Skip to main content

ٺاروشاھ جنڪشن


ٺاروشاھ جنڪشن خاموش آھي
علي رضا قاضي
Image result for Tharushah junction station
ماضيءَ جي شاندار جڳهه، ساهتي پرڳڻي جي مرڪزي شهر ٺارو شاهه جي ڪاروبار ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت ۾ ڪم ڪندڙ جنڪشن کي “شاندار ماضيءَ جو اجڙيل استعارو” چئي سگهجي ٿو. شهر جي اولهه واري پاسي مٺياڻي- دليپوٽا روڊ تي موجود هي ريلوي اسٽيشن هاڻي ويران کنڊر کانسواءِ ڪجهه به ناهي. ان ويراني ۾ جيڪڏهن توهان جو اتان لنگهه ٿئي ته ڪجهه معصوم ٻار گهيري ويندا، هي پينو فقيرن جا ٻار آهن، جيڪي نه ٿا ڄاڻن ته جنهن جڳهه تي بيهي “الله تو کي آفيسر ڪندو، ڪجهه پئسا ڏئي وڃ.” جي صدا هڻي رهيا آهن. اها جاءِ ماضي قريب ۾ هن تاريخي شهر جي ڪيتري مصروف جڳهه رهي آهي.


ريلوي جي ٻوليءَ ۾ جنڪشن انهي اسٽيشن کي چئبو آهي، جتان هڪ کان وڌيڪ ريل گاڏيون ڪراس ڪن. هڪ کان وڌيڪ ٽرين ته پنهنجي جي جڳهه تي پر هاڻي هتان هڪ به ريل گاڏي ڪراس نه ٿي ڪري. سنڌ جي نامياري اديب عمرالدين بيدار پنهنجي ناولٽ “ٺارو شاهه جنڪشن” ۾ هن اسٽيشن جي عروج جي عاليشان تصوير پيش ڪئي هئي پر هاڻي ڪو به بيدار نه رهيو آهي، جيڪو هن جنڪشن جي زوال جي ڪهاڻي بيان ڪري! مون سميت صبح يا شام جو شهر جا ڪجهه ماڻهو واڪ جي بهاني ان جنڪشن تي اچن ٿا. مان هر ڀيري حسرت جي نگاهه سان جنڪشن کي ڏسندو هئس. تر جي ڪجهه ماڻهن کان انهي جي اجڙڻ جو داستان معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم ته اڪثريت اڻ ڄاڻ ملي، ان باوجود هٿ پير هڻي هيٺين ڄاڻ حاصل ڪئي آهي:
ريلوي جي سرڪاري ڪاغذن ۾ هن سيڪشن جو آغاز آگسٽ ۱۹۲۹ع ٻڌايو ويو آهي، جيڪو ماضي قريب يعني ۱۹۹۱ع جي جولاءِ مهيني ۾ پنهنجي پڄاڻي تي پهتو. انگريز سرڪار طرفان علائقي جي عوام جي سهولت لاءِ ٺهرايل هي ٽريڪ محرابپور کان پڊعيدن ۷۰ ڪلوميٽر، اهڙي ريت پڊعيدن کان ٽنڊو آدم ۱۷۶ڪلوميٽر جي مفاصلي تي وڇايل هو. انهي جي وچ ۾ ۲۶ ريلوي اسٽيشنون، ۵ جنڪشن، ٽنڊوآدم، سڪرنڊ، پڊعيدن، ٺارو شاهه ۽ محرابپور ايندا هئا، جيڪي ۱۹۹۱ع ۾ سرڪار جي هڪ ئي ڌڪ سان ختم ٿي ويا. انهن جنڪشنن ۾ ٽنڊوآدم، پڊعيدن ۽ محرابپور ته پنهنجي مين لائين تي هجڻ جي ڪري زندهه رهيا. باقي رهيل ٻه جنڪشن جن ۾ سڪرنڊ ۽ ٺارو شاهه جياپي جي جنگ هارائي ويا.
جنڪشن بند ٿيڻ خلاف هتان جي شهرين احتجاج پڻ ڪيا پر اهي شايد ايترا موثر نه هئا. جن تي سرڪار سڳوري ڌيان ڌري ها. نتيجي ۾ ڪالهه جي شاندار ماضي، حال جي کنڊر ۾ تبديل ٿيڻ ۾ گهڻي دير نه ڪئي. هتان جي ماڻهن جي آخر ۾ ايتري به خواهش رهي ته جيڪڏهن ريلوي کاتو سمجهي ٿو ته مسافر گاڏين جي هلڻ جي ڪري اهو مالي خساري ۾ آهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ مال گاڏين لاءِ مارشلنگ يارڊ رهڻ ڏنو وڃي. ان مطالبي کي سامهون رکندي، مسافر ٽرين جي بند ٿيڻ بعد به ٽي سال هن جنڪشن تان مال گاڏيون ٺارو شاهه جي ڪاروبار لاءِ وڏي وٿ ثابت ٿيون پر آخر ڪيستائين؟ ٺاروشاهه جنڪشن کي ماضيءَ جو استعارو جو بڻجڻو هو. اهي مال گاڏيون به ۱۹۹۴ ڌاري پنهنجي وجود وڃائي ويٺيون، پوءِ ٺارو شاهه جنڪشن جون اهي بي مثال پٽڙيون اردو جي محاوري “مال مفت، دل بي رحم” جي مصداق بڻجي ويون. جنهن جتان آيو. انهيءَ اتان پٽڙيءَ کي اکيڙي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي.
“عشق لٽندو رهيو، لوڪ ڏسندو رهيو”
انهي سڄي واردات ۾ انتظاميه خاموش رهي يا ٻين لفظن ۾ اکيون ٻوٽي ڇڏيون. ريلوي کاتي به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ... بس، ڪجهه انڌا منڊا ڪيس داخل ڪرايا ويا، جيڪي به دفترن جي حوالي ٿي ويا، نتيجي ۾ اڳتي هلي انهن جو به آڳو پيڇو نه ٿي سگهيو. پٽڙي ۾ استعمال ٿيل سون جهڙو لوهه، لاهور تائين جي چور بازارن ۾ بي توقير ۽ اڻ ملهيو وڪامندو رهيو! اسڪاٽ لينڊ ۽ آئرلينڊ جي انهن عظيم انجنيئرن جي ٽيڪنيڪ ۽ صوبي خيبر پختونخوا جي سخت جان مزدورن جي محنت پاڻي ۾ ملي وئي. اهي ڪاريگر جيڪي محنت ۽ هنر کي عبادت سمجهندا هئا، پنهنجون ننڊون قربان ڪندي، هي ٽريڪ مڪمل ڪيو هو، انهن جي محنت لڙهي وئي.
اڄ انهي عظيم استعاري ۾ سواءِ تاريخ جي ڪجهه به نه بچيو آهي. اهو ٺارو شاهه جنڪشن جنهن جي ڪنهن بينچ تي ريل جي انتظار ۾ ويٺل عمرالدين بيدار کي ناولٽ “ٺارو شاهه جنڪشن” لکڻ جو خيال آيو هوندو يا اهو جنڪشن جتان ۱۹۵۵ع ۾ ماسٽر چندر پنهنجي ماتر ڀومي ڏسڻ لاءِ جلوس جي شڪل ۾ آيو هو. اتي هاڻي “سائين خدا جي واسطي، پنهنجي ٻچن جي واسطي هڪ رپيو ڏئي وڃ“ جي صدائن کانسواءِ ڪجهه به نه رهيو آهي!

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]