Skip to main content

Posts

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...
Recent posts

ٺٽ ھوتچند

ٺٽ ھوتچند سنڌ جو قديم ۽ شاندار شهر جاگرافيائي ھنڌ ٺٽ سولنگي (پراڻو نالو، ٺٺ ھوتچند)، تعلقو ڀريا ضلعو نوشھرو فيروز ۾ مرڪزي سنڌ جو ھڪ قديمي ڳوٺ آھي. ٺٺ ھوتچند جي نالي سان ريلوي اسٽيشن بہ آھي. ھن ڳوٺ جي ٻڌجڻ جي تاريخ ١٨ صديءَ آھي.[1] ٺاروشاھ ۽ ٺٽ سولنگي وچ ۾ مفاصلو ٩ ڪلومٽر آھي.[2]

دولتپور صفن - مشتاق باگاڻي

دولتپور صفن سنڌ جو قديم ۽ شاندار شهر مشتاق باگاڻي ڪنهن دور ۾ دولتپور امير شهر ليکيو ويندو هو. صفن واري پتڻ ذريعي هِي شهر سيوهڻ سان ڳنڍيل هو. ان ئي پتڻ جي نسبت سان دولتپور صفن سڏيو ويندو هو. هِي سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جو سرحدي شهر هو. سنڌ جي ٻن اهم واٽن جي چوسول تي هِي شاهوڪار وسندي قديم زماني کان قائم رهندي آئي آهي. انهن مان هڪ واٽ گجرات کان عمرڪوٽ، رتوڪوٽ، دوڙ، ٺل مير رڪڻ کان اچي دولتپور پهچندي هئي، جتان صفن وارو پتڻ ڪراس ڪري، سيوهڻ کان مٽي جهانگار وٽ ان وڏي واپاري واٽ سان گڏبي هئي، جيڪا ڀنڀور کان نڪري ڄنگهڙي، رني ڪوٽ، نئينگ، جهانگار، واهي پانڌي، خضدار کان قنڌار هلي ٿي وئي. ٻي واٽ ملتان کان بکر، اروڙ جو اولهندو پاسو ڏيئي روهڙي کان مٽي، ڪوٽڏيجي، هالاڻي، بهلاڻي، درٻيلو، مورو گچيرو کان دولتپور صفن، هالا، نصرپور، حيدرآباد وڃي، گجرات کان ڀنڀور ويندڙ واٽ سان گڏبي هئي. دولتپور مرڪزي شهر هو. هن تجارتي شهر جو واپار انهن خشڪيءَ وارين واٽن سان اٺن ذريعي ۽ صفن واري پتڻ سان سنڌو نديءَ تي ٻيڙين ذريعي هلندو هو. ان دور ۾ ڀنڀور، ديبل بندر ۽ ٺٽو مکيه سامونڊي بندر هئا. ڏيساور کان مال انهن بندرگاهن تي ...

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]

ساهتي پرڳڻو - پروفيسر گل سهتو

ساهتي پرڳڻو ڪجهه تاريخي حقيقتون پروفيسر گل سهتو آڳاٽي زماني ۾ سنڌ سونهاريءَ جي اڪثر علائقن جي ونڊ ورڇ جاگرافيائي طور پرڳڻن ۾ ٿيل هئي. اها ونڊ ورڇ ڪلهوڙن جي دؤر تائين قائم رهي. طبعي نڪتي نظر سان سنڌ کي پنجن حصن ۾ تقسيم ڪيو ويو آهي.

وڄڻوٽ جو دڙو

وڄڻوٽ جو دڙو سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام احسن علي احسن چڍڙ ضلعي گھوٽڪي ۾ ڪئي اهڙا تاريخي ماڳ آهن جڪي تمام پراڻا ماڳ آهن جنهن ۾ ڏيٿري مومل جي ماڙي ۽ ٻيا ڪيترائي ٻيا به ماڳ کوڙ آهن جن جي مان ريسرچ ڪيان پيو پر ڏهرڪي کان اتر طرف ۱۵ ڪلو ميٽر پري ريتي کان ۶ ڪلو ميٽر ڏکڻ اتر جي ڪنڊ تي وڄڻوٽ جو دڙو جيڪو ۶۰ ايڪڙ تي مشتمل هيو پر هن دڙي کي هتان جي رهاڪن تباه ڪري ٻن ٽن ايڪڙن تي بچايو آهي. هن دڙي جي اصلي شڪل بلڪل تبديل ٿي چڪي آھي.

رني ڪوٽ - علي محمد ميمڻ

رني ڪوٽ سنڌ جو تاريخي ماڳ ۽ عالمي ورثو! علي محمد ميمڻ سنڌ جو تاريخي ماڳ ”رني ڪوٽ“ جنهن کي اقوام متحده جي عالمي اداري يونيسڪو طرفان عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏنو ويو آهي. هيءَ ماڳ سنڌ جي تاريخي ۽ تفريحي مقامن ۾بيشڪ هڪ شاندار حيثيت رکي ٿو. هيءَ ماڳ عالمي ثقافتي ورثو هئڻ ڪري، پنهنجي ملڪ سميت سموري دنيا جي سياحن، محققن ۽ تاريخدانن لاءِ پڻ گهڻي دلچسپي ۽ دلڪشي جو سبب آهي. رني ڪوٽ جي حوالي سان ٿيل تحقيق جو جائزو وٺڻ سان يقينن خوشگوار سرهائي ۽ خوشيءَ جو احساس اڀري اچي ٿو ته، سنڌ جو پنهنجي تاريخ، سڀيتا، تهذيب ۽ ثقافت جي لحاظ کان دنيا جي شاهوڪار خطن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. رني ڪوٽ واري تاريخي ماڳ ۽ هن قلعي جي وڏي خاصيت اها آهي ته هن جو دنيا جي سڀ کان وڏي ايراضي تي پکڙيل قلعن ۾ سڀ کان وڏو ۽ هن جو دنيا جي وڏن قلعن ۾ پهرين نمبر تي شمار آهي جيڪو لڳ ڀڳ ۳ ۵ ڪلوميٽرن تائين پکڙيل آهي. هن قلعي جي ٻاهريون ڪوٽ يا ديوار پڻ عوامي جمهوريه چين جي جڳ جهان ۾ مشهور ديوار چين وانگر ويڪري ۽ ڊيگهه ۾ ۳۲ ڪلوميٽرن تائين پکڙيل آهي، پنهنجي خصوصيت جي لحاظ کان اها، چين جي ديوار کان ٻئي نمبر تي شمار ڪئي وڃي ٿي.اقوام متحده جي...