مومل جي ماڙي
عنايت کٽياڻ
گذريل سال نومبر جي
مهيني ۾ سکر جي تاريخي ماڳن کي ڏسڻ لاءِ ويس ۽ هڪ ڏينهن مانواري دوست آغا نبيءَ
سان مومل جي ماڙي (ماٿيلو) روانا ٿياسين، سکر کان نيشنل هاءِ وي رستي روهڙي کان
گهوٽڪي پهتاسين ۽ گهوٽڪي شهر مان گذري ماٿيلو ويندڙ رستي سان تقريبن ۱۲ ڪلوميٽر سفر ڪري ماٿيلو پهتاسين، ماٿيلو هڪ ڳوٺ يا ننڍڙو شهر چئي سگهجي ٿو،
جتي مک رستي تي ڪافي دوڪان آهن جن کان سواءِ هڪ بازار به آهي، جنهن مان گذري پڇائيندي
وڃي مومل جي ماڙيءَ (نند ڪوٽ) تي پهتاسين، ڪوٽ کان پهرين ئي “مومل جي ماڙي” نالي هڪ
ننڍو ليڪن خوبصورت ميوزم به ٺهيل آهي جيڪو عام طور تي بند رهي ٿو، سرڪاري طور ڪو
به ملازم مقرر ٿيل نه آهي، ميوزم جي سنڀال پاڙي ۾ رهندڙ ڪري رهيا آهن ۽ ميوزم جي
تالي جي چاٻي به انهن وٽ رهي ٿي، چاٻي وارو ماڻهو موجود نه هئو جنهن کي فون ڪري
گهرايو ويو جيستائين هو اچي اسين هڪ ٻئي پاڙيسريءَ جنهن کي ڪورٽ ۽ ماڙيءَ بابت ڪافي
معلومات هئي ان کي ساڻ ڪري ڪوٽ تي وياسين، ڪوٽ مٿاهين دڙي تي آهي جنهن جي اڳيئين
ديوار ۽ مورچا ۽ هڪ پاسي واري ديوار جو ڪجهه حصو زبون حالت ۾ موجود آهن، مک دروازي
کان مٿي چڙهڻ لاءِ هڪ ڊگهي ڏاڪڻ آهي جنهن تان چڙهي اسين ڪوٽ جي اندر پهتاسين ڪوٽ
جو وڏو حصو ڊهي پٽ ٿي ويو آهي جنهن جي زمين تي قبضا ڪري گهر ٺاهيا ويا آهن ۽ هڪ ڪنڊ
تي سرڪاري اسپتال پڻ ٺهيل آهي باقي بچيل حصي کي بچائڻ لاءِ ثقافت کاتي پاران لوهي
کاردار تارن جو لوڙهو لڳايو ويو آهي جنهن ڪري هي اڳيون حصو محفوظ ٿي سگهيو آهي مک
درواي جي سامهون ڪوٽ اندر ثقافت کاتي پاران ڪجهه سال اڳ کوٽائي ڪرائي وئي هئي جنهن
هنڌ مومل جي ماڙيءَ جا بنياد ظاهر ٿيا آهن کوٽائيءَ مان پڪيون سرون ۽ انهن جو ٺڪراٺو
نڪتل آهي جنهن مان هڪ پڪي سر موجود هئي جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي، جنهن کان پوءِ
اسين ڪوٽ جي پوئين پاسي کان ڦري اچي ميوزم تي پهتاسين.
هي قلعو سنڌ جي
راءِ گهراڻي جي حڪومت ۾ ٺهرايو ويو هئو، اڳوڻي دور ۾ هن طرف اروڙ (جيڪو سنڌ جي
گاديءَ جو هنڌ هئو) کان ملتان (سنڌ جي هڪ صوبي جي گاديءَ وارو شهر) ويندڙ شاهي
رستي تي هي هڪ وڏو ۽ مضبوط قلعو هئو، جنهن ۾ هميشه وڏي تعداد ۾ سوار ۽ پيدل فوج
رهيل هوندي هئي جيڪا ٻاهرين حملي آوورن کي اروڙ تي ٿيندڙ حملي کان پهريان ئي رستا
روڪ ڪندي هئي ۽ امن جي ڏينهن ۾ واپارين ۽ مسافرن جي حفاظت ڪندي هئي. هي قلعو سنڌ
تي سومرن جي حڪومت جي آخري دور دوران ماٿيلو آزاد رياست جي حيثيت ۾ راجا نند (گجر)
جي گاديءَ جو هنڌ هئو، هيءَ رياست سنڌ جي درياهه کان ٻي پاي موجوده گهوٽڪي ضلعي
مان بدين ۽ راجستان تائين ڦهليل هئي.
۽ اروڙ به هن
رياست جو حصو هئو. راجا نند کي ۹ ڌيئرون هيون جن ۾ ٻيو نمبر ڌيء جو نالو مومل
هئو جيڪا سڀن ڀينرن کان سياڻي ۽ خوبصورت هئي ۽ راجا نند جي حڪومتي وهنوار ۾ صلاحڪار
۽ مددگار به هئي ۽ هن راڻي سان عشق جي ڪري تمام گهٽي مشهوري ماڻي جنهن ڪري راجه
نند جو هي ڪوٽ جيڪو رياست جي گاديءَ جو هنڌ سندس گهراڻي جي مستقل رهائش هئو ۽ ظاهر
آهي ته سندس سڀئي ڌيئر هتي ڄايون هونديون ۽ هتي ئي وڏيون ٿيون هونديون ۽ ٻيو نند ڪوٽ
جيڪو موجوده بدين ضلعي جي شهر جاتيءَ کان ۹ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي آهي جتي راجا نند گرمين
جا ڏينهن گذاريندو هئو ڇو ته اتر سنڌ جي علائقي ۾ سخت گرمي ٿئي ٿي ۽ لاڙ ۾ سمنڊ جي
ڪري آبهوا گهٽ گرم ۽ سرد رهي ٿي انڪري راجا نند گرميون هتي لاڙ ۾ گذاريندو هئو،
مومل راڻي جي عشق ڪري هي ٻئي نند ڪوٽ مومل جي ماڙي سڏجڻ لڳا، هنن ٻن ڪوٽن کانسواء
مومل پاڻ به (ان وقت ۾ راجستان به سنڌ جو حصو هئو جيڪو هن وقت هندستان ۾ آھي)
راجستان ۾ ڪاڪ نديء ڪناري هڪ طلسماتي ڪاريگريءَ سان محل جوڙايو هو جتي ويهي اعلان ڪرايائين
ته جيڪو به راجا راڻو يا شاهوڪار هن ڪاڪ محل جي طلسم کي پار ڪري اچي مون تائين
پهچندو ته ان سان شادي ڪندس ۽ نه پهتو ته سندس سڀ دولت منهنجي ٿي ويندي اهڙي اعلان
ڪري ڪيئي شاهوڪار مري ويا ۽ لٽيجي ويا پر راڻي سڀ طلسم پار ڪري وڃي مومول ماڻي
جنهن ڪري ڪاڪ محل به مومل جو ماڳ آهي ۽ جڏنهن راڻي کي همير سومري قيد ڪري ڇڏيو ۽
مومل سندس تلاش ۾ آمرڪوٽ ٻاهران اچي راڻي کي ريجهائڻ لاءِ ماڙي جوڙائي اتي رهي ۽ نيٺ
راڻي جي واپس نه ورڻ ڪري باهه جي مچ ۾ پاڻ ساڙي پنهنجو انت آندائين ته هي ماڳ به
مومل جي ماڙي سڏجي ٿو مطلب ته راجا نند جي ڪوٽن ۽ ماڙين جي مشهوري مومل جي نالي
سان مشهور ٿي وئي.
ماٿيلي وارو نند ڪوٽ
(مومل جي ماڙي) راء گهراڻي جي دور حڪومت ۾ ٺهيو جيئن ته راءِ سهاسي ٻئي پنهنجي حڪومت
دوران مختلف ڇهن علائقن ۾ قلعا جوڙائڻ تي ڍل جي معافي جو اعلان ڪيو جنهن ڪري ماٿيلي
۾ آمر راجپوت هي قلعو جوڙايو هئو راءِ گهراڻي جو دور ۴۵۰ع کان ۶۳۲ع تائين رهيو هن گهراڻي جا پنج رجا رهيا
جنهن کان پوءِ برهمڻ دور شروع ٿيو جيڪو پڻ سنڌ تي امن ۽ ترقيءَ وارو دور رهيو،
راجا ڏاهر جي دور ۾ محمد بن قاسم سنڌ فتح ڪئي ۽ اروڙ جي فتح کان پوءِ جڏهن اچ ۽
ملتان کي فتح ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو ته شاهي رستي تي هن کي نند ڪوٽ مان سخت مزاحمت ٿي
جنهن ڪري کيس خندقوون کوٽائي ڇاوڻي هڻي هتي رهڻو پيو، نند ڪوٽ تي منجنيڪن سان حملو
ڪري فتح حاصل ڪيائين ۽ سندس سپاهه جو هتي وڏو قبرستان به آھي، جنهن کان پوء وري
سومرا دور جي مشهور جنگ جيڪا چنسير جي چرچ تي ٿي ۽ هندستان جي بادشاهه علاوه الدين
خلجي جي فوج جيڪا سلار خان جي سرداري ۾ سنڌ تي ڪاهي آئي ، اها جنگ به ماٿيلي جي ميدان
تي لڳي جيڪو هن نند ڪوٽ کان ۱۰ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي آهي، جنهن کان پوءِ
سمن جي دور ۾ به هي قلعو پنهنجي شان شوڪت سان قائم رهيو، پوء ارغونن جي دور ۾ شاھ
حسن ارغون هن قلعي کي بغاوت جي خدشي کان ٽوڙايو ۽ مغلن به هن ڪوٽ تي حملو جن کي پڻ
مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو هو ، ٽالپر دور کان پوءِ انگريزن جي دور اچڻ ڪري مير شير
محمد ٽالپر هن قلعي ۾ رهيل انگريزن جي فوج تي حملو ڪيو هئو، ۽ بعد ۾ انگريزن ريلوي
لائن وڇائڻ لاءِ هن قلعي جي ڀتين ۽ مورچن جي جي پڪين سرن کي روڙي ۽ ڪنڪريٽ طور
استعمال ڪيو جنهن کان پوءِ هي تاريخي قلعو برباد ٿي ويو ۽ لاوارث رهڻ ڪري هتي قبضا
ٿي ويا.
ميوزيم ۾ ٽي وڏا
حال ٺهيل آھن جن مان هڪ حال ۾ ڪوٽ مان مختلف وقتن تي نڪرندڙ ٿانون جا ٽڪڙا ۽ سڪا
رکيل هن جو ٻيو حال آفيس طور استعمال ۾ آهي ۽ ٽيون به ادبي گڏجاڻين لاءِ مخصوص
آهي، هن ڪوٽ جي سائنسي تحقيق ٿيڻ گهرجي هتي صدين جي تاريخ دفن آهي ۽ صدين تائين سنڌ
جو مضبوط دفائي قلعو رهيو آھي انڪري هن ڪوٽ کي اصل حالت ۾ بحال ڪرڻ گهرجي.
مددي ڪتاب ۔
۱۔ سنڌ جاڪوٽ ۽ قلعا
۲۔ جنت السنڌ
۳۔ مقالو ۔ رئوف پارس دايو
(روزاني ايڪتا ۲۱ نومبر ۲۰۱۹ع)
مومل جي ماڙي
سنڌ جو تاريخي ماڳ
لجپت راءِ
مومل جي ماڙيءَ
بابت تاريخ ۾ مختلف حوالا ملن ٿا، مومل جي نالي سان سنڌ ۾ امرڪوٽ ۽ ميرپورماٿيلي ۾
ماڙيون هجڻ جو ذڪر ملي ٿو، جڏهن ته هندستان جي صوبي راجستان جي تاريخي شهر جيسلمير
ڀرسان لڊاڻي ۾ ڪاڪ نديءَ جي ڪنڌيءَ تي به مومل جي ماڙي جو ذڪر ملي ٿو. ان حساب سان
سنڌ ۽ هند ۾ مومل جي نالي سان ٽن ماڙين جو ذڪر ملي ٿو.
سنڌ ۽ هند جي
راجستاني ڀاڱي ۾ “مومل راڻو” جو لوڪ داستان تمام گهڻو مشهور آهي. مومل راڻي جو قصو
امرڪوٽ تي راڄ ڪندڙ سومرا دور جي آخري حاڪم همير سومري جي دور جو آهي، تاريخ ۾
همير سومري جو دور ۱۴۰۰ع کان ۱۴۳۹ع ٻڌايو ويو آهي، تاريخ ۾ سومرا خاندان جي حڪمراني جو دور ۱۰۱۰ع کان ۱۳۵۱ع ۽ هڪ هزار عيسوي کان ۱۳۵۲ع ٻڌايو ويو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سومرن
جي آخري حڪمران همير سومري جو دور ۱۳۵۲ع کان ۱۳۶۵ ع ڄاڻايو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ موجب همير سومرو ۱۳۶۵ع ۾ ڄام هالي جي پٽن هٿان مارجي ويو. ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ جو اهو تاريخي رايو پڪ نه پر شڪي آهي. ڪتاب ڪڇ جو رڻ جو ليکڪ محمد
سومار شيخ صفحي نمبر ۱۱۴ تي لکي ٿو ته “ڄام هالي جي ڌيءَ ٻاگهي همير سومري جي گهرواري هئي، ٻاگهي
جو ڀاءُ هوٿي همير جي ڀيڻ جيجڙي تي عاشق ٿيو ته ٻاگهي همير کان شهزاديءَ جيجڙي جو
سڱ گهريو، همير سڱ ته نه ڏنو پر مورڳو ٻاگهي کي به لڌي ڪڍي ڇڏيو، ان تي هوٿي، علي،
پلي، ڄام هالي جا پٽ همير تي هلان ڪري آيا، ان جنگ ۾ هوٿي مارجي ويو. ساڳئي ڪتاب
جي صفحي نمبر ۱۱۵ تي محمد سومار شيخ صاحب لکي ٿو ته “ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي چوڻ موجب ڄام
هالي سمي واري لڙائي ۾ همير سومرو مارجي ويو، ڊاڪٽر صاحب کي ان ڳالهه ۾ شڪ آهي پر
پڪ ناهي. تاريخ ريگستان ۾ راءِ چند راٺوڙ لکي ٿو ته همير سومري کان سن ۸۴۳ هه/ ۱۴۳۹ع ۾ همير سوڍي عمر ڪوٽ کسي ورتو.” راڻو جنهن
جو اصل نالو مينڌرو هو جيڪو ذات جو سوڍو هو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
صاحب ڪتاب مومل راڻو ۾ ننگرپارڪر جي سروپيي فقير سان ڪچهري جو حوالو ڏيندي لکي ٿو
ته “راڻو مينڌرو ڏرجن سل جي اولاد مان هو ۽ بادشاهه همير سومري جو خاص وزير پڻ هو.
تاريخي روايتن موجب سوڍا سنڌ ۾ مالوا ۽ اجين کان پهريان ٻاهڙمير لڳ “ڪيراڙو” ۾ اچي
آباد ٿيا، جتان “ڌارا وسي” سوڍي جي پٽ “درجن سل” اچي ڍاٽ ۽ عمرڪوٽ وسايو. ڍاٽي سوڍن
مان امرڪوٽ وارا سرتاڻ سوڍا به سڏائن ٿا” ناميارو محقق ۽ تاريخدان ڀيرو مل مهرچند
آڏواڻي پنهنجي ڪتاب سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ ۾ صفحي نمبر ۴۵ تي لکي ٿو ته “ راڻو رائديو جي جنهن سن ۱۲۲۶ع ۾ عمرڪوٽ جو شهر هٿ ڪيو، تنهن جون چار پيڙهيون
عمرڪوٽ ۾ رهيون، مگر پوءِ پنجين پيڙهي ۾ راڻو درجن سنگهه ۽ راڻو آسراءِ ٿيا، راڻو
درجن سنگهه وڏو پٽ هو سو عمرڪوٽ ۾ رهيو ۽ آسراءِ سنگهه ننگرپارڪر ڏي ويو،
”راڻا جاگير
جو موجوده راڻو همير سنگهه سوڍو به انهيءَ راڻي مينڌري جي خاندان سان تعلق رکي ٿو.
انهيءَ راڻا خاندان جو بهادر شخص راڻو رتن سنگهه ٿي گذريو آهي، ۱۸۴۳ع ۾ انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ انگريز
راڄ ۾ ٿرپارڪر ۾ به پنهنجا عملدار مقرر ڪيا، ان وقت عمرڪوٽ جي گادي نشين راڻي
مهاراج جو سئوٽ راڻو رتن سنگهه ولد انند سنگهه جنهن انگريزن سان حقن خاطر وڙهي پاڻ
ملهايو. سوڍن جي صاحبي يا راڻن جو راڄ ڪتاب جي صفحي نمبر ۳۸ تي لکيل آهي ته “راجا راءُ جو مربي پٽ سوڍو،
جنهن جي نالي پٺيان ٿر جا سوڍا راجپوت سڏجن ٿا، سوڍو دلير ۽ جنگي جوان هو. هو سنبت
۱۱۸۱ ۾ راجپوتن جو وڏو ڪٽڪ ساڻ ڪري سنڌ ۾ آيو ۽ پهريون ئي پهريون جيڪو شهر هن هٿ
ڪيو سو رتوڪوٽ هو، سوڍي جو پٽ ۽ پوٽو رتي ڪوٽ ۾ رهيا ۽ هتي اهي “راڻا” سڏجڻ لڳا،
کپري تعلقي جي اڇڙي ٿر واري علائقي ۾ اڄ به راڻائو ڳوٺ موجود آهي.” ان ئي سوڍا خاندان
جي راڻي مينڌري راجا نند جي ڌيءَ مومل کي ماڻيو ۽ مومل راڻي جو عشقيه داستان ڏيهان
ڏيهه مشهور ٿي ويو.
مومل ڪير هئي: ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ صاحب ڪتاب “مومل راڻو” ۾ لکي ٿو ته “مومل جي حسب نسب بابت جدا جدا
روايتون آهن، گهڻين روايتن ۾ ڄاڻايل آهي ته مومل راٺوڙ هئي ۽ ماٿيلي جي راجا نندجي
ڌيءَ هئي، سندس ماءُ جو نالو “گنگ راڻي” هو، تحفته الڪرام جي مصنف ۽ ڪن ٻين روايتن
موجب مومل گجر هئي، هڪ ٻي روايت موجب مومل راجا رتن جي ڌيءَ هئي ۽ سندس ماءُ جو
نالو سامان هو، رتن راٺوڙ ماٿيلي جو ٺڪر (جاگيردار) هو، هڪ روايت موجب مومل اصل ۾
پري زادي هئي جنهن جا کنڀ جهري ويا هئا ۽ راجانند کي شڪار ڪندي هٿ آئي هئي.”
راجا نند کي ست ڌيئرون
هيون، ڪي وري نون ڌيئرون به ڄاڻائين ٿا، (۱) مومل (۲) سومل (۳) سهج يا سهجان (۴) سوڍي (۵) سلميت (۶) صحت (۷) ساڏهان (۸) صالحان (۹) مرادي يا مردان، ليکڪ استاد لغاري پنهنجي ڪتاب موکي
متارا جي صفحي نمبر ۱۱۵ تي راجا نند جون هيٺيون ڌيئرون ڄاڻايون آهن. مومل، سومل، سوڍي، سورمي،
ميران، موکي ۽ چوکي. تاريخ ۾ آهي ته مومل جو پيءُ راجا نند جيسلمير ڀرسان لڊاڻي جو
راجا هو. ڪي تاريخدان لکن ٿا ته راجانند ماٿيلي جو حاڪم هو جنهن مٿانهين هنڌ تي
پنهنجي ڌيءَ مومل لاءِ ماڙي اڏائي هئي. لڊاڻو ميرپورماٿيلي کان اٽڪل ۵۰ ميل کن ڏکڻ اوڀر ۾ ٿيندو. لڊاڻو جيسلمير
کان ۵ کان ۶ ميل اتر ۾ موجود آهي. مومل جي ماڙي جا آثار لڊاڻي کان سڏ پنڌ تي ڪاڪ نئن
جي ڪنڌيءَ تي آهن. هتي هڪ پراڻوڪوٽ آهي، جنهن تي وڃڻ لاءِ ڦيري دار ڏاڪڻ آهي، مومل
جي ماڙي اندر هڪ کڏ آهي جنهن کي خوني کوهه چيو ويندو آهي. ڪاڪ نئن لڊاڻي جي هڪ ٽڪريءَ
جي چشمي مان نڪري ٿي، ڪاڪ ڪنڌيءَ تي پٿر جي هڪ ڊٺل جاءِ آهي جنهن کي ماڻهو مومل جي
ماڙي ڪري سڏين ٿا.
عمرڪوٽ جو بادشاهه
همير سومرو پنهنجي وزيرن راڻي مينڌري، ڏونئر ڀٽي ۽ سينهڙو ڌماچاڻي سان گڏ شڪار تي
نڪتو ته جهنگ ۾ کين هڪڙو نانگو فقير مليو جيڪو مومل جي عشق ۾ سڀ ڪجهه لٽائي آيو
هو. جنهن همير سومري کي مومل ۽ ڪاڪ جو ڏس ڏنو،تاريخ ۾ آهي ته اهو نانگو فقير اصل ۾
شهزادو هو ۽ مومل جي عشق ۾ سڀ ڪجهه لٽائي فقير بڻجي ويو. همير سومرو مومل جي حسن ۽
جمال جي هاڪ ٻڌي هرکجي ويو ۽ وزيرن سميت ڪرهو ڪاهي وڃي ڪاڪ ڀيڙو ٿيو، جتي مومل جو
طلسمي محل ٺهيل هو.
اصل ۾ راجانند
پنهنجي دولت سوئر جي ڏند جي ڪرامت وسيلي پاڻي ۾ لڪائي ڇڏي هئي، ان ڏند بابت هڪ
سامي فقير جنهن جو تاريخ ۾ نالو سامي سيتل راءُ ٻڌايو وڃي ٿو کي پتو پئجي ويو جيڪو
طلسم جو جادو به ڄاڻندو هو. ان فقير راجانند جي محل ۾ اچي صدا هنئي ته مون کي ڏند ڏنو
وڃي، راجانند جي ڌيءَ مومل فقير تي ترس کائي اهو ڏند ڏئي ڇڏيو ۽ فقير راجانند جو
پاڻي ۾ لڪايل سمورو خزانو کڻي ويو، راجانند جڏهن محل ۾ واپس آيو ۽ ڏند نه ڏسي ڪاوڙ
۾ تپي باهه ٿي ويو. مومل سڄي وارتا ڪري ٻڌائي، جنهن تي راجا ويتر باهوڙجي ويو.
راجانند کي ڪاوڙ ۾ ڏسي مومل جي ڀيڻ سومل چيو ته “بابا اوهان جو جيڪو به خزانو وڃائجي
ويو آهي ان جيترو آئون اوهان کي هٿ ڪري ڏينديس. مومل جي ڀيڻ سومل جيڪا طلسم جي
ماهر هئي جنهن ڪاڪ نئن تي طلسمي محل اڏايو ۽ سڄي ننگري ۾ پڙهو ڏياريائين ته جيڪو
مومل تائين پهچندو مومل ان سان پرڻائي ويندي. ڪيترائي شهزادا ۽حاڪم مومل کي ماڻڻ
جي چڪر ۾ پنهنجو ڌن ۽ دولت لٽائي ويٺا پر مومل کي صرف ۽ صرف راڻي مينڌري پنهنجي
عقل وسيلي ماڻيو، مومل به مينڌري جي دانائي ڏسي ان تي موهت ٿي وئي. طلسمي محل تي
مقرر ٻانهي ناتر وسيلي همير سومري نياپو موڪليو ته راڻي مينڌري کي چئو ته اسان سان
ملي وڃي. سو راڻو مينڌرو مومل کان موڪلائي واپس اچڻ جو چئي ٻاهر آيو ته همير سومري
چئوکنڀو ڪري اٺ تي چاڙهي اچي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ قيد ڪري ڇڏيس. مومل راڻي جي عشق ۾ ڳري
۽ پڄري وئي، هوڏانهن عمرڪوٽ جي بند ۾ باندي بڻيل راڻو مينڌرو به مومل لاءِ آتو هو.
شمع ٻاريندي شب،
پرهه باکون ڪڍيون،
موٽ مران ٿي مينڌرا،
راڻا ڪارڻ رب،
تنهنجي تات طلب، ڪانگ
اڏايم ڪاڪ جا (شاهه)
راڻي ڌاران راڄ ۾،
مون کي ڪو نه گهرجي مال
سوڍي کي سوال، ڪنديس
پنهنجي قرب جو (شاهه)
راڻي جي محبت ۽ هجر
۾ مومل ساڻي ٿي پئي هئي، پنهنجي محبوب جون سڪون لاهڻ لاءِ مومل پنهنجي ڀيڻ سومل کي
مرداڻا ڪپڙا پارائي پلنگ تي گڏ سمهاريندي هئي، هڪ ڏينهن راڻو مينڌرو وجهه وٺي رات
جو اٺ تي چڙهي اچي ڪاڪ پهتو، محل اندر ڇا ڏسي ته مومل هڪ ٻئي مرد سان گڏ ستي پئي هئي،
اهو لقاءُ ڏسي راڻي جي روح کي جهٻي آئي ۽ پنهنجو لڪڻ نشاني طور پلنگ ڀرسان رکي ساڳي
پيرين واپس عمرڪوٽ اچي ويو. صبح جو مومل جي اک کلي ته کيس تمام گهڻو پڇتاءُ ٿيو،
پر هاڻي ڇا ٿي ٿي سگهيو.
مومل راڻي مينڌري
کي ريجهائڻ لاءِ ڪاڪ محل ڇڏي اچي عمرڪوٽ پهتي ۽ اتي ماڙي اڏائي رهڻ لڳي. عمرڪوٽ ۾
مومل جيڪا ماڙي ٺهرائي اها اڄ به کنڊر جي صورت ۾ شهر کان اولهندي طرف ٻن ڪلوميٽرن
جي مفاصلي تي آهي. چون ٿا ته مومل راڻي سان ملڻ لاءِ مرداڻو ويس ڪري “ڍارو” کيڏندي
هئي، هڪ ڀيري “ڍارو” کيڏندي راڻي مينڌري مومل کي ٻانهن ۾ پاتل چوڙا ڏسي ورتا ۽ “ڍارو”
اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو.
مومل ٻي ڪا واهه نه
ڏسي باهه جو اوڙاهه تيار ڪرائي ان ۾ ٽپو ڏنو، راڻي مينڌري مومل کي باهه ۾ سڙندو ڏسي
ڍوڙندو اچي پاڻ کي مچ ۾ اڇليائين ۽ ائين هڪٻئي جي محبت جا پياسي مومل ۽ راڻو مينڌرو
باهه ۾ ڀشم ٿي هڪ ٻئي تي قربان ٿي ويا.
عمرڪوٽ ۾ مومل جي
ماڙي اڄ به ان داستان جو چٽو ثبوت آهي. جعفرافيائي لحاظ سان مومل راڻي جو قصو سنڌ
جو سڄو اڀرندو ڀاڱو يعني اتران ماٿيلي کان وٺي هيٺ ڏکڻ ۾ ڍٽ ۽ عمرڪوٽ تائين ۽ اوڀر
۾ جيسلمير کان ۵ کان ۶ ڪوهه پري لڊاڻي ۽ ڪاڪ تائين پکڙيل آهي. تاريخي لحاظ سان
مومل راڻي جو قصو سومرن جي دور جو قصو آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
صاحب لکي ٿو ته؛ “مومل جو طلسمي محل” سنڌي تخيل جو هڪ اهڙو آڳاٽو ۽ انوکو شاهڪار
آهي جو ان جي تعبير جديد سائنسي دور ۾ ڪنهن حد تائين فقط “ڊزني لينڊ” ۾ نظر اچي ٿي.”
اتهاس ۾ مومل راڻو اڄ به امر آهن، جنهن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ڳايو آهي. پر هتي تاريخي
تضاد ضرور موجود آهن، مومل راڻي جي قصي جو تعلق عمرڪوٽ سان آهي، ڇو ته همير سومرو
عمرڪوٽ جو بادشاهه هو ۽ راڻو مينڌرو ان جو وزير هو، عمرڪوٽ ۾ تاريخي ماڳ مومل جي
ماڙيءَ بابت تاريخ ۾ ڪٿي به ذڪر نه ملڻ ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي ته آخرڪار
عمرڪوٽ ويجهو مومل جي نالي سان مشهور ماڙي جي تاريخ ڇا آهي يا ان تي محقق ۽
تاريخدان خاموش ڇو آهن، عمرڪوٽ جا مقامي ماڻهو اڄ به کنڊر بڻيل انهن آثارن کي مومل
جي ماڙي سان ئي سڏن ٿا پر افسوس آهي ته اڪثر مورخ ماٿيلي ۾ موجود ماڙي کي مومل سان
منسوب ڪن ٿا.
بهرحال ماٿيلي ۽
عمرڪوٽ ۾ مومل جي ماڙين تي اڃا به وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي، تاريخ ۾ اهو تضاد حل ٿيڻ
گهرجي.
(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۹ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

Comments
Post a Comment