شڪارپور
ترتيب: اصغر ساگر
شڪارپور پاڪستان جي
صوبي سنڌ جي لاڙڪاڻي ڊويزن جو هڪ شھر آهي جيڪو شڪارپور ضلعي جو صدر مقام آهي. شڪاپور
سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ليکجي ٿو. ماضي ۾ هي شھر واپار لاءِ اهم رهيو آهي. قابل، قنڌار،
سمر قند، بخارا ۽ تاشقند جا واپاري هتي ايندا هئا. شڪارپور ۱۸۴۳ع ۾ سنڌ جي ٽن ضلعن مان هڪ هو، سکر پڻ هن
ضلعي جو هڪ شھر هو.
شڪارپور کي ماضيءَ
۾ سنڌ اندر هڪ ممتاز ۽ منفرد مقام حاصل رهيو آهي. وادي مھراڻ جو قديم ۽ تاريخي
شھر، سکر کان ۲۴ ميلن جي فاصلي ۽ سطح سمنڊ کان ۱۹۴ فٽ بلنديءَ تي آباد آهي. صديون اڳ هتي هڪ گھاٽو جھنگ هو
جتي امير ۽ سيٺيون ايندا ۽ علائقي کي شڪارگاھ طور استعمال ڪندا هئا، ان ئي نسبت
سان شڪارپور نالو رکيو ويو.
شڪارپور جو اصل
نالو شڪارگاھ هيو. جڏهن انگريزن جي حڪومت هئي ته سَرِ جيڪب، شڪارپور جو نالو شڪارگاه
رکيو هو ۽ سَرِ جيڪب روز شڪارگاھ ايندو هيو شڪار ڪرڻ لاءِ. ان ڪري شڪارگاھ کي روز
عطر ۽ عنبير سان ڌوتو ويندو هو. جنهنڪري شڪارگاھ کي ڪنهن ٽائيم ۾ پئرس به سڏيو ويندو
هو پوءِ آبادي وڌندي وئي ۽ شڪارگاه مان شڪارپور ٿئي ويو. شڪارپور شھر قلعي ۾ بند
هيو ان جا ست در هئا.
شڪاپور ۾ ست عدد
دَرَ آهن اهي هي آهن
۱. لکيدر
۲. هزاري در
۳. هاٿي در
۴. واڳوڻو در
۵. سوي در
۶. ڪَرَنِ در
۷. نوشھره در
هر دوازي تي هڪ ٿاڻو
قائم هيو، جيڪي گهوڙي سوار ڌاڙيلن کان بچاءُ قائم ڪيل هئا.
شڪارپور جي
آدمشماري چاليھ هزار هئي. جڏهن ته ڪراچي ۽ ٺٽي جي آدمشماري ڇھ ڇھ هزار هئي. شڪارپور
۾ نوي سيڪڙو سنڌي هندو، ۱۰ سيڪڙو سنڌي مسلمان، افغاني پٺاڻ ۽ بلوچ آباد
هئا. ڇاپيخانو سڀ کان پھريان شڪارپور ۾ قائم ٿيو. شڪارپورين اکين جي اسپتال، عام
علاج جي اسپتال، اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪيا. بھترين عمارتون جوڙايون. شڪارپور کي شهرن
جي راڻيءَ جو به درجو حاصل هيو.
شڪارپور شهر ۾ ٻه
عدد وڏا باغ پڻ آهن، جن ۾ شاهي باغ ۽ گڻيش باغ آهن، جيڪي انتظاميا جي لاپرواهيءَ ڪري
ويران آهن.
شڪارپور شھر جو
آچار، ديوان جو فالودو ۽ وائيٽ-روز بوتل، ڪافي مشهور آهي.
شڪارپور شھر جا
مشهور فنڪار جن ۾ شمن علي ميرالي، طفيل سنجراڻي، اختيار دايو، وحيد هڪڙو ۽ امام
بخش بلوچ ڪافي مشھور آهن.
شڪارپور شهر سان
واسطو رکندڙ شاعر جن ۾ وحيد هڪڙو، قاصر نواز شاه، ساگر شاه، ذوالفقار شاه آهن.
شڪارپور شھر سان
واسطو رکندڙ جيئرو ولي، سائين حاجن شاه ماڙي وارو پڻ آهي.
شڪارپور شهر جون وڏي
۾ وڏيون ذاتيون سومرا، شيخ، مهر، جتوئي ۽ ڦلپوٽا آهن.
بنيادي طور تي هيءُ
ضلعو هڪ زرعي علائقو آهي. هن جي فصلن ۾ چانور، جوئر، ڪمند ۽ ربيع ۾ ڪڻڪ، چڻا، جَوَ
۽ تيل ڪڍڻ جا ٻج آهن. شڪارپور ۾ آبپاشي نظام قائم آهي. هن جي ايراضي سکر بيراج جي
کيرٿر، وارھ ڪينال، دادو ڪينال ۽ رائيس ڪئنال کان علاوه گڊو بيراج جي سنڌ ڪينال
(جيڪو شڪارپور شھر جي هڪ ميل جي فاصلي تي واقع آهي)، بيگاري ڪينال، ننڍي بيگاري ۽ ٻين
شاخن ميرواھ، منگرواھ، امروٽ شاخ، رئيس واھ، ڇتو واھ، چوئي شاخ، همايون شاخ ۽ دوست
واه کان سيراب ٿيندي آئي آهي.
شڪارپور ضلعي ۾ چار
تعلقا آهن؛ لکي غلام شاه، خانپور، ڳڙهي ياسين ۽ شڪارپور.
شروعاتي ڏينهن کان
شڪارپور علم جو مرڪز رهيو آهي. دائودپوٽن، ڪلهوڙن، درانين ۽ ٽالپرن جي دور ۾ دفتري
۽ سرڪاري ٻولي فارسي هئي. اها ئي وجہ هئي جو مسلمانن کي مدرسن ۾ قرآن مجيد کان
علاوه فارسي ٻولي به پڙهائي ويندي هئي. انگريزن ۱۸۵۳ع ڌاري ڪورٽ آف ڊائريڪٽرز جي فيصلي مطابق
عربي حروف تھجي جي ۲۹ حرفن کي فارسي حرفن سان ملائي سنڌي زبان کي نه صرف دفتري زبان قرار ڏنو،
مگر سرڪاري ملازمن کي سنڌي پڙهڻ ۽ لکڻ به لازمي قرار ڏنو. سال ۱۸۵۵ع ۾ شڪارپور ۾ پھريون پرائمري اسڪول قائم ڪيو
ويو، جنهن ۾ مسلمان ۽ غير مسلمان بغير ڪنھن رنگ، نسل، ذات ۽ پات جي تعليم جي اهم
زيور سان آراسته ٿيڻ لڳا. بعد ۾ انگريز سرڪار ضرورت جي پيشِ نظر، شھر جي ڳوٺن ۾
پرائمري اسڪولن جو ڄار وڇايو. قيام پاڪستان کانپوءِ، اسڪولن ۾ اضافو ٿيو آهي. سال ۹۵ـ۱۹۹۴ع جي رپورٽ موجب، هن وقت پرائمري بوائز ۽ پرائمري گرلز
اسڪولن جو تعداد ۱۱۵۰ آهي. قيام پاڪستان کان پھرين ۱۹۴۲ع ۾ ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان هڪ اهڙو پرائمري اسڪول قائم ڪيو
ويو هو، جنھن ۾ اردو ۽ هندي پڻ پڙهائي ويندي هئي. اڄڪلھ اهو اسڪول اردو صدر
پرائمري اسڪول جي نالي سان قائم ۽ مشھور آهي. مذڪوره اسڪولن کان علاوه پرائمري اسڪول
پريتم ڌرم سڀا (۱۸۸۹)ع، هوپفل اڪيڊمي ۱۹۰۰ع نيو ايرا هاءِ اسڪول ۱۹۳۲ع، ايشورٻائي سيتلداس گرلز هاءِ اسڪول ۽
گونمينٽ مڊل اسڪول (۳) ۱۸۵۳ع ۾. (جنهن کي ۱۸۷۳ع ۾ هاءِ اسڪول جو درجو ڏنو ويو) انگريزن پنھنجي اولاد جي تعليمي سھولتن کي
پيش نظر رکندي، قائم ڪيا. بعد ۾ عام ۽ خاص لاءِ اسڪولن جا دروازا کوليا ويا. پاڪستان
قائم ٿيڻ کان پھريون ۱۹۳۳ع ۾ چيلاسنگھ ۽ سيتلداس ڪاليج قائم ٿيو. جنهن ۾ موجوده سکر ڊويزن ۽ لاڙڪاڻو
ڊويزن جا شاگرد، تعليم پرائڻ لاءِ ايندا هئا. ڪاليج ۾ ايم اي تائين ڪلاس هلندا
هئا. قيام پاڪستان کانپوءِ شاھ عبداللطيف ڪاليج ۱۹۶۳ع ۽ گورنمينٽ گرلز ڪاليج ۱۹۷۲ع ۾ قائم ٿيا. پھريون ذڪر ڪيل ڪاليج،
پرائيويٽ هيو. ان کي ۱۹۷۲ع ڌري سرڪار سڳوريءَ پنھنجي تحويل ۾ ورتو. موجوده ضلعي ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي
مڊل اسڪولن جو تعداد ۵۲ آهي. بوائز ۽ گرلز هاءِ اسڪولز ۴۶ ۽ ۳ ڊگري ڪاليجن کان علاوه ٽيڪنيڪل، ڪمرشل ڪاليج،
ووڪيشنل انسٽيٽيوٽ ۽ حاجي مولابخش لا ڪاليج قابل ذڪر آهن.
صحت جي شعبي ۾ ضلعي
هيڊ ڪوارٽر ۾ راءُ بھادر اوڌوداس تاراچند سول اسپتال کان علاوه هيرانند
گنگاٻائي زنانه اسپتال، سر هينري هالينڊ اکين جي اسپتال، ڪرسچن زنانه اسپتال ۽
لکميچند ٽيڪچند ڊسپينسري موجود آهن. ضلعي جي تعلقن ۾، تعلقا اسپتالن کان علاوه
بنيادي صحت جا ڪافي مرڪز آهن.
شڪارپور ضلعو
بذريعه انڊس هاءِ وي روهڙي، ڪوئيٽا روڊ، لاڙڪاڻو، سکر ۽ جيڪب آباد بذريعه ريلوي
سکر ڪوئيٽا ڪراچي سان مليل آهي. ضلعي اندر ۷ ريلوي اسٽيشنون قائم آهن. ضلعو پنهنجي تعلقن خانپور، ڳڙهي
ياسين ۽ لکي غلام شاھ سان پڪن روڊن ذريعي منسلڪ آهي. عوام جي سهولتن کي پيش نظر
رکندي، محڪمه مواصلات ضلعي اندر پوسٽ آفيسون قائم ڪيون آهن. ٽيليفون ايڪسچينگ، مائڪروويوز
اسٽيشنن جي مدد سان شڪارپور کي ملڪ جي نيشنل ڊائلنگ سسٽم ذريعي منسلڪ ڪري رهيو
آهي. ان کان علاوه هڪ ٽي وي بوسٽر به موجود آهي. هوائي اڏو نه هجڻ جي صورت ۾ به پي
آءِ اي جو دفتر موجود آهي. قيام پاڪستان کان اول ۱۹۳۵ع ۾ انڊرگرائونڊ ڊرينيج سسٽم متعارف ٿيو. ان
کانپوءِ ۷۹-۱۹۷۸ع ۾ لکين رپين جي لاڳت سان صفائي ۽ مرمت ڪرائي وئي هئي. پر صفائيءَ واري
عملي جي غفلت ۽ لاپرواهي ڪري، پاڻي گھٽين ۽ روڊن تي بيھي رهي ٿو ۽ پيدل هلڻ وارن
لاءِ مسئلو پيدا ٿئي ٿو.
شڪارپور شھر ۾ بجليءَ
جي فراهميءَ جو عمل آگسٽ ۱۹۲۴ع کان شروع ٿيو. هي عمل، بلديه جي سابق صدر ۽ معروف وڪيل
مرليڌر پنجابيءَ جي ڪوششن سان پورو ٿيو. پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ اڄ پوري
ضلعي ۾ بجليءَ جي فراهميءَ سان گڏوگڏ گيس جي فراهمي به ڪيترن علائقن ۾ جاري آهي.
رانديگرن لاءِ ضلعي
۾ اسٽيڊيم موجود آهي. جڏهن ته ڪيتريون ئي ملون وغيره به موجود آهن، جن ۾ ملازم ڪم ڪري
رهيا آهن.
ضلعي ۾ ۲ قومي اسيمبلي ۽ ۴ صوبائي سيٽون آهن. قيام پاڪستان کان اول ۽
بعد ۾ جن ناميارن سياستدانن جو ذڪر لائق آهي تن ۾ شھيد الله بخش سومرو، سر غلام
حسين هدايت الله، ديوان بھادر مرليڌر، گنگا ديوي، خانبھادر مولابخش سومرو، احمد
خان سڌايو، آغا غلام نبي خان، رحيم بخش سومرو، آفتاب شعبان ميراڻي، الاهي بخش
سومرو، غوث بخش خان مهر، مير الطاف حسين خان ڀيو، افتخار احمد سومرو، ڊاڪٽر
ابراهيم جتوئي، جنيد احمد سومرو، آغا طارق خان ۽ ٻيا شامل آهن.
ضلعي شڪارپور جي
ادبي تاريخ به صدين کان ممتاز اديبن ۽ شاعرن جي ڊگھي فهرست سان ڀريل نظر اچي رهي
آهي، جن فارسي، عربي، سنڌي ۽ اردو ادب ۾ ڪافي نالو ڪمايو. انهن ۾ حاجي فقيرالله
شاه علوي، محمد عارف صنعت اعواڻ، ڀائي چين راءِ لُنڊ سامي، فقير غلام علي مسرور،
مولانا دين محمد وفائي، آغا صوفي، مولانا عبدالڪريم چشتي، لطف الله بدوي، جھامنداس
ڀاٽيا، کيئلداس فاني، عثمان علي انصاري، محمد حنيف صديقي، بولچند راجپال، شفيع
احمد علوي، حافظ خير محمد اوحدي، حبيب الله ڀٽو، ثميره زرين، شيخ اياز، احسان احمد
بدوي، لعل محمد لعل، نياز همايوني، بشير مورياڻي، آغا سليم، سليم چنا، تاج صحرائي،
بدر اڄڻ، پروفسر امين الله علوي، بيدل مسرور، خليل مورياڻي، عبدالخالق راز، نقش
ناياب منگي، امام بخش عاصم، امام بخش شمس، عبدالجبار عبد ۽ ٻيا شامل آهن.
ان کان لک ڀيرا وڌيڪ
قيمتي مواد اوهان ”شڪارپور: هڪ شھر، هڪ تاريخ“ ڪتاب پڙھي حاصل ڪريو. ثقافت کاتي
اهو بھترين ڪتاب ڇپايو آھي. هر سنڌي ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي پڙھن گهرجي.
شڪارپور جي
تاريخ:
شڪارپور، تاريخ ۾
انفرادي حيثيت رکي ٿو. تقريباً چار صديون اڳ قائم ٿيل هن شھر بابت ڪيترن محققن
مختلف روايتون بيان ڪيون آهن، جن مان اڪثر محقق هن شهر جي بنياد جو سال ۱۶۱۷ع ڄاڻائين ٿا جنھن جو پھرين انڪشاف ڪندڙ
انگريز عملدار ڪئپٽن اليگزينڊر برنس هو جيڪو لکي ٿو؛
”شڪارپور جي
اڏجڻ جو سال ۱۰۲۶ هه مطابق ۱۶۱۷ع آهي.“
اليگزينڊر ۱۸۲۸ع ڌاري قنڌار جي رستي بخارا ڏانهن ويندي شڪارپور
مان لنگهيو، جتي لکي در جي ٻاهران حاجي فقير الله شاهه علوي جي مسجد ۾ هڪ موجود ڪتبي
تي نظر پئي، جنهن تي فارسي ۾ لفظ ”غوڪ“ درج ٿيل هو.
غوڪ معني ڏيڏر ۽
ابجد جي حساب سان انهن حرفن جو تعداد ۱۰۲۶هه (غ= ۱۰۰۰+و= ۶+ڪ= ۲۰) ٿئي ٿو جنھن سان شڪارپور جي قيام جي تاريخ جي خبر پئي ٿي.
ان وقت هن علائقي جا مالڪ دائود پوٽا هئا.
شڪاپور جو بنياد
دائودپوٽن ۱۶۱۷ع وڌو. سن ۱۶۱۷ع ۾ جڏهن هنن لکي جي مھرن کي جنگ ۾ شڪست ڏني، تڏهن ھن شھر بنياد ٻڌائون.
رحيمداد خان مولائي
شيدائي ”تاريخ جنت السنڌ“ جي صفحي ۴۵۳-۴۵۴ تي هڪ انگريز مصنف جي بي مالسٽن (G.B Malleson) جي ڪتاب (Historical Sketch of The Native States of India Chap:
V pp. 347)
جي حوالي سان لکيو
آهي؛
”شھنشاھ جھانگير جي دور ۾ امير بھادر خان، مھرن جي قوم کي
شڪست ڏيڻ کان پوءِ جتوئين کي شڪست ڏئي لکي جو ڳوٺ تعمير ڪرايو. ”لکي ۽ خانپور“
وارا جهنگ، دائود پوٽن جا شڪار گاھ هئا، انهن مان بھادر خان دائود پوٽي، سلطان
ابراهيم شاھ جي فرمائش تي سن ۱۰۲۶ھه/۱۶۱۷ع ۾ نئين بستيءَ جو بنياد رکيو. شڪارپور اڳي انهيءَ هنڌ ڌاري
گهاٽا ٻيلا هئا ۽ حاڪم اتي شڪار لاءِ ايندا هئا ۽ انهيءَ ڪم لاءِ شڪار گاھ مقرر
هئا. داؤد خان ڪلهوڙن جي ڏاڏي کي اهو هنڌ مليل هو، جنھن جو اولاد داؤد پوٽا هئا ۽
اُهي انهيءَ هنڌ جا مالڪ هئا. داؤد جي اٺين پيڙهي بھادر خان هو جنھن کي اورنگزيب
بادشاھ وٽان لکي ۽ خانپور جاگير ٿي مليا. انهي جو اُٻاوڙي جي مھرن جي سردار شير
خان سان تڪرار ٿيو جنھن لکي کسي پنھنجي هٿ ڪئي. طرفين جي وچ ۾ سخت جنگ لڳي ۽ داؤد
پوٽن فتح ڪئي ۽ لکي موٽي ورتي. پوءِ انهيءَ فتح جي يادگيريءَ لاءِ شڪارگاھ جو جهنگ
وڍائي ميدان صفا ڪرائي اتي شھر ٻڌايائون ۽ انهي جو نالو شڪارپور رکيائون. اُهو سال
سنه ۱۰۲۶هه (سنه ۱۶۱۷ع) هو جو فارسي لفظ ”غوڪ“ مان ٿو نڪري ٿو جنھن جي معنيٰ ڏيڏر آهي ۽ جو شھر
جي لکي دروازي واري حاجي فقير الله واريءَ مسجد جي هڪڙي پھڻ تي اُڪريل آهي.
سنڌ گزيٽئر ۾ لکيل
آهي؛
”امير بھادر خان دائودپوٽي اول پنھنجي طاقت ۽ شجاعت سان
مقامي مھرن کي لڙائيءَ ۽ خونريزيءَ کانپوءِ هار ڏئي ڀڄايو، هي علائقو مھرن کان فتح
جي يادگار طور هن شهر جو بنياد وڌو جنھن جو نالو شڪارپور تجويز ڪيو ويو. ان مان
ثابت ٿئي ٿو ته امير بھادر خان دائودپوٽي اول سن ۱۰۲۶ هه ــ ۱۶۱۷ ھه ڌاري شڪارپور خود مختيار رياست جو بنياد
وڌو.
مرزا قليچ بيگ لکي ٿو؛
”شڪارپور شھر
دائود پوٽن جو هو. سنه ۱۶۱۷ع ۾ جڏهن هنن لکي جي مھرن کي جنگ ۾ شڪست ڏني. تڏهن هيءُ شھر ٻڌائون.“
دائودپوٽن جي ٽن حڪمرانن
بھادر خان اول امير محمد مبارڪ خان ۽ ان جي پٽ محمد صادق خان اول، تقريبن ۱۲۸ سالن تائين هن علائقي تي حڪومت ڪئي.
ميان دين محمد ڪلهوڙي
جي ڏينھن ۾ شڪارپور ۽ سيويءَ جا حاڪم پنيءَ جا افغان هئا. انهن سان ڪلهوڙن جو جهِيڙو
هليو. جڏهن سن ۱۱۲۴هه (سنه ۱۷۱۲ع) ۾ شاهزادو معزالدين آيو، تڏهن ڪلهوڙا انهيءَ جي لشڪر سان وڙهڻ لڳا جنھن
۾ ميان دين محمد گرفتار ٿي پيو. پر انهيءَ کان پوءِ ميان يار محمد جي ڏينھن ۾ وري ڪلهوڙا
زور وٺي ويا.
سؤ کن ورهين تائين
دائودپوٽن ۽ ڪلهوڙن جي وچ ۾ انهي شهر جي هٿ ڪرڻ لاءِ جهيڙو هليو آيو. ڪلهوڙن انهن
کان شھر کسيو، دائودپوٽا ملتان لڏي ويا جنھن کان پوء انهن کي مرشد اتي زمين عطا ڪئي،
پوءِ دائودپوٽن بھاولپور شھر قائم ڪيو.
ميان يار محمد جي ڏينهن
۾ اهو شھر پنوهرن جي هٿ ۾ هو ۽ انهيءَ جو نالو خدا آباد رکيائون. ميان يار محمد
خدا يار خان جي خطاب سان سيويءَ جو حاڪم مقرر ٿيو ۽ پوءِ بکر آيو. داؤد پوٽن ۽
پنين جو فساد ٿيو جو هن اچي بند ڪيو. اهي ڳالهيون سنه ۱۱۳۰هه (سنه ۱۷۱۷ع) ڌاري ٿيون. يار محمد کان پوءِ ميان نور
محمد جي ڏينھن ۾ سنه ۱۱۳۹هه (سنه ۱۷۲۶ع) ۾ هو وري به داؤد پوٽن سان وڙهيو ۽ نيٺ انهن کي جيتي اچي شڪارپور ۾ رهڻ
لڳو. پر ۱۱۵۰هه (سنه ۱۷۳۷ع) ۾ جڏهن نادر شاه آيو، تڏهن هن شڪارپور وري داؤد پوٽن کي ڏني ۽ سيوي
افغانن کي، جيئن اڳي هو.
سنه ۱۱۹۷هه (سنه ۱۷۸۲ع) کان پوءِ جڏهن ميان عبدالنبي گاديءَ تي
هو، تڏهن تيمور شاه بادشاه سنڌ تي ڪاهيو ۽ سندس لشڪر جو سردار عزت يار خان هو،
تنھن کي مير بجار خان شڪارپور وٽ شڪست ڏني جڏھن ته داؤد پوٽا، بروهي، افعان ٻيا سڀ
شاهي لشڪر سان شامل هئا تنھن تي تيمور شاه پاڻ آيو، اچي مير بجار خان کي ڏاڍي آبرو
ڏنائين ۽ ميان عبدالنبيءَ کي سنڌ جو پڪو حاڪم ڪيائين.
ڪلهوڙن ٽن سالن تائين
پنهنجو تسلط هن شھر تي تسلط قائم رکيو.
ڪلهوڙن کان افغاني
پٺاڻن شڪارپور شھر ڇڏايو ۽ پنهنجي قبضي هيٺ آندو، انهيءَ کي سيوي جي پرڳڻي سان
شامل ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ کان پوءِ افغاني قافلا اتي اچڻ لڳا ۽ واپار وڌڻ ڪري شاهوڪار
اچي گڏ ٿيا.اڪثر شهر ۾ سيد ۽ ملا ۽ افغان رهندا هئا. انهن مان مشهور ماڻهو هي هئا.
(۱) سيد محمد تقي بخاري ۽ سندس پٽ سيد ابو طالب ۽ سيد مير محمد (۲) حاجي فقير الله اهي ٻئي فضيلت ۽ علميت ۽
پرهيز گاري وارا ماڻهو هئا. نزديڪي ۾ ماڙي جو ڳوٺ آهي، جنهن ۾ لکي پير جي قبر آهي.
جنھن جي پٺيان لکيءَ جو ڳوٺ سڏجي ٿو. اتي هڪڙو گرم چشمو به آهي.
شڪارپور جو سڄو
عروج پٺاڻ دور سان وابسته آهي جن شھر جي ترقي ۽ تعمير ۾ حصو ورتو ۽ شهر جي چوڌاري
دائودپوٽن جي تعمير ڪرايل چارديواريءَ جي مرمت ڪرائي،چوگرد باغ لڳرايا، شهر جي
جامع مسجد نئين سر قائم ڪرايائون. احمدشاھ ابداليءَجي پٽ تيمور شاھ افغانستان کان
هندو تاجر گھرائي هت آباد ڪيا جن بخارا، ترڪستان، روس، ايران، چين، جاپان، تبت ۽
آفريڪا تائين واپار جو سلسلو جاري رکيو. واپار جي ڏينھون ڏينھن وڌندڙ گنجائش کي
پيش نظر رکندي ۱۷۹۰ع ڌاري هتي قلعي قافلي جي نئين سر تعمير ڪيائون.
ايرانين ۽ افغاني
درانين (گڏيل طور تي) ۷۷ ورهين تائين حڪومت ڪئي.
افغاني پٺاڻن کان ٽالپرن
شڪارپور شھر واپس ورايو. سن ۱۲۰۷هه (سنه ۱۷۹۲ع) ۾ ڪن ماڻهن جي چورت تي تيمور شاهه وري سنڌ تي ڪاهي
آيو ۽ مير فتح علي خان سامهون ٿيڻ لڳس، پر پوءِ صلح ڪيائون ۽ شاهه مير کي پڪو حاڪم
مقرر ڪيو. سنه ۱۲۱۸هه (سنه ۱۸۰۳ع) ۾ شاهه شجاع الملڪ سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ مير غلام علي خان لشڪر وٺي شڪارپور
آيو، پر پوءِ ڍل مقرر ڪري پٺ تي موٽي ويو. سنه ۱۲۳۰هه (سنه ۱۸۱۴ع) ۾ شاه شجاع الملڪ عظيم خان کان ڀڄي
حيدرآباد ۾ آيو. مير ڪرم علي خان لشڪر ڏيئي شڪارپور ۾ آڻي رهايس. عظيم خان ايوب
شاه کي لشڪر ڏيئي هن کي ڀڄائڻ لاءِ شڪارپور آيو. ٻئي لشڪر وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا، پر
سگهو ئي ميرن ٻارهن لک رپيا ڏيڻ قبول ڪيا ۽ شاه شجاع اتان ڀڄي لڌياني هليو ويو.
سنه ۱۲۳۳هه (سنه ۱۸۱۷ع) ۾ وري راجا رنجيت سنگهه نهال سنگهه جي هٿ
هيٺ لشڪر سنڌ ڏي موڪليو. مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان انهيءَ کي سامهون ٿيڻ
لاءِ شڪارپور ۾ لشڪر گڏ ڪيو، پر انگريزن جي دست اندازيءَ ڪري صلح ٿيو. سنه ۱۲۴۴هه (سن ۱۸۲۸ع) ۾ مير مراد علي خان جي وقت ۾ شاھ شجاع
الملڪ وري به ڀڄي سنڌ ۾ آيو ۽ شڪارپور جو شهر ۽ ان جي پيدائش هن کي رهڻ ۽ خرچ لاءِ
ڏني ويئي، پر مير جي مرڻ تي شاه شجاع الملڪ اُتي جو مالڪ ٿي ويهي رهيو ۽ آغا
اسماعيل شاه، جو شڪارپور جو ناظم هو، تنهن جي اطلاع ڏيڻ تي مير نور محمد خان لشڪر
موڪليو، جنهن سان خيرپور جو لشڪر به شامل ٿيو. طرفين جي وچ ۾ جنگ ٿي. گهڻا ماڻهو
مئا.، آخر صلح ٿيو ۽ شاه شجاع ٻارهن لک رپيا وٺي نڪري هليو ويو.
اڳتي هلي ٽالپر
راجا رنجيت سنگھ جي حملي جي خوف ۾ اچي ويا، راجا رنجيت سنگھ ٽالپرن کان ۱۲لک رپيا ڀنگ ڏيڻ جي گهر ڪئي جنھن تي ٽالپرن
انگريزن کي وچ ۾ آندو جن راجا رنجيت سنگھ سان ٽالپرن جو ۲۵ لک رپيا ڀنگ ڀري ڏيڻ جو ٺاھ ڪرايو.
سنه ۱۲۳۳هه (سنه ۱۸۱۷ع) ۾ وري راجا رنجيت سنگهه، نهال سنگهه جي هٿ
هيٺ لشڪر سنڌ ڏي موڪليو. مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان انهيءَ کي سامهون ٿيڻ
لاءِ شڪارپور ۾ لشڪر گڏ ڪيو، پر انگريزن جي دست اندازيءَ ڪري صلح ٿيو. سنه ۱۲۴۴هه (سن ۱۸۲۸ع) ۾ مير مراد علي خان جي وقت ۾ شاھ شجاع
الملڪ وري به ڀڄي سنڌ ۾ آيو ۽ شڪارپور جو شهر ۽ ان جي پيدائش هن کي رهڻ ۽ خرچ لاءِ
ڏني ويئي، پر مير جي مرڻ تي شاه شجاع الملڪ اُتي جو مالڪ ٿي ويهي رهيو ۽ آغا
اسماعيل شاه، جو شڪارپور جو ناظم هو، تنهن جي اطلاع ڏيڻ تي مير نور محمد خان لشڪر
موڪليو، جنهن سان خيرپور جو لشڪر به شامل ٿيو. طرفين جي وچ ۾ جنگ ٿي. گهڻا ماڻهو
مئا. آخر صلح ٿيو ۽ شاه شجاع ٻارهن لک رپيا وٺي نڪري هليو ويو.
سنه ۱۲۵۸هه _(سنه ۱۸۴۲ع) ۾ سر چارلس نيپئر ميرن سان عهدنامو ڪيو
ته مير انگريز سرڪار کي شڪارپور، ڪراچي، سبزل ڪوٽ ۽ عمرڪوٽ ڏيئي ڇڏين ۽ ٻيا به ڪي
شرط هئا. ميرن پهرين اُنهيءَ تي صحيح نه ٿي ڪئي، پر آخر ڪيائون.
سال ۱۸۴۲ع تائين شڪارپور ٽالپرن جي قبضي ۾ ئي رهيو.
سال ۱۸۴۳ع ڌاري شاھ شجاع، خيرپور ۽ حيدرآباد جي ميرن جي متحده فوج کي سکر جي نزديڪ
کرڙيءَ جي مقام تي شڪست ڏني ۽ ميرن کان چارلک رپيا نقد وٺي خراسان طرف روانو ٿي
ويو. شڪارپور جيڪو مشترڪه طور تي واليِ خيرپور ۽ حيدرآباد جي تسلط ۾ هيو، آخرڪار
فرنگين جي قبضي ۾ هلي ويو. جاگرافيائي لحاظ کان شڪارپور نهايت ئي اهميت جوڳي جاءِ
تي آباد آهي. اِهي ئي ڪارڻ هئا، جو انگريزن سنڌ تي قابض ٿيڻ کانپوءِ شڪارپور کي
سموري اُتر سنڌلاءِ ضلعي هيڊ وارٽر جي حيثيت ڏني.
جاگرافيائي لحاظ
کان شڪارپور نهايت ئي اهميت جوڳي جاءِ تي آباد آهي. اِهي ئي ڪارڻ هئا، جو انگريزن
سنڌ تي قابض ٿيڻ کانپوءِ شڪارپور کي سموري اُتر سنڌلاءِ ضلعي هيڊ وارٽر جي حيثيت ڏني.
اڳتي هلي انگريزن شڪارپور
تي قبضو ڪيو. سال ۱۸۴۳ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ انگريزن سنڌ کي ٽن ضلعن ۾ ورهايو، ڪراچي، حيدرآباد
۽ شڪارپور. اڳتي هلي انهن شڪاپور جي ضلعي جو درجو ختم ڪري ان کي نئين ضلعي سکر جو
تعلقو بڻايو. شڪارپور وچ ايشيا ۾ ڪاروبار
۾ مشھور هيو، شڪارپوري واپارين جون بخارا. سمرقندر، روس سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾
واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون هيون. شڪارپوري واپاري دنيا اندر پھريان واپاري هئا جن هنڊي
جو ڪاروبار متعارف ڪرايو.
تاريخي مطالعي مان
اهو معلوم ٿئي ٿو ته شڪارپور جي تاريخ هيٺين ڇھن دورن تي مشتمل آهي؛
۱. دائودپوٽن جو دور ۱۶۱۷ع کان ۱۷۴۵ ع تائين ۱۲۸ سال
۲. ڪلهوڙن جو دور ۱۷۴۵ع کان ۱۷۴۷ع تائين ۰۳ سال
۳.. افغاني پٺاڻن جو دور ۱۷۴۷ ع کان ۱۸۲۴ع تائين ۷۷ سال
۴. ٽالپرن جو دور ۱۸۲۴ع کان ۱۸۴۳ع تائين ۱۹ سال
۵. انگريزن جو دور ۱۸۴۳ع کان ۱۹۴۷ع تائين ۱۰۳ سال
۶. قيام پاڪستان کان اڄ تائين.
سال ۱۸۴۳ع ۾ سنڌ جي فتح کانپوءِ انگريزن سنڌ جو نظم
ونسق نئين بنياد تي قائم ڪري سنڌ کي ٽن تعلقن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ تقسيم ڪيو
۽ سنڌ جو دارالخلافه ۱۸۴۷ع تائين حيدرآباد رهيو تنهن کانپوءِ ڪراچي منتقل ڪيو ويو.
انگريزن جي دور ۾ شڪارپور
موجوده سنڌ جي چئن ضلعن گھوٽڪي، سکر، دادو ۽ لاڙڪاڻي جي حدن تائين پکڙيو. شڪارپور
سميت ۱۴ تحصيلن ميرپورماٿيلو، گھوٽڪي، روهڙي، سکر، پنوعاقل، نوشهروابڙو، رتوديرو،
لاڙڪاڻو، قنبر، نصيرآباد، لبِ دريا (موجوده ڏوڪري) ميهڙ ۽ ڪڪڙ جڏهن ته چار سب ڊويزن
روهڙي، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ميهڙ هيون. ايف جي گولڊ سمڊ “ترڪِ شڪارپور” ۽ اِي ايڇ ايٽڪنE H Eitken ضلعي شڪارپور جو ڪل رقبو ۱۱۵۳۲ مربع ميل لکيو آهي، جڏهن ته گزيٽيئر سنڌ ۾
تحصيل شڪارپور جو رقبو ۵۰۴ مربع ميل بيان ڪيو ويو آهي.
۱۸۸۳ع ۾ انگريز حڪمرانن شڪارپور مان تمام سرڪاري دفتر سکر منتقل ڪري ڇڏيا ۽
پهرين آگسٽ ۱۹۰۱ع تي سکر ۽ لاڙڪاڻي کي ضلعي هيڊڪوارٽر جو درجو ڏيئي ضلعي سکر جو حصو بڻايو
ويو.
مختلف وقتن تي هن شهر ۾ تعليمي، واپاري، ادبي،
سياسي ۽ انتظامي لحاظ کان ڪيترا ئي اڪابر ايندا رهيا، جن شهر جي مان کي گهڻو واکاڻيو
۽ مرتبي کي وڌايو. ڪيترن ئي عالمن، اديبن ۽ شاعرن کي هن شعر ۾ رهڻ جو موقعو مليو ۽
خود اُنهن جو به شڪارپور سان مختلف رخن کان هڪ خاص تعلق رهيو. سنڌي ادب جي ابو شمس
العلماء مرزا قليچ بيگ به سن ۱۸۹۱ع ۾ شڪارپور ۾ ائڪٽنگ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي سٽي مئجسٽريٽ جي
اعلى عهدي تي فائز رهيو.
شڪارپور کي پهرين
جولاءِ ۱۹۷۷ع تي ٻيهر ضلعي حيثيت ملي. رقبي جي لحاظ کان موجوده ضلعو ۲۸۶۸ مربع ڪلوميٽر ۽ چئن تعلقن شڪارپور ۵۶۱ ڪلوميٽر، خانپور ۶۶۴ مربع ڪلوميٽر، ڳڙهي ياسين ۹۷۶ ڪلوميٽر ۽ لکي ۶۶۷ ڪلوميٽر تي مشتمل آهي. چئن تعلقن ۾ سپروائزري سرڪل، ۶۳ تپا ۽ ۲۱۸۷ ڳوٺن کان علاوه هڪ ميونسپل ڪاميٽي، ۷ ٽائون ڪاميٽيون، ۳ مارڪيٽ ڪاميٽيون، ۳۳ يونين ڪائونسلون، ۴۲ پوليس اسٽيشنس ۽ ۵۷ پوسٽ آفيسون آهن. سال ۱۹۸۱ع جي آدمشماري مطابق ضلعي جي آدمشماري ۶۱۹۵۷۶ هئي، جڏهن ته ۱۹۹۸ع جي آدمشماري ۸۶۶۰۰۰ ٿي وئي.
کٽاڻ جي صنعت:
شڪارپور کٽاڻ جي
صنعت ڪري به مشهور آهي، ماضي ۾ کٽاڻ نيڀن پور ۾ سومرا، هاٿي در تي سومرا ۽ بوٽ
بازار ۾ سُرها صديقي پنهنجن گهرن ۾ ٺاهيندا هيا پر هاڻي شڪارپور کٽاڻ ٺاھڻ جو ڪم
انڊسٽري ۾ تبديل ٿي ويو آهي. شھر ۾ مولابخش آچار ۽ سڪندر آچار کٽاڻ جا وڏا انڊسٽريل
يونٽ آھن.
شڪارپور جا ڊکڻ:
شڪارپور ۾ ڪاٺي جا ڪاريگر
پنهنجو مٽ پاڻ هئا. هو ڪاٺي تي اوزارن جي مدد سان، دنيا جھان جي خوبصورتي جا عڪس اڀاري
سڀ کي حيران ڪري ڇڏيندا هئا. سندن ڪاريگري جا عڪس جيڪي شڪارپور جي خوبصورتي جو
حوالو بڻيا سي اڄ ماڻهن جي ڌيان تان هٽي پنھنجي اصلي رنگ تان ئي ڦري ويا آهن يا کڻي
ائين چئون ته گرمي جي سٽ نه سهي پورا ٿيڻ تي آهن. برسات جو پاڻي پوڻ ڪري ان ڪاٺيءَ
مان ڇيتيون نڪرڻ لڳيون آهن پر پوءِ به ڊزائين ۽ فن جي اعليٰ مھارت ڏسي من ۾ انهن
فن پارن جو ۽ ڪاريگرن لاءِ ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ اثر جڙي ٿو. غور ڪري ڏسون ٿا ته ڪاريگرن
جي اها ڏينھن رات واري ڪاٺي تي ڪيل محنت پئسن ڪمائڻ خاطر نه پر شھر چمڪائڻ لاءِ ڪيل
ٿي ڀائنجي. ڇا ته ڪاريگري ٿي ڏسجي ڀلا ڪير ٿو اهڙا معجزي جھڙا شاهڪار وساري سگهي ٿو؟
وقت جي تيز رفتار ۽
نئين نسل جي نئين سوچ ڀلي لالچ جو زنجير
ويڙهي ڪري گهڻا تڻا قيمتي ڪڻا ٻاهرين ملڪن وارن کي کپائي ڇڏيا هجن پر پوءِ به جتي
جتي شڪارپوري ڪاريگرن جون ٺاهيل اهي گئلريون، مھاڙيون، دريون ۽ دروازا لڳل هجن اتي
اسان جو هينئڙو ٺارين ٿا ته انهن جا تخليقڪار اُهي هٿ آهن جيڪي شڪارپور ۾ اُسريا
آهن. جن جو روح دنيا ۾ جتي به گهمي آيو اتان جي خوبصورتي جا عڪس ساڻ کڻي آيو ۽ شڪارپور
کي اهڙو ته چمڪايو جو شهر جي اها رونق پڇاڙي ۾ به جوانن جا ذهن پاڻ ڏانھن موڙي ٿي.
ڊکاڻڪي ڪم ۾ جتي ڪاٺ
سان لاڳاپيل گهڻو تڻو ڪم اچي وڃي ٿو، تنهن ۾ رنبيءَ جي ڪم کي خاص اهميت حاصل آهي، ڪاٺيءَ
تي مختلف چِٽ چٽي فنڪارن شهر کي جا رونق بخشي سا ڪم سان گڏ اڄ تائين کين ياد ڪرائيندي
ٿي اچي.
شڪارپور ۾ ڪاٺي جي
بھترين ڪاريگرن مان استاد امير بخش بابلاڻي به هڪ ٿي گذريو آهي جنهن پنھنجي فن سان
شھر جي گهرن گهٽين کي سجايو ۽ پنھنجا شاگرد پيدا ڪري فن کي پڻ وسعت بخشي. مون کي
سندس شخصيت ڏاڍو متاثر ڪيو آهي شھر جي ڳلين ۾ رولاڪ ٿي پرين جي پسڻ جھڙي تمنا جو
ساڻ کڻي گهمان ٿو ته سچ پچ مرحوم جو ڪم لاجواب ٿو پسان. ڪاٺي جي ٽڪري تي اُڪنڊ سان
اُڪر ڪري جيڪي نقش ڇڏي ويو آهي سي لاجواب آهن. استاد امير بخش شڪارپور ۾ بابلاڻين جي
پاڙي ۾ ڪاٺيءَ جي ڪاريگر استاد غلام حسين بابلاڻي جي گهر ۾ ۱۸۷۲ع ڌاري ڄائو، پنهنجي والد جو پنجن پٽن مان
ننڍڙو، لاڏلو ۽ پيارو پٽ هو. هن جي تربيت والدين جي نگراني ۾ ٿي. مذهبي ۽ دنياوي
تعليم ورتائين ته والد سان گڏ ڪاٺي جي ڪم
۾ جوهر ڏيکارڻ لڳو ۽ رنبيءَ جي ڪم سان واڳجي ويو. ننڍپڻ ۾ ئي ڊزائين ليڪي پنهنجي
والد جي اڳيان کڻي ايندو هو ته استاد غلام حسين ٺري پوندو هو. پٽ جي ڪاريگري تي
سرهو ٿي ساٿين کي ٻڌائيندو هو ته منھنجي ڪاريگري جو عڪس منهنجي ٻي اولاد جيان هن ۾
به آهي. مان ڏسان ٿو ته امير بخش پنهنجي اباڻي ڪرت ۾ گهڻو اڳتي وڌندو. جوان ٿيو ته
مائٽن مان وهانءُ رچائي گهر ڌڻي ٿيو. ٻن نياڻين ۽ پنجن پٽن جو اولاد عطا ٿيس. ورهاڱي
کان اڳ هند ۽ سنڌ جا هندو توڙي مسلمان پنهنجي گهر اندر ڪاٺي جا فن پاره کانئس ٺھرائيندا
هئا. ان ڪم ڪار ۾ استاد جا شهرين ۽ ٻاهرين سيٺين ۽ واپاري توڙي هر طبقي جي ماڻهن
سان دوستاڻا تعلقات رهيا. وقت بوقت پنهنجي ڪم جي ڪري مڃتا حاصل ڪندو رهيو. پنهنجي
فن ۾ مھارت هئڻ ڪري مختلف انعام حاصل ڪيائين، ايترو ئي نه پر فن جي مڃتا ۾ حج جي ٽڪيٽ
به ماڻيائين.
پنھنجي دور جو
ناميارو ڪاريگر شڪارپور کان بمبئي ۽ ٻين ملڪن تائين سندس هٿ جا هنر جو نروار ٿيا ته
هٿ جي صفائي ۽ محنت جي واکاڻ ٿيڻ لڳي. گهرن کان بنگلن تائين اوطاقن کان دفترن
تائين مڪتبن کان امام بارگاهن تائين استاد امير بخش جي ڪاريگري اڄ به ڏسندا آهيون
ته دنگ رهجي ويندا آهيون. منھنجو دلبر دوست شهيد آزاد علي بابلاڻي ٻڌائيندو هو
استاد امير بخش نه
صرف ڪاٺيءَ جو ڪاريگر هو پر نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ جا ڪم سرانجام ڏيڻ وارو شخص هو.
سماجي ڪمن ڪارين ۾ هٿ ڳنڍيندو هو. ڪو دور هو جو پنھنجي نياڻين ۽ پٽ محمد منير جي هٿن
۾ ڀريل ٿالھ ڏئي کاڌي پيتي جون شيون ۽ ٻيو ضرورت جو سامان غريبن ۾ ورهائي پوءِ
گهران نڪرندو هو. استاد امير بخش جي ٻي سڃاڻپ اها به هئي ته هو جاين جا نقشا به ڪڍندو
هو. پاڻ پنھنجي ڪم ۾ لاثاني هو.
پنھنجي فن اندر
لاتعداد شاگرد تيار ڪيائين. اڇو ۽ بوسڪي جو وڳو ۽ سنڌي پٽڪو سندس پوشاڪ هوندي هئي.
سادو کاڌو ڌال چانور کائڻ پسند ڪندو هو.
تاريخ ۲۹ جون ۱۹۴۰ع تي هي جهان ڇڏيائين. سندس جنازي نماز ۾
سياسي، مذهبي، سماجي ۽ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن ۽ شھرين شرڪت ڪئي ۽ کيس چڻنگي مقام
۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جي پوين مان سندس پٽ ۽ پوٽا رنبيءَ جي ڪم سان اڄ
به لاڳاپيل آهن.
حوالا:
شڪارپور سنڌنامو
شڪارپور سنڌ سلامت
شڪارپور سنڌي وڪيپيڊيا
شڪارپور جا ڊکڻ حسيب ناياب منگي
شڪارپور تاريخ جي
آئيني ۾؛ نقش ناياب منگي ۽ حسيب ناياب منگي
(اي ڪي مغل طرفان فيسبڪ پيج ”سنڌي ٻولي ۽ ادب“ تي رکيل پوسٽ تان ۲۵ نومبر ۲۰۲۱ع تي کنيل)


Comments
Post a Comment