Skip to main content

ميان جو ڪوٽ - عزيز ڪنگراڻي


ميان جو ڪوٽ
واھي پانڌي لڳ
عزيز ڪنگراڻي
ميان جو ڪوٽ عام پٿرن سان اڏيل ڪوٽ آهي جيڪو دادو ضلعي جي تاريخي شهر واهي پانڌي کان اولهه ۾ اٽڪل ۱۲ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي کيرٿر جابلو سلسلي ۾ نئن نري يا نلي جي ساڄي ڪناري تي واقع آهي. هيءُ ڪوٽ اٽڪل ۴ ايڪڙن جي ايراضي تي ڦهليل آهي. ڪوٽ جو هڪ برج يا مورچو اولهه ڏکڻ واري ڪنڊ تي جوڙيل آهي جيڪو لڳ ڀڳ ۱۵× ۱۵ فوٽن جو آهي. هن مورچي تان اولهه ڏکڻ ۾ قديم ماڳ ڪارو ڪوٽ کان سواءِ چئوڦير سڄي جابلو پسگردائيءَ تي نظر پوي ٿي. ڪوٽ جي اندر نئي نلي جو پاڻي لفٽ ڪري آبادي ڪئي وڃي ٿي. ڪوٽ اندر پاڻي جي نالي يا ننڍو واهه اڄ به وهائي آبادي ڪئي وڃي ٿي. ڪوٽ اندر آبادي يا پوکي راهي جو ذڪر تاريخ مظهر شاھجهاني ۾ به موجود آهي. تڏهن سيوهڻ سرڪار ۾ شامل هيءُ ڪوٽ، نيرون ڪوٽ قلعي ۽ پرڳڻي جي نالي سان سڏبو هو ۽ ڪوٽ منجهان ڪاريز (واهه) وھڻ ۽ پوکي راهي ڪرڻ جو به ذڪر ملي ٿو. نئي نلي منجهان ڪوٽ ۾ وهندڙ واھ کي يوسف ميرڪ ڪاريز سمجهيو هوندو. ڪاريز ايران يا بلوچستان ۾ زير زمين وهندڙ واهه کي چيو وڃي ٿو. جڏهن ته تاريخ مظهر شاھجهاني ۾ نئي جو پاڻي جبلن مان وهي اچي ميداني علائقي ۾ چئن واهن جي صورت ۾ وهي پوکي راهي ڪرڻ جو به ذڪر ملي ٿو. ميان جي ڪوٽ جو تاريخ ڪلهوڙا دور ۾ ذڪر آهي ته ميان نصير محمد ڪلهوڙي نئي نلي وٽ هڪ ابڙي سالار جي مدد سان ڪوٽ ٺهرايو هو. شايد تڏهن کان هيءَ ڪوٽ مقامي طور ميان جو ڪوٽ جي نالي سان سڏجڻ ۾ آيو.


منهنجي راءِ موجب هيءُ ڪوٽ ميان نصير کان اڳ شاهجهان مغل جي دور ۾ نيرون ڪوٽ جي نالي سان مشهور هو. ميان نصير هن ڪوٽ جي مرمت ڪرائي هوندي تنهن ڪري علائقي ۾ ميان جو ڪوٽ سان مشهور ٿيو. هتي هڪ وضاحت ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته نيرون ڪوٽ جي ذڪر سان تاريخ ۾ غلط درج ڪيل نه حيدرآباد جو پراڻو نالو يعني نيرون ڪوٽ سمجهڻ کپي نه وري بدر ابڙي موجب رني ڪوٽ سمجهڻ گهرجي. هيءُ نيرون ڪوٽ قلعو ۽ پرڳڻو الڳ هو جنهن بابت تفصيلي مطالعو مظهر شاھجهاني ڪتاب ذريعي ڪري سگهجي ٿو. يوسف ميرڪ ان وقت هن علائقي جي ماڳن ۽ پرڳڻن کي درج ڪندي ذڪر ڪيو هو. هن ڪوٽ ۽ پرڳڻي کي باغبان سان ملائڻ جو ذڪر به جاگرافي کي واضع ڪري ٿو. ٻيو ته جن پنهورن حوالي ڪيل وهندڙ واهه لکي ٿو انهن جو تعلق سامتاڻي ۽ ڳاها جي پنهورن سان ڄاڻائي ٿو. هن ڪوٽ بابت تحقيقي مواد ۽ بحث ڪتاب ڪاڇو هڪ اڀياس ۾ شامل آهي.
هن ڪوٽ جي نالي ۽ ڳوٺ واهي بابت تاريخ مظهر شاھجهاني ۾ درٻاري مورخ يوسف ميرڪ تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. لکي ٿو ته واهي جياسي (هاڻ واهي پانڌي) اصل ۾ سولنگين جو ڳوٺ هو جيڪو جيسلراءِ جي اثر هيٺ هو. تاريخي تذڪرن ۾ ذڪر ملي ٿو ته ڪاڇي ۾ سولنگين جون ست رياستون قائم هيون. خير يوسف ميرڪ وڌيڪ لکي ٿو ته هت نيرون ڪوٽ آهي جنهن مان هڪ ڪاريز (واهه) وهي ٿي، جنهن تي ڪوٽ اندر پوکي راهي ڪئي وڃي ٿي. ان کان سواءِ واهي جو پاڻي چئن واهن جي صورت ۾ ميداني علائقي ۾ وهي اچي ٿو جنهن تي ماڻهو پوکي راهي ڪندا آهن. پوءِ سيوهڻ جي مغل منصبدارن جيسلراءِ سولنگي کان واهي کسي اول باغبان (هاڻ مخدوم بلاول) پرڳڻي سان ملايو ۽ پوءِ نيرون ڪوٽ جي پرڳڻي سان ملائي واهي ڳوٺ کي پوٺي (هاڻ آراڙو ۽ پٽ سليمان) جي پنهورن جي حوالي ڪيو ۽ چارئي واهه چئن پنهورن جي حوالي ڪيا جيڪي ڍل ڀريندڙ هئا. مظهر شاھجهاني انهن پنهورن جا نالا به درج ڪيا آهن. نيرون ڪوٽ جو پرڳڻو سيوهڻ حويلي پرڳڻو سان منڇر وٽان دنگئي هو.
بهرحال، موجوده ميان جو ڪوٽ به واهي شهر وانگر قديم آهي. واهي جو اصل ڳوٺ ڪوٽيرو دڙو وارو ماڳ آهي جنهن منجهان اين جي مجمدار کي موهن جي دڙي، ميهي ۽ نال تهذيبن جا آثار مليا هئا. تيئن هيءَ ڪوٽ به قديم آهي ۽ مختلف دورن ۾ هن جا نالا تبديل ٿيندا رهيا. ميان نصير محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ مٿس نالو ميان جو ڪوٽ پيو جيڪو اڄ سوڌو رائج آهي.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]