سيوهڻ جي تاريخ
مير حاجن
مير
موريا خاندان ۳۲۲-
ق م ۽ سيوهڻ
موريا خاندان جو
پايو وجهندڙ ”چندر گپت موريا“ هو، جنهن تشڪلا ۾ تعليم ورتي هئي. سندس ماءِ ”مورن“
پالڻ ڪري مورا سڏبي هئي. تنهن ڪري هن خاندا جا راجا جن سنه ۳۲۲ ق م کان سنہ ۱۸۳ ق م تائين مگڌ تي حڪومت ڪئي، موريا سڏبا
هئا. منجهائن چندر گپت ۳۲۲ ق م ۾ اتر ۾ هندستان ۾ يونانين خلاف بغاوت ڪري سندن فوجن کي جمنا جي اوڀرندي
۾ شڪست ڏيئي، مگڌ جي نندا خاندان جي راجا کان پتاليپترا (پانٽا) جو تخت هٿ ڪري،
موريا حڪومت جو پايو وڌو. هن چاليھ لکن فوجين سان سيليوڪس نڪٽر کي شڪست ڏيئي سنڌ،
۽ بلوچستان جي صوبن تي قنڌار تائين قبضو ڪري ورتو. سليوڪس کي ساڻس صلح ڪرڻو پيو ۽
پنهنجي طرفان ميگسٿنيز کي سفير مقرر ڪري پاٽنا ڏانهن روانو ڪيو(شيدائي، ۲۰۱۵: ۵۷)
موريا گهراڻي جو اڳواڻ
چندر گپت موريو هو. سڪندر اعظم جي موٽڻ بعد يوناني رکوالا ڪمزور ٿيندا ويا. سيليوڪس
سنڌ کي سنڀالي نه سگهيو يوناني جرنيلن جي ڪوتاهين کي چندر گپت تاڙيندو رهيو ۽ آخرڪار
يونانين کي مات ڏيئي، سنڌ، بلوچستان ۽ هرات (موجوده ايران جو شهر) تائين ملڪ
پنهنجي قبضي هيٺ آندو، ”پٽنا“ (موجوده انڊيا جو علائقو) سندس حڪومتي مرڪز هو. سندن
حڪومت ۱۳۷ سال هلي. هي ٻڌ مت جا پوڄاري هئا. سڪندر اعظم جي وفات کان پوءِ سندس جا
نشين راجا “بريمدرٿ” مقرر ٿيو جنهن کي پنهنجي سپھ سالار قتل ڪري ڇڏيو ۽ اهڙي طرح
موريا گهراڻي جي حڪومت جو دور ختم ٿيو. (سورلي،۲۰۰۹: ۴۸)
موريا گهراڻي جا
فرد آخر ۾ ڪمزور ۽ سست ٿي ويا هئا. آهستي آهستي سنڌو ماٿر تي ٻاهريان حملا جاري
رهيا. سڀ کان پهرين جن ان ڏس ۾ پاڻ ملهايو اهي باختر جا يوناني هئا. جن سڪندر جي
وفات کان پوءِ اتي هڪ آزاد ۽ طاقتور حڪومت ٺاهي هئي. يوٿيڊيوس پهريون باختري
بادشاھ هو (پٺاڻ،۲۰۰۹: ۹۷)
موريا خاندان جي حڪومت
ڪرڻ جي سالن جو تعداد گهٽ وڌ ملي ٿو. ليڪن ۱۳۵ کان ۱۴۰ سالن تائين حڪومت هوندي. جن جو ذڪر مختلف تذڪرن ۾ ملي ٿو.
سيوهڻ صوبي تي چندر گپت موريا ۽ سندس پٽ “بندو سارا” ۳۷ سال حڪومت ڪئي. گپت جي ٻئي پٽ اسوڪا بہ حڪومت
ڪئي. سندن مذهب جو تعلق ٻڌمت سان هو. سيوهڻ شهر تي سندن خاندان جي حڪومت ۷۵ سال رهي. آخر ۾ سندن حڪومت ڪمزور رهي. جنهن
سبب ڪري سندن حڪومت ختم ٿي وئي.
يوناني باختري حڪومت
۱۸۴ق م
سنہ ۱۸۴ ق.م موريا خاندان وارن جي ڪمزوريءَ ڪري
يوناني باختري حڪومت زور ورتو. سنہ ۱۸۵ ق.م ڌاري براد رٿ، موريا خاندان جي پوئين حاڪم پٿيامترا
کي قتل ڪري، مگڌ ۾ سنگا خاندان جي حڪومت جو پايو وڌو. مٿئين انقلاب ڪري يوناني
باختري حڪومت کي جنم وٺڻ لاءِ موقعو مليو، جا هڪ صديءَ تائين قائم رهي. سنہ ۱۹۰ ق م يوناني حاڪم “ڊيمي ٽريوس” بلوچستان، سنڌ ۽ گجرات جا پرڳڻا فتح ڪري،
سگالا (سيالڪوٽ) کي تخت گاھ مقرر ڪيو. (شيدائي،۲۰۱۵: ۵۷)
”هن سنڌ ۾ ڪي
شھر تعمير ڪرايا هئا. يوناني حاڪم اڪثر هڪ ٻئي سان لڙندا رهيا. سن ۱۵۵ ق م منيندار ملنڊا سنگا راجائن کي شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيو. پر پاڻ ٻڌ جو
پيرو بڻجي ويو. تنهن کان پوءِ ستت، يوناني حڪومت چاليهن حصن ۾ ورهائجي وئي. جن تي
جدا جدا امير حڪومت ڪرڻ لڳا. سندن هندستان جي راجائن سان مائٽي هئي، منيندرجي مئي
کان پوءِ يوناني هندي حڪومت جو هميشه لاءِ خاتمو ٿي ويو.“ (شيدائي، ۲۰۱۵: ۵۷-۵۸)
”يوٿيڊيوس
پهريون باختري بادشاھ هو جنهن سنڌو ماٿر تي حملو ڪري پنجاب ۽ سنڌ جي ڪجهه حصن تي
قبضو ڪيو. کائنس پوءِ سندس پٽ “ڊميٽرس” حملو ڪري سڄي سنڌو ماٿري کي پنهنجي تصرف ۾
آندو. باختري يونانين جي انهيءَ ساڳي راجپوتانا، مالوا ۽ ڪاٺياواڙ تي ڪامياب حملا ڪيا.“
(پٺاڻ، ۲۰۰۹: ۹۷)
هن هندستان جي
تختگاھ پتاليپترا تي قبضي ڪرڻ خاطر وڏي ڪٽڪ سان حملو ڪيو ۽ مٿرا تي قبضو ڪري اتي
ماڻهن جو قتلام ڪيائين سندس حملي کي سنگا گهراڻي جي شهزادي پشيامترا نهايت ڪاميابي
سان روڪيو. ۽ کيس مجبور ڪيو تہ واپس وڃي. انهن لاهن چاڙهن هوندي بہ (منيندر) جو
قبضو نہ فقط سنڌو ماٿر تائين محدود رهيو پر ان سان گڏ ڪڇ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ بہ
سندس سياسي زير اثر ٿيا. باختر جي يونانين جي حڪومت گهڻو جٽاءُ نه ڪيو (پٺاڻ، ۲۰۰۹: ۹۸)
پارٿن، يوچي، سٿين
جون ڪاهون. ق م ختم ٿيڻ وارو دور ۽ عيسوي دور جي شروعات.
”يورپ وارا سٿين
۽ يوچي قومن کي ( هن Hun) سڏين ٿا سنہ ۱۶۵ ق م يوچي قوم چين جي علائقي ”ڪاسنوا“ کان نڪرڻ کان پوءِ ترڪستان جي رستي
کان بلغ، ڪابل ۽ بلوچستان ۽ سنڌ تي قبضو ڪيو. هنن ستت ئي ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو. سنہ ۷۳ ق.م مگڌ جي سنگا خاندان وارن جي پڄاڻي ٿي.
سنہ ۲۸ ق م انڌرا خاندان وارن مهاندي، گودا وري ۾ مگڌ وارن
علائقن تي قبضو ڪيو سنہ ۷۸ع ۾ يوچي راجا ڪنشڪا ڪشمير، يارقند، ڪاشغر، ختن، قنڌار سنڌ ۽ نربدا نديءَ
تائين قبضو ڄمايو. شڪست سبنت اتر هندستان ۾ سنه ۷۸ع کان شروع ٿيو “.(شيدائي،۲۰۱۵: ۵۸)
”سيوهڻ جي
بادشاهي سٿين جي حڪومت جو خاص مرڪز هو. سٿين جي قوم جي ماڻهن سيوهڻ جي هندو ذات جي
ماڻهن سان شاديون ڪيون جنهن ڪري هن شهر ۾ هندو مذهب زور ورتو. هندن جي پوڄا پاٽ
سبب شهر مذهبي مرڪز بنجي ويو مذهبي ميڙاڪن سبب شهر جي پري پري تائين نالو روشن ٿيو“.
(ٻرڙو، ۲۰۰۹: ۵۱)
سٿين سان پارٿي ۽
پوچي گڏجي سنڌ ۾ داخل ٿيا هئا. پوچي پڻ چيني هئا. ۽ پارٿي خراسان جا هئا. سنڌ جا اڪثر
قبيلا ۽ ذاتيون سٿين جو اولاد آهن. جن حوالن ۾ آيو آهي ته سٿين (Sathians) جي ”ساڪا“
قبيلي سيوهڻ کي پنهنجو مرڪز قائم ڪري سندس نالو ”سيستان“ رکيو ڪي ان کي ساڪ ستان
چوڻ لڳا. سٿين جي هڪ ٻئي قبيلي ”سٺيا“ پڻ سيوهڻ ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمايو ۽ سندن واتان
اهي لفظ ٻڌڻ ۾ آيا تہ سيوهڻ جو شهر اسان جي پٺيان سڏجي ٿو. تاج جويو سنڌ جي تاريخ
جي مطالعي ۾ صفحي ۵۴ تي لکي ٿو تہ سيوهڻ ساڪستان سڏيو ۽ لاڙ وارو علائقو ”ساڪا روپيہ“ شايد ”ساڪرو“
شهر بہ سندن باقيات هجي اهي علائقا ان وقت، سٿين جي نظر هيٺ هئا. جن تي سيوهڻ حڪومت
طرفان حڪم هلندا هئا. (جويو،۲۰۰۹: ۵۱) ۲۲۰ع تائين يوچي، سٿيا، ۽ پارٿين جي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو.
۽ گپت ثاني خاندان جي حڪومت زور ورتو.
نتيجو:
سٿين، يوچين، پارٿين
گڏجي سنڌ تي حملو ڪيو. جنهن ۾ هو ڪامياب ويا. مٿين حوالن مان معلوم ٿئي ٿو. سيوهڻ
سندن هيٺ هيو، بادشاهي جو هڪ مرڪز سيوهڻ بہ هيو. هندو مذهب جي ماڻهن سان شاديون ڪيائون
ان وقت سيوهڻ ۾ ٻڌ مذهب جو زور هو. مذهبي ميڙاڪن سبب سيوهڻ ۾ ٻڌ ڌرم مشهور ٿيو.
گپت خاندان:
”گپت خاندان
وارن سنہ ۳۲۰ع کان سنہ ۵۲۵ع تائين حڪومت ڪئي. هن خاندان جي بانيءَ چندر گپت پهرئين سنہ ۳۲۰ع کان سنہ ۳۳۵ع تائين حڪومت ڪئي. کائنس پوءِ سندس پٽ
سمندر گپت اوڙيسا ۽ نيپال تائين خراج وصول ڪيو. سنہ ۳۷۵ع ۾ مرڻ کان پوءِ سندس پٽ چندر گپت ثاني
گاديءَ تي ويٺو، جو عام طور “وڪرما جيت” جي لقب سان مشهور آهي. سندس تخت گاهه اجين
هو. مالوه، ڪاٺياواڙ ۽ سنڌ تي سندس سڪو هلڻ لڳو. سندس درٻار ۾ سنسڪرت جا پنڊت، جو
تشي ۽ شاعر رهندا هئا.“ (شيدائي، ۲۰۱۵: ۶۱)
”سيوهڻ ۾،
جوتشي، هنرمند، طبي ماهر، شاعر، سنگتراش ۽ پنڊت رهندا هئا. ”وڪرما جيت“ جو سنبت سال
اڄ بہ هندن ۾ رائج آهي. وڪرمي درٻار جي شاعرن مان ”مها ڪوي ڪاليداس“ جا ناٽڪ، شڪنتلا
ميگهدوت ۽ رگهوونس سيوهڻ جي اسٽيجن تي پيش ڪيا ويندا هئا. شاعر امرڪوس، براهمير
جوتشي ۽ طب جو ماهر ڌنوتري، سيوهڻ ۾ ميڙاڪا لڳائي ماڻهن کان داد حاصل ڪندا هئا.
جنهن ڪري سنڌي سماج تي ڏاڍو اثر پيو.“ (ٻرڙو،۲۰۰۹: ۵۰)
وڪرما جيت جي درٻار
جي نون رتن مان ڌنوتري طب جو ماهر هو، جوتشين مان براهمير شهرت حاصل ڪئي. شاعر
سنگھ ڪتاب ‘امر ڪوس’ تصنيف ڪيو، ۽ آريا ڀٽ مشهور نجومي ٿي گذريو آهي. وڪرمي دور ۾،
چيني سياح فاهيان، سنہ ۴۰۵ع کان سنہ تائين هندستان جي سياحت ڪرڻ آيو هو. گپت راجائون وشنومت جا پوڄاري
هئا. سندن حڪومت جي زماني ۾ برهمڻ زور وٺڻ لڳا ۽ ٻڌمت ڪمزور ٿيڻ لڳو. ويدڪ ديوتائن
جهڙوڪ: آڪاس، اندر، ورنا، اما، اگني ۽ سورج بدران درگا ۽ گنيش ديوي ۽ ديوتا جي
پرتش ٿيڻ لڳي. ويدڪ سمرتين جي پوڄا جون ترڪيبون جاري ٿيون. ارڙهن پراڻن جي نئين سر
ترتيب ٿي (شيدائي، ۲۰۱۵: ۶۲)
”عمارت سازي
بت تراشي ۽ مصوريءَ جي فنن ترقي ڪئي. اجنتا جا مشهور غار ان زماني ۾ مصوريءَ جا
يادگار آهن. اتر هندستان ۾ وڪرمي نسبت ۽ دکن ۾ ساليواهن سبنت ان زماني ۾ جاري ٿيا.
اجين علوم ۽ فنون توڙي تجارت ۾ گهڻي ترقي ڪئي. سندن واپار گجرات جي بندر چيمور
رستي ڏيسارو سان جاري رهيو هو. “(شيدائي، ۲۰۱۵: ۶۲)
”راجا وڪرماجيت
سنبت ۲۰ ۾ پنهنجي ڀيڻ شهزادي راجني بهارا تاريءَ کي اُجين مان نيڪالي ڏني. جنهن
اچي سيوهڻ کي پنهنجي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو. پاڻ ڪوٽ اندر شاهي محلات ۾
رهندي هئي. راڻي ڏاڍي سياڻي هئي. جنهن سبب سيوهڻ جي شهر ڪافي ترقي ڪئي. سيوهڻ شهر
۾ ٻڌمت مذهب کي زور وٺرايو ويو. ڇاڪاڻ ته راڻي خود ٻڌمت مذهب جي پيروڪار هئي.
شهزاديءَ جي ان دور ڪا ڪافي نشان شهر ۾ موجود هئا، جيڪي صدين گذرڻ سبب ويران ٿي
ويا“.(ٻرڙو، ۲۰۰۹: ۵۰)
راجا گپت خاندان
هندستان تي حڪومت ڪرڻ سان گڏ سيوهڻ شهر تي بہ حڪومت ڪئي. وڪرما جيت پنهنجي ڀيڻ
سيوهڻ موڪلي ۽ سيوهڻ جي حڪومت سنڀاليائين. رحيمداد شيدائي جو رايو آهي تہ گپتا دور
۾ برهمڻ مذهب زور ورتو، ٻڌمت ڪمزور ٿيو. خير محمد ٻرڙي جو رايو آهي تہ سيوهڻ ان
وقت گپت جي ڀيڻ راجنيءَ ٻڌمت کي زور وٺرايو. معلوم ٿئي ٿو تہ خود “راجني” ٻڌمت جي
عقيدتمند، پوئلڳ هئي. پر ٻڌمت ان وقت ڪمزور ٿي رهيو هو. سيوهڻ ۾ ڪاليداس ۽ ٻين جا ڊراما
پيش ٿيندا هئا. ان رايي کي آءُ درست نٿو سمجهان. جن جو هتان جي ماڻهن تي اثر بہ ٿيندو
هو. سيوهڻ ۾ واپار بہ ان وقت زور هيو.
هرش جي حڪومت:
گپت خاندان جي زوال
کان پوءِ اتر اولهندي هندستان ۾ گهڻيون ننڍيون رياستون قائم ٿيون. منجهائن هرش سنہ
۶۲۰ع ۾ قنوج تي راڄ ڪرڻ لڳو. سندس زمانو سنڌ جي اتهاس ۾ هڪ انقلابي عهد هو.
انهيءَ زماني ۾ چندر ونسي خاندان جو يادو قبيلو دکن، راجپوتانا، سنڌ، گجرات، ڪاٺياواڙ،
بلوچستان، بلڪ قنڌار، ڪابل ۽ خراسان تائين ڇائنجي ويو. هرش ٻڌمت جو پيرو هو ۽ وڏو
عالم ۽ هنر پرور ٿي گذريو آهي. سندس تضيفات مان “ناگانندا، ‘رتنا ولي’ ۽ پريه درشڪا
جا ناٽڪ مشهور آهن. سندس درٻار جي شاعرن مان ‘بان’ جا ڪتاب ‘هرش’ ۽ ‘ڪار مبري’
يادگار آهن. سندس ڏينهن ۾ مشهور چيني سياح هيونسانگ (۶۶۴- ۵۹)سنہ ۶۲۹ع کان ۶۴۳ع تائين هندستان جي ٻڌ جي يادگارن جي ياترا ڪرڻ لاءِ آيو
هو. (شيدائي،۲۰۱۵: ۶۳)
هرش موقعي جو فائدو
وٺندي ۶۲۹ع ڌاري سنڌ تي قبضو ڪيو هو. سيوهڻ جي حڪومت چندر ونسي راجائن (سمن) جي هٿ
هيٺ هئي. شهر جو مذهب ٻڌمت هو ۽ ان جا پوڄاري گيڙو رتڙا ڪپڙا پائيندا هئا. راجا
هرش پڻ ٻڌ ڌرم جو پوڄاري هو. هرش جي طرفان شهر ۾ مذهبي ماڻهو مقرر هئا. جيڪي هر
وقت ان جي پرچار ڪندا هئا. شهر ۽ قلعي جي زيبائش لاءِ وڏا اپاءُ ورتا ويا هئا.
راجا پاڻ قلعي اندر رهائش پذير هو. سڄي راڄڌاني ۾ مندر هئا،هرش ۶۴۷ع ۾ انتقال ڪيو.
حوالا
(۱) شيدائي، مولائي، رحيمداد خان، ۲۰۱۵:جنت السنڌ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
(۲) ٻرڙو، سيوهاڻي، خير محمد، ۲۰۰۹: سيوهڻ صدين کان، مراد پبليڪشن سيوھڻ شريف.
(۳) پٺاڻ، ممتاز حسين ڊاڪٽر، ۲۰۰۹: سنڌ عرب دؤر، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
(۴) سورلي، ايڇ ٽي،۲۰۰۹: خير محمد،ٻرڙو، سيوهاڻي، سيوهڻ صدين کان,،
مراد پبليڪيشن سيوھڻ.
(۵) پٺاڻ، ممتاز حسين، ڊاڪٽر، ۲۰۰۹: سنڌ عرب دؤر، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
(۶) شيدائي، مولائي، رحيمداد خان، ۲۰۱۵: جنت السنڌ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
(۷) شيدائي، مولائي، رحيمداد خان، ۲۰۱۵: سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
(۸ پٺاڻ، ممتازحسين، ڊاڪٽر، ۲۰۰۹: سنڌ عرب دؤر سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو.
(۹) پٺاڻ، ممتاز حسين، ڊاڪٽر، ۲۰۰۹: سنڌ عرب دؤر، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
(۱۰) شيدائي، مولائي، رحيمداد ۲۰۱۵: جنت السنڌ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
(۱۱) ٻرڙو، سيوهاڻي، خير محمد، ۲۰۰۹: سيوهڻ صدين کان، مراد پبليڪيشن سيوهڻ.
(۱۲) جويو، تاج، ۲۰۰۹: خير محمد ٻرڙو سيوهاڻي، سيوهڻ صدين کان،
مراد پبليڪيشن سيوهڻ شريف.
(۱۳) شيدائي،
مولائي، رحيمداد خان، ۲۰۱۵:جنت السنڌ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
(۱۴) ٻرڙو، سيوهاڻي، خير محمد، ۲۰۰۹: سيوهڻ صدين کان، مراد پبليڪيشن سيوهڻ
شريف.
(۱۵) شيدائي، مولائي، رحيمداد خان، ۲۰۱۵: جنت السنڌ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
(۱۶) شيدائي، مولائي، رحيمداد خان، ۲۰۱۵: جنت السنڌ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
(۱۷) ٻرڙو، سيوهاڻي، خير محمد، ۲۰۰۹: سيوهڻ صدين کان، مراد پبليڪيشن سيوهڻ
شريف.
(۱۸) شيدائي، مولائي، رحيمداد خان، ۲۰۱۵: جنت السنڌ، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي.
(مير حاجن مير جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۵ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)
Comments
Post a Comment