ڪارو ڪوٽ
تاريخي ماڳ
عابد لاشاري
ڪارو ڪوٽ، ضلعي دادو جي تعلقي
جوهيءَ جي شهر واهي
پانڌي کان اٽڪل ۱۵ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، اولهه طرف کيرٿر جي جابلو سلسلي ۾، نئين نلي جي ڪناري تي، تمام اوچي ٽڪري تي
واقع آهي. هيءُ ماڳ، قبل مسيح جي دور جو ٻڌايو وڃي ٿو. وسندي نئي نلي جي وچ
وارن ٽڪرن جي مٿان ٺهيل آهي. مٿي ان ڪري ٺهيل آهي ڇو جو ان وقت جا ماڻهو اڪثر ڪري
مٿانهن هنڌن تي گهر اڏي ويهندا هئا، ڇاڪاڻ ته جنگين ۽ ويڙهه جو خطرو موجود هوندو
هو ۽ مٿان مورچا سنڀاليا ويندا هئا ۽ هيٺيان ايندڙ دشمنن کي پري کان ئي روڪيو
ويندو هو. ان صورتحال کي مدنظر رکي هي وسندي به نئين نلي جي ڪناري وارن ٽڪرن جي مٿان
ٺاهي وئي هئي. هن وسندي جي اولهه ۽ اتر طرفن کان وڏيون کاهيون آهن پر اوڀر ۽ ڏکڻ
طرفن کان هن وستي کي پٿرن جي ديوار ڏنل هئي، اها ديوار وڏن پٿرن سان ٺهيل هئي جيڪا
هاڻ آخري پساهن ۾ موجود آهي. وستي ۾ موجود گهرن جا صرف نشان ئي رهيا آهن ۽ جا هاڻ دڙي جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي.
هن وستي کي ڪافي مقامي
ماڻهو راجا ڏاهر سان منسلڪ ڪندا آيا آهن، سندن چوڻ آهي ته هي وستي راجا ڏاهر جي
رهائش هئي. راجا ڏاهر ڪافي عرصو هتي رهيو، جڏهن ته محقق عزيز ڪنگراڻي سميت ٻين ليکڪن
جو چوڻ آهي ته هي وستي ڏاهر جي زماني کان به اڳ جي آهي. هن جا اهڃاڻ ق.م واري دور
جا لڳن ٿا جنهن بابت مستند تحقيق جي گهرج آهي. هتي صرف هي وستي نه پر نئين نلي جي ڪناري
ڪيتريون ئي تاريخي جايون موجود آهن. قديم آثارن مان لڳي ٿو ته ڪاري ڪوٽ جو علائقو
ماضيءَ جو شاهوڪار علائقو رهيو هو. محقق ٻڌائين ٿا ته واهي پانڌي شهر کان اولهه
طرف کيرٿر جي جابلو پٽي وارو علائقو نئين نلي ۽ ان جو علائقو ڪارو ڪوٽ ۾ ان زماني
۾ ماڻهن جي تمام گهڻي اچ وڃ هوندي هئي ڇو ته سنڌو تهذيب واري دور ۾ يا ان کان پوءِ
هن علائقي مان واپاري قافلا موجود قديم رستن سان گذرندا هئا. تڏهوڪي زماني ۾ سنڌ ۽
هاڻوڪي پاڪستان جي صوبي بلوچستان مان ٿيندا اولهه جي ملڪن ڏانهن ويندا هئا. هتان
ايندڙ ويندڙ واپاري قافلا هن علائقي ۾ ترسندا هئا ۽ وڏي آبادي هن علائقي ۾ رهائش
پذير هئي. ان جو هڪ سبب هي ٻڌايو وڃي ٿو رني ڪوٽ جيان هن علائقي ۾ قدرتي چشمن جي
موجودگي هو. پاڻي جي ڪري آڳاٽي زماني جا ماڻهو اندر جابلو علائقي ۾ رهائش اختيار ڪندا
هئا. ڪاري ڪوٽ کان سزو ڊرهه تائين نئين نلي ۾ ماڻهو وڏي انگ ۾ آباد هئا، جنهن جا
اهڃاڻ ملن ٿا.
منهنجي خيال ۾ ڪاڇي پر
سنڌ سطح تي هن علائقي ۾ سڀ کان وڌيڪ پٿرن تي چٽسالي ملي آهي جنھن مان خبر پوي ٿي
ته ماضيءَ ۾ هي علائقو پنهنجي عروج تي هو جنهن ڪيترا آثار مليا آهن. تازو ئي محقق
عزيز ڪنگراڻي کي وڏي ريسرچ کان پوءِ سنڌو لکت (Indus Script) ملي آهي، جيڪا موهن جي دڙي واري
دور جي لکت آهي. هي علائقو به تڏهن سنڌو تهذيب جي شهرن سان ڳنڍيل هوندو. هن علائقي
۾ ڪيتريون تاريخي وسنديون آهن جن تي حڪومت طرفان ڪا تحقيق نه ٿي سگهي آهي. انهن تي
تحقيق ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي جيئن تاريخي شين کي محفوظ بڻائي سگهجي.
Comments
Post a Comment