Skip to main content

ڪاڪڙيءَ جو قلعو - محمد صالح سولنگي

سنڌي مزاحمت جو اھڃاڻ
محمد صالح سولنگي
Image result for ‫ڪاڪڙيءَ جو قلعو‬‎
تاريخي ماخذن مطابق ڪاڪڙي هڪ پرڳڻي جو نالو آهي. گمبٽ جي آسپاس ۾ موجود ڪاڪڙي پرڳڻي جي سڃاڻپ ماضي ۾ سنڌ جي مزاحمت جو اهم اهڃاڻ رهي آهي. جيتوڻيڪ، تاريخ ۾ هن پرڳڻي جو ڪو خاص ذڪر نٿو ملي. پر اسٿاني روايتن مطابق هن پرڳڻي ۾ هڪ قلعو هوندو هو، جنهن کي پڻ “ڪاڪڙي جو قلعو” چيو ويندو هو. هي اهو قلعو آهي، جنهن جي دفاع ۾ ڌرتي ڌڻين خون جو خراج پيش ڪيو.


ڪاڪڙي جو قلعو ڪٿي آهي؟ تنهن بابت تاريخ معصومي ۾ ڪجهه حوالا ضرور آهن. جن مطابق هي قلعو سيٺارجا بالا ۽ پير ڪٽپر جي قبرستان جي آسپاس ۾ هو. پير ڪٽپر جي نالي سان اهو چئي سگهجي ٿو ته هي اصل ۾ “گنج شهيدان مرد ڪٽپر” جي نالي سان انهن شهيدن جو مقام هوندو جيڪي مغلن سان وڙهندي مارجي ويا. بعد ۾ ان تي پير ڪٽپر جو نالو پئجي ويو هجي. سيٺارجا بالا جي ڀرپاسي ۾ هن وقت ۾ سهتن- مڱڻيجن جي اڪثريت آهي، انهن جو سردار گهراڻو به اتي ئي رهي ٿو، جيڪي پڻ مڱڻيجا- سهتا سڏائيندا آهن.
سال ۱۵۷۴ع ۾ بکر جي امير سلطان محمود ڪوڪلتاش جي مري وڃڻ کانپوءِ سنڌ جو اتريون ڀاڱو مغلن کي هٿ آيو. ان وقت هندستان جو بادشاهه جلال الدين محمد اڪبر هو. جنهن لاءِ تاريخ ۾ رقم آهي ته سلطان محمود ڪوڪلتاش، پنهنجي موت کان اڳ ئي اڪبر بادشاهه کي نياپو ڪرايو هو ته “انتظامي لحاظ کان هي علائقو ڏکيو آهي منهنجي مرڻ کانپوءِ پنهنجو ڪو خاص ماڻهو هن بکر تي مقرر ڪجو!”
اڪبر بادشاهه، محمود ڪوڪلتاش جي مرڻ کان پوءِ پنهنجي خاص امير گيسو خان کي موڪليو ته هو وڃي بکر جو اقتدار سنڀالي، گيسو خان طبيعت جو ظالم شخص هو، جنهن جي ٻين ماڻهن سان گڏ بکر جي سيدن ۽ مخدومن پڻ شڪايت ڪئي، جنهن کانپوءِ مغلن طرفان ترسون خان کي موڪليو ويو، پر اهو اتفاق ته اهو شخص اڳئين حڪمران کان به وڌيڪ ظالم ۽ جابر نڪتو، جنهن جون پڻ ساڳئي ريت شڪايتون ڪيون ويون. هن ڀيري مغلن سوچي سمجهي سيد خاندان مان ئي سيد محمد عرف مير عدل امروهيءَ کي بکر جو گورنر ڪري موڪليو.
مير عدل امروهي جا وڏا اصل بکر جا هئا، پر ۱۵۲۱ع ۾ شاهه بيگ ارغون جي زيادتين کان تنگ تي مختلف علائقن کان ٿيندا امروهه ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئن! مير عدل، بکر جي گورنري ملڻ کان پوءِ پنهنجن کي نوازڻ جو سلسلو شروع ڪيو، ڪجهه تاريخن ۾ آهي ته مير عدل، پنهنجي ذات وارن کي ۵۰ هزار ايڪڙن زمين ڏني!
اها ڳالهه مقامي قبيلن، جن ۾ ڌاريجا، لاکا، مڱڻيجا- سهتا، اڳيان اڳيان هئا، تن کي پسند نه آئي، جنهن تان حڪومت انهن قبيلن تي خاص سختي شروع ڪري ڏني. هڪ پاسي سيوهڻ لشڪر موڪلي لاکن تي سختي وڌائي وئي، ته ٻئي پاسي گمبٽ ويجهو ڪاڪڙي جي قلعي ۾ مغلن پنهنجي فوج کي وڌائي مقامي ماڻهن تي ڏاڍ جا پهاڙ ڪيرائڻ شروع ڪيا. ايستائين جو مقامي برادرين، جن ۾ گهڻائي مڱڻيجن- سهتن جي هئي، انهن جي فصلن کي پڻ نقصان رسايو ويو.
عام ماڻهن جڏهن پنهنجن سردارن کي اهي شڪايتون ڪيون ۽ سردارن مغلن جي ڪاراون تائين ڳالهيون پهچايون ته بجاءِ جو ڪاراوا، ان ڳالهه جو تدارڪ ڪرائين، انهن مير عدل کي وڌائي ڳالهيون ٻڌايون، جنهن تي بکر جي گورنر وڌيڪ سختي ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. نتيجي ۾ مقامي طور پرامن مزاحمت هٿياربند جهدوجهد جي صورت اختيار ڪري ورتي.
مزاحمت جي پهرئين مرحلي ۾ سهتن- مڱڻيجن ڪاڪڙي جي قلعي تي قبضو ڪري ورتو ۽ اتي موجود سرڪاري اهلڪارن کي قتل ڪري انهن جا هٿيار هٿ ڪيا. اها خبر جڏهن بکر ۾ مير عدل وٽ پهتي، ته ان هڪ وڏي لشڪر ساڻ حملو ڪيو. مغلن ۽ مقامي قبيلن ۾ تمام وڏي جنگ لڳي، هن جنگ ۾ مير عدل زخمي ٿي پيو. لشڪر پويان پير ڪري بکر پهتو. هن جنگ ۾ ڌاريجن پڻ پنهنجي ذات وارن جي مدد ڪئي.
جنگ هارائڻ ۽ پسپائي جي خبر جڏهن دهليءَ تائين پهتي ته اتان سخت حڪم جاري ڪندي چيو ويو ته ڪنهن به قيمت تي مڱڻيجن- سهتن کي سبق سيکاريو وڃي. هڪ حڪمت عملي طور ۽ اٽڪل ۾ سرواڻي ڪندڙ عبدالحئي عرف ڄام ههيي کي گرفتار ڪري دهلي نيو ويو (جنهن جي تاريخ ٻئي ڀيري لکبي). جڏهن ته بکر جي گورنر مير عدل جي پٽ سيد ابوالفضل جي اڳواڻي ۾ هڪ وڏي فوج موڪلي وئي، هن فوج ۾ بگٽي، بلري، ناهر ۽ ٻيا بلوچ قبيلا پڻ مغلن جي پاسي وڙهڻ لاءِ پهتا هئا، انهن جو ارادو ڦرلٽ جو هو. مغلن جي طاقت کي ڏسي ڌاريجا، سهتن- مڱڻيجن کان الڳ ٿي ويا، ٻئي پاسي ماڇي ۽ ڏهر، جيڪي اڳ ئي مغلن جي عتاب هيٺ آيل هئا، اهي به مڱڻيجن جي مدد نه ڪري سگهيا، نتيجي ۾ سهتن- مڱڻيجن جو لشڪر، جيڪو مغلن جي شاهي فوج جي اڳيان ڳڻپ ۽ هٿيارن پهنوارن ۾ گهٽ هو، پر جان جي بازي لڳائي وڙهيو. هن جنگ کي سنڌ ۽ ساهتي جي تاريخ ۾ وڏي لڙائي چئي سگهجي ٿو، جنهن ۾ سهتن ۽ مڱڻيجن پنهنجا هزارين ڪونڌر قربان ڪيا پر دشمن اڳيان آڻ نه مڃي. هن جنگ ۾ مغل سامراج جي فوجين نه صرف لکين رپين جو سون ۽ ٻيو قيمتي سامان لٽيو پر ظلم جا اهڙا داستان رقم ڪيا، جن کي حڪومت جي هاشيه بردار مورخن ڪافرن جي قتلام سان تعبير ڪيو آهي. سرڪاري تاريخ ۾ وطن تان سر قربان ڪندڙ باغي، سرڪش ۽ ڪافر سڏيا ويا، جڏهن ته مغل حملي آور غازي ۽ شهيد جي لقب سان نوازيا ويا. هن تاريخي جنگ کان اڳ هڪ جهڙپ ۾ زخمي ٿيل مير عدل به مري ويو، جنهن کي هندستان جي تاريخ ۾ شهيد جو لقب ڏنو ويو. نوجوان تاريخ نويس علي رضا قاضي موجب سنڌ جا دڙا رڳو قديم آثار ناهن، پر ان تاريخي مزاحمت جا اهڃاڻ پڻ آهن، جن ۾ مقامي قبيلن هميشه ڌارين سان مهاڏو اٽڪايو آهي!
هن جنگ کان پوءِ، جنهن ۾ڌاريجن پنهنجي ذات وارن جو ساٿ نه ڏنو، اهي به مغلن جي عتاب کان بچي نه سگهيا. ٺيڪ ٻئي سال ۱۵۷۸ع ۾ مغلن ڌاريجن جي علائقي تي ڪاهه ڪري انهن جا سوين ڳوٺ برباد ڪري ڇڏيا. مير عدل جي مرڻ بعد هن جي پٽ ديهه بڪار ۾ جاگير ۾ فضل آباد نالي سان ڳوٺ ٻڌرايو. اتان جي سيدن کي بڪاري سيد به سڏيو ويندو آهي. سيد مير عدل لاءِ سيدن وٽ دولهه جو لقب آهي، ڇاڪاڻ ته ان پنهنجي ذات وارن کي تمام گهڻو نوازيو هو.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]