Skip to main content

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

تاريخ جي آئيني ۾

مھتاب ڪلھوڙو



ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ الڳ ڦيڙها رکڻ شروع ڪيا. هڪ هنڌ ڪَٺي سارين جا ڦيڙها ٺاهڻ ڪري ممڪن آهي هي ڳوٺ آريجا “ڦيڙھو” سڏجڻ ۾ آيو هجي. جامع سنڌي لغات موجب “ڦيڙھ” وڏي پَٽڪي يا پڳڙ کي به چيو وڃي ٿو. ان تناظر ۾ روايت آهي ته صديون اڳ هن جڳھ تي آريجا ذات جا ماڻهو اچي آباد ٿيا هئا. انهن وٽ رڍن ۽ ٻَڪرين جا ڌڻ هوندا هئا جن جي چاري لاءِ اُهي ٻير ۽ ٻٻر جون ٽاريون ڇانگي پنھنجي وٿاڻن ڏانهن مٿي تي رکي کڻي ايندا هئا. جيئن ته انھن ٽارين ۾ ڪنڊا وغيره ٿيندا آهن تنھنڪري ڪنڊن کان بچاءُ لاءِ اُهي ماڻھو مٿي تي وڏا پَٽڪا ٻڌندا هئا جنھن کي سنڌي ۾ “ڦيڙھ” چيو وڃي ٿو چون ٿا تنھنڪري هن ڳوٺ تي ڦيڙھي وارا آريجا نالو پيو، يعني وڏي پَٽڪي وارا آريجا. (ويھين صديءَ جي اڌ کان پوءِ به هن ڳوٺ ۾ پٽڪا پائڻ جو وڏو رواج هو. پَٽڪا ٻڌڻ جي لحاظ کان به هي ڳوٺ مشھور رهيو آهي منھنجو ڏاڏو محمد عالم عرف “بھار” ڪلھوڙو (ڏاڏي جو وڏو ڀاءُ) پَٽڪا ٻڌڻ جي لحاظ کان وڏو نالو رکندو هو جنھن کان پري پري جا ماڻھو اچي پٽڪو ٻڌڻ سکندا هئا ۽ آس پاس جي وڏين وڏين تقريبن ۾ کيس دعوت ڏيئي کائنس پٽڪو ٻڌرائيندا هئا.) ماضيءَ جي مختلف رڪارڊن ۽ پراڻن ڪتابن ۾ هِن ڳوٺ کي “آريجا ڦيڙھو” بدران صرف “عاريجہ” يا “آريجا” ڪري به لکيو ويندو هو. پر هينئر ان کي “آريجا ڦيڙھو” ئي چيو وڃي ٿو. هن ڳوٺ کي ڪڏهن ڪڏهن “ننڍا آريجا” به چئجي ٿو. انھيءَ جو سبب اهو آهي ته “آريجا” نالي هڪ ٻيو وڏو ڳوٺ ڏوڪري تعلقي ۾ به آهي. اُهو ڳوٺ جيئن ته هِن ڳوٺ کان وڏو آهي تنھنڪري اُن کي “وڏا آريجا” يا اصل نالي “خير محمد آريجا” سان سڃاتو وڃي ٿو ۽ هِن کي گھڻي قدر “آريجا ڦيڙھو” ۽ ڪڏهن وري “ننڍا آريجا” چيو وڃي ٿو.. اڄ به جيڪڏهن آريجا ڦيڙھي جو ڪو رهواسي خير محمد آريجا وڃي ۽ ان کان ڪوئي پڇي ته ڪيڏانھن ٿو وڃين؟ ته جواب ڏيندو “وڏي آريجين” ٿو وڃان.. ۽ ڪو ماڻھو خير محمد آريجا مان آريجا ڦيڙهي اچي ۽ ان کان ڪوئي پڇي ته ڪيڏانھن ٿو وڃين؟ ته ان جو جواب گھڻي قدر اهو ئي هوندو ته “ڦيڙهي وارن” يا “ڦيڙهي واري آريجين” ٿو وڃان.. ان کان علاوه آريجا نالي سان ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي تعلقي وارھ کان 4 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ ڳوٺ “آريجا”، شڪارپور ضلعي جي تعلقي خانپور جي ڀرسان ساڳي نالي “آريجا” ۽ خيرپور ضلعي جي تعلقي ڪنگري ۾ پير جي ڳوٺ لڳ “نور محمد آريجا” نالي هڪ ڳوٺ به موجود آهي. 

هن ڳوٺ آريجا ڦيڙهو کي قدامت جي خيال کان ڏسجي ته ڪجھ ماڻهن جو خيال آهي ته هي ڳوٺ سنڌ تي ڪلھوڙا دور حڪومت وقت آباد ٿيو هوندو. ان جي دليل طور ڳوٺ جي ڪنڌيءَ سان وهندڙ تاريخي شاھ همير واھ کي پيش ڪيو وڃي ٿو جيڪو گھڻي قدر ڪلھوڙا دور حڪومت ۾ کوٽايو ويو هو. تنھن کان علاوه ڳوٺ ۾ موجود قديم ۽ تاريخي ڪلھوڙا مسجد کي به ان جي حوالي طور ٻُڌايو وڃي ٿو جيڪا نه فقط پنهنجي قديم بناوٽ ۾ هڪ نادر نمونو هئي پر هِن ڳوٺ جي قديم هئڻ جي ساکي به هئي. چيو وڃي ٿو ته اُها مسجد ڪلھوڙن جي دور جي ٺهرايل هئي. مسجد جون ڀِتيون لڳ ڀڳ چار فوٽ ويڪر رکندڙ هيون. هن مسجد جي بناوٽ ڏسڻ وٽان هئي. مسجد جي اڱڻ واري دروازي مٿان هڪ شاندار قُبو جوڙايل هو جيڪو خدا آباد جي مسجد جي دروازي تي ٺهيل قبُي جي طرز تي هو. مسجد جي دروازي تي ٺهيل ان قُبي ۾ ٻه دريون هڪ ڏکڻ ۽ هڪ اتر طرف هوندي هئي. اهڙي بناوٽ ۽ تاريخ رکندڙ مسجد کي ايڪويھين صديءَ جي پھرين ڏهاڪي ۾ زبون حالي جو شڪار ٿي وڃڻ سبب شھيد ڪيو ويو. مسجد شھيد ڪرڻ دوران مسجد جي ڇتِ منجھان هڪ شھتير تي قديم لکت جو هڪڙو نمونو مليو هو جيڪو شايد فارسي يا عربي لکت ۾ هو ۽ کوڙ امڪان هئا ته ان تي مسجد جي تعمير جي تاريخ، سال ۽ جوڙائيندڙ وغيره جي معلومات چِٽيل هئي پر صدين جو وقت گذري وڃڻ ۽ اکر ميسارجي وڃڻ ڪري بدقسمتيءَ سان اها لکت پڙهڻ لائق نه رهي هئي. گھڻين ڪوششن باوجود ڪو به فرد شھتير تي چِٽيل ان لکت کي پڙهي ۽ سمجھي نه سگھيو نتيجي ۾ هي ڳوٺ ڪڏهن آباد ٿيو؟ هي مسجد آخر ڪڏهن تعمير ٿي؟ وارا سوال، سوال ئي رهجي ويا.. ٻي پاسي ڪجھ ماڻھن جو اندازو آهي ته هي ڳوٺ ڪلھوڙا دور کان به ڪي صديون اڳ جو آباد ٿيل ڏسجي ٿو جن لاءِ وري وٽن مختلف دليل آهن. در حقيقت ٻئي رايا قابل احترام آهن تنھنڪري هن موضوع تي گھڻ پاسائين تحقيق ٿيڻ گھرجي جنھن سان ئي ڳوٺ جي قدامت جو ڪو ٺوس اندازو لڳائي سگھبو.

تاريخ جي رڪارڊ ۽ ڳوٺ جي تاريخ جي ذڪر دوران هتي هڪ ٻي ڳالھ لکندو هلجي ته آڳاٽي دور ۾ ڳوٺ جي پٺيان اولھ واري پاسي چَٺو واھ وهندو هو. جنهن کي هاڻي “پراڻو چَٺو واھ” چئي ڪري ياد ڪيو وڃي ٿو. ان واھ جا ڪجھ نشان ۽ وهڪرو اڄ سوڌو موجود آهي. خيال آهي ته هاڻوڪو قبرستان در اصل پراڻي چَٺي واھ جي ڪپر ۽ پيٽ تي مشتمل آهي. ممڪن آهي ته قبرستان جو مٿيون حصو واھ جي ڪَپر ۽ هيٺيون حصو واھ جو تَرو هجي. واضح رهي ته اُهو پراڻو چَٺو واھ، گھاڙ واھ مان اتر طرف نڪرندو هو. جيڪو ڳوٺ جي موجوده بوائز پرائمري اسڪول کان ٿيندو، ڳوٺ جي اولھ پاسي کان لنگھي اتر يا اولھ طرف هليو ويندو هو. چيو وڃي ٿو ته شاھ همير واھ جي مقابلي ۾ پراڻو چَٺو واھ وڏو ۽ اونھو هو، پر شاھ همير جي کوٽائي بعد پراڻي چَٺي واھ جي اهميت تمام گهڻي متاثر ٿي. هن وقت به قبرستان جي ڏکڻ ۾ “ڇَڙه واھ” مان جيڪو ننڍو واھ نڪري بوائز پرائمري اسڪول جي پُٺ ڏئي ڏکڻ طرف هليو وڃي ٿو ان کي چَٺو واھ چيو وڃي ٿو. عين ممڪن آهي اِهو اُهو ئي رستو هجي جتان پراڻو چَٺو واھ گذر ڪندو هو ڇاڪاڻ ته هڪ طرف هيڏانھن هيٺين ۽ مٿئين قبرستان ۾ پراڻي چَٺي واھ جا آثار ملڻ ۽ ٻي طرف ان ئي جاءِ جي لڳو لڳ ننڍي واھ جو وهڪرو ۽ مٿان ان کي “چَٺو واھ” چوڻ ان تاريخي ڳالھ جي ثابتي ڏئي ٿو ته پراڻو چَٺو واھ اتان ئي وهندو هو. فرق فقط ايترو آهي ته اڳي “چَٺو واھ” گھاڙ واھ مان اتر طرف هڪ وڏي واھ جي صورت ۾ پاڻي کڻي ايندو هو ۽ هينئر ڇَڙه واھ مان ننڍي واھ طور نڪري ڏکڻ طرف وڃي ٿو. ان ڳالھ کي سمجهڻ لاءِ هتي هڪ ٻي ڳالھ پڌري هجي ته پراڻو چَٺو واھ ڏکڻ کان اتر اولھ طرف وهندو هو جنهن جو مُنڍ گھڻي قدر ڳوٺ مياڻي نھال کان هو. اها ڳالھ انڪري به درست لڳي ٿي جو اتي گھاڙ واھ جي اورئين ڀرِ ڪافي هنڌن تي سلسليوار کڏا ۽ ٻيا آثار نظر اچن ٿا ممڪن آهي اُهي نشان پراڻي چَٺي واھ جو مُنھن ۽ پيٽ هجن. چَٺي واھ بعد تعمير ٿيل شاھ همير اوڀر کان اولھ طرف وڃي ٿي جڏهن شاھ همير ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پھتي ته نتيجي ۾ ڏکڻ کان اتر طرف گھاڙ کان وهي نڪرندڙ پراڻو چَٺو واھ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هميرِ جي اتر اولھ واري پاسي آيل پراڻي چَٺي واھ کي شاھ همير مان پاڻي ڏئي جاري رکيو ويو اڄ به ان تي چَٺي واھ جو نالو پيل آهي. ٻي طرف ڏکڻ پاسي رهيل پراڻي چَٺي واھ جي ان حصي تي جيڪو ڳوٺ مان گذري رهيو هو ان کي ماڻھن گھرن، دڪانن، کڏن ۽ ڳوٺ جي قبرستان ۾ بدلائي ڇڏيو ان ئي پاسي کان باقي بچيل پراڻي چَٺي واھ جي حصي کي هميرِ مان نڪرندڙ ڇَڙه واھ ذريعي پاڻي ڏئي جاري رکيو ويو آهي. حيرت جي ڳالھ اها آهي ته صديون گذرڻ بعد به اِن حصي کي به هُن حصي وانگر چَٺو واھ ئي چيو وڃي ٿو. هميرِ جي اتر اولھ پاسي نڪرندڙ کي وڏو چَٺو ۽ ڏکڻ پاسي هميرِ جي ڇڙه واھ مان نڪرندڙ حصي کي ننڍو چَٺو چيو وڃي ٿو. ائين چَٺو واھ پنھنجي ساڳي نالي سان اڄ به وھي رهيو آهي. فرق اهو آهي جو اڳي گھاڙ واھ مان هڪ وڏي واھ طور پاڻي کڻي وهندو هو ۽ هينئر ٻن ننڍڙن واھن جي صورت ۾ ورهائجي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي جون زمينون آباد ڪيون ٻن مختلف رخن ۾ هليو وڃي ٿو. هتي اهي سوال ضرور پيدا ٿين ٿا ته جيڪڏهن پراڻو چَٺو واھ موجود هو ته شاھ هميرِ جي ضرورت آخر ڇو پئي؟ شاھ هميرِ تي اهو شاھ هميرِ جو نالو ڪيئن پيو؟ درست نالو شاھ هُمير هو يا شاھ هميرِ؟ ڇا موجوده نالو (شاھ هميرِ)، شھمير يا شاھ مير جو بگاڙ ته ناهي؟ شھمير، شاھ مير، هُمير يا هميرِ پر آخر اهو نالو مٿس ڪيئن ۽ ڇو پيو؟ ڪلھوڙا دور ۾ شاھ هميرِ کي پراڻي گھاڙ واھ مان ڪهڙي هنڌ وٽان ڪڍيو ويو؟ وغيره انھن سوالن جو جڏهن پيڇو ڪجي ٿو ته معلوم ٿئي ٿو ته لڳ ڀڳ هڪ صديءَ کان شاھ هميرِ رائيس ڪئنال مان نڪري ٿي ۽ رائيس ڪئنال انگريز دور جو کوٽايل آهي پر ان دور کان پوئتي نظر ڪجي ته شاھ همير جي اوڀر کان درياھ جي رستي ۾ پراڻي گهاڙ واھ جا اتر کان ڏکڻ طرف وھڻ جا نشان نظر اچن ٿا تنھنڪري اها ڳالھ گهڻي پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته شاھ همير گھاڙ واھ مان ئي نڪتي هوندي ڇاڪاڻ جو دريا طرف وڃڻ سان رستي ۾ گھاڙ واھ پئي ٿو. شاھ هميرِ نالي پوڻ واري سوال تي غور ويچار ڪجي ته ذهن ۾ خيال اچن ٿا ته ممڪن آهي شاھ همير يا شاھ مير نالي ڪلھوڙا دور جو ڪو علائقائي عملدار وغيره هجي جنھن جي نالي پٺيان هي واھ کوٽايو ويو هجي ۽ بعد ۾ ماڻھن جي اچار ذريعي ڦري شاھ ھميرِ ٿي هجي. ڪجھ ماڻھو اهو به چون ٿا ته هي شاھ همير واھ شاھ گودڙيي جي نگراني ۾ کوٽايو ويو هيو. پراڻي دور ۾ شاھ هميرِ جي گھاڙ واھ مان نڪرڻ تي اندازو آهي ته ان دور ۾ همير واھ چوهڙپور جي سِڌ تي پراڻي گھاڙ واھ مان نڪرندو هوندو. ڇاڪاڻ ته پراڻو گھاڙ واھ اتان گذر ڪندو لاڙڪاڻي شھر طرف ويندو هو. انگريز ليکڪ اي. ڊبيلو. هيوز جي ۱876ع ۾ لکيل “سنڌ گزيٽيئر” ۾ شاھ همير واھ متعلق لکي ٿو ته هي گھاڙ واھ مان نڪرندڙ زميندارن جي نگراني هيٺ وهندڙ واھ آهي جيڪو ماهوٽا ۽ آريجا تپن وچان وهي شاھ جي ڪور ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ليکڪ شاھ همير جي مُنھن جي ويڪر 7۰ فوٽ ۽ ڊيگھ ۱۰ ميل ڄاڻائي آهي. منھن جي ويڪر مطابق همير واھ ان دور ۾ گھاڙ مان نڪرندڙ لاڙڪاڻي جي تقريبن واهن کان وڏو هو.

ڳوٺ آريجا ڦيڙھي جي بناوٽ ۽ منجھس وهندڙ واھن جي ڳالھ ڪجي ته هي ڳوٺ هڪ مٿانھين حصي يا ننڍڙي دڙي تي آباد آهي. هِن جي اُتر ۾ ڳوٺ سان لڳو لڳ شاھ همير واھ وهندو آهي. هن جي اوڀر ۾ هزارو ۽ ڇَڙه واھ وهندو آهي. ڏکڻ ۾ سَنھڙو ۽ ننڍو چَٺو واھ وهندو آهي. اولھ ۾ سِڌ، صبل ۽ هَرُو واھ وهندو آهي. هن وقت ڳوٺ جي آبادي پراڻي چَٺي واھ جي پيٽ پريان اولھ پاسي ۽ ڇَڙه واھ جي ڏکڻ پاسي گھڻي وڌي چڪي آهي.

هزارو واھ:

ڳوٺ جي اڳئين حصي يعني اوڀر ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي “هزارو واھ” وهي ٿو. ان لاءِ به چيو وڃي ٿو ته ممڪن آهي ڪنھن دور ۾ اهو به پراڻي چَٺي واھ وانگر گھاڙ واھ مان نڪرندو هجي. ڇاڪاڻ ته چَٺي واھ وانگر هي به هن وقت ٻن حصن ۾ ورهايل آهن. ٻئي حصا هن وقت به هڪٻئي جي بلڪل آمھون سامھون همير واھ مان نڪرن ٿا. اتر طرف ويندڙ هزاري واھ کي وڏو هزارو واھ ۽ ڏکڻ طرف ويندڙ هزاري واھ کي ننڍو هزارو واھ چيو وڃي ٿو. بزرگ ٻڌائن ٿا ته اڳ هن واھ جون ڪپرون هن وقت جيان سنھيون نه هيون پر پنجاھ ورھيه اڳ تائين به ان هزاري واھ جون ڪپرون ايتريون ته ويڪريون هيون جو انھن مٿان ڏاند گاڏي آرام سان گذر ڪري ايندي ويندي هئي. ان واھ جي مٿان هزارو واھ نالو پوڻ جي سلسلي ۾ چيو وڃي ٿو ته ٿي سگھي ٿو هي هزار خان نالي ڪنھن شخص سان منسوب هجي يا وري اندازي طور اهو به ٻُڌايو وڃي ٿو ته ممڪن آهي اُن دور ۾ هن واھ ذريعي هڪ هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هجي تنھنڪري مٿس هزار يا هزارو واھ نالو پيو هجي.. 

ڇَڙه واھ:

ڳوٺ جي اوڀر کان سڏ پنڌ تي “ڇَڙه واھ” شاھ همير مان نڪري ٿو. هن واھ تي ان نالي پوڻ لاءِ ٽي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. هڪ اها ته “ڇڙه” پاڻي جي تيز وهڪري کي چيو وڃي ٿو تنھنڪري تيز وهڪري ڪري مٿس ڇڙه جو نالو پيو هجي. ٻي راءِ اها ته ڇڙھه کجيءَ جي ڊگهي ڪاٺيءَ کي چيو وڃي ٿو متان ان تي اهو نالو کجيءَ جي ڇڙيءَ تائين پيو هجي ڇاڪاڻ ته هي واھ کجيءَ جي ڇڙيءَ جيان منڍ کان ٿلھو/ويڪرو ۽ ڇڙيءَ جيان ئي اڳتي سنھو آهي. ٽين ڳالھ اها ته هن تي ڇَڙه واھ جو نالو ڇُڙيي پاڻي کڻي اچڻ تان پيو هجي. ڇُڙيو پاڻي ساريالي فصل وقت وهي ايندڙ درياهي ميري پاڻي کي چيو وڃي ٿو. بحرحال ڇَڙه واھ شاھ همير مان نڪري مرڪزي روڊ ٽپي ڳوٺ جي ڏاکڻي ڪناري ۾ داخل ٿئي ٿو (ڇڙه مٿان مرڪزي روڊ تي ٺهيل ننڍي پل کي “ڇڙه موري” چيو وڃي ٿو) جيڪو ڳوٺ جي ڏاکڻي ڇيڙي مان لنگھي اولھ ۽ ڏکڻ طرف ڳوٺ جي زمين کي زرخيز ڪندو وڃي ٿو. ان واھ مان وڌيڪ چار ننڍا واھ نڪرن ٿا.

سِڌ واھ:

همير واھ کان نڪري ڳوٺ تائين ڇَڙه واھ کي ڇَڙه واھ ئي چيو وڃي ٿو پر ڳوٺ جي پوئين پاسي قبرستان وٽان ننڍي چَٺي واھ واري مُنڍ کان ڇَڙه واھ کي سِڌ تي اولھ ۾ سِڌو ٿي وڃڻ ڪري اتان کان “سِڌ واھ” چئي ڪري سڏيو وڃي ٿو. اهو به ممڪن آهي سِڌ يا سِڌو ڪنھن شخص جو نالو هجي جنھن پٺيان هن تي سِڌ واھ نالو پيو هجي. 

صبل واھ:

ڇڙه واھ جتي ڦري سِڌ واھ سڏجي ٿو اتي در اصل ڇڙه واھ ٻن حصن ۾ ورهائجي ٿو اتي اتر طرف ويندڙ هڪ ننڍڙي واھ کي صبل واھ چيو وڃي ٿو. چون ٿا ان واھ تي مائي صابل جي زمين آباد ٿيندي هئي جنھنڪري مٿس صبل واھ جو نالو پيو. هي واھ باقي واهن کان ننڍو آهي.

ننڍو چَٺو واھ: 

هي واھ ڳوٺ جي قبرستان جي ڏکڻ پاسي ڇڙه واھ مان نڪري ٿو هن واھ جو تفصيلي ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي.

سنھڙو واھ:

سرائي نظام الدين کوکر جي ڊهي ويل ڪوٽ جي اڳيان جيڪو روڊ ڳوٺ نور محمد ڪورڪاڻي وڃي ٿو ان روڊ سان گڏ جيڪو ننڍڙو واھ ڇَڙه واھ مان نڪري ڳوٺ محمد ملوڪ کُھڙي تائين زمينون آباد ڪندو وڃي ٿو. ان واھ کي سنھڙو واھ چيو وڃي ٿو. ان واھ کي شايد ويڪر ۾ سوڙھو هئڻ ڪري سنھڙو واھ چيو وڃي ٿو يا ان جو ڪو ٻيو سبب به ٿي سگهي ٿو.

هَرُو واھ:

ڳوٺ جي اولھ ۾ ڳوٺ کان ٿورو پرڀرو “هرو واھ” نالي هڪ ٻيو واھ شاھ همير مان نڪري ڏکڻ طرف نندل شاھ جي دڙي پاسي هليو وڃي ٿو. هن واھ تي اهو نالو ڪنھن هندو شخص جي پٺيان پيل ڏسجي ٿو. 

هي ڳوٺ بنيادي طور ٽن حصن ۾ ورهايل چئي سگھجي ٿو. اهم ۽ مرڪزي حصي کي اندريون شھر يا اندريون ڳوٺ سڏيو وڃي ٿو. ڳوٺ مان نڪرندڙ مرڪزي روڊ جي ڏاکڻي پاسي هاءِ اسڪول وٽان شروع ٿي گرلس پرائمري ماڊل ڪميونٽي اسڪول کان ڦري ڇَڙه واھ جو اتر پاسو بشمول عيد گاھ کان ٿي سرائي نظام الدين کوکر جي ختم ٿي ويل ڪوٽ کان ڦرندو ڪلھوڙا مسجد کي پار ڪري موجوده سپنا هوٽل واري گھٽي جي منڍ تائين، ان وچ واري سڄي حصي کي اندريون شھر يا اندريون ڳوٺ سڏيو وڃي ٿو. باقي رهيل ٻن حصن جي ڳالھ ڪجي ته ڳوٺ منجھان گذر ڪندڙ مرڪزي روڊ جي اتر طرف سڄو حصو ويندي شاھ هميرِ جي ڪپر تائين، اوڀر ۾ شاھ همير جي ٻن ونگن واري تاريخي موريءَ کان وٺي اولھ ۾ روڊ جي اترين پاسي آخري گھر تائين، امام بارگاھ سميت ان حدن اندر ايندڙ سڄي آباديءَ کي ڳوٺ جو ٻيو حصو سمجھيو وڃي ٿو. روينيو جي لکت ۾ وري ان حصي کي "مياڻي تَرائي" به لکيو وڃي ٿو. ڳوٺ مان گذر ڪندڙ ڇَڙه واھ جو کاٻو يعني ڏکڻ وارو سڄو پاسو پرائمري بوائز اسڪول کان ڦري قبرستان جو سڄو اولھندو پاسو مرڪزي روڊ جي دنگ تائين جي ڀاڱي کي ڳوٺ جو ٽيون حصو چيو وڃي ٿو. ڌيان ۾ هجي ته هن حصي کي وڌيڪ ٻن حصن ۾ ورهائي الڳ الڳ جانورين ۽ شيخن جو ويڙھو يا پاڙو به چيو وڃي ٿو. قبرستان جي اولھ ۾ روڊ جي ڏکڻ طرف کان سِڌ ۽ ننڍي چَٺي واھ جي مُنهن تائين اولھ جي سڄي پاسي کي جانورين جو پاڙو ۽ ڇَڙه واھ جي ڏاکڻي پاسي ايندڙ باقي سڄي حصي کي شيخن جو ويڙھو يا پاڙو سڏيو وڃي ٿو.

هي ڳوٺ ڳتيل آباديءَ وارو ڳوٺ آهي. جنھن ۾ لڳ ڀڳ چاليھ مختلف ذاتين جا ماڻھو رهن ٿا جن ۾ آريجا، ڪلھوڙا، جانوري، بروهي، سيد ۽ شيخ آباديءَ جي لحاظ کان وڌيڪ آهن. ٻين ذاتين ۾ ڀٽي، سومرا، ساند، کوکر، گھانگھرا، ٻانھاڻي، سولنگي، مغيري، خاصخيلي، ميربحر، چنا، قاضي، جوڻيجا، ماهوٽا، بليدي، کوسا ٻٻر، سيال، گاڏهي، ملگاڻي ۽ ڀاڳت وغيره شامل آهن. ورهاڱي کان اڳ ڳوٺ آريجا ڦيڙھو جي آبادي جو هڪ وڏو حصو هندو ۽ شيخ هئا جن مان ڪجھ زميندار هئا ۽ گھڻا ڪاروبار سان واڳيل هئا. تنھن دور ۾ هي ڳوٺ ان دور جي لحاظ کان وڏي اوج تي هئو. جتي نه رڳو مختلف قسمن جي دڪانن جي ڍڪ بازار هئي پر انھيءَ سان گڏوگڏ سونَ ۽ ان قسم جي مختلف مھانگين شين جو واپار به هلندو هو. ذڪر ڪيل بازار ڳوٺ جي جامع مسجد واري پاسي ان جي اتر ۾ هئي جنھن ۾ ان دور جي لحاظ کان وڏا دڪان هئا. ورهاڱي بعد هندن جي ڀارت ۽ شيخن جي آهستي آهستي ٿي لاڙڪاڻي شھر لڏي وڃڻ ڪري نه رڳو آريجا ڦيڙھو ڳوٺ مختلف حوالن کان اثرانداز ٿيو پر اها بازار به اوج وڃائي ويٺي ۽ جلد ختم ٿي وئي. هن وقت ان بازار جو ڪو به نالو نشان باقي نه آهي ۽ مٿان ان بازار جي گھٽين تي ماڻھن سالن کان قبضا ڪري پنھنجا گھر اڏي ڇڏيا آهن!

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو جي چئو طرف جيڪي ننڍا وڏا ڳوٺ اچن ٿا اُهي تقريبن سڀ هِن کان آباديءَ جي لحاظ کان ننڍا آهن اهڙن ڳوٺن ۾ ڀورو ڪلھوڙو، ڳوٺ غريبو ڪلھوڙو، ڳوٺ علي بحر شيخ، ڳوٺ لھر، گجو ٿرڙي، ڀاڳتن جو ڳوٺ، شرن جو ڳوٺ، مَسو ڳوٺ، مياڻي عبدﷲ، ڳوٺ دڙي ڪلھوڙو، جھانگاري ڪلھوڙا، ڳوٺ ذڪريو مھيسر، ڳوٺ سبزل بروهي، ڳوٺ محمد صلاح مغيري، ڳوٺ بھاول خان ڪلھوڙو، ڳوٺ مھي مڪول، ڳوٺ گل شيخ، ڳوٺ نور محمد ڪورڪاڻي، ڳوٺ گجراڻي ڪلھوڙا، ڳوٺ چاڪر مگسي، ڳوٺ محمد ملوڪ کھڙو، ڳوٺ نھال مياڻي، ڳوٺ ساٿي خان عمراڻي، ڳوٺ هزارو شر ۽ ڳوٺ سھڻو خان کوکر اچي وڃن ٿا. مٿي ذڪر ڪيل ڳوٺن مان تقريبن سڀني کان آريجا ڦيڙھو تعلقي لاڙڪاڻي ۾ وڌيڪ اهميت جو حامل آهي ۽ جاگرافيائي لحاظ کان به جدا اهميت رکي ٿو پر افسوس جو تنھن هوندي به هن وقت تائين هن ڳوٺ کي يونين ڪائونسل جو درجو ناهي ڏنو ويو ۽ ائين هن ڳوٺ کي ڪڏهن يونين ڪائونسل ٻيڙو چانڊيو ته ڪڏهن يونين ڪائونسل لُنڊ ۾ شامل ڪيو ويندو رهيو آهي. هن وقت هي ڳوٺ يونين ڪائونسل ڪوٺي ڪلھوڙي جو حصو آهي. يونين ڪائونسل ڪوٺي ڪلھوڙي جي هاڻوڪي چيئرمين عبدالڪريم بروهيءَ جو واسطو هن ئي ڳوٺ سان آهي.

سياسي ميدان ۾ شروع کان ئي هي ڳوٺ پنھنجي اهميت مڃائيندو آيو آهي. تاريخ ۾ جھاتي پائي ڏسجي ته انگريز دور ۾ شروع ٿيل خلافت تحريڪ ۽ انگريزن کان آزاديءَ جي جدوجھد ۾ به هي ڳوٺ ڪنھن کان پوئتي ناهي رهيو. ان تحريڪن وقت ڳوٺ جي ڪيترن ئي شاگردن اسڪول ڇڏي انھن تحريڪن ۾ بھرو وٺي پنھنجو ڪردار ادا ڪيو هو (راقم الحروف جو پڙ ڏاڏو محمد يوسف ڪلھوڙو خلافت سبب اسڪول مان بيدخل ٿيو هو) پارليماني سياست جي حوالي کان ورهاڱي کان اڳ ويندي ستر جي ڏهاڪي تائين هي ڳوٺ اڳوڻي وزيراعليٰ محمد ايوب کھڙي جي سياسي اثر هيٺ رهيو. هن ڳوٺ جي ارد گرد محمد ايوب کُھڙي جي ڪيتري ئي زمين آهي جنھن ڪري مختلف وقتن تي هو هن ڳوٺ طرف زميندار ۽ سياستدان جي گڏيل حيثيت سان ايندو ويندو رهيو. هن وقت به کُھڙي صاحب جي پونئرن جي ڪيتري ئي زمين ڳوٺ ۾ موجود آهي. سياسي نقطئه نظر کان ستر جي ڏهاڪي بعد هي ڳوٺ ڦِري شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي پوئلڳي ۾ شامل ٿيو. ذوالفقار علي ڀُٽو پنھنجي چونڊ دوران هتي چونڊ مهم هلائي چڪو آهي. ڳوٺ اچڻ وقت ڀُٽي صاحب جو آڌرڀاءُ وڏيري الله داد خان ڪلھوڙي پنهنجي اوطاق ۾ ڪيو هو (ڳوٺ جي هيءَ وڏيرڪي اوطاق ڪلھوڙا مسجد جي بلڪل اڳيان قائم ڪيل هئي) پر محمد ايوب کُھڙي جو حمايتي ۽ ديرينه ساٿي هئڻ سبب وڏيري الله داد خان ڪلھوڙي ڀُٽي صاحب جي حمايت کان کُليو انڪار ڪيو هو. ورهاڱي کان اڳ لاڙڪاڻي جي مشھور سياستدان ۽ وڏي زميندار نواب حاجي امير علي لاهوريءَ جو پڻ هن ڳوٺ ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو جو سندس ڪيتري ئي زمين هن ڳوٺ جي آسپاس موجود آهي. چيو وڃي ٿو ورهاڱي کان اڳ هن ڳوٺ اندر سندس هڪ بيٺڪ به هئي جنهن کي هن وقت دڙو چئي سڏيو وڃي ٿو (هي ڪلھوڙا مسجد جي ڀرسان ئي اوڀر ۾ کَڏ جي ڀرسان پيل هڪ پلاٽ آهي جيڪو هينئر گھٽيءَ کان به هيٺ ٿي ويو آهي پر پوءِ به ان کي گھڻي قدر پراڻي نالي دَڙي يا نئين نالي واڙيءَ سان سڏيو وڃي ٿو) ان دَڙي لاءِ اها ڳالھ به مشھور آهي ته ڪنھن دور ۾ وچڙندڙ مرض کان بچاءُ خاطر نواب صاحب لاڙڪاڻو ڇڏي ڪجھ ڏينھن هن ڳوٺ ۾ پنھنجي ان بيٺڪ تي رهيو هو. هن وقت کوڙ شين جيان اتي به ڪا پراڻي تعمير يا شئي نظر نٿي اچي. ڪجھ ماڻهن جو خيال آهي ته نواب صاحب ان دور ۾ پنھنجي ان بيٺڪ تي نه پر سرائي نظام الدين کوکر جي ڪوٽ ۾ ترسيو هو. سرائي نظام الدين جو اهو ڪوٽ ڳوٺ جي مُنڍ ۾ پھرين گهٽيءَ جي آخري ڏاکڻي حصي سان ڇَڙه واھ جي ڪپر جي مِلڻ سان جُڙندڙ ڪنڊ تي هو. اهو ڪوٽ آخري وقت ۾ واحد بخش کوکر عرف ملان واحدو سونارڪي جي سنڀال هيٺ هو. ڪوٽ اندر ملان واحدو وٽ سڄو ڏينھن مختلف ڳائڻن ۽ ڳائڻين جا پيا فونا رڪارڊ هلندا هئا جنھنڪري ايندو ويندو پيو ٻُڌندو هو. هينئر اهو ڪوٽ به وقت جي ملبي ۾ پورجي هڪ گھر ۾ تبديل ٿي ويو آهي. پڌرو هجي ته نواب صاحب جي وفات کانپوءِ ان جي پٽن نواب قلب حسين لاهوري ۽ نواب مصطفيٰ حسين لاھوريءَ جو به هن ڳوٺ ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو جڏهن ته سندن ڪافي زمين ڳوٺ جي چئني طرفن کان اڄ به موجود آهي. اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، مھتاب اڪبر راشدي، ممتاز علي ڀٽو ۽ ٻيا ڪيترائي ناميارا سياستدان به مختلف وقتن تي هن ڳوٺ ۾ سياسي سرگرميون ڪري چڪا آهن. اسيءَ جي ڏهاڪي کان ايڪويھين صديءَ جي ٻي ڏهاڪي جي اڌ تائين هن ڳوٺ تي حاجي منور علي عباسيءَ جو خاصو سياسي اثر رهيو آهي. ڪجھ ماڻھن جي راءِ آهي ته هن ڳوٺ جا رهواسي محمد ايوب کُھڙي جي وفات کان پوءِ سندس پوئلڳي ڇڏي پ پ ۾ حاجي منور علي عباسيءَ جي ڪوششن سان ئي شامل ٿيا هئا. حاجي منور علي عباسي جو ننڍپڻ کان ئي هن ڳوٺ ۾ گھڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ان جو خاص سبب هتي ٿيندڙ والي بال راند هئي. حاجي صاحب والي بال کيڏڻ جو شوقين هئڻ ڪري ڳوٺ وليد مان هتي سيڙجي اچي ڳوٺاڻن سان راند کيڏندو هو. ان دور ۾ هتي والي بال جا ڀلا رانديگر هوندا هئا. حاجي منور علي عباسي لاءِ چيو وڃي ٿو ته هو پنھنجي اباڻي ڳوٺ وليد کان پوءِ پنھنجو ٻيو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو کي چوندو هو. مرحوم حاجي منور علي عباسي جي فرزند معظم علي خان عباسيءَ جو به هن ڳوٺ تي چڱو سياسي اثر آهي.

مذهبي حوالي کان ڳالھ ڪئي وڃي ته هي ڳوٺ گھڻي تر شدت پسندي کان دور آهي. ڳوٺ جي آبادي ٻن مختلف اسلامي فرقن جي پوئلڳي ڪندڙ آهي. ٻي ڪنھن مذهبي مڪتب فڪر جا ڪي خاص اثر نه آهن. بھتر ڳالھ اها آهي ته مذهبي حوالي کان گھڻي کئونس وغيره نه آهي. ڳوٺ ۾ چار مسجدون ۽ هڪ امام بارگاھ موجود آهي. هن وقت ڳوٺ جي آبادي سئو سيڪڙو مسلمان آهي. ڳوٺ اندر، ان جي حد ۾ يا آس پاس جيڪي پير، فقير ۽ مذهبي جڳھون اچن ٿيون انھن ۾ سيد علي شاھ جي مزار، سيد جمن شاھ جي مزار، نندل شاھ جو دڙو ۽ مقبرو، دوسن فقير (دوسو فقير) جي قبر، اَڇي مسيت ۽ ننڍي مسيت وغيره  شامل آهي. 

سيد علي شاھ جي مزار ۽ جامع مسجد:

سيد علي شاھ ڳوٺ جي بزرگ شخصيت ٿي گذري آهي. سيد علي شاھ جي مزار ڳوٺ جي جامع مسجد سان گڏ آهي. جامع مسجد هينئر پڪي ٺھيل آهي پراڻي وقت ۾ اها ڪچي هئي ان جي اڱڻ تي ٻانگ ڏيڻ لاءِ ڏاڪن جي مدد سان هڪ دِڪو به ٺھيل هو. مسجد جي اڳئين پاسي هُجري نالي سان جڳھ به آهي جتي حافظ جي رهڻ لاءِ هاڻي وانگر ئي ڪوٺي ٺھيل هوندي هئي. هُجري جو اڱڻ ڳوٺ وارن کي هاڻي جيان اڪثر شادي غميءَ جي پروگرامن ۾ ڪم ايندو رهندو هو. بحرحال سيد علي شاھ جي مزار مسجد سان گڏوگڏ ڏکڻ پاسي ۾ آهي. جنھن کي سيد علي شاھ يا سيدن جو مقام به چيو وڃي ٿو. سيد علي شاھ کي ڳوٺ ۾ مروج نالي سان سڏڻ وقت سيد کي سعيد يا سيد جي لفظ ۾ “'س” جي بدران “ش” ۽ علي لفظ جو “'ع” اچارڻ کان سواءِ سِيدلِيشاھ طرز جو نالو اُچاريو وڃي ٿو. هن بزرگ کي ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ وڏي عقيدت ۽ احترام حاصل آهي. هن بزرگ کان پوءِ ان جي خاندان ۾ سيد علي شاھ جي يادگيري طور مختلف وقتن تي ٻن ٻارڙن جو نالو سيد علي شاھ نالو رکيو آهي پر اتفاق سان اهي ٻئي ٻارڙا جواني کان اڳ ئي فوت ٿي ويا. ان عمل کان پوءِ هاڻي سندس پوئنر اهو نالو نٿا رکن. انھن سيد علي شاھ ثاني ۽ ٽئين جون قبرون به انھيءَ قبرستان ۾ موجود آهن. بحرحال هي سيد علي شاھ اول آهي جنھن پٺيان ئي هيءَ هڪ قسم جي درگاھ آهي جتي ڪيترائي ماڻھو سندن عقيدي موجب سومر ڏهاڙي اچي باسون باسن ٿا ۽ دل جون مرادون پوريون ٿيڻ تي سُکان کڻي اچن ٿا. هن وقت هن درگاھ جو سجاده نشين سيد پير محمد شاھ آهي.

سيد جمن شاھ جي مزار:

سيد جمن شاھ به ڳوٺ جي هڪ معزز ۽ بزرگ شخصيت ليکي وڃي ٿي. سيد جمن شاھ جي مزار سيد علي شاھ جي ڀيٽ ۾ گھڻي پراڻي نه آهي. اها مزار ڳوٺ جي مياڻي ترائي واري پاسي ۾ امام بارگاھ لڳ اولھ ۾ موجود آهي. سيد جمن شاھ جو ساليانو ميلو به ٿئي ٿو. هن وقت سيد مصري شاھ سندس فرزند حال حيات آهي جيڪو سالن کان سندن پيري مريدي ۽ راڄ ڀاڳ سنڀاليون اچي ٿو.

نندل شاھ جو دڙو:

ڳوٺ کان تقريبن ڏيڍ ٻن ڪلوميٽرن جي وٿي تي اولھ پاسي ۾ موجود نندل شاھ جي دڙي کي جھَڪر جي دڙي (جوڪرَ جي دڙي) سان ڀيٽيو وڃي ٿو جيڪو هن کان صرف ڇھن ميلن جي مفاصلي تي آهي. سڄي سنڌ جي دڙن جيان هتي به هڪ عجيب ڏند ڪٿا مشھور آهي ته دڙي ۾ سون سان ڀريل ديڳ پوريل آهي. جيڪا صرف رات جو ڪڍي سگھجي ٿي ۽ جو ماڻھو لالچ ۾ اچي سون سان ڀريل ان ديڳ کي دڙي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو ان کي نانگ اچي ڏنگ هڻندا وغيره اها عجيب ڏند ڪٿا آس پاس ڪافي مشھور آهي بحرحال هن دڙي تي سالن کان نندل شاھ نالي هڪ درگاھ قائم ٿيل آهي. هن دڙي تي نندل شاھ جو ساليانو ميلو به ٿئي ٿو جيڪو ڀرپاسي جو مشھور ميلو آهي.

خبر ناهي ته هن دڙي کي درگاھ ٿيڻ کان اڳ به نندل شاھ جو دڙو ئي چوندا هئا يا بعد ۾ هن دڙي کي نندل شاھ جو دڙو چوڻ شروع ڪيو ويو. بحرحال درگاھ قائم ٿيڻ ڪري هن وقت دڙي کي تيزي سان قبرستان ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي. انگريز دور ۾ مختصر نموني 

هن دڙي جي کوٽائي ڪئي وئي هئي. تنھن وقت هن دڙي مان ٺڪر جي ٽڪرن کان سواءِ ڪجھ خاص هٿ نه آيو هو پر امڪان آهي ته جيڪڏهن هن دڙي جي صحي ۽ سرڪاري سطح تي کوٽائي ڪرائي وڃي ته ممڪن آهي هن دڙي بابت ڪجھ معلومات ملي سگھي. 

دوسن فقير جي مزار:

اندازو آهي هن جو نالو دوست فقير يا دوست محمد هجي پر ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ هي مزار عام طور دوسن يا دوسو فقير جي نالي سان مشھور آهي. دوسن لاءِ مشھور آهي ته اهو شاھ همير واھ مان لُڙهي اچي اتي نڪتو هو جتي هاڻي دفن آهي. هي مزار ڳوٺ جي اوڀر ۾ هزاري واھ کان ٿورڙو ئي اڳتي شاھ همير جي ڏاکڻي ڪپر جي لڳ موجود آهي. جتي هن وقت دوسو فقير جي مزار آهي چون ٿا اُتي ماضيءَ ۾ هڪ قبرستان هوندو هو جيڪو هاڻي زرعي زمين بڻجي چڪو آهي. دوسن فقير جي مزار کان هڪ ننڍي سڙڪ به نڪرندي هئي جيڪا هڪ طرف هاڻوڪي ننڍي مسيت واري روڊ ۾ پوندي هئي ته ٻي طرف شاھ همير واھ جو پاسو وٺي ڳوٺ غريبي ڪلھوڙي تائين ويندي هئي. 

ننڍي مسيت:

هزاري واھ اڳيان دوسو فقير جي سڌ تي ڳوٺ جي مرڪزي روڊ جي اتر پاسي ۾ ٺھيل ننڍي مسيت ڪا گھڻي پراڻي نه آهي. اتي وڻڪاري ۽ پاڻي جا مٽ ڀريل هئڻ ڪري رستي سان ايندڙ ويندڙ مسافر ساهي ڪندا هئا. اها مسجد ويھين صديءَ ۾ ڳوٺ آريجا ڦيڙهي جي هڪ رهواسي مرحوم عبدالھادي آريجي جي جوڙايل آهي.

هاڻي تازو روڊ ويڪرو ٿيڻ ڪري ان مسجد کي شھيد ڪري نئين سر ٺاهيو ويو آهي. ان قسم جي ئي هڪ ٻي ننڍي مسيت شاھ همير واھ تي موريءَ کان اولھ پاسي اترين پاسي خليفي محمد قاسم آريجي جي جوڙايل آهي ان مسجد سان گڏوگڏ پاڻيءَ جو هڪ کوھ به اڃان تائين موجود آهي.

اَڇي مسيت:

اَڇي مسيت ڳوٺ کان ساڍا ٽي ڪلوميٽر اولھ ۾ لاڙڪاڻي ويندڙ روڊ سان کاٻي پاسي آهي. ان مسجد جي نالي چيو وڃي ٿو ته اها هڪ سلسلي سان جڙيل مسجدن جي ڪَڙي آهي ان ڏس ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته ڳوٺ جي ڏکڻ اوڀر پاسي پير ڳوٺ جي پرئين ڀر به هڪ مسجد موجود آهي جنھن کي به اَڇي مسيت چيو وڃي ٿو ۽ اها به بناوٽي لحاظ کان هن جھڙي آهي. ان کان سواءِ به وڳڻ روڊ سان ٽڳڙن جي ڳوٺ ۽ ميرو خان روڊ جي پاسي به هڪ مسجد آهي جنھن کي به اَڇي مسيت چيو وڃي ٿو تنھنڪري امڪان آهي ڳوٺ جي ٻاهران جُڙيل هي مسجد ان سلسلي جي هڪ ڪڙي هجي. ذڪر ڪيل اهي چارئي مسجدون هڪٻئي کان ڪو گھڻو پري به ناهن تنھنڪري ممڪن آهي اهي واقعي هڪٻئي سان جُڙيل هجن. ان تي وڌيڪ تحقيق ٿيڻ گھرجي. واضح رهي ته انگريز دور ۾ نواب حاجي امير علي لاهوريءَ هن مسجد کي اٺ ايڪڙ زمين به ڏني هئي جيڪا هاڻي قبضي هيٺ اچي چڪي آهي.

مسڻ يا شمشان گھاٽ:

ورهاڱي کان اڳ ڳوٺ ۾ هندو ڌرم وارن جو شمشان گھاٽ به هو جنھن کي عام طور مَسڻ چيو وڃي ٿو. اتي ڌرم جا مڃيندڙ لاڏاڻو ڪري ويلن کي ساڙيندا هئا. اهو مسڻ موجوده بوائز پرائمري اسڪول جي ويجھو ڳوٺ نور محمد ڪورڪاڻي ۽ ڳوٺ ملوڪ کھڙي طرف ويندڙ رستي جي ڪنڊ واري زمين تي هو. 

ٽڪاڻو:

هندو ڌرم جي مڃيندڙن جو هڪ ٽڪاڻو به هو جيڪو جامع مسجد جي اولھ ۾ ٿورو اتر واري پاسي کان ان جڳھ تي هو جيڪو هاڻي مٿئين قبرستان جو وچ چئي سگھجي ٿو. هينئر ٽڪاڻي جو اهو حصو مڪمل طور قبرستان ۾ تبديل ٿي چڪو آهي چيو وڃي ٿو اتي پپل جو هڪ تمام وڏو وڻ هوندو هو جتي هندو ڌرم جا مڃيندڙ پنھنجي پوڄا پاٽ ڪندا هئا. وڏي ڳالھ ته مسجد جي ڀرسان ئي هندو ڌرم جي اهڙي عبادت گاھ ان دور جي سنڌ ۾ مذهبي رواداري کي به ظاهر ڪري ٿي.

شاھ ھميرِ جي موري:

شاھ همير جي ٻن ونگن واري تاريخي موريءَ بابت چيو وڃي ٿو ته اها شاھ هميرِ جي کوٽائي واري دور جي ٺھيل آهي. جيڪي ڳوٺ جا جھونا هينئر فوت ٿي چڪا آهن انھن جي چوڻ موجب انھن ۽ انھن جي وڏن انھيءَ موري کي ائين جو ائين ڏٺو. دلچسپ ڳالھ ته ان طرز جي هڪ ٻي موري ساڳي همير واھ تي ڳوٺ مَھي مڪول وٽان به جوڙايل هئي پر هينئر ڪجھ سالن کان اها ڊهي وئي آهي پر هيءَ هن وقت تائين صحيح سلامت بيٺي آهي. موريءَ ۾ وڏي ماپ جون پڪيون سرون ۽ چُن جو گارو استعمال ٿيل آهي. موري مضبوط رهڻ کانسواءِ ٻيو اندازو اهو به آهي ته ونگن واري موري انڪري جوڙي وئي هئي جو ان مٿان اچ وڃ کان علاوه ان جي هيٺان ان دور ۾ ننڍا ساماني ٻيڙا لنگھي ڪوٺي ڪلھوڙي واري اولھين پاسي وڻج واپار جي سلسلي ۾ ايندا ويندا رهندا هئا.

شاھ گودڙيو:

تقريبن ويھ ٻاويھ سال اڳ تائين همير جي موريءَ جي اورئين پاسي اوڀر ۾ ڪَپر تي هميرِ سان گڏوگڏ نِم جو هڪ تمام ٿلھو ۽ جھونو وڻ پڻ موجود هو. جنهن کي شاھ گودڙيو يا شاھ گودڙيي جي نم ڪري سڏيو ويندو هو. اها نم چئن پنجن فٽن جي اُڀي ٿي چئن وڏن ڏارن ۾ ورهائبي هئي جيڪي چئني طرفن ڏي ڦھليل هئا ان جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ جاءِ تي هڪ ٿڌي پاڻي جو مٽ ٻارهوئي مسافرن لاءِ رکيل هوندو هو. چون ٿا هن نم جو ٿُڙ چئن پنجن ماڻھن جي ڀاڪر کان به سرس هو. ڏند ڪٿا موجب ان قديم نم جو ڏندڻ شاھ گودڙيي پوکيو هو تنھنڪري ان نم کي شاھ گودڙيو يا شاھ گودڙي جي نم سڏيو ويندو هو. 

ايريگيشن کاتي جو بنگلو:

موريءَ جي اولھ ۾ ڏکڻ واري ڀِڪ سان ايريگيشن کاتي جي هڪ آفيس يا بنگلو به هو جتي وهندڙ پاڻيءَ جا انگ اکر گڏ ڪيا ويندا هئا پر هينئر نه فقط اها آفيس پر سڄي ساري شاھ همير جي ڪَڙ قبضي جي ور چڙهي چڪي آهي.

منزل گاھ:

ان کان علاوه شاھ همير جي لڳو لڳ اتر ۾ هاڻوڪي پوليس اسٽيشن واري جڳھ تي انگريزن جي جوڙايل منزل گاھ به هئي. جتي انگريز ۽ مقامي عملدار سفر دوران منزل ڪري ترسندا هئا. ٿڪ ڀڃي وري مختلف پاسن ڏانھن روانا ٿي ويندا هئا. 

ديني تعليم:

ماضيءَ ۾ ڳوٺ ۾ ديني تعليم جو به جوڳو بندوبست هو. جامع مسجد وٽ هڪ مدرسو جوڙايل هو جتي آخوند محمد عيسيٰ آريجو “اول” ديني تعليم ڏيندو هو. دنياوي تعليم لاءِ به هڪ مڪتب اڏيل هو اهو مڪتب ڳوٺ ۾ ڇڙه واھ جي مٿان هاڻوڪي ننڍي مسيت جي بلڪل سامھون اتر طرف هو. اتي مختلف مضمونن ۽ زبانن جو لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالھائڻ سيکاريو ويندو هو. ان مڪتب ۾ آخوند محمد عيسيٰ آريجو به تعليم ڏيندو هو. ان کان علاوه ڪلھوڙا مسجد لڳ به ديني تعليم لاءِ مدرسو جوڙيل هو ان مدرسي جو معلم  ڳوٺ خير محمد آريجا جو رهواسي مولوي امير بخش کوکر هو جيڪو پوءِ ستر جي ڏهاڪي ۾ امن امان جي سببن ڪري هتان هليو ويو. مولوي امير بخش کوکر کان اڳ ان ڪلھوڙا مسجد ۾ پيش امامي ۽ ديني تعليم جا فرائض سيد عبدالفتاح شاھ نڀائيندو هو. ڳوٺ ۾ ديني تعليم جو سلسلو اڄ به جاري و ساري آهي.

شفا خانو:

صحت جي حوالي کان ڳوٺ ۾ شفا خانا به هئا. هڪ شفا خانو ڪلھوڙا مسجد جي اتر ۾ هاڻوڪي مقام جي گھٽي واري پاسي کان هو. ان ۾ مولوي امير بخش کوکر ديني تعليم سان گڏوگڏ حڪمت جو به ڪم ڪندو هو.

ان کان علاوه هاڻوڪي درَ واري گھٽي پاسي ئي حڪيم محبت علي شيخ جي ماڙي هوندي هئي. جيڪا محبت جي ماڙي سڏبي هئي. حڪيم محبت پڻ حڪمت جو ڪم ڪندو هو. حڪيم صاحب جا پوئنر هاڻي لاڙڪاڻي شهر ۾ رهائش پذير آهن. حڪمت جي حوالي کان ڳوٺ ۾ ٻيو نالو سيد عبدالفتاح شاھ جو هو جيڪو حڪمت جو سنَد يافته حڪيم هو.

سارين ڇڙھائي جون هيلر مشينون:

ڳوٺ ۾ سارين جي ڇڙھائي جون ٻه هيلر مشينون به هيون. جنھن مان پھرين آئل هيلر مشين وڏيري الھداد خان ڪلھوڙي جي اوطاق جي بلڪل اوڀر پاسي ۾ هئي جيڪا وڏيري هدايت علي ڪلھوڙي قائم ڪئي هئي. ٻي ڇڙهائي جي مشين هاڻوڪي گرلس پرائمري اسڪول جي اولھ ۾ حاجي جيئڻ شيخ جي هئي جنھن ۾ سارين جو جوش ڪري ڇڙهائي ڪئي ويندي هئي. ڪافي عرصو گذرڻ بعد حاجي جيئڻ شيخ جي مشين واري ساڳي هنڌ ئي سيٺ عبدالغفور بروهيءَ نيئن سري سان مشين ٺھرائي هلائڻ شروع ڪئي. هاڻي انَ جي ڇڙهائي ڪو وڏو معاملو نه رهيو آهي پر ماضي ۾ اهو ڪم خاصو ڏکيو لڳندو هو. ماضي ۾ اهڙن مشينن جي وڏي اهميت هئي. ڳوٺ ۾ انھن مشينن ٺھڻ کان اڳ هتان جا ماڻھو مختلف ڳوٺن مان ساريون ڇڙهائي ايندا هئا. 

برانچ پوسٽ آفيس:

ڳوٺ ۾ هڪ برانچ پوسٽ آفيس به هئي جنھن ذريعي ڳوٺ جا ماڻھو ڏيھ توڙي پرڏيھ جي ماڻھن سان خط و ڪتابت ڪندا هئا. پوسٽ ذريعي مختلف شين جي سالياني فيس به ڀري ويندي هئي جن ۾ هٿيارن ۽ ريڊين جي فيس ذڪر جوڳي آهي. تنھن کان علاوه پوسٽ ذريعي ئي ڳوٺ کان ٻاهر ترسيل ملازم پنھنجي گھرن ڏانھن مني آرڊر ذريعي رقم به اماڻيندا هئا.

جانورن جو ڍڪ:

قبرستان جي اترين پاسي جتي هاڻي گھر ٿي ويا آهن وٽ جانورن جو ڍَڪ به هو جتي فصل ۾ پيل چوپائي مال کي ورائي اچي واڙيو ويندو هو ۽ پوءِ ڀاڳيا مقرر ڏنڊ ادا ڪري پنھنجو چوپايو مال ڪاهي ويندا هئا.

گھاڻو:

ڳوٺ ۾ تيل جا گھاڻا به هئا. هڪ گھاڻو جامع مسجد کان اوڀر تي اچي کاٻي پاسي ويندڙ سنھي گھٽيءَ جي اوڀر ۾ هو. جڏهن ته اندرين ڳوٺ ۾ ئي هڪ ٻيو گھاڻو به هو. 

اوطاقون:

ڳوٺ ۾ ڪيتريون ئي اوطاقون به هيون. جتي ڳوٺاڻا سانوڻ توڙي سياري ۾ گڏجي ڪچھريون ڪندا هئا اتي ئي هڪٻئي کي ڏور، بيت ۽ گجھارتون به ڏيندا هئا. هڪ اڌ اوطاق ۾ محفل موسيقي جا پروگرام به ٿيندا هئا.

پتاشي فقير جو مڪان:

ڇڙه موري کان ٿوروڙو ئي اڳيان اولھ ڏکڻ پاسي واري زمين جي منڍ تي واھ جي مٿان ئي پتاشي فقير جو مڪان هو. جتي خاص طور سانوڻ جي مند ۾ ڳوٺاڻا وڏيون ڪچھريون ڪندا هئا ۽ ننڍي پئماني تي سماع جو محفلون به ٿينديون هيون. گھڻو وقت اڳ ئي هي مڪان ختم ٿي چڪو آهي. باوجود گھڻي ڪوشش جي اهو معلوم نه ٿي سگھيو ته پتاشو فقير پاڻ ڪير هو.

پرواني فقير جو مڪان:

پروانو فقير ڳوٺ جي نيڪ مرد رئيس محمد حسن جانوري جو فرزند هو. پرواني فقير جو اهو مڪان سنھڙي واھ لڳ ڳوٺ نور محمد ڪورڪاڻي ويندڙ هاڻوڪي روڊ جي ڪنڊ تي اتر اولھ ۾ هو. 

ميڊيڪل آفيس ۽ ماڙيون:

قبرستان ڀرسان هاڻي جنھن گھٽيءَ کي منڍ ۾ دروازو لڳل آهي ان جي اتر پاسي ٻنھي گھٽين جي وچ تي ڳاڙهين سرن سان ٺھيل هڪ خوبصورت گھر به هو جنھن کي بعد ۾ ڪيتري ئي وقت تائين ميڊيڪل آفيس طور به استعمال ڪيو ويندو هو. اتي ماڻھن ۽ جانورن جي مختلف بيمارين وغيره جي سلسلي ۾ شھر کان ميڊيڪل ٽيمون اچي ترسنديون هيون. چيو وڃي ٿو ان گھر ۾ ڪتابن جو به ڪافي ذخيرو موجود هو جتان ڳوٺاڻا ڪتاب کڻي ڪري فيضياب ٿيندا هئا. واضح هجي ته گڏوگڏ اها عمارت يونين ڪائونسل جي لاءِ به ڪتب ايندي رهي. ذڪر ڪيل گھٽي واري ان در جي ڀر ۾ مسجد کان اتر طرف گھرن جي جاءِ تي به ٻه نھايت خوبصورت ماڙيون هيون. جيڪي ڳاڙهين سرن سان نھايت سھڻي نموني ٺهيل هيون. ان کانسواءِ به اندرين ڳوٺ ۾ ڪافي جڳھن تي واڻڪيون ماڙيون موجود هيون جن جو هن وقت ڪو به نالو نشان پوئتي نه رهيو آهي.

جانورن جي اسپتال ۽ يونين ڪائونسل آفيس:

چيو وڃي ٿو ته هاڻوڪي امام بارگاھ واري پاسي ان جي ڏکڻ ۾ جانورن جي اسپتال لاءِ هڪ عمارت ٺھي هئي جيڪا ٺھڻ بعد جانورن جي اسپتال ٿيڻ بدران يونين ڪائونسل جي هيڊ ڪوارٽر آفيس ۾ تبديل ٿي وئي. ڪنھن دور ۾ ڪجھ وقت لاءِ ان يونين ڪائونسل آفيس ۾ مڊل اسڪول به هليو هو هن وقت بدقسمتي سان اها آفيس به قبضي هيٺ آهي.

ڳوٺ جون گھٽيون:

پوئين زماني ۾ ڳوٺ ۾ هاڻي وانگر هڪ حصي کان ٻي حصي تائين وڃڻ لاءِ گول چڪر ڏيڻا ڪو نه پوندا هئا گھٽيون ڪشاديون ۽ هڪٻئي سان ويجھي ويجھي جُڙيل هونديون هيون. هينئر انھن مان ڪافي گھٽيون سوڙهيون يا مڪمل بند ٿي ويون آهن ڪي وري بند ٿيڻ جي ويجھو آهن. 

ڳوٺ جي مُھڙ ۾ پھرين وڏي گھٽي جي ڏکڻ کان ڇَڙه واھ جي ڀِڪ کي ڇڏي اتر پاسي ايندي جيڪي ٻه پھريون گھٽيون (هڪ پراڻي ڪوٽ جي اتر پاسي ۽ ٻي بند پيل گرلس مڊل اسڪول جي ڏکڻ پاسي واري گھٽي) اولھ ۾ بند ٿيل ڏسجن ٿيون اهي ٻئي گھٽيون اڳ هاڻي جيان قبضي هيٺ نه هونديون هيون پر اهي گھٽيون وڃي جامع مسجد کان اوڀر تي هڪ چئوس جوڙينديون هيون. ان کان علاوه سپنا هوٽل کان ڏکڻ طرف ايندي اولھ ۾ جيڪا پھرين گھٽي اچي ٿي ان ۾ تقريبن ٻه اڍائي سئو فوٽ اڳتي وڃي ڏکڻ ۾ هڪ گھٽي ويندي هئي جيڪا ڪلھوڙن وڏيرن جي گھرن سان وڃي لڳندي هئي. ان کان علاوه مرڪزي روڊ لڳ ڪني کوھ وٽان هڪ گھٽي اچي محمد عمر آريجي جي پراڻي دڪان وٽان هن گھٽي ۾ لڳندي هئي.

واڍڪو ڪم:

آس پاس جي ٻين ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ هتي واڍڪو ڪم به بھترين ٿيندو هو. هتان جا ڊکڻ چڱي ڪم جي حوالي کان تر جوءِ ۾ نالو رکندا هئا. هتان جا ڊکڻ درَ، هرَ، ڏاند گاڏي، پانڃاري، هِندورا، صندل، کٽون ۽ ڪرسيون وغيره ٺاهڻ جي ڪمال ڪاريگري رکندا هئا.

درزڪو ۽ موچڪو ڪم:

هتي درزڪا ۽ موچڪا دڪان به هئا جنھن لاءِ به هتي ڀلا جوڙا جوڙيندڙ ۽ بوٽ وغيره ٺاهيندڙ درزي ۽ موچي موجود هئا.

ڪنڀارڪو ڪم:

هتي ڪنڀارڪو ڪم به ٿيندو هو پراڻي پرائمري اسڪول جي ڏکڻ ۾ ڪنڀرن  جو گھر هو. جيڪي ڳوٺ اندر آويءَ ذريعي ٺڪر جا ٿانوَ تيار ڪري وڪڻندا هئا.

ڳوٺ جو پاڻي:

ڳوٺ ۾ جر جو پاڻي مٺو آهي. ماضيءَ ۾ ڳوٺ ۾ ڪيترائي پاڻي جا کوھ هوندا هئا جتان رهواسي وڃي پيئڻ ۽ ٻين ضرورتن لاءِ پاڻي ڀريندا هئا. اهي کوھ هاڻي ماضيءَ جو قصو بڻجي ويا آهن.

زرعي استعمال جي حوالي کان به هتي پاڻي جي واهن جو ڄڻ ته ڄار وڇايل آهي انھن سڀني واهن جو تفصيلي ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي.

هن ڳوٺ جي زمين گھڻي قدر چيڪي آهي. جنھن تي شاندار فصل ٿين ٿا. ڳوٺ جي ارد گرد ڪلراٺي زمين به موجود هئي جنھن جي وڏي حصي کي هينئر آبادي لائق بڻايو ويو آهي. شاھ همير واھ ۽ ان مان نڪرندڙ هزاري، ڇڙه، سنھڙي، سِڌ، صبل ۽ چَٺي واھ جي پاڻيءَ تي ڳوٺ ۾ هن وقت وڏي پئماني تي ساريالو ۽ ڪڻڪ جو فصل پوکيو وڃي ٿو. ٿوري گھڻي سرنھن ۽ مَٽر جو فصل به پوکجي ٿو. ڳوٺ ۾ هن وقت ڪنھن به سبزيءَ جي پوک ڏسڻ ۾ نٿي اچي. نه ئي ميون جو ڪو باغ نظر اچي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ڪنھن زماني ۾ هتي ٻيرين، زيتونن ۽ کجين وغيره جا ڪجھ باغ هئا پر وقت سان گڏ وڍجي ويا. زيتونن ۽ کجين جو هڪ باغ سپنا هوٽل جي اڳيان هاڻوڪي هاءِ اسڪول جي ڏکڻ اوڀر ۾ به هو. هن وقت ڳوٺ جي اڪثريتي آباديءَ جو گذر سفر زراعت سان وابسته آهي. ڪيترا ئي ڳوٺاڻا “آڻين ڪي چاڙهين” جي مصداق ڏهاڙيءَ تي گذارو ڪن ٿا. ڪجھ ماڻھو مختلف قسمن جي هنرن منجھان آمدني تي گذران ڪن ٿا. ان کان علاوه ڳوٺ جا ڪيترائي ماڻھو مختلف کاتن ۾ ننڍيون وڏيون سرڪاري ملازمتون به ڪن ٿا.

ڳوٺ ۾ ميسر بنيادي سھولتن جي ڳالھ ڪئي وڃي ته لڳ ڀڳ پنجاھ سال اڳ ڀُٽي صاحب جي دور ۾ هن ڳوٺ کي بجلي فراهم ڪئي وئي جيڪا هاڻي هڪ ڏهاڪي کان جنن جيان غائب رهي ٿي. ڳوٺ جي مرڪزي سڙڪ جيڪا ڳوٺ کي لاڙڪاڻي شھر سان ملائي ٿي ان کي محمد خان جوڻيجي جي حڪومت وقت روڊ ۾ تبديل ڪيو ويو. ان روڊ جي تعمير کان اڳ گھڻي قدر ڳوٺاڻا شاھ همير جي ڪپر ذريعي ڳوٺ ستار ڏنو سانگي کان ٿيندا وڏو موڙ ڏئي لاڙڪاڻي شھر ويندا هئا. ڳوٺ جون گھٽيون مختلف دورن ۾ جيتوڻيڪ پَڪيون ٿينديون رهيون آهن پر هن وقت سواءِ هڪ گھٽيءَ جي ڪنھن به گهٽيءَ جي حالت چڱي ڪونھي. ويجھر ۾ عيدگاھ جي ڪجھ مرمت ڪئي وئي آهي. ڳوٺ جو قبرستان هن وقت تائين ديوار کان آجو آهي. جنھنڪري قبرستان ۾ نه رڳو جانورن جو اچڻ وڃڻ رهي ٿو پر گند ڪچري جو مخصوص هنڌ نه هئڻ ڪري ڪيترا ئي اياڻا ڳوٺاڻا قبرن مٿان گند ڦٽو ڪري وڃن ٿا.! لاڙڪاڻي شھر کي ويجھو ۽ وڏو ڳوٺ هوندي به هن وقت تائين ڳوٺ کي سُئي گئس جھڙي بنيادي سھولت کان محروم رکيو ويو آهي. 

 ڳوٺ آريجا ڦيڙھو ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ الڳ ٻه پرائمري اسڪول ۽ هڪ گڏيل هاءِ اسڪول موجود آهي. ۱۹۰۹ع ۾ بوائز پرائمري اسڪول، ۱۹۵۹ع ۾ مڊل اسڪول ۽ ۱۹۹۲ع ۾ هاءِ اسڪول تعمير ٿيو. جيڪو اسڪول هينئر گرلس پرائمري ماڊل ڪميونٽي اسڪول سڏجي ٿو اتي در اصل ڳوٺ جو اصل پراڻو پرائمري اسڪول ۱۹۰۹ع ۾ قائم ٿيو هو، اهو اسڪول هڪ گھر ۾ شروع ڪيو ويو هو جيڪو شايد ڪنھن هندو ڳوٺاڻي پاران وقف ڪيل هو، ۽ جتي هاڻي بوائز پرائمري اسڪول آهي اتي وري ڳوٺ جو مڊل اسڪول هوندو هو جنھن لاءِ زمين سرائي نظام الدين کوکر مھيا ڪئي هئي. جڏهن ته هاءِ اسڪول هاڻوڪي جڳھ تي ۱۹۹۲ع ۾ قائم ٿيو. هاءِ اسڪول جي تعمير لاءِ اهو پلاٽ ڪلھوڙن، ڪورين ۽ کٽين گڏجي ڏنو هو. ۱۹۹۳ع ڌاري ڳوٺ ۾ ڇوڪرين لاءِ الڳ مڊل اسڪول به تعمير ٿيو هو پر ايس اين اي نه هئڻ ڪري شروع ئي نه ٿي سگھيو. سالن کان بند پيل ان گرلس مڊل اسڪول جي شاندار عمارت جا ڪافي حصا ويجھر ۾ ڊهي ڪري پيا آهن. تاريخ ۾ درج ڪرڻ لاءِ اهو به لکندو هلجي ته ورهاڱي کان اڳ ڳوٺ جي پراڻي پرائمري اسڪول ۾ ۳ سيپٽمبر ۱۹۳۹ع تي ان وقت جو وزير تعليم پير الاهي بخش پڻ آيو هو جنھن جو شاندار استقبال ڪري تعليم بالغان جي موضوع تي هڪ پروگرام منعقد ڪيو ويو هو. ان پروگرام جي خبر ان وقت جي تعليمي اخبار “اخبار تعليم” ۾ تصوير سان شايع ٿي هئي.

بھرحال ڳوٺ ۾ جيتوڻيڪ پراڻي زماني کان اسڪولَ موجود آهن پر تنھن هوندي به تعليم جي شرح مطمئن ڪندڙ ناهي. ڳوٺ جي آبادي جو وڏو حصو اڄ سوڌو تعليم کان محروم آهي. عورتن جي تعليم ۾ معاملا اڃان وڌيڪ پوئتي پيل آهن. هاءِ اسڪول کي اڃان تائين هائير سيڪنڊري اسڪول جو درجو ناهي ملي سگھيو. ڳوٺ ۾ “آريجا ڦيڙھو” نالي سان پوليس اسٽيشن به آهي. هڪ سرڪاري اسپتال به آهي. “ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا” پر بدقسمتيءَ سان ويھارو سالن کان پوليس اسپتال جي عمارت تي قبضو ڪري ان کي ٿاڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.! سرڪاري اسپتال قبضي ۾ اچي بند ٿي وڃڻ ڪري ڳوٺ ۾ پرائيويٽ ڪلينڪن جو تعداد وڌي رهيو آهي هن وقت ڳوٺ ۾ ڇھن کان وڌيڪ پرائيويٽ ڪلينڪون قائم ٿي چڪيون آهن. ڳوٺ ۾ هڪ پئٽرول پمئپ، هڪ رائيس مل، هڪ برف ڪارخانو، ٽي چار اٽي پيھڻ جون چَڪيون، ڇھ چانھ جا هوٽل ۽ مرڪزي روڊ جي ٻنهي پاسن کان سو سوا دڪانن جي هڪ قسم جي بازار جُڙي چڪي آهي.

چونڊ شخصيتون:

هن ڳوٺ جي چونڊ شخصيتن جي ڳالھ ڪئي وڃي ته لاڙڪاڻي شھر جون ڪيتريون ئي ڪاروباري شخصيتون هن ڳوٺ سان واسطو رکن ٿيون. ان کان علاوه مختلف سرڪاري کاتن جي اعليٰ عھدن تي هن ڳوٺ جا ڪيترا ئي ماڻھو ڪم ڪري چڪا آهن ۽ ڪن ٿا پيا جن ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جا ميمبر، يونيل ڪائونسلن جا چيئرمين، چيمبر آف ڪامرس جو پريزيڊنٽ، زڪوات ڪاميٽي جا چيئرمين، بئنڪ مئنيجر، پروفيسر، ڊاڪٽر، استاد، تعليمي ماهر، هيڊ ماستر، انجنيئر، ايس ڊي اوز، پوليس آفيسر ۽ واپڊا جا آفيسر وغيره شامل آهن.

شمع فلاح تنظيم ۽ سماجي ڪم:

سماجي ڪمن جي لحاظ کان هن وقت ڳوٺ ۾ ڪا به سماجي ڀلائي واري تنظيم فعال ناهي پر ماضي ۾ ۱۹۹۱ع ۾ هتي ڳوٺ جي سجاڳ ماڻھن پاران شمع فلاح تنظيم برپا ڪئي وئي هئي، جنھن پنھنجي دور جي لحاظ کان سماجي ڀلائي واري ڪمن ۾ بھرو ورتو هو ۽ ڳوٺ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنھنجي وس آهر ڪم ڪيو هو.

ادب و شعر:

 ادب و شعر جي دنيا ۾ هن ڳوٺ جيڪي ڪڻا ڏنا آهن انھن ۾ مرحوم سيد جمن شاھ، مرحوم حيدر علي شاھ، ملان واحد بخش کوکر، محمد پريل “پياسي” ڪلھوڙو، فراخ جانوري، شيخ فرازي، رياض حسين “راز” ڪلھوڙو، سيد احمد بخاري، آغا کوکر ۽ نادر عباس جانوري ذڪر جوڳا آهن. ان کان علاوه راڳ جي ميدان ۾ به هتي ڪيترائي نالا آهن جن ۾ راڳ ڳائيندڙ احمد ساند ۽ بينا وڄائيندڙ غلام حسين کوکر وغيره شامل آهن. ان کان هٽي ڪري هتي ڪيترائي سُريلا نعت خوان ۽ نوحا خوان به آهن.

رانديون:

هن ڳوٺ ۾ جيڪي رانديون گھڻي شوق سان کيڏيون وڃن ٿيون ان ۾ والي بال سر فھرست رهي آهي. هن ڳوٺ مان والي بال جا ڪيترائي رانديگر پنھنجي دور اندر تر جوءِ ۾ مشھور رهيا آهن. هتان جي والي بال ٽيم سنڌ سطح تي مقابلن ۾ حصو وٺي چڪي آهي. ان کان علاوه هتي ڪوڏي ڪوڏي راند به شوق سان کيڏي ويندي هئي پر گذريل ٽن ڏهاڪن کان هتي ڪرڪيٽ جو جنون چوٽ چڙهي ٻولڻ لڳو آهي ۽ هن وقت ڳوٺ ۾ سڀ کان وڌيڪ پسند ۽ کيڏي ويندڙ راند ڪرڪيٽ آهي. تازو هن ڳوٺ جي هارڊ بال ٽيم ٺاهي وئي آهي جنھن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ به حصو وٺڻ شروع ڪيو آهي. ان کانسواءِ هتي تاس ۽ ٻِلھاڙو راند به چڱي پئماني تي کيڏي ويندي هئي.

هاڻي هتي لوڊو، ڪريم بورڊ، سنوڪر وغيره جھڙيون رانديون به کيڏيون وڃن ٿيون.

ڳوٺ جي جيتري آبادي تيزيءَ سان وڌي آهي ساڳيءَ رفتار سان ڳوٺ مان لڏپلاڻ به ٿي آهي. ڳوٺ جي پراڻن رهواسين مان وڏي اڪثريت ڳوٺ مان لڏي چڪي آهي جيڪڏهن محدود اندازو لڳائجي ته پوئين پنجاھ سالن ۾ ڳوٺ جو اڌو اڌ يا اڃان به وڌيڪ حصو ڳوٺ مان لڏي وڃي مختلف شھرن ۾ آباد ٿي چڪو آهي جن مان اڪثريت لاڙڪاڻي شھر ۾ رهي ٿي. ڪافي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاهور، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن ۾ به رهن ٿا. ان وچ ۾ ڪيترائي نوان ماڻھو ڀرپاسي جي مختلف ننڍن ڳوٺن مان لڏي اچي آريجا ڦيڙھو ۾ آباد ٿيا آهن. ان عمل سان جتي ڳوٺ جي آبادي هڪدم تيزي سان وڌي رهي آهي اتي ڳوٺ جي اصل سڃاڻپ ۽ ماحول ۾ به وڏيون تبدليون اچي رهيون آهن. پر ياد رکڻ کپي ته اهو ارتقا جو اصول آهي ۽ ان کي روڪڻ اڻٽر آهي. تاريخ ۾ سدائين هڪڙن ماڻھن جي جاءِ ٻيا ولاريندا آهن. ان لاءِ ڪجھ حد بنديون ته جوڙي سگھجن ٿيون پر ان کي روڪي نٿو سگھجي. سو ان اصول تحت ڳوٺ آريجا ڦيڙھو جو سفر جاري ساري آهي.. لفظن جي پڄاڻي ان اميد سان ته اسان جو هي ڳوٺ شل سدائين ڦڏي، فساد، ڪروڌ، نفرت ۽ ناسھپ کان آجو رهي ۽ اڃان وڌي، ويجهي ۽ سدا سائو رهي.

mahtabahmedkalhoro@gmail.com


(نوٽ: جيئن ته مان ڪو تاريخدان نه آهيان نه ئي تاريخ منهنجو سبجيڪٽ آهي. منهنجي هن سڄي تحقيق يا ائين چئجي ته ڳالهين جو دارومدار، وڏڙن جي ڪچھرين، اُنهن جي اکين جي ڏٺل منظرن، انهن جي ٻُڌل ٻُڌايل ڳالهين، مختلف روايتن ۽ پنھنجي ناقص عقل تي آهي. اهو سڀ انڪري به ڪرڻو پيو جو ان کانسواءِ ڪو ٻيو چارو نه هو. اسان جو ڳوٺ توڙي جو تاريخي حيثيت رکندڙ آهي پر ان کي ڪنهن به تاريخي ڪتاب ۾ جاءِ ناهي ڏني وئي جيڪڏهن جاءِ ڏني به وئي آهي ته اتي ڪنجوسي کان ڪم ورتو ويو آهي. تنهنڪري مون وٽ اڳ ٿيل تحقيق مان مستفيد ٿيڻ جو ڪو به موقعو نه هو. تنهنڪري منهنجي هن لکڻي کي ڪا پڪي پختي تحقيق سمجڻ بدران خام يا ڪچي مواد جي سھيڙ سمجهيو وڃي. جنهن کي مون محفوظ ڪرڻ جي پنهنجي پاران هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي. مون شعوري طور ڪوشش ڪري گهڻي کان گهڻين شين کي قلم هيٺ آڻڻ گهريو آهي جنهن ڪري گهڻي طوالت به ٿي آهي پر تنهن هوندي به ڪيتريون ئي شيون رهجي ويون آهن. جيڪڏهن ڪنهن جڳھ تي مون کان شعوري لاشعوري غلطي ٿي هجي ته انسان خطا جو گهر آهي واري ڳالھ سمجهي نشاندهي ڪئي وڃي ته ٿورائتو رهندس. ڳوٺ بابت هي سڀ لکڻ ۾ مختلف ماڻھن جي خصوصي رهنمائي شامل رهي آهي مان انهن جو دلي طور شڪريو ادا ڪريان ٿو)


(مھتاب ڪلھوڙو جي ۴ جنوري ۲۰۲۵ع تي رکيل فيسبڪ پوسٽ)

Comments

Popular posts from this blog

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]