گمناميءَ جي ور چڙھيل ٽنڊو
الھيار جو قلعو
عزيز ڪنگراڻي
ٽنڊي الهيار وارو قلعو ۽ شهر مير الهيار خان ثاني تعمير ڪرايو هو. مير
الهيار ٽالپر ثاني ماڻڪاڻي ٽالپرن مان هو. مير ماڻڪ خان جو پونئير ماڻڪاڻي ٽالپر سڏجڻ
۾ آيو. دراصل مير ڪلهوڙا حڪمرانن جا سپهه سالار هئا. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وقت
۾ ڪاڇي جي علائقي ۾ اول ڊرگهه هيٺين ۾ آباد هئا. ان کا پوءِ گاج نئي ويجهو ڊرگهه مٿين
۾ رهائش پذير ٿيا جيڪا هاڻ ڊرگهه پراڻي سڏجي ٿي. باراني واهن يا نئين جي پاڻي جي
وهڪرن سبب ڊرگهه پراڻي پائجڻ لڳي ته ان کي خيرآباد چئي ڊرگهه نئين جو ڳوٺ ٻڌايائون.
اڄ به تعلقي جوهي جي ڪاڇي واري علائقي ۾ ڊرگهه نئين وارو اهو ڳوٺ موجود آهي. هيءُ ڳوٺ
هاڻ ڊرگهه بالا جي نالي سان صفحه هستي تي موجود آهي. ڊرگهه بالا ۾ به ميرن جو ٺهرايل
ڪوٽ زبون حال ۾ موجود آهي. هيءُ ڪوٽ غالبن مير ماڻڪ خان جوڙايو هو. ڊرگهه بالا ڀرسان
مير الهيار خان اول جو تاريخي قبرستان پڻ آهي جنهن ۾ مير سليمان عرف مير ڪَڪو (ڳاڙهن
يا ڪَڪڙن وارن وارو) ۽ سندس پٽ مير ماڻڪ، مير ڇٽو، مير ٺارو، مير سائينداد کان
سواءِ مير ماڻڪ جو پٽ مير الهيار خان اول ۽ سندن ٻيا گهر ڀاتي پڻ دفن ٿيل آهن. مير
الهيار خان اول جي وفات (۱۷۲۹ع) کان پوءِ ميرن ڊرگهه بالا کان لڏپلان شروع ڪئي.
ميرپورخاص ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ڪلهوڙن پاران مليل جاگيرن کي پنهنجو مسڪن بڻايائون.
ماڻڪاڻي ٽالپر ميرپورخاص واري علائقي ۾ مقيم ٿيا.
ڄاڻائي آيو آهيان ته گمنامي جي ور چڙهيل ٽنڊي الهيار جو قلعو ماڻڪاڻي ٽالپر
مير الهيار خان ثاني جوڙايو هو. هن اول موجوده شهر ٽنڊوالهيار ٻڌرايو. ٽنڊي الهيار
۾ ئي پنهنجي رهائش لاءِ قلعو تعمير ڪرايائين. مير الهيار خان ثاني اصل ۾ مير
الهيار خان اول جو پڙپوٽو هو. مير الهيار خان اول جي پوٽي مير فتح علي خان جو فرزند
هو. ماڻڪاڻي ٽالپر مير الهيار خان ثاني جي زندگي، تعليم ۽ ٽنڊو الهيار ۾ جوڙايل
قلعي تي بهترين شاعر ۽ محقق خليل کوسو پڻ لکيو آهي. سندس خيال آهي ته قلعو ۱۷۹۰ع ۾ جوڙايو ويو. بهرحال، ٽنڊي الهيار وارو
قلعو اٽڪل ۴ ايڪڙن جي ايراضي جي پکيڙ ۾ هو. قلعي جو مک دروازو ڏکڻ طرف هو ۽ قلعي جي هر
ڪنڊ تي دفائي برج تعمير ٿيل هئا. باقي بچي ويل برج جي ديوارن مان اندازو ٿئي ٿو ته
قلعي جون ديوارون ويڪريون ۽ مضبوط هيون. مليل معلومات موجب قلعي اندر پاڻي لاءِ
کوهه کوٽايل هو جنهن جا هاڻ نشان به نه رهيا آهن. هن وقت سڄو قلعو قبضن هيٺ اچي
ميسارجي ويو آهي. هاڻ صرف قلعي جي اوڀر اتر واري برج جا نشان وڃي بچيا آهن. اهو
برج هن وقت انتهائي زبون ۽ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ موجود آهي. هلڪين برساتن جي معمولي سٽ
به نه سهي سگهندو ۽ پٽ پئجي ويندو. جڏهن اهو برج به ميسارجي ويندو ته قلعي جو وجود
هميشه لاءِ گمنامي ڳيهي ويندي. هن برج جي ايتري وڏي ايراضي به ناهي جو درست حالي
تي گهڻو خرچ اچي. ٿوري لاڳت سان سنڌ جي هن ورثي جا نشان بچائي سگهجن ٿا. جيڪڏهن
انهيءَ رهجي ويل نشان کي محفوظ ڪيو ويندو ته هن تاريخي قلعي جا ثبوت هميشه لاءِ
محفوظ بڻجي ويندا. هن وقت قلعو گمنامي جي ور چڙهندو وڃي پيو. سنڌ جو اهم ثقافتي ۽
تاريخي ورثي جي انهي رهجي ويل نشان کي محفوظ ڪرڻ گهرجي. ايئن ٿيڻ سان سنڌ جو ورثو ڪنهن
قدر ڪي صديون گمنامي کان بچي ويندو.
Comments
Post a Comment