Skip to main content

Posts

Showing posts from November, 2019

ٺلھ لالو رائنڪ - عزيز ڪنگراڻي

ٺلھ لالو رائنڪ عزيز ڪنگراڻي ٺلهه ٻڌ ڌرم جي عبادت گاهه آهن، جيڪي مذهبي طور مقدس ليکيا وڃن ٿا. سنڌ ۾ ٻڌمت موريا گهراڻي جي حڪمران اشوڪا يا آسوڪا جي دور ۾ اٽڪل ۳۲۲ قبل مسيح ۾ پکڙيو. اشوڪا ٻڌ مت کي وڏي هٿي ڏني. اشوڪا جي زماني ۾ ٻڌ ڪانفرنسون ٿينديون هيون، جن ۾ سنڌ جا ڀڪشو به شريڪ ٿيندا هئا. موريا گهراڻي کانپوءِ سنڌ تي راءِ گهراڻو اٽڪل ۴۵۰ ع کان حڪمران رهيو، جيڪو پڻ ٻڌ مت جو قائل رهيو. لڳ ڀڳ ۶۳۱ ع ۾ چچ برھمڻ گهراڻي جي حڪومت جو پايو رکيو پر سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم رهيو. چچنامي موجب برھمڻ گهراڻي جي حڪمران راجا ڏاهر جي دور ۾ سنڌ ۾ ٻڌيا پرڳڻو هو، جيڪو سيوهڻ کان ويندي اتر طرف لڳ ڀڳ سبي واري علائقي تائين قائم هو. سنڌ ۾ ٻڌ ڌرم ثانوي حيثيت ۾ عرب دور کان سومرا دور تائين رهيو. ايم ايڇ پنهور موجب ٻڌ ڌرم سنڌ ۾ ۱۳ صدي عيسوي تائين رهيو. لاڙڪاڻي يا هاڻ شايد قمبر- شهدادڪوٽ ضلعي ۾ ٻڌ هن وقت ذات به آهي.

سکر جو گھنٽا گھر - فاروق سومرو

سکر جو گھنٽا گھر ٻاويھ سالن جو ٿي ويو فاروق سومرو انگريز دور ۾ بهترين ۽ دلڪش انداز ۾ تعمير ٿيل گهنٽا گهر کي هاڻ ۸۲ سال مڪمل ٿي ويا آهن پر سنڌ حڪومت، سکر انتظاميه توڙي چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي سبب هي تاريخي گهنٽا گهر پنهنجي سونهن وڃائي ويٺو آهي، قديمي ۽ تاريخي حيثيت رکندڙ گهنٽا گهر جي چوڌاري مصروف ترين بازارون موجود آهن جتي تمام گهڻي آمد رفت هجي ٿي، ريڙها، بي ترتيب گاڏيون بيهارڻ ۽ حددخلين سبب چوڪ سوڙهو ٿي ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ هر وقت ٽريفڪ جام ٿيڻ معمول بڻيل آهي.

نئون ڪوٽ - عنايت کٽياڻ

نئون ڪوٽ عنايت کٽياڻ نئون ڪوٽ ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي مٺيء جي مھاڙي ۾ ميرپورخاص کان ۶۴ ڪلوميٽر ڏکڻ پاسي مٺيء ويندڙ نئين شاهراھ تي آهي، هي ڪوٽ مير ڪرم علي خان ٽالپر سن ۱۸۱۴ ع ۾ ٺهرايو. سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمرانيءَ دوران ٿر تي مقامي سوڍا ئي راڄ ڪندا هئا، ليڪن ڪلهوڙن کي ڏن ڏيندا هئا ۽ عمر ڪوٽ جو قلعو جوڌپور جي مھاراجه جي قبضي ۾ هئو، ڪلهوڙن کان بعد ٽالپرن سنڌ جون واڳون سنڀاليون ته ٿر وارن ٽالپرن کي ڏن ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو جنهن تي ٽالپر حڪمران مير فتح علي خان طئي ڪيو ته ٿر جا سوڍا قابوءَ ۾ ڪرڻ لاءِ ٿر ۾ ڪوٽ ٺهرايا وڃن ۽ پوءِ سڀ کان پهرين مٺيءَ ۾ سن ۱۷۸۵ ع ۾ قلعو ٺهرايو ويو ۽ مٺيءَ تي فتح ڳڙهه نالو رکيو ويو، ڪجهه سپاهه اتي رکيو ويو ۽ ڪاردار مقرر ڪري سوڍن کان پيدائش مان پنج حصا ڪري ٻه حصا ٽالپر ڍل طور وٺندا هئا ۽ ٽي حصا سوڍن جا هوندا هئا، ان کان پوءِ شهر ٻاهران ڀٽ تي مورچي طور سن ۱۷۸۹ ع ۾ ننڍو قلعو ٺهرايو جنهن جا آثار اڄ به مٺيءَ واري ڀٽ تي موجود آهن.

ميان جو ڪوٽ - عزيز ڪنگراڻي

ميان جو ڪوٽ واھي پانڌي لڳ عزيز ڪنگراڻي ميان جو ڪوٽ عام پٿرن سان اڏيل ڪوٽ آهي جيڪو دادو ضلعي جي تاريخي شهر واهي پانڌي کان اولهه ۾ اٽڪل ۱۲ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي کيرٿر جابلو سلسلي ۾ نئن نري يا نلي جي ساڄي ڪناري تي واقع آهي. هيءُ ڪوٽ اٽڪل ۴ ايڪڙن جي ايراضي تي ڦهليل آهي. ڪوٽ جو هڪ برج يا مورچو اولهه ڏکڻ واري ڪنڊ تي جوڙيل آهي جيڪو لڳ ڀڳ ۱۵ × ۱۵ فوٽن جو آهي. هن مورچي تان اولهه ڏکڻ ۾ قديم ماڳ ڪارو ڪوٽ کان سواءِ چئوڦير سڄي جابلو پسگردائيءَ تي نظر پوي ٿي. ڪوٽ جي اندر نئي نلي جو پاڻي لفٽ ڪري آبادي ڪئي وڃي ٿي. ڪوٽ اندر پاڻي جي نالي يا ننڍو واهه اڄ به وهائي آبادي ڪئي وڃي ٿي. ڪوٽ اندر آبادي يا پوکي راهي جو ذڪر تاريخ مظهر شاھجهاني ۾ به موجود آهي. تڏهن سيوهڻ سرڪار ۾ شامل هيءُ ڪوٽ، نيرون ڪوٽ قلعي ۽ پرڳڻي جي نالي سان سڏبو هو ۽ ڪوٽ منجهان ڪاريز (واهه) وھڻ ۽ پوکي راهي ڪرڻ جو به ذڪر ملي ٿو. نئي نلي منجهان ڪوٽ ۾ وهندڙ واھ کي يوسف ميرڪ ڪاريز سمجهيو هوندو. ڪاريز ايران يا بلوچستان ۾ زير زمين وهندڙ واهه کي چيو وڃي ٿو. جڏهن ته تاريخ مظهر شاھجهاني ۾ نئي جو پاڻي جبلن مان وهي اچي ميداني علائقي ۾ چئن و...