Skip to main content

ڀِرائيءَ جو دڙو


ڀِرائيءَ جو دڙو
تيزيءَ سان تباھ ٿيندڙ
علي رضا قاضي
ساهتي پرڳڻي جي شهر ٺارو شاهه کان اوڀر پاسي، هڪ ڪوهه پري، دليپوٽا- مٺياڻي روڊ تي موجود ڀرائي جو دڙو، قديم سنڌ جو شاندار يادگار آهي. جيڪڏهن هن دڙي کي ساهتي پرڳڻي جو ماضي بعيد ڪوٺيو وڃي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. جيتوڻيڪ هن دڙي جي قدامت بابت ڪو به آرڪيالاجيڪل ثبوت ناهي. ڇاڪاڻ ته هن کي ڪنهن کوٽي اهڙي ڪوشش به نه ڪئي آهي، پر اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هي دڙو موهن جي دڙي جيترو ئي پراڻو هوندو! ها، ايترو سو آهي ته ان جو موجوده نالو ڪجهه صديون اڳ پيو هو، يا دڙي جو نالو مختلف وقتن تي تبديل ٿيندو رهيو آهي.


هن دڙي تي ڀرائي جو نالو ماضي قريب جو معلوم ٿئي ٿو. سنڌ ۾ مغلن جي حڪومت جي شروعاتي دور يعني سورهين صدي جي پڇاڙيءَ ۾ سڄي سنڌ جيان هتان جي مقامي ماڻهن پاران سخت مزاحمت ڪئي وئي. ساهتي پرڳڻي ۾ اها مزاحمت جيڪا بعد ۾ گوريلا جنگ ۾ تبديل ٿي وئي، ان جا تاريخ ۾ ٻه مکيه ڪردار ملن ٿا. جيڪي پاڻ ۾ سڳا ڀائر به هئا. هڪ ڄام عبدالحي مڱڻيجو (سهتو) جنهن کي ڄام ههيو جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ان جي جاگير هڱورجا ۽ ڪوٽڙي محمد ڪبير جي آس پاس هئي. ٻيو دائودپور جو ڄام محمد سهتو (مڱڻيجو) جيڪو ڊڀري پرڳڻي جو نواب هو ۽ هن جو گاديءَ جو هنڌ دائودپور موجوده سخي دائود واهي کان اتر طرف، مٿي هڪ ڀڙي جي شڪل ۾ موجود آهي.
مغلن ڄام ههيي کي اغوا ڪرڻ بعد ماري، هن جو لاش گم ڪري ڇڏيو ۽ علائقي ۾ اها ڳالهه پروپئگينڊا جي صورت ۾ پکيڙي ته هو انتهائي ظالم هو، ان ڪري هن کي ملائڪ ماري، لاش آسمان ڏانهن کڻي ويا. جڏهن ته ڄام محمد، مغلن سان هڪ جهڙپ جي نتيجي ۾ مارجي ويو. ڄام محمد کانپوءِ، هن جي ستن ڌيئرن، گوريلا جنگ جي ڪمان پنهنجي هٿ ۾ کنئي هئي. انهن مان ستين ڀرائي هئي. ساهتيءَ جي اها عظيم عورت، ٺارو شاهه کان ٻاهر مغلن مٿان ٿيل هڪ راتاهي ۾ قتل ٿي وئي. جنهن کان پوءِ هن جي ساٿين ان جي قبر، ان دڙي تي ٺاهي. ايئن دڙي جو نالو، ڀرائي جو دڙو پئجي ويو.
ٻي اسٿاني روايت موجب، مغلن جڏهن ڄام محمد جي گهر تي حملو ڪيو ۽ انهي ۾ گهر جا سڀ مرد مارجي وڃن ٿا ته اتي موجود عورتن آسمان ڏانهن منهن ڪري پنهنجي عزت محفوظ رکڻ لاءِ دعا گهري. جيڪا اگهاڻي. انهيءَ جڳهه تي زمين ڦاٽي پئي. ڪجهه بيبيون ته انهي ۾ هليون ويون، جتي هاڻي ستين جو آستان آهي. جڏهن ته ڪن کي قدرت طرفان اڏامڻ لاءِ پر ملي ويا. جن مان ٻه عورتون، بيبي سون ۽ بيبي ساران دليپوٽا کان نوشهروفيروز ويندڙ رستي تي، ڳوٺ حاجي بيگ محمد پهنور جي ڀرسان لٿيون. انهن جو مدفن به اتي ئي آهي. اڄ به اهو مقام سون سارا جو قبرستان سڏجي ٿو. جڏهن ته ٻي بيبي جنهن جو نالو ڀرائي هو، اها ٺاروشاهه ڀرسان، انهي دڙي تي لٿي، جنهن جڳهه تي بعد ۾ هن جي قبر ٺهي آهي.
اهي ته ڀرائي جي دڙي جي نالي بابت ڪجهه ڏند ڪٿائون آهن. جڏهن ته آئون اها ڳالهه يقين سان لکان ٿو ته هي دڙو مغلن جي سنڌ مٿان حاڪمي کان گهڻو اڳ جو آهي. هن وقت به جڏهن توهان ڀرائي جي دڙي کي هوائي رستي موهن جي دڙي سان مفاصلي ۾ آڻيندا ته انهن ٻنهي جو مفاصلو فقط ۲۲ ڪلوميٽر ملندو. جڏهن ته پاڻ پنهنجي شينهن دريا بابت انهيءَ حقيقت کان آگاهه آهيون ته سنڌو، دنيا جي اها واحد ندي آهي، جيڪا پنهنجو رستو بدلائيندي رهي آهي. منهنجي ذاتي خيال مطابق، ٺارو شاهه جي ڀرسان موجود هي دڙو، انهيءَ وقت يعني اڄ کان هزارين سال اڳ، ان وقت جي شاندار شهر موهن جي دڙي جي نواحي وسندي هئي. گهمڻ جي سانگي، اڪثر ڪري ان دڙي تي وڃڻ ٿيندو رهي ٿو. اتان جي مقامي ماڻهن مطابق جڏهن برسات ٿئي ٿي ته دڙي مان ڪيتريون ئي ناياب شيون ظاهر ٿين ٿيون، جيڪي بعد ۾ ضايع ٿيو وڃن. انهن شين ۾ چاندي ۽ ٽامي جا سڪا ۽ پراڻا ٿانءَ به شامل آهن.
هڪ ڳالهه نهايت اهم ته هاڻي انهيءَ دڙي کي قبرستان بنايو ويو آهي. ڀرپاسي ۾ رهندڙ ذاتيون جن ۾ جانوري، ٻٻر، وڳڻ شامل آهن، جن مان ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته قبرن جي کوٽائيءَ دوران هنن کي ٻين شين سان گڏ ڪيترا ئي اهڙا لاش مليا آهن جن مان پتو پوي ٿو ته هو ڪو ڪم ڪندي مري ويا هجن. ڪو ماڻهو ويٺو آهي ته ڪنهن جو لاش بيٺل حالت ۾ ملي ٿو. جنهن مان اسان اهو اندازو به آسانيءَ سان لڳائي سگهون ته اهي سڀ نشانيون، موهن جي دڙي ۾ به هيون جتي ڪم ڪار ۾ رڌل ماڻهن جا لاش مليا آهن.
ان ڪري اندازو ڪري سگهجي ٿو ته هي دڙو، موهن جي دڙي سان گڏ آباد هو ۽ تباهه به موهن جي دڙي سان ئي گڏ ٿيو آهي. قوي امڪان هي به آهي ته هڪ زبردست زلزلي، هن سڄي علائقي کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو هجي. اهڙو خطرناڪ زلزلو، جنهن ۾ ماڻهن کي پاسو بدلائڻ جي مهلت به نه ملي سگهي هجي.
ڀرائي جي دڙي تي اسان کي تحقيق لاءِ سائنس جي مدد درڪار آهي. مون شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ قديم آثارن جي شعبي مان رٽائرمينٽ وٺندڙ پروفيسر غلام مصطفى شر سان هڪ ڀيرو ملاقات ڪري، کيس ڀرائي جي دڙي تي سائنسي انداز ۾ تحقيق ڪرڻ جي دعوت ڏئي چڪو آهيان. مون جڏهن شر صاحب کي دڙي بابت ڪجهه ڳالهيون ٻڌايون ته هن تجسس ۽ حيرت جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجو ڀرپور شوق ظاهر ڪيو ته هو ڀرائي جي دڙو گهمڻ چاهيندو. پر انهيءَ کي ڪيترا ئي سال گذري ويا آهن. شايد هو گهڻو مصروف آهي.
خبر ناهي ته ڀرائيءَ جي دڙي کي تحقيق لاءِ ڪو سر جان مارشل ملي يا نه پر موجوده حالتن ۾ اهو تباهه ٿي رهيو آهي. هر برسات کانپوءِ اهو ڳري پيو. اڳي جتي هو زمين جي سطح کان ۳۰ فوٽ مٿي هو ته هاڻي اها اوچائي ۲۰ فوٽ بچي آهي. اهو وقت به پري ناهي جڏهن ڀرائي جو دڙو زمين سان اچي لڳندو ۽ ان جا آثار ئي ختم ٿي ويندا!

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]