Skip to main content

Posts

Showing posts from December, 2019

ڪنڊيارو - شفيق جوکيو

ڪنڊيارو نرمل نيارو شفيق جوکيو ڪنڊيارو اصل شهر هڪ دڙي تي ٻڌل آهي، جيڪو اٺ ڪلو ميٽر چورس تي پکڙيل آهي. سڄي شهر ۾ ۳۰ کن ننڍيون وڏيون چاڙهيون ۽ لنهواريون آهن. جيڪي وڌ ۾ وڌ ۸۰ فوٽ، گهٽ ۾ گهٽ ۴۰ فوٽ تي مشتمل آهن.

ھيرو خان جو قديم قبرستان - عزيز ڪنگراڻي

ھيرو خان جو قديم قبرستان عزيز ڪنگراڻي ڳوٺ هيرو خان جوهي تعلقي، ضلعي دادو ۾ ڪاڇي واري علائقي ۾ قديم ڳوٺ آهي. هيءُ ڳوٺ جوهي شهر کان اٽڪل ۲۵ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اتر-اولهه ۾ قائم آهي. مقامي روايتن موجب هيرو خان لغاري هو جيڪو وڏو اثر رسوخ رکندڙ شخص هو. غالبن هيرو خان ڪلهوڙن جي دور جو هو. ڪلهوڙن جي دور ۾ ميانوال تحريڪ جي سرگرم ڪارڪن فوجي فقير جو تعلق به ڳوٺ هيرو خان سان هو.

ڪاڪڙيءَ جو قلعو - محمد صالح سولنگي

ڪاڪڙيءَ جو قلعو سنڌي مزاحمت جو اھڃاڻ محمد صالح سولنگي تاريخي ماخذن مطابق ڪاڪڙي هڪ پرڳڻي جو نالو آهي. گمبٽ جي آسپاس ۾ موجود ڪاڪڙي پرڳڻي جي سڃاڻپ ماضي ۾ سنڌ جي مزاحمت جو اهم اهڃاڻ رهي آهي. جيتوڻيڪ، تاريخ ۾ هن پرڳڻي جو ڪو خاص ذڪر نٿو ملي. پر اسٿاني روايتن مطابق هن پرڳڻي ۾ هڪ قلعو هوندو هو، جنهن کي پڻ “ڪاڪڙي جو قلعو” چيو ويندو هو. هي اهو قلعو آهي، جنهن جي دفاع ۾ ڌرتي ڌڻين خون جو خراج پيش ڪيو.

ستين جو آستان - عزيز ڪنگراڻي

ستين جو آستان ۽ تاريخ جو بدترين بگاڙ عزيز ڪنگراڻي سنڌ جي تاريخ توڙي سنڌ جي اڪثر اهم تاريخي ماڳن جي اصل تاريخ سان ويڌن ٿيل آهي. ڪنهن به مورخ انهن بابت ڪا مستند تحقيق پيش رفت نه ڪئي آهي. تاريخ کي به افسانوي ادب سمجهي لکيو ويو آهي. اهو ڪلور روهڙي ڀرسان ستين جي آستان نالي ماڳ سان به ٿيل آهي.