Skip to main content

سکر جو گھنٽا گھر - فاروق سومرو


سکر جو گھنٽا گھر
ٻاويھ سالن جو ٿي ويو
فاروق سومرو
Image result for clock tower sukkur
انگريز دور ۾ بهترين ۽ دلڪش انداز ۾ تعمير ٿيل گهنٽا گهر کي هاڻ ۸۲ سال مڪمل ٿي ويا آهن پر سنڌ حڪومت، سکر انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي سبب هي تاريخي گهنٽا گهر پنهنجي سونهن وڃائي ويٺو آهي، قديمي ۽ تاريخي حيثيت رکندڙ گهنٽا گهر جي چوڌاري مصروف ترين بازارون موجود آهن جتي تمام گهڻي آمد رفت هجي ٿي، ريڙها، بي ترتيب گاڏيون بيهارڻ ۽ حددخلين سبب چوڪ سوڙهو ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هر وقت ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول بڻيل آهي.


انگريز دور ۱۹۳۷ع ۾ تعمير ٿيل قديمي ۽ تاريخي گهنٽا گهر ۾ لڳل خالص ٽامي سان ٺهيل گهڙيال سبب هر ڪلاڪ تي گهنٽ وڄندو هو، جنهن جو آواز پري پري تائين آساني سان ٻڌو ويندو هو، جيڪڏهن وقت ۱۲ ٿيندو هو ته ۱۲ ڀيرا گهنٽ وڄندو هو، جنهن سان واپارين ۽ عام ماڻهن کي وقت جو پتو پوندو هو ۽ رات جي وقت آساني سان گهڙيال ۾ لڳل ڪانٽن جي چرپر (ٽڪ ٽڪ) جو آواز ٻڌي سگهبو هو، گهنٽا گهر جي چوڌاري گهڙيال لڳل هوندا هئا پر هاڻي صرف نشان وڃي بچيا آهن، تاريخي ۽ قديمي ورثي کي نقصان پهچائيندڙ ماڻهن گهڙيال جي هڪ سوئي به نه ڇڏي آهي، جنهن ڪري هاڻي ماڻهو گهنٽا گهر جي عروج واري زماني کي ياد ڪندي نظر اچن ٿا، جڏهن ته نئين نسل جا نوجوان توڙي وڏي انگ ۾ ماڻهو ان قديمي گهنٽا گهر جي اهميت ۽ اصل حالت کان به اڻ واقف آهن، جنهن ڪري هاڻي گهنٽا گهر کي گهڻو ڪري اشتهاري مهم طور استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن تي مختلف پارٽين جي اڳواڻن جا بينر لڳل نظر ايندا آهن. جڏهن ته مختلف وقتن تي محفوظ هجڻ جا بيان به سامهون آيا آهن پر هن وقت تائين نه گهنٽا گهر جي سونهن واپس ڪرائڻ توڙي لڳل گهڙيال ٻيهر لڳرائڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميه توڙي سکر جي چونڊيل نمائندن ڪو به تحرڪ ناهي ورتو آهي.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت، سکر مان چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي انتظاميه کي پنهنجي تاريخي ۽ قديمي ورثي گهنٽا گهر جي سونهن واپس موٽائڻ لاءِ تڪڙا ۽ جوڳا قدم کڻڻ گهرجن. ان سان گڏ انتظاميه کي تاريخي توڙي قديمي حيثيت رکندڙ عمارتون، جايون، ٽاورز ۽ ٻين تاريخي شين کي محفوظ بڻائڻ لاءِ به جوڳا قدم کڻي اهو مثال قائم ڪرڻ گهرجي ته اسان پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت سان واقعي به تمام گهڻي محبت ڪندا آهيون.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ساهتي پرڳڻو يا درٻيلو - ڊاڪٽر ذوالفقارعلي جلباڻي

ساهتي پرڳڻو يا درٻيلو مختصر تعارف ۽ تاريخي پسمنظر ڊاڪٽر ذوالفقارعلي جلباڻي ”ساهتي پرڳڻو“ ٻن لفظن ’ساهتي‘ ۽ ’پرڳڻي‘ جي مرڪبي صورت آهي، جا انتظامي ۽ جاگرافيائي، جاءِ وقوع، ڪنهن علاقائي صورتحال جي فهم جي لحاظ کان مخصوص ڪيل حدن اندر قائم ڪيل سرڪاري ۽ انتظامي شهر، صوبي يا آبادي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ رکيل نالو آهي. ”ساهتي پرڳڻي“ جو لغوي لحاظ کان جائزو وٺجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته ساهتي: اسم خاص سنڌ جي وچ واري ڀاڱي جو ادبي نالو- نوابشاهه ضلعي واري اَراضي.“ (بلوچ: ۱۹۸۵ ع ص، ۱۵۵۴ )