Skip to main content

ڪارو ڪوٽ - عابد لاشاري


ڪارو ڪوٽ
تاريخي ماڳ
عابد لاشاري
ڪارو ڪوٽ، ضلعي دادو جي تعلقي جوهيءَ جي شهر واهي پانڌي کان اٽڪل ۱۵ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، اولهه طرف کيرٿر جي جابلو سلسلي ۾، نئين نلي جي ڪناري تي، تمام اوچي ٽڪري تي واقع آهي. هيءُ ماڳ، قبل مسيح جي دور جو ٻڌايو وڃي ٿو. وسندي نئي نلي جي وچ وارن ٽڪرن جي مٿان ٺهيل آهي. مٿي ان ڪري ٺهيل آهي ڇو جو ان وقت جا ماڻهو اڪثر ڪري مٿانهن هنڌن تي گهر اڏي ويهندا هئا، ڇاڪاڻ ته جنگين ۽ ويڙهه جو خطرو موجود هوندو هو ۽ مٿان مورچا سنڀاليا ويندا هئا ۽ هيٺيان ايندڙ دشمنن کي پري کان ئي روڪيو ويندو هو. ان صورتحال کي مدنظر رکي هي وسندي به نئين نلي جي ڪناري وارن ٽڪرن جي مٿان ٺاهي وئي هئي. هن وسندي جي اولهه ۽ اتر طرفن کان وڏيون کاهيون آهن پر اوڀر ۽ ڏکڻ طرفن کان هن وستي کي پٿرن جي ديوار ڏنل هئي، اها ديوار وڏن پٿرن سان ٺهيل هئي جيڪا هاڻ آخري پساهن ۾ موجود آهي. وستي ۾ موجود گهرن جا صرف نشان ئي رهيا آهن ۽ جا هاڻ دڙي جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي.


هن وستي کي ڪافي مقامي ماڻهو راجا ڏاهر سان منسلڪ ڪندا آيا آهن، سندن چوڻ آهي ته هي وستي راجا ڏاهر جي رهائش هئي. راجا ڏاهر ڪافي عرصو هتي رهيو، جڏهن ته محقق عزيز ڪنگراڻي سميت ٻين ليکڪن جو چوڻ آهي ته هي وستي ڏاهر جي زماني کان به اڳ جي آهي. هن جا اهڃاڻ ق.م واري دور جا لڳن ٿا جنهن بابت مستند تحقيق جي گهرج آهي. هتي صرف هي وستي نه پر نئين نلي جي ڪناري ڪيتريون ئي تاريخي جايون موجود آهن. قديم آثارن مان لڳي ٿو ته ڪاري ڪوٽ جو علائقو ماضيءَ جو شاهوڪار علائقو رهيو هو. محقق ٻڌائين ٿا ته واهي پانڌي شهر کان اولهه طرف کيرٿر جي جابلو پٽي وارو علائقو نئين نلي ۽ ان جو علائقو ڪارو ڪوٽ ۾ ان زماني ۾ ماڻهن جي تمام گهڻي اچ وڃ هوندي هئي ڇو ته سنڌو تهذيب واري دور ۾ يا ان کان پوءِ هن علائقي مان واپاري قافلا موجود قديم رستن سان گذرندا هئا. تڏهوڪي زماني ۾ سنڌ ۽ هاڻوڪي پاڪستان جي صوبي بلوچستان مان ٿيندا اولهه جي ملڪن ڏانهن ويندا هئا. هتان ايندڙ ويندڙ واپاري قافلا هن علائقي ۾ ترسندا هئا ۽ وڏي آبادي هن علائقي ۾ رهائش پذير هئي. ان جو هڪ سبب هي ٻڌايو وڃي ٿو رني ڪوٽ جيان هن علائقي ۾ قدرتي چشمن جي موجودگي هو. پاڻي جي ڪري آڳاٽي زماني جا ماڻهو اندر جابلو علائقي ۾ رهائش اختيار ڪندا هئا. ڪاري ڪوٽ کان سزو ڊرهه تائين نئين نلي ۾ ماڻهو وڏي انگ ۾ آباد هئا، جنهن جا اهڃاڻ ملن ٿا.
منهنجي خيال ۾ ڪاڇي پر سنڌ سطح تي هن علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ پٿرن تي چٽسالي ملي آهي جنھن مان خبر پوي ٿي ته ماضيءَ ۾ هي علائقو پنهنجي عروج تي هو جنهن ڪيترا آثار مليا آهن. تازو ئي محقق عزيز ڪنگراڻي کي وڏي ريسرچ کان پوءِ سنڌو لکت (Indus Script) ملي آهي، جيڪا موهن جي دڙي واري دور جي لکت آهي. هي علائقو به تڏهن سنڌو تهذيب جي شهرن سان ڳنڍيل هوندو. هن علائقي ۾ ڪيتريون تاريخي وسنديون آهن جن تي حڪومت طرفان ڪا تحقيق نه ٿي سگهي آهي. انهن تي تحقيق ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي جيئن تاريخي شين کي محفوظ بڻائي سگهجي.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

جوڻاڻي

جوڻاڻي جَناني Junani - هڪ قديم وساريل شهر تحقيق ۽ تعارف: ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جوڻاڻيءَ جو قديم تاريخي شهر، سنڌ صوبي جي ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي وارهه ۾ هڪ قديم ۽ سهڻو شهر ٿي گذريو آهي. هيءُ شهر سنڌونديءَ جي اوڀر ڪناري تي آباد ۽ وڻندڙ هيو. هن وقت موجوده وهڪري کان گهڻو اولهه طرف واقع آهي. ”هن درياهه جو بنياد سنڌودرياهه جا وهڪرا آهن، جيڪي اولهه کان اوڀر طرف پيٽ مٽائيندا رهيا آهن. جڏهن ”جهڪر جو دڙو“ ۽ ”لوهم جو دڙو“ آباد هئا. تڏهن درياهه انهن جي اولهه طرف وهندو هئو. هن زماني ۾ اهي دڙا خود درياهه جي اولهه ۾ آهن ۽ اها جاءِ وقوع جي تبديلي هنن دڙن جي تباهيءَ جو واضح سبب آهي.“ (صديقي- ۵۱ - ۱۹۹۶ ع) سنڌودرياهه جي وهڪرن بابت هڪ الڳ مضمون ۾ بيان ڪيو آهي، هتي اهڙي ذڪر ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. مٿئين احوال جي آڌار تي چئي ٿو سگهجي ته سنڌو درياهه پنهنجا پاسا مٽائيندو رهيو آهي. جنهن جي ڪري ڪي شهر ڦِٽندا ويا ته ڪن جو وري نئون بنياد پيو. اهڙن شهرن جي اُسرڻ ۽ برباد ٿيڻ جو سنڌودرياهه ئي جوابدار آهي. ”سنڌ جون بستيون پراچين دور کان وٺي سنڌونديءَ جي سهاري آباد پَئي ٿيون آهن. ۽ انهي موجي درياهه جي ر...