Skip to main content

ڪراچي - الطاف مجاھد


ڪراچي
اوڀر جي ملڪه - جتي نه جگنو آهن، نه پوپٽ!
الطاف مجاهد
گهر جو تعلق هوندو آهي گهرڀاتين سان. فرد جيڪڏهن لائق آهي ته جهوپڙي به جنت مثل هوندي آهي ۽ جي لائق ناهي ته محل به ناقابلِ احترام. ڪراچي سنڌ جي دل، ملڪه اوڀر، هڪ زماني ۾ سردار واحد بخش ڀٽو، شاهنواز ڀُٽو جي لاءِ ڪراچيءَ ۾ گهر خريد ڪيو ته باقاعده تعارفي تقريب منعقد ڪئي. ڪجهه ڏهاڪا اڳ تائين ڪراچي ۾ آباد سياسي شخصيتن جون رهائشگاهون بهار جو لطف ڏينديون هيون. پير پاڳاري جو اسٽيڊيم روڊ تي ڪنگري هائوس، جتي سياستدانن ۽ صحافين جي روز مجلس لڳندي هُئي ۽ محفل منعقد ٿيندي هُئي. سمرسٽ اسٽريٽ تي ماسٽر هائوس، جتي مولانا نوراني مخصوص انداز ۾ دعوت جو اهتمام ڪندو هو. خيابان شمشير ڊفينس جو جتوئي هائوس جيڪو غلام مصطفيٰ جتوئي جي ڪري آباد رهندو هو ۽ نائن زيرو جتي صدر، وزيراعظم، شهر جا اُمراء ۽ سفارتڪار ايستائين جو ننڍا وڏا سياستدان باقاعدگيءَ سان ايندا رهندا هُئا. آفاق احمد جي مهاجر قومي موومينٽ جو بيت الحمزه، اصغر خان جي تحريڪ استقلال جو فريسڪو چوڪ تي، جمعيت علماءِ پاڪستان جي رضا لائبرري جي مٿان ٺهيل آفيس به شهر ۾ سياسي فعاليت جي علامت هُئي. اُن کان علاوه پي اي سي ايڇ ايس ۾ مشتاق مرزا جو گهر جتي نوابزاده نصرالله ترسندو هو.


پوءِ اسٽيفن هاڪنگ جي تصوراتي بليڪ هول جيان ڪراچيءَ ۾ به سياست کي اهڙو ئي ڪو بليڪ هول ڳهي ويو. ڪهڙا ڪهڙا ناياب ۽ گوهر اُن جي وَرِ چڙهي ويا. ذڪر ڪجي ٿو ته هنيانءُ هٿن ۾ اچي پوي ٿو. جيئن لطيف سائينءَ چيو آهي ته،
وِيا مورَ مَرِي، هَنجُ نه رَهِيو هيڪِڙو؛
وَطَنُ ٿِيو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪانِيَرَنِ جو.
لطيف سائينءَ جو دور ته پوءِ به غنيمت هو، هاڻي ته وقت گذاريو پيو وڃي. سياست سُڪڙجي چُڪي آهي ۽ قدآور شخصيتون اُتي وڃي چُڪيون آهن، جتان ڪو واپس ناهي ورندو. ڏئي وٺي ايم اي جناح روڊ تي جماعت اسلاميءَ جو ادارو نور حق، اُن کان ڪجهه قدمن تي پي پي جو پيپلز سيڪريٽريٽ ۽ ڪجهه فاصلي تي متحده پاڪستان جو بهادر آباد مرڪز آهي، جيڪي حبس واري موسم ۾ تازي هوا جي جهوٽي جيان محسوس ٿيندا آهن. هونئن تحريڪ لبيڪ جي مسجد بهار شريعت ۾ ڪيمپ آفيس، در ايمپريس مارڪيٽ جي سامهون نظامِ مصطفيٰ پارٽي جي بند پيل آفيس، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن اي پي سي جي لاءِ کُلندي آهي. تحريڪ استقلال ۽ جمعيت علماءِ پاڪستان جون آفيسون به ماضيءَ جيان آباد ناهن رهيون. تنهن هوندي اي اين پي جو مردان هائوس ۽ پي ايس پي جو پاڪستان هائوس پنهنجي موجودگيءَ جو احساس ڏين ٿا، پر ”مگر وه بات ڪهان مولوي مدن ڪي سي“.
ڳالهه گهر ۽ گهرڀاتين جي هُجي ته وڪٽوريه روڊ جي سي فيلڊ يا نصرت ۽ اُن جي سامهون ٺهيل مهمان خاني جو ذڪر ڇونه ڪجي. جتي قائداعظم محمد علي جناح کان وٺي مولانا حسرت موهاني تائين نه ڄاڻ ڪيترين شخصيتن حاجي عبدالله هارون کي مهمانيءَ جو شرف بخشيو هو. سول لائنز جي اُن ئي علائقي ۾ مير بنده علي ٽالپر ۽ سر غلام حسين هدايت الله جون به رهائشگاهون هيون، آخر الذڪر جيڪو قيامِ پاڪستان جي وقت سنڌ جو وزيراعظم هو، جو اُن زماني ۾ وزيراعليٰ کي ان ئي نالي سان سڏيو ويندو هو. ڀرسان ڪچهري روڊ تي جنهن کي بعد ۾ ڊاڪٽر ضياءَ الدين روڊ جو نالو مليو، چوڌري خليق الزمان صدر ڪنونشن مسلم ليگ جي قيام گاه هُئي. ٽي چار ڏهاڪا اڳ تائين ڪراچيءَ ۾ نشترپارڪ، جهانگير پارڪ ۽ آرام باغ جون جلسه گاهون ئي هيون، جتي انقلاب ڦُٽندو هو، پر هاڻي اُتي ڌوڙ اُڏامي رهي آهي. تنهن هوندي جهانگير پارڪ کي وزيراعليٰ مراد علي شاهه ڏسڻ جي قابل بڻايو آهي، باقي ٻن جي حالت ڏسڻ جهڙي ناهي. نشتر پارڪ جو ڀرجي وڃڻ به ڪنهن زماني ۾ ڪراچي ۾ سياسي جلسن جي ڪاميابيءَ جي علامت تصور ڪيو ويندو هو. اُن جي سامهون حيدر منزل به آهي، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جي ميزبانيءَ ۾ سنڌ جي سياسي قسمت جا ڪيترائي اهم فيصلا ٿيا ۽ اُن عمارت غفار خان ۽ شيخ مجيب الرحمان سميت ڪيترن کي ڀليڪار ڪيو. سائين جي ايم سيد ڊگهي نظربندي به اُتي گذاري ۽ وڏي قد ڪاٺ جي سياسي شخصيتن جو اُن عمارت آڌرڀاءُ ٿيندي به ڏٺو. متحده هندستان ۽ پاڪستان جو ڪهڙو ليڊر هو جيڪو اُتي نه آيو، پر هاڻي اها حيدر منزل به باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جي حيدر منزل جيان ڊاهي نئون روپ اختيار ڪرڻ وڃي پئي. توڻي جا اها وارثن جي مرضي آهي، جيڪو چاهين ڪن، پر تباهه حال عمارتن کي قومي ورثو قرار ڏيڻ واري محڪمي موهٽه پيلس ڪلفٽن ۽ فليگ اسٽاف هائوس شارع فيصل جيان اُن کي خريد ڪري محفوظ ڇونه ڪيو؟ جو اُن جا در ۽ ديوارون، دالان ۽ ڏيوڍيءَ سائين جي ايم سيد جي سياسي جدوجهد جي لمحي لمحي کي ڏٺو ۽ پنهنجي اندر محفوظ ڪيو هو. وڏو دليل اهو هو ته آس پاس ۾ ايوب کهڙو، شاهنواز ڀُٽو، قليچ بيگ جي گهرن کي به ته وڪيو ويو هو، اُن وقت ڪير ڇونه ڪُڇيو هو؟ پر هر شخص سن جو سيد ناهي هوندو، نه ته مير علي مراد ٽالپر نه لارنس روڊ/ نشتر روڊ جو خيرپور هائوس. جون ايليا رئيس امروهي جي ۱۲۹ الف مانڪ جي اسٽريٽ واري حويلي وڪي، جنهن ۾ هاڻي مسجد ٺهيل آهي. محمود الحق عثماني جي جيڪو نيشنل عوامي پارٽي ڀاشاني جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري هوندو هو، گارڊن ايسٽ واري ڪوٺي، جهانگير روڊ جو لکم هائوس، جتي بيگم اختر سليمان دختر حسين شهيد سهروردي جي رهائش هُئي. گلشن اقبال ۾ سردار عطاءُ الله مينگل جو مينگل هائوس، لائٽ هائوس تي ڪميونسٽ پارٽي ۽ نيپئر روڊ تي آل انڊيا مسلم ليگ جي آفيس. نيز گارڊن ويسٽ ۾ بيرسٽر فيروز علي نانا ۽ ڪراچي چڙيا گهر جي پوئين حصي ۾ واقع پير آف لواري سائين گل حسن جو بنگلو، ڪو به اصل حالت ۾ موجود ناهي. قدآور شخصيتون نه رهيون ته چوندا آهن،
زمين کها گئي آسمان ڪيسي ڪيسي
ناقدري واري زماني جي ڀُرندڙ ڀڄندڙ عمارتن جي لاءِ اسان جهڙا ڇا چون؟ خاص ڪري اُنهن جي باري ۾ جيڪي هڪ تاريخي پسمنظر رکنديون هُجن. مثال بندر روڊ تي سعيد منزل سان لڳندڙ هڪ ٽالپر زميندار جو اُهو بنگلو، جتي سورهيه بادشاهه جي آخري گرفتاري ۽ ڦاسيءَ کان اڳ هُن جي ٻارن نادر شاهه ۽ شاهه مردان شاهه ثاني، سڪندر علي شاهه سان گڏ قيد رکيو ويو هو. اُن جي ويجهو واقع مولانا ظفر احمد انصاري جي رهائشگاهه بابت به نئين نسل کي ڪا خبر ناهي. البته اسماعيل برادري جَسُ لهڻي جو اُنهن پنهنجي روحاني پيشوا آغا خان (ٽيون) سلطان محمد شاهه جي ولادت گاهه، هني مون لاج کي جيڪو ڪورنگي روڊ تي پهاڙ تي واقع آهي، محفوظ رکيو ۽ متاثر ٿيڻ کان بچائي ورتو. نه ته راجا صاحب امير محمد خان جي محمود آباد هائوس ڪلفٽن برج کان وٺي گارڊن ويسٽ تي واقع ڄام صادق هائوس، لسٻيله چوڪ جي ڄام آف لسٻيله هائوس سميت خوبصورت يادن واريون ڪيتريون ئي عمارتون آسمان سان سينو ساهيندڙ اپارٽمينٽ بڻجي چُڪا آهن. نعمت الله بخاري، عبدالله ڪيهر، اختر بلوچ ۽ گل حسن ڪلمتي سميت ڪي ٿورڙا آهن، جن اُن ڪراچيءَ جي تاريخ کي سيني ۾ محفوظ رکيو آهي، نه ته ان نڌڻڪي شهر ۾ جنم وٺندڙن جي اڪثريت ته اڃا تائين ان کي پوري نموني ڏٺو ئي ناهي. هتي نه پوپٽ آهن نه جگنو، بس ڪنڪريٽ جو جهنگ آهي، جنهن کي ماڻهو ڪراچي چون ٿا. سرجيمز اسٽريچن، جمشيد مهتا، هرچند راءِ وشن داس ۽ قاضي خدا بخش مورائي کي ٻيهر جنم ملي ته اُهي ان کي پنهنجو اُهو ڪراچي تسليم ڪرڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيندا، جيڪو اُهي ڇڏيا ويا هُئا. جي ها پر ڇا چئجي ۽ ڇا لکجي، جو ليکڪ ته بي اختيار هوندا آهن، اُهي ’شهر ڪا آشوب‘ ئي لکي سگهن ٿا، مقدر نٿا بدلائي سگهن. ٿي سگهي ته ماضيءَ جي ڪراچي تي ٻه لُڙڪ لاڙي وٺو جو ڪجهه سالن کان پوءِ افسوس ڪرڻ وارا به نه ملندا.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]