ساهتي پرڳڻو
ڪجهه تاريخي حقيقتون
پروفيسر گل سهتو
آڳاٽي
زماني ۾ سنڌ سونهاريءَ جي اڪثر علائقن جي ونڊ ورڇ جاگرافيائي طور پرڳڻن ۾ ٿيل هئي.
اها ونڊ ورڇ ڪلهوڙن جي دؤر تائين قائم رهي. طبعي نڪتي نظر سان سنڌ کي پنجن حصن ۾
تقسيم ڪيو ويو آهي.
۱. سرو
۲. وچولو
۳. لاڙ
۴. ڪوهستان
۵. ٿر
مٿي ڄاڻايل
پنجن حصن مان سرو، وچولو ۽ لاڙ سنڌو درياه جي ڪري انهن نالن سان سڏيا وڃن ٿا، جڏهن
ته ڪوهستان ۽ ٿر سنڌ جا برساتي حصا آهن.
سنڌ جو
وچولي وارو حصو ٽن اهم پرڳڻن تي مشتمل هو، جيڪي هن ريت آهن:
۱. لاکاٽ پرڳڻو
۲. لوهاڻو پرڳڻو
۳. ساهتي پرڳڻو
لاکاٽ پرڳڻي
جي خاص شهرن ۾ هالا، ڀٽ شاه، مٽياري، خيبر ۽ حيدرآباد اچي وڃن ٿا.
لوهاڻي پرڳڻي
۾ شامل شهرن ۾ شهداد پور، ٽنڊوآدم، ٻروڻ، سنجهورو، سعيد آباد ۽ سڪرنڊ جي ڀرپاسي جا
علائقا شامل آهن.
ساهتي پرڳڻي
۾ نوابشاه، بڇيري، مورو، ڦل، دولتپور، نوشهروفيروز، ڀريا، ڀريا روڊ، ٺاروشاه، ڊڀرو
جنهن کي درٻيلو به سڏين، دليپوٽا، مٺياڻي، ڪنڊيارو، هالاڻي، بهلاڻي، محرابپور، ڪوٽڙي
محمد ڪبير، هنگورجا، راڻي پور ۽ درازا جا مشهور شهر اچيو وڃن.
مٿي ذڪر ڪيل
شهر، موجود وقت ۾ انهن ئي پرڳڻن ۾ آباد آهن. آڳاٽي وقت ۾ ايتري انگ ۾ شهر انهن پرڳڻن
۾ آباد نه هئا، هنن شهرن جا نالا فقط قارئين جي سهولت خاطر لکيا آهن، جيئن هو پرڳڻن
کي وڌيڪ بهتر نموني سان سمجهي سگهن.
سنڌي
انسائڪلو پيڊيا جي جلد ۷ ۾ صفحي ۸۸ تي لاکاٽ ۾ صرف هالا ۽ حيدرآباد جو ذڪر ڪيو ويو
آهي، ۽ لوهاڻي ۾ شهدادپور ۽ سنجهوري جا علائقا ڏسيا ويا آهن، جڏهن ته ساهتيءَ ۾
صرف ڪنڊياري، موري ۽ نوشهري فيروز جو ذڪر ٿيل آهي.
ساهتي پرڳڻي
۾ نوابشاه کي ان ڪري لکيو آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ واري سنڌي لغات ۾ صفحي ۱۵۵۴
تي ساهتيءَ جي معنى بيان ڪندي لکيو آهي ته: ”نوابشاه واري ايراضي.“ اهڙي طرح جڏهن
محمد بن قاسم، لوهاڻي جي علائقي کي فتح ڪيو ۽ اڳتي جنهن پاسي ڏانهن ڪوچ ڪيو ته ان
علائقي جي ايراضي ۾ اڄڪلهه نوابشاه جو ضلعو اچي ٿو.
چچنامي ۾
انهيءَ ايراضيءَ کي سهتن جو علائقو سڏيو ويو آهي. (ڏسو چچنامي جي فارسي واري
عبارت) يعني محمد بن قاسم، لوهاڻي جي علائقي کان پوءِ سهتن واري پرڳڻي ۾ آيو.
سنڌيڪا
لغات جي صفحي نمبر ۴۴۹ تي عبدالستار بلوچ ساهتيءَ جي معنى ۾ لکي ٿو ته: ”ساهتي اسم
خاص آهي، جنهن جي معنى سهتن وارو ملڪ، موجوده نوشهري فيروز وارو خطو، جنهن تي آڳاٽي
وقت ۾ سهتا قبيلي جي آباديءَ سبب نالو پيو.
ثابت ٿيو
ته لوهاڻي پرڳڻي سان متصل ساهتيءَ جو پرڳڻو هو، جنهن جي شروعاتي حدن ۾ هن دؤر ۾
نوابشاه واقع آهي.
ان کانسواءِ سنڌ سونهاريءَ جي وچولي ۾ هنن ٽن مکيه پرڳڻن کان علاوه ٻيا
به ننڍا پرڳڻا ڌار ڌار نالن سان سڏيا ويندا هئا، جيئن بکر پرڳڻو، سيوهڻ پرڳڻو، اروڙ
وغيره.
انهن پرڳڻن
کي اهي نالا، اتي رهندڙ قبيلن ۽ ذاتين جي ڪري ڏنا ويا آهن؛ جيئن لوهاڻي پرڳڻي جو
نالو، اتي رهندڙ لوهاڻن جي ڪري پيو.
چچ جي
زماني ۾ ان علائقي تي اگهم لوهاڻي جو راڄ هو، پوءِ چچ، اگهم کي مارائي ان جي راڻيءَ
سان شادي ڪري لوهاڻي پرڳڻي تي قبضو ڪيو. اهڙي ريت ساهتيءَ جي راجائن يعني سهتن کي
ماتحتيءَ جو فرمان موڪليو. اهڙو بيان ڊاڪٽر حامد علي خانائي صاحب ساهتي پرڳڻي جي
تاريخ ۾ ڏنو آهي. ”چچ نامي مان هيءَ ڳالهه واضح طرح معلوم ٿئي ٿي ته لوهاڻو، قديم
دؤر ۾ سنڌ جو اهم صوبو هوندو هو، راءِ گهراڻي جي زوال وقت ان جو حاڪم اگهم نالي
شخص هو. اهو صوبو، ٽن ننڍن انتظامي يونٽن، لاکاٽ، ساهتيءَ ۽ پنهنجي نالي يعني لوهاڻي
۾ ورهايل هو.
اهڙي طرح
ساهتي پرڳڻي کي به ان نالي سان ان ڪري سڏيو وڃي ٿو، جو ان علائقي ۾ سهتا قبيلو، گهڻي
تعداد ۾ رهائش رکي ٿو، جيڪو ساڳئي وقت ان پرڳڻي تي حاڪم به رهيو آهي.
تاريخي ڪتابن
۾ سهتن جي ٻن راجائن جو ذڪر اچي ٿو، جيڪي ’راڻي‘ جي نالي سان معروف هيا.
۱. راڻو ڀؤنر
سهتو
۲. راڻو ڌؤرنگ
سهتو.
راڻي ڀؤنر
جو زمانو سلطان ناصرالدين قباچه جي وقت ۾ آهي. راڻو ڀؤنر ان وقت ساهتيءَ جو راجا
هو، جنهن جو تخت گاه، درٻيلو جنهن کي مٿي به لکي آيا آهيون ته تاريخي ڪتابن ۾ ان
شهر کي ڊڀرو ڪري به لکيو ويو آهي.
راڻي ڌؤرنگ
جي باري ۾ اسان قارئين ڪرام لاءِ تاريخِ سنڌ، حصو- ۶، عهد ڪلهوڙا جلد اول، ترتيب غلام رسول مهر جي تحرير جو
خلاصو ڪجهه هن ريت آهي ته ”ڌؤرنگ سهتي جي ماتحتي ۾ سنڌ جو گهڻو علائقو هوندو هو،
پر اها بدقسمتي جو تاريخي ڪتب ۾ ان طاقتور راڻي جو ذڪر ڪونه ٿو ملي، سواءِ ڪجهه
روايتن جي باقي تاريخ خاموش ملي ٿي.
حقيقت ۾
جهڙي ريت موجوده دؤر نام نهاد متعصب اديب ساهتي پرڳڻي کي سهتا قبيلي جي نسبت سان
منسوب ڪرڻ جي مخالفت ڪن ٿا، تيئن آڳاڻي زماني ۾ مؤرخن به سهتن سان سخت ناانصافي ڪندي،
تاريخ جي ڪتابن ۾ انهن کي گهربل مقام ناهي ڏنو. موجوده دؤر جا اديب تصنيفات ۾ صرف
پنهنجي لاءِ لکن ٿا ته ’ساهتي پرڳڻي تي هي نالو ان ڪري پيو آهي ته ساهت جي معنى،
ادب، ڄاڻ ۽ علم آهي، ان ڪري جيئن ته هتان جا ماڻهو، سنڌ جي ٻين علائقن کان وڌيڪ پڙهيل
آهن، ۽ سنڌي ادب ۾ ڪم به هتان جي ماڻهن ڪيو آهي، ۽ هتان جي زبان جو لهجو ادبي ڪتابن
۾ قابل قبول آهي، ان ڪري هن پرڳڻي کي ساهتي چيو وڃي ٿو!‘
هاڻي اهڙي
قسم جي سوچ جو ڪهڙي ريت مقابلو ڪجي، جنهن لاءِ هڪ پئمانو رکجي ٿو. پهرئين سنڌ جي
سمورن علائقن جي اديبن جي ڪيل جي هڪ سروي ڪرائي، ان جو معيار جاچيو وڃي، ته خبر
پئجي ويندي، سنڌ جي ڪهڙي علائقي ۾ ادب تي وڌيڪ معياري ڪم ڪيو ويو آهي. اها ڳالهه
جيتوڻيڪ ڳري آهي، ڪافي ماڻهن کان هضم ڪونه ٿيندي پر اها حقيقت ته لاڙڪاڻي، جيڪب
آباد، شڪارپور يا لاڙ طرف جا يا ٿر جي پاسي سرجيل ادب ڪنهن به ريت هتان جي ادب کان
گهٽ ناهي، پر ڪجهه معاملن ۾ ته هتان جي ادب کي مات ڏيندي ملندو.
لغت ۾
ساهت جون ته ٻيون به ڪيتريون ئي معنائون آيل آهن، جيڪڏهن ساهت جي ’هه ۽ ت‘ کي
زيرون ڏئي پڙهبو ته معنى ٿيندي، خاموشي، چپ، رهائش، اڪيلائي، جماعت ۽ سڀا سنگت.
جڏهن ته
ساهت جي ’هه‘ کي زبر ڏئي پڙهڻ کانپوءِ معنى بيهي ٿي. ادب، علم، لٽريچر، ڪتاب
وغيره.
جيڪڏهن
اسان معنائن ۾ ڦاسنداسين ته پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن به علائقي جي پنهنجي معنى
ڪري سگهون ٿا، جيڪو ڪنهن به صورت ٺيڪ ناهي.
سنڌ جي
تاريخ ۾ اهڙا ڪافي مثال ملن ٿا، جنهن ۾ ٻين علائقن کي انهن ۾ رهندڙ قبيلن جي نسبت
سان سڏيو ويو آهي، جيئن چانڊڪا پرڳڻو، جنهن جو نالو، اتي رهندڙ اڪثريتي ذات چانڊين
جي ڪري مشهور آهي.
لوهاڻي پرڳڻي
جو مثال به ساڳيو ئي آهي، جتي لوهاڻي قبيلي جا ماڻهو آباد هئا، جيڪڏهن بکر پرڳڻي
جي تاريخ جاچبي ته به نتيجو ساڳيو بيهندو.
يا سنڌ جي
ڪيترن ئي واهن ۽ پاڻيءَ جي شاخن جا نالا به ان علائقي جي زميندارن جي نسبت سان
رکيا ويا آهن، جهڙوڪ: فاطمہ شاخ- نصرت واهه- جمڙائو واهه- وغيره.
ان زماني
۾ ساهتي نالي به هڪ واهه هو، جنهن جو پاڻي راڻيپور ۽ درازن جي آس پاس ۾ سهتن جي
زمينن کي آباد ڪندو هو، ساهتي واهه تي اهو نالو علائقي ۾ سهتن جي اڪثريت ۽
زمينداريءَ سبب پيو هو.
هڪ ڀيرو ٻيهر
ان ڳالهه تي زور ڏجي ٿو ته: ساهتي پرڳڻي جو نالو به سهتن جي ڪري مشهور ٿيو، جنهن
لاءِ تاريخي طور ڪجهه شهادتون پيش ڪجن ٿيون، جيڪڏهن ڪنهن کي انهن ثبوتن سان اختلاف
آهن ته هو لکت ۾ جواب ڏئي سگهي ٿو.
۱. ساهتي پرڳڻي
۽ سهتن بابت چچ نامي ۾ ڇا آيل آهي، ان جو ذڪر پهريائين ٿي ويو آهي، جنهن کي ورجائڻ
جي ضرورت محسوس نه ٿي ٿئي.
۲. لوڪ رام ڏوڏيجا،
پنهنجي تاريخي ڪتابن ۾ ساهتي پرڳڻي کي ڪجهه هن ريت لکيو آهي ته: جڏهن جوڌپور رياست
جي تخت تاج لاءِ ٻن راجڪمارن جو ٽڪراءُ ٿي پيو ته انهن مان هڪ نالي موڙا سنگهه تخت
تان هٿ کڻي سنڌ جي هن ڀاڱي تي قبضو ڪيو، اهڙي طرح سندس پراڪرمي پٽ سهتا سنگهه سنڌ
جي وچ وارو پرڳڻو هٿ ڪيو، تڏهن کان ان جو نالو ساهتي پرڳڻو سڏجي ٿو.
۳. سيد مدد علي
شاه لڪياري لکيو آهي ته: ساهتي پرڳڻي ۾ سهتا قبيلو قديم زماني کان وٺي آباد هو.
اهي اسلامي دؤر کان اڳ هندو ڌرم جا مڃيندڙ هئا، سهتا جنهن علائقي ۾ آباد هئا، ان
کي ساهتي پرڳڻو سڏيو ويندو آهي.
۴. پروفيسر ڊاڪٽر
محمد لائق زرداريءَ پنهنجي تاريخي ڪتاب ’تاريخ ضلعو نوابشاه‘ ۾ لکيو آهي ته: چچ
نامي جي حڪمرانن جي دؤر ۾ سهتا سنڌ ۾ زور هئا. سهتا، ساهتي پرڳڻي جا سردار ۽
مهندار رهيا آهن، جنهن جي ڪري هن علائقي کي ساهتي چيو وڃي ٿو.
مٿي بيان ڪيل ڪجهه ثبوتن آڌار، جن ۾ نامور محققن جا بيان شامل آهن، چئي سگهجي ٿو يا اها ڳالهه ظاهر ٿي آهي ته ساهتي پرڳڻي تي اهو نالو سهتن جي ڪري پيو آهي.

Comments
Post a Comment