Skip to main content

گڊي ڀٽ - طارق عزيز شيخ

گڊي ڀٽ

مٺيءَ جو دامن ڪوھ

طارق عزيز شيخ



ٿر سنڌ جو وسيع ۽ وارياسو علائقو، جتي سڄي ملڪ جي باقي علائقن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان گھٽ برسات پوي ٿي. هتي زندگيء ۽ زراعت جو دارومدار به انهيء برسات تي آھي جا سڄي سال ۾ ٻه ٽي ڀيرا پوي ٿي پوء ڪڏهن وڌيڪ ۽ ڪڏهن گهٽ. هن سڄي ريگستان جي پکيڙ لڳ ڀڳ ۲۲ هزار چورس ڪلوميٽر آھي. هندستان ۾ ۸۵ سيڪڙو ۽ پاڪستان ۾ ۱۵ سيڪڙو آهي. هيء دنيا جو ستون نمبر وڏو ريگستان آھي. سنڌ واري ريگستان جي پکيڙ ۵۴۰۰ چورس ميل آهي جيڪو بدين، مٺي، اسلام ڪوٽ، چيلهار، نئون ڪوٽ، ننگر پارڪر، ڇاڇرو، ڏيپلو، ڪنري، عمرڪوٽ، کپرو، سانگھڙ، خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪيء جي اڀرندي پاسي کان گذرندي پنجاب جي چولستان سان وڃي ٿو ملي. خيرپور طرف ريگستاني علائقي کي وري اڇڙو ٿر چئجي ٿو. ٿر جي ڏکڻ پاسي کان ڪڇ جو رڻ پٽ ۽ هندستان آهي.


ٿر جي موسم صحرائي هجڻ ڪري گرميء ۾ سخت گرم ۽ سياري ۾ بنھه ٿڌي رهي ٿي. سال جو وڌيڪ عرصو گرم گذري ٿو. ٿر ۾ جڏهن لوُء لڳندي آھي تڏهن ٻاٻيهو پکي ۽ مور به ان جو تاءُ نه سهي سگهندا آهن ۽ مرڻ لڳندا آھن. نانگ ٻرن مان نڪري ايندا آھن. شدت سان پوندڙ گرميء ۾ ماروئڙا چونئرن ۽ وڻن جي ڇانو ۾ آرھڙ جا جهولا برداشت ڪندا آهن. ٿر ۾ ساوڻ رُت ۾ وسڪاري کان پوء گهمڻ وارن جا هشام لڳي ويندا آهن. وارياسو ٿر مينهوڳيء کان پوء سائو ٿي ويندو آهي. آئون به مينهوڳيء کان پوء ٿر وڃڻ لاء آتو هئس پر ڪڏهن مصروفيت ته ڪڏهن وري ڪا مجبوري آئڙي ايندي هئي پر آخرڪار دير سان ئي سهي ٿر جو چڪر لڳائي آيس. ٿر کي مون تفريحي، ثقافتي، تاريخي ۽ تحقيقي نظر سان ڏٺو جيڪو تفصيل سان پيش آهي.

ڪراچيء کان ٿر وڃڻ لاء مٺي مُنڍ ۾ ايندڙ شهر آهي. هيء ننڍڙو ۽ پرسڪون شهر آهي. هتي ريسٽ هائوس ۽ گيسٽ هائوس ڏسي اندازو ٿئي ٿو ته مسافرن ۽ مهمانن جو پسنديده شهر آهي. شهر جا رستا صاف سٿرا ۽ ڪراچيء جيان ڪارپٽ روڊ لڳا. منهنجي ذهن ۾ هو ته مٺي، ٿري علائقو آهي انهي ڪري ڪچو ڦڪو وارياسو هوندو پر هيءُ منهنجي سوچ جي ابتڙ اٽڪل سمورين گهرجن پورين ڪرڻ وارو شهر آهي سواء گئس جي. گئس اهڙي گهرج آهي جنهن جي وڏي پئماني تي اڻاٺ محسوس ٿئي ٿي. عوام ۾ پيپلز پارٽيء جي سٺي واکاڻ ٻڌڻ ۾ آئي، بلاول ڀٽو کي به شهيد راڻي محترمه بينظير وانگي مٺيء جا ماڻهو چاهين ٿا پر ڪافي ماڻهن کان ارباب رحيم جي دور ۾ ٿيل ترقيء جي تعريف به وڏي واڪي ٻڌڻ ۾ آئي.

مٺي گهمي آيل دوستن کان ٻڌو هئم ته شهر جو خوبصورت نظارو سج لٿي کان پوء گڊي ڀٽ تان ٿيندو آهي. مٺيء جو مقامي ماڻهو کيراج جيڪو ثقافت ۽ سياحت کاتي، سنڌ حڪومت جي ماروي گيسٽ هائوس کان گڊي ڀٽ گهمائڻ لاء گڏ هليو هو، تنهن کان واٽ تي گڊي ڀٽ نالي پوڻ جو پس منظر پڇيم ته هن صدين کان ٻڌجندڙ نسل در نسل هيء روايتي واقعو ٻڌايو: ڪنهن زماني ۾ هتي گڊي نالي هڪ عورت رهندي هئي ۽ مٿي تي پاڻيء جون مٽڪيون ڀري، ڏورانهين ڀٽن تان هلندي ايندي هئي. انهي کي هڪ شاهوڪار ماڻهوء چيو جيڪڏهن تون اهي پاڻيء جون مٽڪيون مٿي تي کڻي هن ڀٽ جي چوٽيء تي چڙهي ويندي ته توکي سون ملندو. انهي ڀٽ جي اونچائي نهايت مٿانهين هئي جنهن جي چوٽيء تي رسڻ ناممڪن هو پر گڊيء به همت ڪري ڀٽ جي چوٽيء تائين وڃي رسي. جڏهن چوٽيء تي چڙھڻ بعد هيٺ کڻي نهاريائين ته خوف ۾ سندس هانءُ ئي ڦاٽي پيو ۽ اتي جو اتي هوء عورت مري وئي. انهيء جي نالي تي هيء شهر جو بلند مقام آهي.

گڊي ڀٽ تي ميرن جي دور جو سن ۱۸۰۰ع ۾ اڏايل قلعو پڻ هو جيڪو ۱۸۴۴ع واري زلزلي ۾ ڊهي تباھ ٿي ويو. هيء قلعو ته بعد ۾ چيو ويو پر حقيقت ۾ مير فتح علي ٽالپر شھر جي بلند ترين ڀٽ تي مورچو ٺاهرايو هو، جتان شهر جي سيڪيورٽي کي سٺيء ريت ڪنٽرول ڪري سگهبو هو. هيء مورچو، قلعي جي اڏوتي انداز جي صورت ۾ هجڻ ڪري ننڍڙي قلعي طور مشھور ٿيو، جنهن لاء ڪن محققن اهو به لکيو آهي ته ننڍڙي قلعي کي “ گڍ “ چئبو آهي، انهي ڪري هن هنڌ جو نالو گڍ مان مٽجي گڊ ۽ پوء گڊي پئجي ويو.

گڊي ڀٽ تي پهچڻ بعد مٺي شهر جو هڪ اهم ڪردار جڳديش ملاڻي به هتي ياد اچي ٿو، جنهن جي نالي سان هڪڙو ٽاور ٺاهيل آهي. جڳديش ملاڻي، پيلز پارٽي جو اهڙو دلير اڳواڻ هو جيڪو ڏکيء گهڙيء ۾ سدائين ساٿ ڏيڻ لاء سڀ کان اڳتي نظر ايندو هو. ۱۹۹۳ع ۾ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو اسلام آباد ۾ لانگ مارچ ڪرڻ جو سڏ ڏنو هو انهي ۾ لاهور کان اسلام آباد ويندي گوجر خان ويجهو، جڳديش ملاڻي ٽريفڪ حادثي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو. هن حادثي ۾ ناميارو صحافي ف م لاشاري ۽ پي پي اڳواڻ ڊاڪٽر اسماعيل اڍيجو پڻ وفات ڪري ويا هئا جڏهن ته پي پي اڳواڻ غلام قادر پليجو زخمي ٿي پيو هو. بينظير صاحبه کي جڳديش ملاڻيء جي اهڙي اندوهناڪ حادثي ۾ ديهانت ڪري وڃڻ جو اندازوئي ڪونه هو جنهن ڪري محترمه کي ڏاڍو رنج رسيو هو. جڳديش کي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو، رڪشا ٻنڌڻ واري موقعي تي راکي پڻ ٻڌي هئي جيڪو ڀيڻ ڀاء جي پياري رشتي جو ڏڻ ملهايو ويندو آهي. جڳديش به پنهنجي ڀيڻ بينظير جو ساٿ نباهيندي ساھ ڏنو هو.

گڊي ڀٽ مٺي شهر جو واحد ۽ سهڻو تفريحي مقام آهي جتي چئني پاسن کان لوهي جهنگلو لڳل آهي. هتان سڄي مٺي شهر جو نظارو ٿيندو آهي. رات جي وقت سڄي شهر جون ٻرندڙ بتيون ڏسي ائين لڳندو آهي ڄڻ اونداهيء ۾ الاهي سارا ڏيئا ٻرندا هجن يا وري آسمان زمين تي لهي آيو هجي ۽ ننڍڙيون جرڪندڙ بتيون تارا لڳنديون هجن. گرميء ۾ به هلندڙ هوا ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي لڳندي. هتي هڪ رومانوي ماحول بنيل هوندو آهي جيڪو اتي ئي ڄمي رهڻ جي ڪيفيت ۾ تبديل ٿيندو آهي. هتي هڪڙو چانھ جو هوٽل آهي، جنهن تي به ڪا خاص رونق ناهي جو فئملي سان ٻه گهڙيون ويهي سگهجي، انهي ڪري انتظاميه کي گهرجي هن خوبصورت مقام کي پرڪشش بنائڻ لاء اهتمام ڪيو وڃي. فئملي پارڪ، جهولا، لائيٽنگ، ٿري ثقافت اجاڳر ڪندڙ هنڊي ڪرافٽس جا دڪان هجڻ کپن جنهن سان نه فقط ٽوئرزم کي هٿي ملندي پر فئملي سان اچڻ وارن کي به ڪجھ وقت رهڻ جو موقعو ملندو.

مٺيء جي بازار مختصر آهي پر دڪانن تي ٿري لباس، رليون، زيور، جتيون، بيڊ شيٽس، گفٽ جا سٺا آئٽم آهن جتي هٿرادو ڪم توڙي ڪارخاني جو مشيني سامان ملي ٿو.

 

(روزاني سوڀ ڪراچي منجھ، اربع ۳۰ آڪٽوبر ۲۰۱۹ع تي شايع ٿيو)

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

جوڻاڻي

جوڻاڻي جَناني Junani - هڪ قديم وساريل شهر تحقيق ۽ تعارف: ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جوڻاڻيءَ جو قديم تاريخي شهر، سنڌ صوبي جي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي وارهه ۾ هڪ قديم ۽ سهڻو شهر ٿي گذريو آهي. هيءُ شهر سنڌونديءَ جي اوڀر ڪناري تي آباد ۽ وڻندڙ هيو. هن وقت موجوده وهڪري کان گهڻو اولهه طرف واقع آهي. ”هن درياهه جو بنياد سنڌودرياهه جا وهڪرا آهن، جيڪي اولهه کان اوڀر طرف پيٽ مٽائيندا رهيا آهن. جڏهن ”جهڪر جو دڙو“ ۽ ”لوهم جو دڙو“ آباد هئا. تڏهن درياهه انهن جي اولهه طرف وهندو هئو. هن زماني ۾ اهي دڙا خود درياهه جي اولهه ۾ آهن ۽ اها جاءِ وقوع جي تبديلي هنن دڙن جي تباهيءَ جو واضح سبب آهي.“ (صديقي- ۵۱ - ۱۹۹۶ ع) سنڌودرياهه جي وهڪرن بابت هڪ الڳ مضمون ۾ بيان ڪيو آهي، هتي اهڙي ذڪر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. مٿئين احوال جي آڌار تي چئي ٿو سگهجي ته سنڌو درياهه پنهنجا پاسا مٽائيندو رهيو آهي. جنهن جي ڪري ڪي شهر ڦِٽندا ويا ته ڪن جو وري نئون بنياد پيو. اهڙن شهرن جي اُسرڻ ۽ برباد ٿيڻ جو سنڌودرياهه ئي جوابدار آهي. ”سنڌ جون بستيون پراچين دور کان وٺي سنڌونديءَ جي سهاري آباد پَئي ٿيون آهن. ۽ انهي موجي درياهه جي ر...