Skip to main content

ستين جو آستان - عزيز ڪنگراڻي


ستين جو آستان ۽ تاريخ جو بدترين بگاڙ
عزيز ڪنگراڻي
Image result for ‫ستين جو آستان‬‎
سنڌ جي تاريخ توڙي سنڌ جي اڪثر اهم تاريخي ماڳن جي اصل تاريخ سان ويڌن ٿيل آهي. ڪنهن به مورخ انهن بابت ڪا مستند تحقيق پيش رفت نه ڪئي آهي. تاريخ کي به افسانوي ادب سمجهي لکيو ويو آهي. اهو ڪلور روهڙي ڀرسان ستين جي آستان نالي ماڳ سان به ٿيل آهي.


ستين جي آسٿان يا آستان بابت مختلف ڏند ڪٿائي تاريخي روايتون آهن. هن ماڳ بابت ڪا به مستند تاريخ موجود ناهي. ڪن جو خيال آهي ته مير ابوالقاسم نمڪين جي قبرستان واري ٽڪري وارو ماڳ اول ستين جو آسٿان سڏبو هو. اڪبر نامي ۾ “ڪوهه ھفت دختر” نالي سان درج آهي. اهو ڪنهن نه ڄاڻايو آهي ته اهي ڀينرون يا سھيليون ڪير هيون؟ جڏهن ڀينرون هيون ته سھيليون ڪيئن؟ ڀينرون به سھيليون ٿي سگهن ٿيون پر اهي ڪنهن جون ڌيئر هيون؟ ست ئي هڪ هنڌ دفن ڇو ٿيون؟ انهن سان ستي لفظ ڇو ڳنڍيو ويو آهي؟ ڪهڙي دور سان تعلق رکن ٿيون؟ انهن سوالن جي روشني ۾ هن ٿان جا تاريخي پيرا کڻڻ گهرجن.
سنڌ ۾ ستيءَ جي روايت يا رسم قديم آهي جيڪا هندن ۾ به مروج رهي جنهن موجب جڏهن عورت جو مرد مرندو يا ماريو ويندو هو ته اها ست يا طور ڏاگهه چاڙهي ويندي هئي. سنڌي سماج ۾ روايت اها به آهي ته ستي جتي يا ستي ست يا ستر واري پاڪ دامن عورت کي چئبو آهي، جنهن ڪڏهن شادي نه ڪئي هجي يا ڪنهن غير مرد جو منهن نه ڏٺو هجي. ايئن کڻي چئجي ته ان عورت سڄي عمر ڪنوارپ ۾ گذاري هجي سا ستي سڏبي آهي يا سڏبي هئي. منهنجو خيال آهي ته اهي سھيليون يا ڀينرون سڏيون ويندڙ ست ئي ڄڻيون ستي جتي هيون. اهي هڪ ئي وقت گڏ دفن ٿيون يا ڌار ڌار وقت تي دفن ٿيون سو به بحث طلب معاملو آهي.
ڪن ماڳ کي ابوالقاسم نمڪين جي نسبت سان صفه صفا سڏيو آهي، ته ڪن مورخن هن ماڳ کي “قاسم خواني” جي نالي سان درج ڪيو آھي. اهو ماڳ قديم لڳي ٿو پر پوءِ انھي ٽڪريءَ تي مختلف دورن جي نسبت سان نالا رکيا ويا يا تبديل ڪيا ويا. منهنجي راءِ موجب اهو ماڳ اصل ۾ ستين جو تان يا آستان آهي.
هڪ مورخ موجب جڏھن مسلمانن بکر تي حملو ڪيو ھو تڏھن راجپوت عورتن پنھنجي ست بچائڻ لاءِ انھي جڳهه تي پاڻ کي باهه ۾ ساڙي آپگھات ڪيو ھو، جنھن ڪري ان تي ستين جو آسٿان نالو پيو آھي جيڪا ڳالهه هنڌن ۾ ستي واري روايت جي پٺڀرائي ڪري ٿي. جڏهن اسلامي سوچ فڪر وارن مورخن جي بيانن تي نظر وجهجي ٿي ته اهي عورتون پاڪ دامن، بيبيون، ستر واريون سھيليون يا ڀينرون هيون، ڄاڻ موجب اهي ڪنهن اعليٰ گهراڻي سان تعلق رکندڙ هيون ته پوءِ سکر تعلقي ۽ ضلعي ايڊمنسٽريشن ڪهڙي تاريخي حوالي تحت لڳايل سائن بورڊ ۾ توهِين آميز عبارت درج ڪئي آهي.
سکر تعلقي ۽ ضلعي ايڊمنسٽريشن جي سنڌي ٻولي ۽ انگريزي ۾ سائن بورڊن موجب هيءَ ست سھيليون اهي عورتون آهن جن جي ست سان هٿ چراند جو ظالم راجا ڏاهر سوچيو ۽ وزير کي چيائين ته انهن سان ملڻ چاهيان ٿو. انهن عورت اهو ٻڌو ته خوفزده ٿي ويون. سهيلين خوف ۾ عزت ۽ ست يا ستر بچائڻ لاءِ رب کان دعا گهري ۽ زمين ڦاٽي ته ست ئي سھيليون زمين ۾ دفن ٿي ويون. هيءُ تاريخ سان بدترين هٿ چراند ۽ نهايت دکدائڪ بگاڙ آهي. نه صرف راجا ڏاهر تي الزام آهي پر انهن ستر وارين عورتن جي به توهين آهي جن کي مسلمان مورخن پاڪ دامن، متبرڪ، بيبيون يا سيد ڄاڻايو آهي.
سنڌ جي سياحت ثقافت ۽ نوادرات کاتي ۽ ٻين واسطيدار ادارن کي هن سلسلي ۾ تحرڪ وٺڻ گهرجي. تاريخ جي بدترين بگاڙ وارا اهي سائين بورڊ هٽائي مناسب سائن بورڊ لڳايا وڃن ته جيئن تاريخي ماڳ جي ڄاڻ سان گڏ سنڌ جي تاريخ به درست ٿي سگهي. هر ايندڙ سياح غلط تاريخ بدران درست تاريخ جي ڄاڻ حاصل ڪري موٽي.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]