Skip to main content

ٺٽ ھوتچند

ٺٽ ھوتچند

سنڌ جو قديم ۽ شاندار شهر

جاگرافيائي ھنڌ

ٺٽ سولنگي (پراڻو نالو، ٺٺ ھوتچند)، تعلقو ڀريا ضلعو نوشھرو فيروز ۾ مرڪزي سنڌ جو ھڪ قديمي ڳوٺ آھي. ٺٺ ھوتچند جي نالي سان ريلوي اسٽيشن بہ آھي. ھن ڳوٺ جي ٻڌجڻ جي تاريخ ١٨ صديءَ آھي.[1]

ٺاروشاھ ۽ ٺٽ سولنگي وچ ۾ مفاصلو ٩ ڪلومٽر آھي.[2]


تاريخي پس منظر

ٺٽ ڪنهن واھ يا درياء جي ڪپ واري ننڍڙي مياڻ، جتي مهاڻن جا ٿورڙا گهر آباد هوندا آھن ۽ اتي هو مڇي ماريندا ۽ وڪرو ڪندا آھن۔ ان هنڌ تي پتڻ به هوندو آھي، اھڙي ماڳ کي ٺٽ سڏبو آھي. سنڌ ۾ ڪيترائي ڳوٺ ٺٽ جي نالي سان سڏبا آھن جهڙوڪ ٺٽ ولي محمد، ٺٽ مالهڻو، ٺٽ ڳوراهو، ٺٽ ڀوڄراڄ ۽ ٺٽ ھوتچند وغيره نمايان آھن۔ ٺٽ کان وڏي ٺٽي ٿيندي آھي. درياء جي ڪناري تي هئڻ ڪري سمجھ ۾ اچي ٿو ته هي شھر بار بار آباد ٿيندو ۽ ڦٽندو پئي آيو آھي۔ مشھور اديب عمرالدين بيدار صاحب پنهنجي تاريخي ناول ”ٺاروشاھ جنڪشن“ ۾ ھن ڳوٺ بابت ذڪر ڪيو آھي۔ جنهن ۾ ھن ڳوٺ کي موهن جي دڙي جي طرز تي ٺھيل شھرن مان هڪ قرار ڏنو آ۔ ڀائنجي ٿو ته ان دور ۾ سنڌو درياء جا رخ مٽجڻ جي ڪري هي شھر ڪڏهن آباد ٿيو آ ته وري درياء جي چاڙھ ڪري هتان جا ماڻھو ڪو ٻيو شھر آباد ڪرڻ تي مجبور ٿيا هوندا۔ هن شھر کان تقريبن چار ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هڪ تاريخي ڦٽل شھر نالي ”ڀرائيء جا دڙا“ جا آثار هڪ وشال ايراضي تي مشتمل مليا آھن۔ جن جي صحيح محني`۾ کوٽائي ڪرڻ کان پوء ھن شھر بابت به هڪ وڏي معلومات پلئه پوندي۔

پراڻي نوابشاھ ضلعي مان جڏهن درياھ رخ مٽايو تڏهن تعلقي نوشھري(هاڻوڪي ضلعي) ۾ ٺٽ نالي سان ٽي وسنديون آباد هيون۔ ٺٽ ھوتچند، ٺٽ دليپوٽا ۽ ٺٽ ڳوراهو۔ ٺٽ هوتچند ۽ ٺٽ دليپوٽا جا هندو”بهراڻا“ کڻي درياھ تي ايندا هئا۔ هندوستان جي نوجوان سنڌي شاعر لتا ٽھلاڻيء جا وڏا ٺٽ ھوتچند جا هئا۔

پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ غلام حيدر مهجور ڳوٺاڻن جي مڪمل صلاح سان هن ڳوٺ جو نالو ٺٺ ھوتچند منجھان مٽائي ٺٽ سولنگي رکيو ۽ هن ڳوٺ کي قانوني طور تي رجسٽرڊ ڪرايو۔ تقريبن ٢ هزار ماڻھن تي مشتمل هن ڳوٺ جي پکيڙ ٢٧ ايڪڙ آھي[حوالو گھربل]

ھوتچند جنھن جي نالي سان ٺٺ هوتچند ڳوٺ آھي، اھو انڊين نيشنل ڪانگريس جو سرگرم رڪن ۽ سنڌي لوڪ سڀا (سنڌ اسمبليءَ) جو ميمبر پڻ ھيو۔

١٩٢٢ع ۾ جڏهن مهاتما گانڌي ٺاروشاه شھر واري هري پور اسٽيشن تي ترسيو ته سندس استقبال ڪرڻ وارو هوتچند هيو.[3]

پاڪستان ٺھڻ وقت هن شھر تي هڪ وڏو ڌاڙو لڳو۔ ۽ سڄو شھر آسپاس جي ڦورو مسلمانن تباه ڪري ڇڏيو۔ ريلوي اسٽيشن جو پڻ نالو پڻ تبديل ڪري دليپوٽا ريلوي اسٽيشن رکيو ويو. 

تباه ٿيڻ کان پوء ٢٧ ستاويهن ايڪڙن تي مشتمل هن ڳوٺ تي آسپاس جي زميندارن وچ تي هڪ وڏي طاقت جي ڇڪتاڻ شروع ٿي۔ جنهن ھڪ زميندار جي موت تي دنگ ڪيو.

ٺٺ ھوتچند ڳوٺ جا معروف ماڻھو 

سڀئي ٺٽائي ڏاڏي ڏاتر ڏني ماڇيء کي پنهنجو ڏاڏو تسليم ڪندا آھن۔ ڇاڪاڻ ته اصولي طور تي ٺٽ جي زمين تي پهريون پير رکڻ وارو سولنگي اهو ئي ڏاڏو ڏاتر ڏنو هيو۔ جيڪو انگريزن جي دور جو مشھور باغي ۽ بهادر انسان هو، جنهن ڪيترن ڏهاڪن تائين انگريز سرڪار جون ننڊون حرام ڪري رکيون ھيون۔

هوتچند جيئن ته ان وقت جو امير ترين زميندار هو تنهنڪري کيس آسپاس جي مسلمانن جون ڌمڪيون اينديون رهنديون هيون ڇاڪاڻ ته علھدگيء جي تحريڪ زور وٺي رهي هئي ۽ انگريز سرڪار پنهنجا ٽپڙ هند سنڌ مان ويڙھي رهي هئي۔ ان ڪري پنهنجي حفاظت لاء ھوتچند ڏاڏي ڏاتر ڏني کي ڳولي لڌو، جنهن جي بهادريء جي هاڪ هن جي ڪنن تائين پهتي هوندي۔

مشھور ڏور بيت جو ماهر سگهڙ، هڏن جوڙڻ جو ماهر ٻاڌو ۽ پيري غلام محمد سولنگي هن ڳوٺ جو هيو۔ جنهن حيدرآباد جي نارا جيل ۾ انگريزن جي دور جي پنجاب جي مشھور ڌاڙيل چراغ باليء کي پٽيون پڙھايون۔

مشھور سوشلسٽ صحافي، دانشور ۽ سماجي خدمتگار سائين محمد خان سولنگي به هن ڳوٺ سان تعلق رکي ٿو، جنهن ضياء جي آمريت واري دور ۾ ڪامريڊ نذير عباسي، فاضل راهو ۽ ٻين ڪميونسٽ ساٿين سان ٽارچر سيلن جون سختيون سٺيون پر پنهنجي لڪش تان نه ڀٽڪيو۔

پيپلز پارٽي جو اڳوڻو کاهوڙي ۽ ڪامريڊ ۽ سنڌ پنجاب جو مشھور فروٽن جو واپاري مسڪينن جو هڏ ڏوکي سيٺ دادن سولنگي به هن ڳوٺ ڄائو هو۔ جنهن جي باري ۾ اڃا تائين به ماڻھو چوندا آھن ته دادن ڪير سڏائي۔

مشهور گيت منهن ڇپرن لوڙھن ۽ گهر گهر ۾ گوليون ۽ سچ وڏو ڏوهاري آھي سلسلي جو خالق صحافي، شاعر، دانشور ۽ تجزيي نگار منظور سولنگي به هن ڳوٺ سان تعلق رکي ٿو۔

اطلاعات کاتي جو اڳوڻو ڊائريڪٽر، صحافي ۽ سگهڙ ۽ لاڙ جي لال جو لقب ماڻيندڙ درمحمد ڪمال پڻ ھن ڳوٺ سان تعلق رکندڙ هو۔

تاريخدان، شاعر، صحافي، سنگيتڪار، رٽايرڊ استاد ۽ اڳوڻو سياستدان سولنگي قوم لاءِ پيغمبرن جيهي مڃتا رکندڙ ۽ سولنگين جو اتهاسڪ ونس مالا ڪتاب نالي ”تاريخ راجپوت سولنگي (سولنڪي) هند سنڌ ۾ سندن هڪ هزار ساله حڪمراني“ جو مصنف غلام حيدر مهجور سولنگي به هن ڳوٺ سان تعلق رکي ٿو۔ جيئن ڪارل مارڪس مزدورن جو امام آ، تيئن غلام حيدر مهجور سولنگيءَ کي سولنگي قوم جو مارڪس چئي سگهجي ٿو۔

جڳ مشهور سنڌي راڳي ماسٽر چندر جي وڏي ڀيڻ جو گهر پڻ ھن ڳوٺ ۾ هيو، مقامي ماڻھن موجب ماسٽر چندر جو ٻالڪپڻ به هن ئي ڳوٺ ۾ رانديون رهائيندي گذريو۔ بعد ۾ هو پنهنجي ماء پيء سا گڏ ٺاروشاھ لڏي ويو۔

مشھور سنڌي اديب گوبند مالهيءَ جو ڳانڍاپو پڻ ھن ڳوٺ سان هيو ڇاڪاڻ ته سندس رشتيدار هن ڳوٺ ۾ رهيا ٿي.

هندوستان جي نوجوان شاعر لتا ٽھلاڻيء جا وڏا ٺٽ ھوتچند جا رهاڪو هئا۔

حوالا 

ڪتاب  ”منهنجي ٺٽ منهنجو ٺٺ“ ليکڪ گلبهار پپن سولنگي

ڪتاب ”ٺاروشاھ ٩ ڪلوميٽر“ ليکڪ پروفيسر علي رضا قاضي

ڪتاب، ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“


(نيٽ تان کنيل)

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]