Skip to main content

پاٽ شھر


پاٽ شھر
منظور علي چنه
پاٽ شريف پراڻو شھر آھي جتان مغل شھنشاھ ھمايون شادي ڪئي، حميده بانو بيگم سان..!
پاٽ جو مشھور ڳوٺ، مھراڻ جي ساڄي ڪپ تي، دادوءَ جي شھر کان ارڙھن ميل اتر طرف، درياھ ۽ دادو ڪئنال جي بندن جي وچ ۾، ھڪ ھيٺائين علائقي ۾ آباد آھي.
پاٽ شريف جي پراڻي دور ۾ پنجھتر سيڪڙو لکيل پڙھيل جو ھوندو ھو، جڏھن ته باقي ھر ھنڌ پندرنھ کان سورنھ سيڪڙو لکيل پڙھيلن جو ھوندو ھو.


آمريڪا جي نارٿ ڪيرولينا يونيورسٽيءَ جو پروفيسر ڊاڪٽر جان ھنگمن ان ڳالھ کان متاثر ٿي ۱۹۵۷ع ۾ ھن شھر جو دورو ڪيو ۽ چئي ڏنو ته؛ ”ھي ڳوٺ علمي بيابان ۾، ھڪ خيابان وانگر پيو محسوس ٿئي“
ياد رھي ته اھو پروفيسر، پاٽ شھر ۾ ٻه مھينا رھيو ھو ۽ ان دوران پاٽ ڳوٺ تي مضمون لکيائين. جيڪي ڪتابي صورت ۾ نيو يارڪ ۾ ڇپجي چڪا آھن. ڪتاب جو نالو ۽ عنوان آھي؛ ”مغربي پاڪستان جا ٽي ڳوٺ
پاٽ ڳوٺ جو پراڻو نالو ”پاتر“ يا ”پاتري“ آھي. اھڙو حوالو، تاريخ معصومي ۾ به ملي ٿو.
پاٽ شھر مان مغل شھنشاھ ھمايون جي شادي ۹۴۸ ھ ۾ حميده بانو بيگم سان ٿي ۽ ۹۸۲ ھ ۾ مرزا ڪامران جي شادي مرزا حسن جي ڌيءَ حسنا بيگم سان به ان ئي شھر پاٽ ۾ ٿي.
ان شاديءَ ۾ ”پاٽ پرڳڻي“ جو مرڪز، کيس ڏاج ۾ ڏنو ويو. اھو شھر زرخيز ھيو، باغن ۽ مڪمل ميون سان.
پاٽ شريف جو اوج ھيو، ارغون، ترخانن، ۽ مغلن جي وقت. پر جڏھن کان نادر شاھ جو وقت آيو ته ھي شھر به ويو ڦٽندو، جنھن جو ھاڻي وڃي نالو رھيو آھي.
پاٽ شريف ۾ چئن خاندانن جو وڏو اثر ۽ اقتدار رھيو آھي. جيڪي آھن؛ صديقي، انصاري، جوڻيجا ۽ چنا.
افسوس اھو آھي ته جنھن شھر عظيم فرد پيدا ڪيا، ملڪ کي اعليٰ آفيسر ڏنا، جن مان ڪي يورپ ھليا ويا ته ڪن اھو ڳوٺ ڇڏي، ٻيا شھر آباد ڪيا ته وري پٺ ورائي نه ڏٺو ته پويان اسان جو عظيم ورثو/ ڳوٺ، ڪھڙن حالن ۾ آھي. ڪيئن ويران ٿي ويو، اھو ڳوٺ.
اڄ ھن شھر جي اھا حالت آھي جو نه پڪو رستو آھي، نه بنيادي سھولت. جنھن شھر، ستر کان پنجھتر سيڪڙو لکيل پڙھيل فرد ملڪ کي مھيا ڪيا، اھو شھر، اڄ يتيمن وارو ڏيک ٿو ڏئي.
جنھن پاٽ شريف علامه آءَ آءَ قاضي، نورالدين صديقي، ڊاڪٽر علي احمد قاضي، غلام نبي قاضي، اي جي اين قاضي، مولانه شفيع صديقي، علي بخش چنه، عبدالله چنه، محمد يوسف جوڻيجو، حڪيم خير محمد جوڻيجو، بيگم خميساڻي، مسز زھرا انصاري، امداد حسين جوڻيجو ۽ اھڙا گھڻا معتبر پٽ ڏنا پر انھن ان شھر کي وري اک ورائي به نه ڏٺو.

(ڪجھ مواد ورتل ڪتاب سنڌ جي تاريخي شھرن جي تاريخ)

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]