺهيل آهن، جيڪي برجن ۽ ڀتين جي خوبصورتيءَ کي واڌائن ٿا، ڪوٽ ۾ ٽوٽل
۹ عدد برج آهن چئني ڪڊن تي برج آهن ۽ ٽن ڀتين کي وچ ۾ به برج آهن ، هنن برجن
۾ ٻاهرين دروازي جي حفاظت لاءِ هڪ وڏو برج آهي جنهن جي ٿولهه ۱۴۰ فوٽ آهي هي برج مک دروازي کي لڪايون بيٺو آهي
، هن برج کان سواءِ ٻيا برج به مضبوط برج آهن پر هي سڀن کان سگهارو آهي، ڪوٽ جي
اندران ۱۲ فوٽ ويڪري فصيل ڏنل آهي،جيڪا ڪوٽ ۽ برجن کي وڏي طاقت بخشي ٿي، هن ڪوٽ جي
برجن جي اڏاوت تمام خوبصورت ۽ مضبوط ٿيل آهي، سڀ برج زمين تي اٺ جي پير وانگر تراکڙا
ڪجهه فوٽن کان پوءِ لهنوارو ٿي مٿي اونچا ٿين ٿا، ڪوٽ جو اندريون دروازو اوڀر ڀت ۾
آهي، پر هن جي ٻاهران چورس دمدمو آهي جيڪو انداران ۴۸ باءِ ۴۰ فوٽ آهي، جيڪو اندرين دروازي جي حفاظت ڪري ٿو،
جيڪو پاڻ هڪ ننڍو قلعو آهي، ٻاهريون مک دروازو هن دمدمي جي ڏکڻ ڀت ۾ آهي جنهن جي
حفاظت لاءِ ٻاهران هڪ مک وڏو برج ۽ ٻيو برج آهن، هن دمدمي کي هڪ ٻيو برج اوڀر واري
پاسي آهي جيڪو برج دمدمي سان گڏ اوڀر ڀت جي نظر داري به ڪري ٿو ، مک دروازي کان
اندر ايندي ٻنهي پاسن کان چوڪيدارن لاءِ ڪوٺڙيون ٺهيل آهن، دروازي جي ويڪر ۱۲ فوٽ ۽ گهٽي ۲۰ فوٽ ڊگهي آهي جنهن مان گذري اچي دمدمي ۾
پهچجي ٿو، جنهن جي اندرين فصيل ۲۰فوٽ ويڪري آهي ۽ ٻن پاسن کان فصيل هيٺ سپاهين لاءِ بيرڪون
ٺهيل آهن، بهرحال ڪوٽ جي حفاظت لاءِ جي هڪ مضبوط دمدمو آهي جنهن جهڙو سنڌ جي ڪنهن ٻي
ڪوٽ ۾ نظر نه ٿو اچي، نئين ڪوٽ جو اندريون در به ۱۲ فوٽ ويڪرو آهي ۽ هن واري گهٽي به ٻاهرين
دورازي واري گهٽيءَ جيتري آهي، هن ۾ به ٻنهي پاسن کان چوڪيدارن لاءِ ڪوٺڙيون ٺهيل
آهن، گهٽيءَ کان ڪوٽ ۾ داخل ٿبو ته ڪوٽ تي مٿي چڙهڻ لاءِ ٻنهي پاسن کان ويڪريون ڏاڪڻيون
آهن، جن تان مٿي چڙهي ۱۲ فوٽ ويڪري فصيل تي ۽ برجن تي وڃي سگهجي ٿو، ڪوٽ اندر وڏو خالي ميدان آهي
منڍ ۾ ڪجهه وڻن جو ڇانورو آهي، ، اندرين در کان ڪوٽ ۾ داخل ٿبو ته سڄي هٿ تي ڀت جي
ڀرسان رهائشي جاين جا کنڊر آهن جيڪي ٻڌائن ٿا ته هتي مير صاحبن جي رهائش هوندي
هئي، ڇو ته ويڪرا ويڪرا ڪمرا ۽ ڀتين ۾ ونگ ۽ دريون خوبصورت جاءِ جي آثارن جي نشاندهي
ڪن ٿيون، ٻئي پاسي ڪوٽ جي ڏاکڻي ڀت جي ڀرسان بارود خانو ٺهيل آهي جيڪو هڪ وڏو چورس
ڪمرو آهي جنهن جي مٿان گنبذ ٺهيل آهي ۽ هڪ پاسي کان ننڍو محرابدار دروازو آهي جنهن
کان سواءِ ڪا به دري يا روشندان نه آهي ، هتي بارود رکيو ويندو هوندو، انهي پاسي هڪ
ٻيو بارود خانو به آهي جنهن جي ڇت ڊهي وئي آهي،بهرحال نئون ڪوٽ ۽ ڏجيءَ جو قلعو سنڌ
جا آخري تعمير ٿيل قلعا آهن جن کان پوءِ قلعن جي تعمير سڄي دنيا ۾ رڪجي وئي ڇو ته
انهن جي اهيمت ختم ٿي وئي، نئين ڪوٽ جي برجن ۾ به توبون رکيل هونديون هيون جن لاءِ
مارا ٺهيل آهن، هڪ ڀيري جو ذڪر ملي ٿو ته انهن توبن سان مير ڪرم علي خان کي سلامي
پيش ڪئي وئي هئي.
ويجهي ماضي ۾ نئون ڪوٽ
زبون حال ٿي ويو هئو، ڀتين ۽ مورچن جا پلوڙا ڪري پيا هئا، ۽ مک ٻئي دروازا به ڀڄي ڀري
ويا هئا، ڪوٽ جي اها حالت ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيندو هو پر هاڻي ٻه مهينا اڳ نئين ڪوٽ تي وياسين
ته خوشي ٿي ڇو ته اتي مرمت جو ڪم هلي رهيو هو، ڀتين ۽ برجن جا پلوڙا مورچن سوڌو ٺهي
ويا آهن ۽ پراڻي ترز وارا مک دروازا به لڳي ويا آهن، بنيادن جي مرمت به ٿي چڪي
آهي، ڪوٽ جي اندرين جاين ۽ بارود خانن جو ڪم رهيل آهي جيڪو آميد آهي ته هاڻي ٿي
ويندو، هاڻي نئون ڪوٽ وري اصل حالت ۾ اچي ويو آهي جنهن کي ڏسي سرهائي ٿئي ٿي جنهن
لاءِ سنڌ جي آرڪيالاجي ڊپارٽمنٽ ۽ خاص ڪري سيد سردار شاهه کي جس ڏجي ٿو جنهن سنڌ
جي ٻين ماڳن جي سار سنڀال سان گڏ هن اهم ماڳ کي به بچائي ورتو آهي.
(ڊاڪٽر محمد علي
محمدي، جنھن ان ڪوٽ کي ٿر جي سفر تان موٽندي
۲۵ آگسٽ ۲۰۱۹ع تي ڏٺو، جي فيسبڪ وال تان کنيل)
Comments
Post a Comment