Skip to main content

ڳيريلو - ڳيريڙو - عبدالحسين موسوي

ڳيريلو

(ڳيريڙو)

عبدالحسين موسوي



پرڳڻي چانڊوڪي جو آڳاٽو ۽ تاريخي ڳوٺ آهي. بيگ محمد ”تواريخ حڪام و متصديان“ (تصنيف: ١١٠٤ھ) ۾ ميان نصير محمد سان لاڳاپيل واقعن ۾ هن ڳوٺ کي ”ڳيريڙو“ لکي ٿو (۱) جڏهن تہ مذڪور سن کان ستھتر (۷۷) سال پوء مير علي شير 'قانع' - ”تحفت الڪرام“ (تصنيف: ١١٨١ھ) ۾ ”ڳيريلو“ لکي ٿو.(۲)

اي ڊبليو هيوز - ”سنڌ گزيٽيئر“ (تاليف: ۱۸۷۶ع) ۾ ڳيريلي جو احوال هيٺين ريت اوري ٿو:


لاڙڪاڻي ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ جي تعلقي لب دريا ۾ ننڍڙو سرڪاري ڳوٺ آهي، جيڪو لاڙڪاڻي کان ڏکڻ - اوڀر ۾ اٽڪل ڏھ ميل پري آهي. انھي ڳوٺ جو روڊ ذريعي ڪنھن بہ شھر سان سڌو رابطو نہ آهي، پر اهو لاڙڪاڻي ۽ ميھڙ مک روڊ کان اٽڪل هڪ ميل جي مفاصلي تي واقع آهي. آدمشماري جو تعداد ۹۰۴ آهي، جنھن ۾ ۵۵۴ مسلمانن ۾ گھڻا چنجڻي، ماڇي ۽ کوکر قبيلا شامل آهن، جيڪي اڪثر زراعت سان واڳيل آهن. ۳۵۰ هندو آبادي ۾ اڪثر ماڻھو اناج جي واپار ۾ رڌل آهن. هن ڳوٺ ۾ ڪنھن بہ اهميت جي ڪا دستڪاري نہ ٿي ٿئي. هتي هڪڙو ننڍڙو پوليس ٿاڻو آهي.“ (۳)

دراصل هتان جا آڳاٽا رهواسي ابڙا آهن.

۱۸۷۶ع ۾ ڄاڻايل رهواسين کان علاوه هيٺيان پڻ رهائش پذير آهين:

سيد، ماڇي، ڪلھوڙا، ڀٽي، سومرا، شيخ، ڪوري، ميمڻ، منگي، ڌوڪي، ڄاڃاڻي، لوهر، ڪنڀر، قريشي، ميئو، ميراثي، ککراڻي، قاصائي، انصاري، مڱڻھار، جتوئي، پنهيار، چنا، بروهي، بليدي، جاگيراڻي، گڊرا ۽ جلباڻي(۴).

ويجھي دور جي انتظامي بيھڪ مطابق:

سرڪل ڳيريلو: ڳيريلو، ايڊيشنل ڳيريلو، پڪو سنديلو، شيخ فوجو، ڀنگئي ڪلھوڙا

تپو ڳيريلو: ماٽو، دڙو، دودائڪو.(۵)

تاريخي احوال

بيگ محمد مطابق: ١٠٧٨ھ / ۱۶۶۷ع ۾ سرڪار بکر جو فوجدار - مصطفي خان مير احمد ۽ مرزا خان ولد بختيار خان ملڪ جيوند جڏهن ميان نصير محمد تي لشڪر ڪشي ڪندي پرڳڻي چانڊوڪي طرف وڌيا تڏهن ميان نصير پنھنجي ڪٽنب ۽ لشڪر سميت پنھنجي رهائش گاھ ”مرتضي پور“ مان نڪري ڀر واري ٻيلي جيڪو ”ڳيريڙي“ سان متصل هو، ۾ وڃي ويٺو:

در سنہ ١٠٧٨ھ ۔۔۔۔۔۔۔ مصطفی خان بحکومت و حراست بھکر آمدہ۔ ۔۔۔۔۔۔۔ و مرزا پسر بختیار خان عرف ملک جیوند با لشکر آراستہ ۔۔۔۔۔۔۔ بارادہ استیصال نصیر زمیندار بہ چاندوکہ شتافت، نصیر این معنی را مطلع گشتہ با اہل و عیال و لشکر خود از مرتضی پور محل مسکنہ خود ۔۔۔۔۔۔ برآمدہ درمیان جنگل متصل موضع کیریرہ نشست.“ (۶)

قانع مطابق: مير پنھوار جي شھر فتحپور کي سرائين جي قبضي مان ڇڏائڻ لاء جڏهن مقامي انتظاميا ناڪام ٿي تڏهن مرڪز مان امير شيخ جھان کي موڪليو ويو، جنھن فقيرن تي حملو ڪيو. فيروز ويراڙ مذڪور لشڪر تي ”ڳيريلي“ وٽ راتاهو هڻي لشڪر کي پريشان ڪيو. (۷) ابڙا قبيلي جي هڪ اهم شخصيت، دريا خان ابڙو، جنھن لاء روايت آهي ڳيريلي وٽ فيروز ويراڙ جي هنيل راتاهي ۾ مارجي ويو هو، ان جو مقبرو بہ ڳيريلي ڀرسان اوڀر ۾ آهي.(۸)

حوالا

(۱) بيگ محمد: ”تواريخ حڪام و متصديان“، قلمي - فارسي، ص ۱۲۱

(۲) قانع مير علي شير: ”تحفت الڪرام“، ڇاپو ۲۰۰۴ع، ص ۲۳۰

(۳) اي ڊبليو هيوز: ”سنڌ گزيٽيئر“، ص ۱۸۱

(۴) بروايت محترم صفدر حسين چنو

(۵) ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر: ”لاڙڪاڻو - ماضي ۽ حال“، مرتب بدر ڌامراهو، ۴۴- ۴۳

(۶) بيگ محمد: ”تواريخ حڪام و متصديان“، قلمي - فارسي، ص ۲۲-۱۲۱

(۷) قانع مير علي شير: ”تحفت الڪرام“، ڇاپو ۲۰۰۴ع، ص ۲۳۰

(۸) مھدي شاھ: ”ابڙو وڏ وڙو“، ص ۲۸۵

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

جوڻاڻي

جوڻاڻي جَناني Junani - هڪ قديم وساريل شهر تحقيق ۽ تعارف: ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جوڻاڻيءَ جو قديم تاريخي شهر، سنڌ صوبي جي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي وارهه ۾ هڪ قديم ۽ سهڻو شهر ٿي گذريو آهي. هيءُ شهر سنڌونديءَ جي اوڀر ڪناري تي آباد ۽ وڻندڙ هيو. هن وقت موجوده وهڪري کان گهڻو اولهه طرف واقع آهي. ”هن درياهه جو بنياد سنڌودرياهه جا وهڪرا آهن، جيڪي اولهه کان اوڀر طرف پيٽ مٽائيندا رهيا آهن. جڏهن ”جهڪر جو دڙو“ ۽ ”لوهم جو دڙو“ آباد هئا. تڏهن درياهه انهن جي اولهه طرف وهندو هئو. هن زماني ۾ اهي دڙا خود درياهه جي اولهه ۾ آهن ۽ اها جاءِ وقوع جي تبديلي هنن دڙن جي تباهيءَ جو واضح سبب آهي.“ (صديقي- ۵۱ - ۱۹۹۶ ع) سنڌودرياهه جي وهڪرن بابت هڪ الڳ مضمون ۾ بيان ڪيو آهي، هتي اهڙي ذڪر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. مٿئين احوال جي آڌار تي چئي ٿو سگهجي ته سنڌو درياهه پنهنجا پاسا مٽائيندو رهيو آهي. جنهن جي ڪري ڪي شهر ڦِٽندا ويا ته ڪن جو وري نئون بنياد پيو. اهڙن شهرن جي اُسرڻ ۽ برباد ٿيڻ جو سنڌودرياهه ئي جوابدار آهي. ”سنڌ جون بستيون پراچين دور کان وٺي سنڌونديءَ جي سهاري آباد پَئي ٿيون آهن. ۽ انهي موجي درياهه جي ر...