جوڻاڻي جَناني Junani - هڪ قديم وساريل شهر تحقيق ۽ تعارف: ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جوڻاڻيءَ جو قديم تاريخي شهر، سنڌ صوبي جي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي وارهه ۾ هڪ قديم ۽ سهڻو شهر ٿي گذريو آهي. هيءُ شهر سنڌونديءَ جي اوڀر ڪناري تي آباد ۽ وڻندڙ هيو. هن وقت موجوده وهڪري کان گهڻو اولهه طرف واقع آهي. ”هن درياهه جو بنياد سنڌودرياهه جا وهڪرا آهن، جيڪي اولهه کان اوڀر طرف پيٽ مٽائيندا رهيا آهن. جڏهن ”جهڪر جو دڙو“ ۽ ”لوهم جو دڙو“ آباد هئا. تڏهن درياهه انهن جي اولهه طرف وهندو هئو. هن زماني ۾ اهي دڙا خود درياهه جي اولهه ۾ آهن ۽ اها جاءِ وقوع جي تبديلي هنن دڙن جي تباهيءَ جو واضح سبب آهي.“ (صديقي- ۵۱ - ۱۹۹۶ ع) سنڌودرياهه جي وهڪرن بابت هڪ الڳ مضمون ۾ بيان ڪيو آهي، هتي اهڙي ذڪر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. مٿئين احوال جي آڌار تي چئي ٿو سگهجي ته سنڌو درياهه پنهنجا پاسا مٽائيندو رهيو آهي. جنهن جي ڪري ڪي شهر ڦِٽندا ويا ته ڪن جو وري نئون بنياد پيو. اهڙن شهرن جي اُسرڻ ۽ برباد ٿيڻ جو سنڌودرياهه ئي جوابدار آهي. ”سنڌ جون بستيون پراچين دور کان وٺي سنڌونديءَ جي سهاري آباد پَئي ٿيون آهن. ۽ انهي موجي درياهه جي ر...