تِلاشاھ جي تباھ ٿيندڙ
تاريخ
استاد لغاري
بزرگ تِلاشاھ وارو
ماڳ مڪان ۽ قبرستان، ضلعي سانگھڙ جي شهر ڪنڊياريءَ کان اولھ طرف، نئين آباد کان ڏکڻ
۽ پاٽويون شهر جي ويجھو موجود آهي. بزرگ تِلاشاھ جي باري ۾، ڪنهن به قسم جي بنيادي
۽ معقول معلومات ملي ڪو نه سگھي آهي. صرف ايترو ٻڌايو وڃي ٿو، ته هي بزرگ بخارا مان
آيو هو ۽ هتي اچي سڪونت اختيار ڪيائين. ڪهڙي سن يا ڪهڙي دور ۾ آيو؟ يا سندس پونئرن
جو تعلق ڪهڙي قبيلي ۽ خاندان سان هيو؟ ته اهڙي قسم جي ڄاڻ ڏيڻ کان، هتي جا رهواسي
۽ خدمتگار، ڪُلي طور تي قاصر آهن. اندازو آهي ته هيءُ بزرگ يارهين صدي هجريءَ ۾
هتي آيو هوندو. گرامر موجب “تِلاشاھ” اسم خاص آهي، جيڪو ٻن لفظن جو گڏيل مجموعو
آهي، يعني “تِلا” + “شاھ”. “تِلا” عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ
آهي، تِلاوت يا تلاش وغيره. “شاھ” فارسي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ
آهي، بادشاھ، حاڪم يا وڏو وغيره. ٻنهي لفظن کي ملائي، هڪڙو لفظ ٺاهبو، ته ان جي
معنيٰ ٿيندي، “تِلاوت ڪرڻ جو شاھ ڪاريگر.
تِلاشاھ جي قديمي
قبرستان ڏسڻ ۽ گھمڻ جو موقعو ٻه ٽي دفعا ميسر ٿيو آهي. آخري ڀيري تحقيق جي خيال
سان، ۲۵ مارچ سال ۲۰۱۹ع بروز سومر تي وڃڻ ٿيو، ته تِلاشاھ بزرگ جي مجاور فقير غلام علي بن غلام
محمد بن الھ رکيو بن محمد فقير بن گلو فقير بن محمد فقير، ذات خاصخيليءَ سان
ملاقات ٿي. حال احوال مان معلوم ٿيو، ته هيءَ خدمتگار صرف روزي روٽي جي خيال سان
هتي ويٺل آهن. باقي کين ڪنهن به قسم جي، ڪا به ڄاڻ يا معلومات مهيا ڪرڻ کان ڪُلي
طور قاصر ۽ ڪورا آهن.
هڪ کان ڏيڍ ڪلوميٽر
هم چورس هن قبرستان جي اندر، تاريخي ٺُل تعمير ٿيل آهن. هنن ٺُلن جي اندر مزارون
موجود هونديون هيون، پر هن وقت سمورا ٺُل، قبرن کان خالي ۽ بلڪل ڀڙڀانگ لڳا پيا
آهن. چيو وڃي ٿو، ته هنن ٺُلن جو تعداد ۴۹ هوندو هيو. جن مان ۴۰ ٺُلن جا ڀُريل ڀڙا ۽ ڳاڙها دڙا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن جي ڳڻپ ۽ سڃاڻپ ڪرڻ به
مشڪل آهي. باقي ثابت ساڍا اٺ ٺُل وڃي بچيا آهن، جيڪي به هاڻي آخري ۽ پوين پساهن ۾،
سڏڪي سڏڪي ساھ کڻي رهيا آهن. هنن تعمير ٿيل ٺُلن جي سِرن جي ساخت مان معلوم ٿئي ٿو،
ته هي ٺُل ڪلهوڙا دور جا جوڙايل آهن. ٺُلن جي تعمير ۾ استعمال ٿيندڙ سرن جي ماپ،
درسگاھ چوٽياري، درسگاھ سريواري، درسگاھ ديھ ڀوپي ۽ کپرو لڳ آدم مريءَ جي جوڙايل قٻي
واري ساڳي آهي. هر هڪ سر جي ڊيگھ ساڍا ۹ انچ، ويڪر ۷ انچ ۽ ٿولھ صرف ڏيڍ انچ پتريڪ آهي. هي سرون ڪنهن لوهي ڪارب
سان تيار ڪيل، صفا سڌيون ۽ لسيون ناهن ۽ کهريون ۽ کرتريون آهن. انهن جي ماپ به ڪجھ
ڪجھ گھاٽي واڌي معلوم ٿئي ٿي. هن سائيز جون سرون، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي گھر
واري، مائي ڄامان جي جوڙايل مسجدن، مدرسن، مسافر خانن، خانقاهن ۽ کوٽايل کوهن ۾
استعمال ٿيل آهن. واضح هجي، ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جو دور، ۱۱۳۱ هجريءَ کان وٺي، ۱۱۶۷ هجريءَ تائين هيو. شايد مذڪوره ٺُل انهيءَ
دور جي درميان ۾ ئي جوڙايل هجن.
مارچ ۲۵، سال ۲۰۱۹ع تائين، جيڪي ساڍا اٺ ٺُل پويان پساھ کڻي
رهيا هئا، ته اسان انهن جي ٻاهرين ماپ به ورتي، جيڪا هن ريت هئي: پهريين ۽ ٻئي
نمبر ٺُل جي ماپ، هڪ جيتري هئي. يعني هي ٻيئي ٺُل، ٻاهرو ٻاهر هم چورس ۲۰_ ۲۰ فوٽن جا تعمير ٿيل آهن. ٽيون مستطيل شڪل وارو ٺُل آهي،
جنهن جي ڊيگھ ۲۸ فوٽ ۽ ويڪر ۲۴ فوٽ آهي. چوٿين نمبر وارو ٺُل، ڊيگھ توڙي ويڪر ۾ هم چورس آهي. هن جي ماپ ٻاهرو
ٻاهر، ۲۴_ ۲۴ فوٽ ٿئي ٿي. پنجين نمبر واري ٺُل جي ٻاهرين ماپ، ۲۶_۲۶ فوٽ آهي. هيءَ به هم چورس شڪل ۾ تعمير ٿيل آهي. هن ٺُل
جي اندر، ڪاشيءَ جي نيرين ۽ انتهائي سهڻين سرن جو استعمال ٿيل آهي. جيڪو تمام گھڻو
خوبصورت، دلپسند ۽ ڏسڻ وٽان آهي. ڇهون ٺُل، جيڪو انتهائي ڏاکڻي طرف کان تعمير ٿيل
آهي، ته اهو به هم چورس آهي. جنهن جي ٻاهرين ماپ، ۲۶_۲۶ فوٽ آهي. ستين ٺُل جي ماپ، ڊيگھ ۾ ساڍا ۲۷ فوٽ ۽ ويڪر ۾ ۲۶ فوٽ آهي. اٺين ٺُل جي ٻاهرين ماپ هم چورس،
يعني ۲۳ _ ۲۳ فوٽ آهي. نائون نمبر ٺُل اڌو اڌ ڪري چڪو آهي. ان ڪري سندس ڊيگھ جي صحيح
ماپ معلوم ٿي نه سگھي، باقي سندس ويڪر جي ماپ، ۲۳ فوٽ آهي. هن نائين نمبر واري ٺُل جي
اولهندي ديوار ڪري چڪي آهي. سندس مٿيون ڇت وارو گنبذ به اڌو اڌ موجود ڪونهي. هن
جون صرف ڏکڻ، اوڀر ۽ اتر واريون ديوارون، اڌوريون اڌوريون باقي بيٺل آهن. هر هڪ ٺُل
جي بنيادي اوساري ماپ، چار کان ساڍا چار فوٽ آهي. هنن سڀني ٺُلن جي اندر، سونهن
خاطر ڪاريگرن ڪاشيءَ جون نيريون سهڻيون سرون لڳائي، انهن کي بيحد خوبصورت بنايو. ڪاشيءَ
جي سرن تي ڪڍيل گلڪاري، بادشاهن، راڻين، راجائن، هاٿين، گھوڙن، شينهن، تيرن ۽
تلوارن جون تصويرون ڏسڻ وٽان هونديون هيون. هي تصويرون، پنجين نمبر ٺُل ۾ اڄ به ڌنڌليون
ڌنڌليون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. (ڪنهن شاعر خوب چيو آهي: “هڪ ڌنڌلي ڌنڌلي ياد اٿم، ڪجھ
ساحل جي، ڪجھ طوفان جي”.) هنن ٺُلن جي اندر ڪٿي ڪٿي خوبصورت پرين، پکين ۽ ٻين
جانورن جون تصويرون، رنگين گلڪاريون ۽ چٽساليون، اڃان اڄ به ٿورڙيون ٿورڙيون ڏسڻ ۾
اچن ٿيون.
سال ۲۰۰۹ع ۾، آئون، حڪيم امام بخش مڱريو ۽ ٻڍل
لاشاري صاحب، هتي پهريون ڀيرو پهتا هئاسين. ان وقت به اهي ٺُل زبون حاليءَ جا شڪار
هئا. ان وقت اسان ڳڻپ ڪئي هئي، ته ۹ ٺُل ثابت موجود هئا. جيڪي تاريخ جي بيحسيءَ
تي، اکين ۾ اکيون ملائي، اسان کي دانهن ڏيئي رهيا هئا. هنن مان هر هڪ ٺُل کي، چئني
پاسن کان کليل دروازا هوندا هئا. چئني ڪُنڊن جي مضبوط بنيادن کي، هاڻي ڪلر کائي چڪو
آهي. بنيادي ڪُنڊن جون صرف چوٽيون باقي وڃي بچيون آهن. جن ڏسندي ئي ماڻهو حيرت ۾
پئجي وڃي ٿو، ته “هي ٺُل اڃان ڪيئن بچيا بيٺا آهن؟”. اندر داخل ٿيڻ مهل ڊپ ٿئي ٿو،
ته متان هيءَ مٿان ڪريءَ نه پون! ٺُلن جي اندر، دنيا جون ديڳون، يعني ملڪيت ڪڍڻ جي
لاءِ، ماڻهن کوھ کوٽي ڇڏيا آهن. اهو ئي سبب آهي، جو شايد هتان جا لاش ڪڍي، ٻاهر اڇلايا
۽ گم ڪيا ويا هجن؟ هن وقت هيءَ سمورا ٺُل ڀوائتو روپ اختيار ڪري چڪا آهن. سال ۲۰۰۹ع ۾، هڪ ٺُل جي اندر، اسان داخل ٿياسين، ته
ان ۾ هڪ خوفناڪ جھنگلي جانور، يعني ڊگھن ڪنڊن واريءَ سيڙھ، پنهنجي گور کوٽي، اندر
آرامي هئي. حڪيم امام بخش مڱريي صاحب، تازي ۽ آلي مٽيءَ جي مٿان پيل، ان سيڙھ جا ڪجھ
ڪنڊا کڻڻ چاهيا، ته اسان کيس منع ڪئي.
هي ماڳ مڪان ۽
قبرستان، ڪنهن زماني ۾، واريءَ جي ننڍن ننڍن دڙن ۽ ڊرٻن تي آڌاريل هوندو هيو. ليڪن
هن وقت ڪاري ڪلر جي گھيري ۽ لپيٽ ۾ اچي چڪو آهي. جنهن جي اندر تاحد نظر، رڳو لاڻيون
ئي لاڻيون بيٺيون آهن. هن قبرستان جي اندر، جن جن ذاتين جا ماڻهو مدفون آهن، انهن
۾ بروهي، بگٽي، جمالي، جوڻيجا، چانڊيا، چنڊ، خاصخيلي، سيد، سولنگي، شر، لغاري،
مري، مهر، نندواڻي، نوهڙي، وساڻ ۽ ٻيون ذاتيون شامل آهن. هنن يادگار ٺُلن جي بحالي
۽ نئين سر تعميرات جي لاءِ، اسان ڪي به تجويزون يا صلاحون نٿا ڏيئي سگھون. تجويزون
يا صلاحون صرف ان وقت ڏبيون آهن، جڏهن حڪومتن وٽ صلاحيتون موجود هجن. اسان صرف دور
دور کان، هنن ڀُرندڙ، جُهرندڙ ۽ ڪِرندڙ ٺُلن کي، حسرتِ ياس سان ڏسي سگھون ٿا ۽
افسوس مان پنهنجا هٿ مَلي سگھون ٿا.
(روزاني مهراڻ ۽
هلال پاڪستان جي ٿورن سان. خميس ۲۵ جولائي ۲۰۱۹ ع. - ٿينڪس محترم فقير منٺار مڱريو صاحب ۽ لجپت مظلوم
صاحب.)
Comments
Post a Comment