Skip to main content

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء

سما دور جو قصبو

عبدالحسين شاھ موسوي



[شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]


قصبي جو تاريخي نالو

ڀرالوء سنڌ جي تاریخي ۽ قدیم قصبن مان هڪ آهي. گھڻو ڪري سمن جي دور جو آهي. ڀرالوء ڏهين صدي هجري جي منڍ ۾ بہ اهميت وارو ۽ مشھور قصبو هو. مير معصوم "تاريخ سند“ ۾ هن قصبي جي نالي جي سنڌي اچار کي "بريالوء (غالبا اصل برالو آهي)" ڪري لکيو آهي. ¹ جڏهن تہ سنڌي ترجمي ۾ "پريالوء“ لکيو ويو آهي. ² جيتوڻيڪ سنڌيڪار - مخدوم امير احمد کي "ڀرالوء / ڀريالوء" لکڻ کپندو هو. مير علي شير 'قانع' "تحفت الڪرام" ۾ ھن شھر جو ٻہ ڀيرا نالو ورتو آهي. مذڪور تاريخ [مطبع ناصري] ۾ ٻنھي هنڌن تي "بھرالوء" (ڀرالوء) لکيل ملي ٿو:

"بھرالوء موضعی ہشت کروہ تقریبا این طرف لوہری است." ³

ائين "بھرالوء" لکڻ اردو ۾ تہ صحيح آهي، فارسي ۾ نہ. ڀرالوء جي فارسي صورت خطي "برالوء" ٿيندي. 'قانع' فارسي جو عالم هو. هن اهو نالو فارسي جي اصول مطابق ئي لکيو هوندو. اها ڪاتب جي ڪارستاني لڳي ٿي، پر اتان هڪ ڳالھ تہ پڪي ٿي تہ مذڪور شھر ٻارھين ۽ تيرهين صدي هجري تائين بہ "ڀرالوء" ئي ڪوٺبو رھيو. 'قانع' اڳتي هلي ڪنگري / بادشاھ پور جي ذڪر ۾ ڄاڻائي ٿو تہ اهو ڳوٺ ڀرالوء (بھرالوء) کان چئن ڪوهن تي آهي. مذڪور ڪتاب جي سنڌي ترجمي ۾ بہ "ڀرالوء" لکيو ويو آهي جيڪو بنھ صحيح لڳي ٿو. کھڙن جي گادي نشين - الحاج مخدوم شفيع محمد هاشمي "پرين پريان لوء جو" جي نالي  سان ڪتاب سال ١٣٦٧ھ/1948ع ۾ لکيو هو. مصنف مذڪور ڪتاب جي صفحي 19 ۽ 31 تي شھر جو نالو - "ڀرالو" لکيو آهي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ "رھاڻ هيرن کاڻ" ج 3 ۾ ڄاڻايو آهي:

"لوء (معني: ڳوٺ) جي نالي وارا ڳوٺ گھٹو ڪري سڀ ڌاريجن جي جدا جدا پاڙن جا آهن."

ان ڏس ۾ ڊاڪٽر صاحب هڪ مشھور پھاڪو پڻ ڏنو آهي:

               "ماٿيلي سر گاگڙي سٺ جھلو جو لوء“

[يعني ماٿيلي كان وٺي گاگڙي تائين سٺ لوء (ڳوٺ) ڄام جھلو جا.]

اتان معلوم ٿئي ٿو تہ ڀرالوء اصل ۾ ڌاريجا قبيلي جي هڪ پاڙي ڀرا يا ڀريا جو آباد ڪيل ڳوٺ آهي.

شھر جي نالي جي تبديلي

شھر جو آڳاٽو نالو "ڀرالوء"، "پريالوء" ۾ ڪيئن تبديل ٿيو ان بابت ٻن شخصيتن جا بيان هيٺ ڏجن ٿا.

مخدوم شفيع محمد هاشمي هن ريت بيان ڪري ٿو:

"ڀرالو كي بدلائي بعد ۾ حضرت مخدوم محمد اسماعیل رحمت الله عليه جي مریدن و معتقدن پریان لوء يعني (پرین جي رهڻ جي جاء) رکي ڇڏيو ۽ ان نالي سان اڄ سوڌو مشھور آهي."

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي بقول شھر جو موجوده نالو پير سائين پاڳاري شاھ مردان شاھ تجويز ڪيو. ڊاڪٽر صاحب جي اصل عبارت هيٺ پيش ڪريون ٿا:

"وڏي پير صاحب پاڳاري شمس العلماء شاھ مردان شاھ صاحب جن مخدوم صاحب جن جي مزار و مسجد شريف جي عمارت اڏائي ۽ پڻ مخدوم صاحب سان روحاني محبت جو اظھار ڪندي فرمايائون تہ اڳ هي شھر هو ڀريالوء (ڀريا قبيلي جو شھر) هاڻي ان کي پریان لوءِ (پياري پرين جو شھر) جو نالو ٿا ڏيون. پوءِ شھر تي اهوئي نالو پئجي ويو."

بھرحال ڌريل نئين نالي "پریان لوء" ۾ بہ ٿوري وقت اندر تبديلي آئي ۽ اهو سولي اچار "پريالوء" ۾ مٽجي ويو.

ٻارهين صدي هجري جي ٻي پنجاھي جي پھرين چوٿ ۾ رهائشي پلاٽ جو اگھ.

ڀرالوء ۾ بنا عمارت جي سڪني زمين جو ٽڪر (ايراضي: ٽي سو ڇويھ اسڪوائر فوٽ) ١١ جمادي الثاني ١١٧٠ھ جي ستن روپين ۾ وڪرو ٿيو.

تاريخ ۾ ذڪر

ڀرالوء جو ذڪر سال ٩٢٧هـ واقعات ۾ اچي ٿو. ڌاريجن جڏهن سلطان محمود خان ڪوڪلتاش کي سوڙهو ڪيو تہ هن پنھنجي صلاحڪار بابا چوچڪ هٿان پيءُ فاضل ڪوڪلتاش ڏي نياپو موڪليو، جيڪو ان وقت شاھ بیگ ارغون سان گڏ باغبان جي گرد و نواح ۾ هو میر فاضل - شاھ بیگ کان موڪل وٺي ٻہ سو سوار ساڻ ڪري بكر طرف نڪري پيو. "تاریخ معصومي" ۾ اچي ٿو تہ هو جڏهن پريالو جي حد ۾ پھتو تڏھن سلطان محمود پيءُ جي استقبال ڪرڻ جو ارادو ڪيو:

"چون بنواحي بريالوء رسيد، سلطان محمود خان داعیه استقبال پدر کرد."

انتظامي وابستگي

"كتاب الفرائض“ (سال ١١٦٠هـ) جي ترقيمي، پڻ ديواني دستاويزن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ڀرالو - مغل دور ۾ انتظامي لحاظ کان پرڳڻي لڌي گاگن ۾ شامل هو.

سنڌي ۾ لکيل سال ١٣٣٦ھ جو دستاويز: ڀريان لوء تعلقو خيرپور رياست.

تاريخي ماڳ مڪان

مسجدون

▪︎ مسجد جامع

مسجد جي اندرين مھاڙي تي ثبت ڪاشي جي ڪتبي ۾ ڄاڻايل آهي تہ اول هي مسجد ٦٠٠ھ ۾ تعمير ٿي هئي.  مذڪور ڪتبي ۾ ئي مسجد جي بعد واري تعمير جو جيڪا تاريخ ڄاڻائي وئي آهي اها ١٢ شعبان ١٣٥٨ھ مطابق 25 سيپٽمبر 1939ع آهي. ڪتبي جي عبارت هيٺ نقل ڪجي ٿي:

                          لا اله الا الله محمد رسول الله

                              بسم الله الرحمٰن الرحيم

                       صلي الله علي محمد و آله وسلم

                   بلغ العلي بکماله، کشف الدجي بجماله 

                   حسنت جميع خصاله، صلو عليه و آله

                       روز محشر کہ جان گداز بود،

                       اولين    پرسش   نماز     بود.

                    چراغ و مسجد و محراب  و منبر

                    ابابکر  و  عمر و  عثمان  و  حيدر

هي جامع مسجد شريف اڳ سال ٦٠٠ھ ۾ تعمير ٿيل هئي، جا هن وقت منھدم ٿيڻ ڪري هن مسجد شريف جي پيش امام حاجي امام بخش شھر پريالوء خواھ پسگردائي جي ماڻھن کان چنده جي مدد وٺي تاريخ ١٢ ماه شعبان ١٣٥٨ھ جي تيار ڪرائي آهي.

                         نوشتم نام بر مسجد نشاني،

                         کہ مارا نيست دائم زندگاني.

                  بقلم محمد عالم ولد حاجي امام بخش.

مسجد جي انھي عمارت ۾ ٽي گنبد رکيا ويا آهن.

هڪ ٻئي ڪتبي ۾ مسجد ٺھرائيندڙ - حاجي امام بخش جي والد جو نالو حاجي محمد بخش لکيل آهي.

مسجد سان متصل آڳاٽو مدرسو پڻ آهي. جنھن لاء صدري روايت موجب ٻارهين صدي هجري جي پھرين اڌ ڌاري هتي ظاهري ۽ باطني علمن سان سينگاريل ۽ نقشبندي سلسلي جي مشائخ سيد شاھ جمال الله ۽ وقت جو جيد عالم ميان ابڙو اتي درس ۽ تدريس جو ڪم ڪندا هئا. ميان ابڙي جي مزار ڳاڙهي موري ڀرسان ڪچي ۾ اوتيرا ڳوٺ ۾ زيارت گاھ آهي.

▪︎ مسجد مخدوم محمد اسماعيل:

جيد عالم ۽ نقشبندي سلسلي جي مشائخ مخدوم محمد اسماعيل ٻارھين صدي هجري جي پھرين پنجاهي جي ٻئي چوٿ ۾ هي مسجد تعمير ڪرائي هوندي!!! البت سال تعمير دستياب ناهي. نادر شاھ افشار جي سنڌ ۾ آمد وقت مخدوم صاحب جي ڀرالوء ۾ رھائش ثابت آهي، اتان اندازو لڳائجي ٿو تہ مذڪور مسجد ١١٥١ھ کان ڪي ورھيہ اڳ تيار تعمير هوندي.

پير سائين پاڳاري شمس العلماء شاھ مردان شاھ مخدوم صاحب جي مزار ۽ مسجد جي عمارت اڏائي هئي. پوء وري پير سائين شاھ مردان شاھ ثاني سال 2003ع جي مخدوم صاحب جي مزار واري عمارت نئين سر تعمير ڪرائي.

ٺلھ پير:

پڪل سرن مان جوڙيل هڪ آڳاٽو منارو آهي، جنھن جو قطر زميني سطح کان ويندي موجوده اوچائي تائين برابر آهي. منجھس داخل ٿيڻ لاء ڪوبہ لنگھ موجود ناهي. بنھ اهڙو منارو لکي ۾ بہ آهي. هيءُ منارو هڪ ڊگھي عرصي کان قبرستان جي وچ ۾ آهي.

قبيلا ۽ ڌنڌن سان واڳيل گھراڻا

ڌاريجا، جن هن شھر جو بنياد وڌو، سيد، ڍاليٽ، ڏنور، نوحاڻي، چنا، لاکا، ميراڻي، سومرا، ڪنڌر، سولنگي، ميمڻ، شيخ، انصاري، دايا، لوهر ۽ ڪوري وغيره. ¹⁰

مقامي صنعت

پريالو جو ڪورڪو ڪم بہ ڀلو ۽ معياري هو. هتي آڏاڻا جام هئا ۽ ڪپڙي جي اڻت خاصي پيماني تي ٿيندي هئي، جنھن ۾ خاص ڪري انگوشا ۽ پوتڙا ٺھندا هئا.

لوهارڪو ڪم ڀلو ٿيندو هو. هر جا گھوٻا، پنج هري ۽ يارهن هري جا گھوٻا، چڙا، ڏاٽا، ڪھاڙيون، واهولا ۽ ٻيا اوزار ٺاهيندا هئا. ¹¹

مشاهير

▪︎ ڏنور ڏاتار

ڀرالوء جو هي بزرگ وقت جو شيخ المشائخ هو. سندس مزار ابل واھ تي پريالوء واري پل جي ڏاکڻي پاسي ھڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي آھي. ¹²

▪︎ شاھ لطف الله قادري

 پاڻ اصل ڀرالوء جو هو پوء هتان لڏي ويو.

▪︎ سيد محمد صالح

سندس والد - بھاء الدين بخاري اچ مان لڏي روهڙي آيو ۽ اتي ئي اقامت پذير ٿيو. ساڻس گڏ  سندس خليفو - حاجنا شاھ بہ هو. خانداني روايت مطابق سيد بھاء الدين روھڙي جي (غالبا رضوي) سيد کان سڱ گھريو، جنھن تي سيدن کانئس سيادت جي ثابتي طور شجرو گھريو. بھاء الدين پنھنجي خليفي حاجنا شاھ کي شجرو کڻي اچڻ لاء اچ اماڻيو، البت چيائينس تہ موٽڻ کان اڳ اتي تنھنجي انتقال ٿي ويندو، منھنجي مائٽن کي وصيت ڪري ڇڏجان تہ تنھنجي مڙھ کي تابوت ۾ وجھي شجرو  سيني تي رکي، تابوت بند ڪري درياھ ۾ وجھي ڇڏين. سيد جيئن چايو ائين ئي ٿيو. حاجنا شاھ اچ ۾ فوت ٿيو. سيدن کيس غسل ڪفن ڏئي شجرو سندس سيني تي رکي تابوت بند ڪري درياھ ۾ وھائي ڇڏيو. تابوت درياھ ۾ ترندو اچي روھڙي پتڻ سان لڳو، جنھن کي ڪڍي کولي شجرو کڻي پوء حاجنا شاھ کي روھڙي ۾ دفنايو ويو. بھاء الدين شاھ، روھڙي جي سيدن کي شجرو ڏيکاري شادي وارو ٿيو. سيد بھاء الدين بخاري روھڙي ۾ ئي وفات ڪئي ۽ هتي ئي دفن ٿيو. ¹³

شيو داس پنھنجي ڪتاب "چند تواريخ" ۾ حاجنا شاھ جي وفات جي تاريخ ١٠١٢ھ لکي آهي. ¹⁴ اهو مغل بادشاھ اڪبر جو دور آهي. جيڪڏهن سيد بھاء الدين جي شادي ساڳي يا ورندڙ سال ۾ ٿي تہ کيس پھريون پٽ سيد محمد صالح شاھ ١٠١٤ھ جي ڄايو هوندو. پاڻ روھڙي ۾ ننڍو ٿي وڏو ٿيو. ٿي سگھي ٿو تہ ڪرڙوڍ  ڄمار ۾ لڏي پلاڻي ڀرالوء ۾ سڪونت پذير ٿيو هجي. تڏھن مغل شھنشاھ شاهجھان جو دور هو.  مير علي شير کيس پنھنجي دور جي مشائخن ۾ ڳڻيو آهي: "مشائخ وقت گذشتہ." ¹⁵ پاڻ طريقت جي ڪھڙي سلسلي سان وابستہ هو اهڙي ڄاڻ نہ 'قانع' ڏني آهي نہ ئي وري ڪنھن ٻئي مدرڪ مان معلوم ٿي سگھيو آهي. اندازو آهي تہ بادشاھ اورنگزيب عالمگير جي دور ۾ فوت ٿيو. بقول 'قانع' سندس تربت ماڻھن جي مرجع آهي. سندس زيارت ڪري عام خاص ماڻھن جون حاجتون پوریون ٿین ٿیون. "مرجع انام و زیارتش برارندہ حاجات خاص و عام است." ¹⁶ سندس تربت تي مقبرو اڏيل هو، جيڪو پوء زبون ٿي وڃڻ سبب منھدم ڪري ڇتائون دالو اڏيو ويو آهي.

▪︎ سيد جمال الله شاھ

سيد صاحب جامع علوم صوري و معنوي هو. صدري روايتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ پاڻ شھر جي قديم مسجد جامع ۾ درس و تدريس ڪندا هئا. سيد، نقشبندي سلسلي جي مشائخن مان هو. پاڻ حافظ ايوب سنڌي جو دست بيعت ٿي سلوڪ جا مرحلا طي ڪري نقشبندي سلڪ ۾ ڪمال کي رسيو. پاڻ ٻن واسطن سان امام رباني جو مريد هو. طريقت جو شجرو هن ريت آهي:

جمال الله مريد حافظ ايوب سنڌي جو، اهو مريد شيخ محمد سعد لاھوري جو، اهو مريد سيد آدم بنوري مشواني (المتوفي: ١٠٥٣ھ) جو، اهو مريد شيخ احمد رباني مجدد الف ثاني (المتوفي: ١٠٣٤ھ)

منظوم طريقت جو شجرو هن هيٺ پيش ڪجي ٿو:

                از   مجدد   الف  ثاني   فيض  عالمگیر   شد

                و  ز جناب   شان   جهانرا   برکت   و   تاثیر، 

                شد  شیخ آدم گشت از فیض مجدد کامیاب،

                شیخ  سعد الله  از و گشته  منور مستطلاب.

                زوست  ايوب  ولي  و  هم  جمال  الله  شاه،

سيد جمال الله کي حج جي سعادت پڻ نصيب ٿي. مخدوم محمد اسماعيل ڳوٺ ٽڳڙ مان ڪھي ڀرالوء اچي سندس مريد ٿيو هو. جيتوڻيڪ سندس وفات جي تاريخ محفوظ ناهي پر مخدوم اسماعيل جي واقعات مان اندازو ٿئي ٿو تہ پاڻ نادري گھل کان ڪي ورھيہ اڳ فوت ٿيو هوندو. سندس مقبرو پريالوءِ شھر کان ٻاهر ابل واھ روڊ جي کاٻي پاسي کان آھي. مقبري جي سار سنڀار اڳ نوحاڻي ڪندا هئا، هينئر ڦلپوٽا ڪندا آھن۔

▪︎ محمد قاسم خوشنويس

محمد قاسم ٻارھين صدي هجري جو خوشنویس هو. پاڻ هڪ ڪتاب جي ترقيمي ۾ پنھنجي والد جو نالو - ملا فتح محمد ۽ ڏاڏي جو نالو - محمد هاشم ڄاڻايو اٿس. سندس ٻيو احوال ڪونہ ملي سگھيو. هن هڪ عالم - لطف الله نجم بن شيخ حميد جي "كتاب الفرائض“ جي سال ١١٦٠هـ ۾ ڪتابت ڪئي آهي.

▪︎ سيد حيات شاھ

ڀرالوء جو ھيءُ ٻئون بزرگ آهي جنھن جو مير علي شير 'قانع' ذڪر ڪيو آهي:

"از اولاد صالح شاہ مذکور در حی ارباب ایقان زیستہ." ¹⁷ ترجمو: "مٿئين محمد صالح شاھ جي اولاد مان سيد حيات شاھ یقین جو صاحب رهي زندگي گذاري ويو."

'قانع' مذڪور بزرگ جي سيد محمد صالح سان رشتي ۽ دور بابت معلومات ڏيڻ کان قاصر نظرجي ٿو. سال ١١٦٢ھ جي ديواني دستاويز مان سندس پيڙهي جون ڪڙيون هن ريت ملن ٿيون: سيد محمد حيات بن مرحوم حيدر شاھ بن مغفور محمد صالح شاھ.

مذڪور هبہ نامي مان خبر پوي ٿي تہ تپي آدمجي جي موضع سھکجي ۽ عمروٽ جي زميندارن هرهڪ وڏيري دولت خان ولد مرحوم محمد حڪيم، .... ولد وڏيري ڇتي، محمد شريف، مصري خان ولد ..... ، عبداللطيف ولد مرحوم محمد رضا ۽ رضا ولد تاجو جن الله ڪارڻ ۽ سرور ڪائنات جي راضپي ماڻڻ خاطر مٿين موضع ۾ پنجويھ بيگا زرعي زمين پوکي لائق مرحوم حيدر شاھ جي پٽن سيد محمد حيات ۽ سيد محب شاھ کي بخش ڪئي ۽ تحفي ۾ ڏني.

سيد صاحب جمادي الاول ١١٧٠ھ ۾ جيئرو هو، البت سن ١١٧٥ھ جي دستاويز ۾ کيس مرحوم لکيو ويو آهي.

سيد محمد حيات شاھ کي مليل ڳچ پروانا جا نقل پڻ محفوظ آهن. انھن تي جيڪي مھرون ثبت آهن:

- عبدالمنعم، مھر نيابت قاضي ١١٦١ھ

- بنده دولت درگاھ

- فقير دائود حجانہ (شاید حاجاڻو) ١١١٧ھ

- نصرالله محمد قاسم حسيني ١١٦٢ھ

- سيد بلند شاھ مريد جيلاني ١١٦٣ھ

-  سيد محمد علي حسيني ١١٦٤ھ

- بيگ محمد ١١٦٨ھ

- .... مل ١١٥٨ھ

ڪي ٻيون مھرون بہ لڳل آهن جيڪي پڙهڻ ۾ نہ ٿيون اچن.

- محمد مراد خان عباسي فدوي محمد شاھ بادشاھ جو

- خدايار خان عباسي بھادر ثابت جنگ جي پروانو مطابق معمول مطابق کيس قصبي شڪارپور مان ٻارهن روپيا فصلاڻو ڏنو ويندو هو.

- خدايار خان عباسي بھادر ثابت جنگ جي پروانو ۾ حال ۽ مستقبل جي عملدارن کي چيو ويو آهي تہ سيد محمد حيات جي پرڳڻي جتوئي جي موضع سھکجي، ....، شاھ قلي پور تپہ عمروٽ ۽ آدمجي ۾ معمول مطابق سندس هارين تي ڇيڙ ۽ بيگار وغيره معاف آهي.

- هڪ پروانو جنھن ۾ ڇيڙ ۽ بيگار جي تحصيلدارن کي مخاطب ڪيو ويو آهي تہ سيد محمد صالح قديم وقت کان سرڪار جو دعاگو رهيو آهي تنھن ڪري موضع ڀرالوء، گاگڙہ ۽ ماڇي ۾ سندس هارين تي ڇيڙ ۽ بيگار وغيره معاف آهي.

- صاحبزادہ بلند اقبال خداداد خان عباسي

- صاحبزادہ بلند اقبال خداداد خان عباسي جو پروانو فضيلت پناھ ملا ٺاري مڱڻيجي ڏانھن

- شاھ قلي خان جو پروانو عزت دستگاھ مھتي گدومل نالي. ¹⁸

▪︎ مخدوم محمد اسماعيل: پاڻ جوڻيجا قبيلي مان ڳوٺ ٽڳڙ، لب دريا جو ويٺل هو. سندس علمي مرتبا نھايت بلند هئا. پاڻ جامع معقولات ۽ منقولات ۽ صوري و معنوي ڪمالات جو صاحب هو. مخدوم صاحب پنھنجي ڳوٺ ٽڳڙ مان ڪھي ڀرالوء اچي سيد جمال الله شاھ جا نقشبندي سلسلي ۾ دست بيعت ٿيا ۽ مرشد جي شھر کي سدائين لاء مسڪن بڻايائين. پاڻ ڪھڙي سال ڀرالوء ۾ آيو، تذڪرن ۾ مذڪور ناھي. تذڪرن مان معلوم ٿئي ٿو تہ نادر شاھ افشار جي سنڌ ۾ اچڻ مھل مخدوم صاحب ڀرالوء ۾ اقامت پذير هو. افشار، لشڪر سوڌو سنڌ ۾ شوال ١١٥٢ھ ۾ داخل ٿيو. اندازو آهي پاڻ مذڪور سن کان ڪي ورھيہ اڳ ڀرالوء آيو هوندو. روزي ڌڻي جي ملفوظات مان معلوم ٿئي ٿو تہ احمد شاھ ابدالي جڏهن سنڌ ۾ آيو تڏهن مخدوم صاحب کان دعا گھرائڻ لاء ڀرالوء ۾ وٽس آيو هو. اهو سال ١١٦٧ھ جو هو. مخدوم محمد اسماعيل، ميان غلام شاھ ڪلھوڙي جي دور ۾ ٨ ربيع الاول ١١٧٤ھ ڇنڇر ڏينھن وفات ڪئي. قطعہ تاريخ وفات جو مصرعو هن ريت آهي:

                   ز تاریخش بمن ھاتف چنین گفت

                   مقام   روح   پاکش  جاء   لاھوت

                          ---------------------------------------------

                                     ١١٧٤ھ                                          

يادگار

مخدوم محمد اسماعيل هن دنيا ۾ چئن قسمن جا یادگار پنھنجي پوئتان ڇڏيا.

روحاني فيض ۾ رتل شاگرد

اڪيچار حضرات وٽانئس فيضياب ٿي وڏي منزل کي رسيا. اهڙن ناليرن بزرگن مان سيد محمد بقا شاھ لڪياري جن بہ آهن.

اڏاوتي آثار

سندس تعميراتي آثارن منجھان ٽي مسجدون هرهڪ ڦل ڳوٺ جي نزديڪ، ڀرالوء ۾ ۽ روھڙي ٻاهران. سندس هڪ کوھ پڻ يادگار آهي.

علمي آثار

- پاڻ مصنف ۽ سخنور هئا. مخدوم عبدالخالق هاشمي ڄاڻايو آهي تہ مخدوم اسماعيل منقولات ۽ معقولات جي ڪتابن تي حاشيا لکيا هئا. افسوس جو اهي زماني دست برد جي نذر ٿي ويا. عين ممڪن آهي تہ سندس ڪي مستقل تصنيفون پڻ هجن.

- مخدوم محمد اسماعيل فارسي ۽ سنڌي جا بلند پایہ شاعر هئا. فارسي ۾ حمدیہ نعتیہ ڪلام چيو اٿن سنڌي ۾ مولود، مداح ۽ منقبت سندن پسندیده صنفون هيون. انھن صنفن ۾ گھٹوئي ڪلام چیائون. ڪيترائي مولود چیائون جن مان ڪي ٿورا محفوظ رهجي ويا آهن. ڪتاب "حالات مخدوم محمد اسماعیل پريان لوئي" مان سندس ٻہ شعر:

                   ڪھنو  اٿم  كپڙو،  سٽون ڪين سھي،

                   نظر ڪريو مھر جي تنھن تان مر لھي،

                   اجاريوس   أهي،   پراڻو    پرتو    اٿئي.

                                             ---------

                     پوکيم   سرنھن  ٿي  پيو   ڄانڀو،

                     اهو اولانڀو  مون کي آيو  نيه جو.

فارسي ۽ سنڌي زبان ۾ ڪيترائي منظوم خطبا جوڙيائون. جيڪي جمعي جي خطين م پڙھیا ويندا هئا. هينئر ناياب آهن.

پير صبغت الله شاھ اول تجر ڌڻي جن جي ملفوظات "خزانه المعرفة" ۾ آهي: "هڪ ڏينھن حضرت جن مثنوي معنوي جي شغل دوران فرمايو تہ هڪڙي شخص حضرت مخدوم صاحب پریان لوئي قدس سره جي درٻار ۾ الله تعالي جي طلب ڪرڻ جي واٽ بابت هڪ سنڌي بيت عرض ركيو. حضرت مخدوم صاحب جواب ۾ فرمايو تہ اي يار!

                  سپون م ساراھ هیج جن جو ههڙو،

                  سڄڻ  ۽ ساڃاھ، أٺي  ويڙن وسري.

ڪتابت

ڪتابت تي زبردست ملڪو هئن. اڪثر قرآن مجيد هڪ جلدي ۽ ڌار ڌار پارا لکندا رهندا هئا، جيڪي عوام الناس ۾ ورهائي ڇڏيندا هئا. مولوي دين محمد 'وفائي' لکي ٿو:

"سندن اكر اهڙا هوندا هئا، جيئن موتي جا داٹا، سندن تحرير منجهان علمي ڪمال بكندو هو. تحرير انتھا درجي جي فاضلانہ هوندي هئي." ¹⁹

▪︎ سيد قائم محمد

پاڻ مخدوم محمد اسماعيل جو همعصر ۽ سنگتي هو. بخاري سيدن جي روايت مطابق مخدوم اسماعيل، سيد جي سڪ پريت ۾ ۽ سندس چوڻ تي پنھنجا اباڻا ڪک ڇڏي ڀرالوء ۾ رھائش اختيار ڪئي. مخدوم صاحب سندس لاء قرآن مجيد ڪتابت ڪيو، جنھن جي اتمام جي تاريخ ٢٢ ربیع الثاني ١١٦٥ھ آهي. عطا محمد 'حامي' خيرپور جي ميرن جو ادب ...." ۾ سيد حمزہ علي کان زباني نقل ڪيو آهي تہ "قائم علي (محمد) شاھ، سيد صالح محمد جو فرزند هو." ²⁰ مٿي اسان حاجنا شاھ جي وصال جو سن  ڏئي آيا آهيون، جيڪڏھن اهو صحيح آهي تہ پوء زماني وٿي کي نظر ۾ رکندي قائم محمد شاھ، سيد صالح محمد جو فرزند هجڻ بدران پوٽو هجن گھرجي، يا سيد صالح محمد جو زماني تي نظرثاني ڪرڻي پوندي. ولله اعلم بالصواب. اهو مامرو يا تہ ڪنھن آڳاٽي شجري يا وري مزيد ديواني دستاويزن مان ئي صاف ٿي سگھندو.

رجال بابت متفرق معلومات

▪︎ ١١٧٨ھ جو دستاويز: قاضي عبدالستار ڌاريجو. "قاضي" جي سابقي مان معلوم ٿئي ٿو تہ هيءُ قضا جي عھدي تي هو.

ڀرالوء ۾ هن جو هڪ کوھ بہ هو.

▪︎ سال ١١٧٠ھ جي دستاويز مان ٻن پڃارن جا نالا چندر ۽ شھبازي ولد ڇٽو ملن ٿا.

▪︎ سال ١١٧٠ھ جو دستاويز: حافظ ولد پريو نوحاڻي.

▪︎ ١١٧٨ھ جي دستاويز مان ملا خوشحال نومسلم جي خبر ملي ٿي.

جاگرافيائي معلومات

 ▪︎ سال ١٣٣٦ھ جي دستاويز ۾ سيد نيڀاهو شاھ جي زمين جو ذڪر آهي ان جي اولھ ۾ "ڪڙيو حيات شاھ" هيو.

پڙ ۽ ماتمداري

▪︎ وڏو پڙ

هي پڙ وچ شھر ۾ آهي، جنھن جي ڏکڻ ۾ جامع مسجد ابوطالب ۽ حيدري امام بارگاھ آھي. ويھين صدي جي منڍ ۾ سيد حمزہ علي شاھ ۽ نائب علي شاھ جن جو سوٽ سيد نواز علي شاھ اتان ڏھ محرم تي تعزيو برآمد ڪرائيندو ھو، جيڪو حمزہ علي شاھ جي پڙ تي ٽاهو ٿيندو ھو. سيد نواز علي شاھ جي وفات کان بعد سيد نائب علي شاھ ماتم جي ذميواري پنھنجي ڪلھن تي کنئي ۽ ماتم جي روٽ ۾ ٿورڙي تبديلي ڪئي جنھن مطابق ڏھ محرم تي مجلس بعد تعزيو  نائب علي شاھ جي پڙ کان برآمد ٿي منجھند جو وڏي پڙ ۾ ٽاهو ڪري وري شام جو وڏي پڙ کان واپس حمزہ علي شاھ جي پڙ تي پھچي ٿو، جتي شام غريبان جي مجلس کان بعد اختتام پذير ٿيندو آهي. بعد ۾ سيد حسين علي شاھ وارو جلوس جيڪو سندن ڏاڏي شروع ڪيو، اھو تعزيو ۽ جلوس بہ نڪرڻ شروع ٿيو جيڪو اڌ روٽ کان پوء مرڪزي روٽ واري ماتم ۾ شامل ٿي ويندو آھي ۽ شام جو سيد حمزه علي شاھ جي پڙ تي مرڪزي جلوس سان  گڏ ٽاهو ٿيندو آھي. ٽيھ  پنجٽيھ سال اڳ چار محرم جي مجلس ۽ جلوس حيدري امام بارگاھ مان نڪرندو ھو پر بعد ۾ جڳھ جي تنگي سبب مجلس وڏي پڙ ۾ منعقد ڪرائڻ شروع ڪئي وئي.

▪︎ سيد نائب علي شاہ جو پڙ: درگاھ محمد صالح شاھ جي ورانڊي ۾ آھي ان کي "بخاري وارو پڙ" بہ چوندا آھن. ان پڙ ۾ اڳ ڪاٺ جو علم لڳل ھو، 2020ع کان اتي اسٽيل جو علم لڳايو ويو آهي. 

▪︎ سيد حمزہ علي شاھ جو پڙ

 هيءُ بخاري پڙ جي آمھون سامھون آھي. ان جي ڀرسان بخاري سيدن جي حويلي آھي. اتي ستر واري ڏھاڪي ۾ ھڪ پنجابي دڪاندار تيل جا ڊرم  رکندو ھو، ان ڪري اڃا تائين ڪجھ ماڻھو ان کي "ڊرمن وارو  پڙ" بہ سڏيندا آھن. ان پڙ ۾ ھڪ قديمي ڪاٺ جي چبوتري وارو علم پاڪ لڳل آھي. سال 2018ع ۾ گورنمينٽ جي تعاون سان پڙ جي چوڌاري ديوار تعمير ڪرائي ٻہ دروازا لڳرايا ويا آھن.

▪︎ لعل شاھ جو پڙ

▪︎ فقير علي شاھ جو پڙ

 هيءُ "ٺل پير" جي ڀرسان آھي. هتان ڏهين جو ماتمي جلوس ۽ ٻارهين رات بہ پڙ نڪرندو آهي.

▪︎ ميربحرن جو پڙ: هن پڙ تي انگاس نصب ڪرائيندڙ مينھل خان هو، جنھن ويھين صدي عيسوي جي ٽيھن واري ڏھاڪي ڌاري وفات ڪئي. هينئر هي ڪورين جو پڙ سڏبو آهي. ٻارهين وارو مذڪور ماتمي جلوس، فقير علي شاھ جي پڙ تان برآمد ٿي ڪورين جي پڙ تائين وڃي وري واپس"فقير علي شاھ جي پڙ تي ٽاهو ٿيندو آھي.

  جڏھن کان اجازو (پرمٽ) لازم ٿيو تڏهن کان وٺي سيد حمزہ علي شاھ (متوفي: 1993ع) ۽ سيد نائب علي شاھ (متوفي: پھرين مئي 1985ع) جي نالن تي اجازو ۽ پڙن جا نالا بہ مخصوص ٿيا ۽ جئين تہ حمزہ علي شاھ جي پڙ تي مجلس شام غريبان ٿيندي آهي ان ڪري ان پڙ کي "پڙ شام غريبان" بہ سڏيو ويندو آهي. ڏھ محرم جو اجازو گڏيل اجازو آهي، جنھن ۾ حمزہ علي شاھ ۽ حسين علي شاھ (حال حیات) جو نالو آهي.

ورهاڱي بعد لڏي ايندڙ سيدن بہ ڏھين محرم تي حيدري امام بارگاھ مان ذوالجناح سان جلوس برآمد ڪرڻ شروع ڪيو، جيڪو مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿي شھر مان ٿيندو ساڳي حيدري امام بارگاھ ۾ اختتام پذير ٿيندو آهي. جڏھن تہ اھيو ذوالجناح وارو جلوس، مرڪزي جلوس سان شام جو واپسي وقت شامل نہ ھوندو آھي. (ھن سال 2023ع تي حيدري برادران بہ ذوالجناح  جي بدران تعزيو برآمد ڪيو).  البتہ حيدري برادران ان کان علاوه چار محرم جي مجلس ۽ جلوس ۽ ٻاويھين صفر تي چھلم جو جلوس بہ برآمد ڪرائيندا آھن. جنھن ۾ چار محرم وارو جلوس تمام مشھور ماتمي جلوس آھي. اڄڪلھ اجازي جو حامل تنوير شاھ آھي.

ڪجھ سال اڳ تائين تعزين جا گل ۽ سينگار جو ٻئو سامان بوئا/منگي فقير ٺاھيندا ھئا جنھن ۾ حبيب الله ۽ صفر بوئو جن هر قسم جا گل ٺاهڻ ۾ ڀڙ ۽ شھ ڪاريگر ھئا، مگر اڄڪلھ بازار مان خريد ڪري گل لڳايا و ڃن ٿا.

اڳي ماتمي جلوسن ۾ ڍڍ ۽ شرناء شامل هوندي هئي. شرناء نوازن ۾ اڪن فقير ۽ غلام حيدر جڏهن تہ الھداد عرف دادو مڱڻھار ڍڍ وڄائيندو ھو. مگر 1990ع کان بعد اھو سلسلو موقوف آهي. ²¹

حوالا

1. مير محمد معصوم: "تاريخ سند"، مطبع قيمه، بمبئي 1938ع، ص 121

2. مير محمد معصوم: "تاريخ معصومي"، مترجم مخدوم امير احمد، ص 145

3. 'قانع'، مير علي شير: "تحفت الکرام"، مطبع ناصري، ج 3 ص 135

4. ايضا

5. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان: "رھاڻ هيرن کاڻ" ج 3، ص 14 - 113

6. هاشمي، مخدوم شفيع محمد: "پرين پريان لوء جو"، ص 20

7. ساڳيو، ص 18

8. مير محمد معصوم: "تاريخ سند"، ص 121

9. صديقي، مخدوم سليم الله: "خزينه المخطوطات"،

10. محترم سميع سجاد معلومات فراهم ڪئي.

11. ايضا

12. بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان: "رھاڻ هيرن کاڻ" ج 9، ص 28- 129

13. راوي سيد سجاد حسين شاھ

14. شيو داس: "چند تواريخ"، قلمي.

15. 'قانع'، مير علي شير: "تحفت الڪرام"، ج 3، ص 135

16. ايضا

17. ايضا

18. جملي دستاويزن جا عڪس محترم سجاد حسين شاھ بخاري مھيا ڪيا.

19. هاشمي، مخدوم شفيع محمد: "پرين پريان لوء جو"

20. عطا محمد 'حامي' خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو"، ص 414

21. معلومات فراهم ڪندڙ سيد سجاد حسين شاھ بخاري.

ڪتابيات

کتب فارسي

• 'قانع'، مير علي شير: "تحفت الڪرام"، جلد 3، مطبع ناصري.

• مير محمد معصوم: "تاريخ سند"، مطبع قيمه، بمبئي 1938ع.

سنڌي ڪتاب

• بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان: "رھاڻ هيرن کاڻ"، جلد 3، مھراڻ اڪيڊمي، 2002ع.

• بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان: "رھاڻ هيرن کاڻ"، جلد 9، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم حيدرآباد، 2010ع

• شيو داس: "چند تواريخ"، قلمي.

• صديقي، مخدوم سليم الله: " خزينه المخطوطات" سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 2006ع

• عطا محمد 'حامي'، ڊاڪٽر: "خيرپور جي ميرن جو ادب، سياست ۽ ثقافت ۾ حصو"، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو، 1984ع

• 'قانع'، مير علي شير ٺٽوي: "تحفت الڪرام"، مترجم مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، 2004ع، ط 5.

• مير محمد معصوم: "تاريخ معصومي"، مترجم مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ ڪراچي، 1953ع، ط اول.

• هاشمي، مخدوم شفيع محمد: "پرين پريان لوء جو"، مخدوم عبدالرحمان شھيد اڪيڊمي، کھڙا شريف، خيرپور، 2014ع.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“