Skip to main content

گمناميءَ جي ور چڙھيل ٽنڊو الھيار جو قلعو - عزيز ڪنگراڻي


گمناميءَ جي ور چڙھيل ٽنڊو الھيار جو قلعو
عزيز ڪنگراڻي
ٽنڊي الهيار وارو قلعو ۽ شهر مير الهيار خان ثاني تعمير ڪرايو هو. مير الهيار ٽالپر ثاني ماڻڪاڻي ٽالپرن مان هو. مير ماڻڪ خان جو پونئير ماڻڪاڻي ٽالپر سڏجڻ ۾ آيو. دراصل مير ڪلهوڙا حڪمرانن جا سپهه سالار هئا. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ ڪاڇي جي علائقي ۾ اول ڊرگهه هيٺين ۾ آباد هئا. ان کا پوءِ گاج نئي ويجهو ڊرگهه مٿين ۾ رهائش پذير ٿيا جيڪا هاڻ ڊرگهه پراڻي سڏجي ٿي. باراني واهن يا نئين جي پاڻي جي وهڪرن سبب ڊرگهه پراڻي پائجڻ لڳي ته ان کي خيرآباد چئي ڊرگهه نئين جو ڳوٺ ٻڌايائون. اڄ به تعلقي جوهي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ ڊرگهه نئين وارو اهو ڳوٺ موجود آهي. هيءُ ڳوٺ هاڻ ڊرگهه بالا جي نالي سان صفحه هستي تي موجود آهي. ڊرگهه بالا ۾ به ميرن جو ٺهرايل ڪوٽ زبون حال ۾ موجود آهي. هيءُ ڪوٽ غالبن مير ماڻڪ خان جوڙايو هو. ڊرگهه بالا ڀرسان مير الهيار خان اول جو تاريخي قبرستان پڻ آهي جنهن ۾ مير سليمان عرف مير ڪَڪو (ڳاڙهن يا ڪَڪڙن وارن وارو) ۽ سندس پٽ مير ماڻڪ، مير ڇٽو، مير ٺارو، مير سائينداد کان سواءِ مير ماڻڪ جو پٽ مير الهيار خان اول ۽ سندن ٻيا گهر ڀاتي پڻ دفن ٿيل آهن. مير الهيار خان اول جي وفات (۱۷۲۹ع) کان پوءِ ميرن ڊرگهه بالا کان لڏپلان شروع ڪئي. ميرپورخاص ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ڪلهوڙن پاران مليل جاگيرن کي پنهنجو مسڪن بڻايائون. ماڻڪاڻي ٽالپر ميرپورخاص واري علائقي ۾ مقيم ٿيا.


ڄاڻائي آيو آهيان ته گمنامي جي ور چڙهيل ٽنڊي الهيار جو قلعو ماڻڪاڻي ٽالپر مير الهيار خان ثاني جوڙايو هو. هن اول موجوده شهر ٽنڊوالهيار ٻڌرايو. ٽنڊي الهيار ۾ ئي پنهنجي رهائش لاءِ قلعو تعمير ڪرايائين. مير الهيار خان ثاني اصل ۾ مير الهيار خان اول جو پڙپوٽو هو. مير الهيار خان اول جي پوٽي مير فتح علي خان جو فرزند هو. ماڻڪاڻي ٽالپر مير الهيار خان ثاني جي زندگي، تعليم ۽ ٽنڊو الهيار ۾ جوڙايل قلعي تي بهترين شاعر ۽ محقق خليل کوسو پڻ لکيو آهي. سندس خيال آهي ته قلعو ۱۷۹۰ع ۾ جوڙايو ويو. بهرحال، ٽنڊي الهيار وارو قلعو اٽڪل ۴ ايڪڙن جي ايراضي جي پکيڙ ۾ هو. قلعي جو مک دروازو ڏکڻ طرف هو ۽ قلعي جي هر ڪنڊ تي دفائي برج تعمير ٿيل هئا. باقي بچي ويل برج جي ديوارن مان اندازو ٿئي ٿو ته قلعي جون ديوارون ويڪريون ۽ مضبوط هيون. مليل معلومات موجب قلعي اندر پاڻي لاءِ کوهه کوٽايل هو جنهن جا هاڻ نشان به نه رهيا آهن. هن وقت سڄو قلعو قبضن هيٺ اچي ميسارجي ويو آهي. هاڻ صرف قلعي جي اوڀر اتر واري برج جا نشان وڃي بچيا آهن. اهو برج هن وقت انتهائي زبون ۽ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ موجود آهي. هلڪين برساتن جي معمولي سٽ به نه سهي سگهندو ۽ پٽ پئجي ويندو. جڏهن اهو برج به ميسارجي ويندو ته قلعي جو وجود هميشه لاءِ گمنامي ڳيهي ويندي. هن برج جي ايتري وڏي ايراضي به ناهي جو درست حالي تي گهڻو خرچ اچي. ٿوري لاڳت سان سنڌ جي هن ورثي جا نشان بچائي سگهجن ٿا. جيڪڏهن انهيءَ رهجي ويل نشان کي محفوظ ڪيو ويندو ته هن تاريخي قلعي جا ثبوت هميشه لاءِ محفوظ بڻجي ويندا. هن وقت قلعو گمنامي جي ور چڙهندو وڃي پيو. سنڌ جو اهم ثقافتي ۽ تاريخي ورثي جي انهي رهجي ويل نشان کي محفوظ ڪرڻ گهرجي. ايئن ٿيڻ سان سنڌ جو ورثو ڪنهن قدر ڪي صديون گمنامي کان بچي ويندو.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

جوڻاڻي

جوڻاڻي جَناني Junani - هڪ قديم وساريل شهر تحقيق ۽ تعارف: ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جوڻاڻيءَ جو قديم تاريخي شهر، سنڌ صوبي جي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي وارهه ۾ هڪ قديم ۽ سهڻو شهر ٿي گذريو آهي. هيءُ شهر سنڌونديءَ جي اوڀر ڪناري تي آباد ۽ وڻندڙ هيو. هن وقت موجوده وهڪري کان گهڻو اولهه طرف واقع آهي. ”هن درياهه جو بنياد سنڌودرياهه جا وهڪرا آهن، جيڪي اولهه کان اوڀر طرف پيٽ مٽائيندا رهيا آهن. جڏهن ”جهڪر جو دڙو“ ۽ ”لوهم جو دڙو“ آباد هئا. تڏهن درياهه انهن جي اولهه طرف وهندو هئو. هن زماني ۾ اهي دڙا خود درياهه جي اولهه ۾ آهن ۽ اها جاءِ وقوع جي تبديلي هنن دڙن جي تباهيءَ جو واضح سبب آهي.“ (صديقي- ۵۱ - ۱۹۹۶ ع) سنڌودرياهه جي وهڪرن بابت هڪ الڳ مضمون ۾ بيان ڪيو آهي، هتي اهڙي ذڪر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. مٿئين احوال جي آڌار تي چئي ٿو سگهجي ته سنڌو درياهه پنهنجا پاسا مٽائيندو رهيو آهي. جنهن جي ڪري ڪي شهر ڦِٽندا ويا ته ڪن جو وري نئون بنياد پيو. اهڙن شهرن جي اُسرڻ ۽ برباد ٿيڻ جو سنڌودرياهه ئي جوابدار آهي. ”سنڌ جون بستيون پراچين دور کان وٺي سنڌونديءَ جي سهاري آباد پَئي ٿيون آهن. ۽ انهي موجي درياهه جي ر...