Skip to main content

ڪلان ڪوٽ - عنايت کٽياڻ


عنايت کٽياڻ
Image result for ‫ڪلان ڪوٽ‬‎
هيءُ ڪوٽ مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي، ڪراچيءَ کان ويندي، سڄي هٿ واري پاسي تي مڪليءَ جي شهر کان ٻاهرئين باءِ پاس کان ۵ ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف آهي. باءِ پاس کان، غُلام الله شهر ڏانهن ويندڙ رستي جي کٻي هٿ واري پاسي تي آهي. پڪي روڊ کان اٽڪل هڪ ڪلو ميٽر جي مفاصلي تي هڪ اوچي ٽڪريءَ تي ڪلان ڪوٽ جا آثار موجود آهن، جيڪي ور غُلام الله واري روڊ تان ئي نظر اچن ٿا. هن وقت ور غُلام الله واري روڊ جي ڪلان ڪوٽ واري پاسي تي هڪ وڏو ضلعي جيل پڻ ٺهيو آهي، جنهن جي پٿرن جي اُوچي ديوار آهي. هن ديوار کان پوءِ هڪ ڪچو رستو آهي، جنهن تي اٽڪل هڪ ڪلوميٽر هلڻ کانپوءِ ڪلان ڪوٽ ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو.


هن وقت ڪلان ڪوٽ جي ڪا به ديوار يا ڪو به برج سلامت نه آهي. هاڻي هتي چوڌاري ڊٿل ديوار جي سرن جو ڍير نظر اچي ٿو ۽ ڪنهن ڪنهن هنڌ اهو سرن ۽ مٽيءَ جو وڏو ڍير ڏسي سمجهي سگهجي ٿو ته هتي ديوار سان گڏ برج به هوندو. اسان ڪوٽ اندر اولهه ڏکڻ ديوار کان داخل ٿي ڪچي رستي تي گاڏي هلائيندا رهاسين ۽ هڪ هنڌ گاڏي بيهاري پوءِ ڪوٽ جي اندر پنڌ گهمڻ لڳاسين. ڪوٽ جي اوڀارينءَ ديوار جي دَڙن تي هلندي هلندي اسان کي هڪ برج جي ڪُجهه اڏاوت نظر آئي. اُتان اسين ديوار کان پرئين پاسي لهي برج جي مختصر وجود کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿياسين. مون چيو ته ڪجهه ته نظر آيو. هن برج جي ديوار جي اڏاوت جي بُنياد ۾ اڻ گهڙيو پٿر ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ان کان مٿي پڪين سرن جي اڏاوت آهي. هن ديوار کان هيٺ پرئين پاسي ساوَڪ ئي ساوڪ نظر اچي ٿي. ڪوٽ تمام مٿانهينءَ تي آهي ۽ اُتان هيٺ تمام خوبصورت واديءَ جو منظر نظر اچي ٿو.
هن ڪوٽ جي اندر هن وقت نمايان نظر ايندڙ صرف مسجد جا کنڊر آهن جيڪي اولاهينءَ ديوار جي وچ واري حصي جي ڀرسان آهن. هيءَ چورس مسجد آهي. هِن جي ڇت ڪِريل آهي ۽ ديوارون موجُود آهن پر انهن جو به مٿيون حصو ڊٿل آهي. هن مسجد ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏو محرابي دروازو آهي ۽ مسجد جي اندر اولهه واريءَ ديوار ۾ پيش امام لاءِ خوبصورت محراب ۽ ممبر پٿر جا ٺهيل آهن باقي مسجد جون سڀئي ديوارون پڪين سِرن جون ٺهيل آهن ۽ اندر ڪجهه ڪاشيءِ جون سرون به لڳل نظر اچن ٿيون. مسجد جي اُتر ۽ ڏکڻ وارين ديوارن ۾ به هڪ هڪ محرابي دروازو آهي جيڪي ڪجهه ڊٿل نظر اچن ٿا. هي کنڊر ٻُڌائين ٿا ته مسجد تمام خوبصورت هُئي. قلعي اندر هيءَ مسجد ترخانن جي دور ۾ ٺهي. هن مسجد کان ٻاهر پاڻيءَ جو هڪ ننڍو حوض به ٺهيل آهي جيڪو يقينن وضوءَ لاءِ استعمال ٿيندو هوندو پر ان جي ڀرسان پاڻيءَ جو هڪ ٻيو وڏو تلاءُ ٺهيل آهي جيڪو هِن وقت ٽُٽل حالت ۾ موجُود آهي. اهڙي قسم جا ٻه ٻيا تلاءَ پڻ ڪوٽ جي مُختلف حصن ۾ نظر آيا.
مسجد کان ٻاهر اچي اسان ڪوٽ جي اولاهينءَ ديوار جي دڙن تي آياسين. هِن پاسي کان ٻاهر هڪ وڏي ڍنڍ آهي. ڪوٽ جي مٿانهينءَ کان هيٺ ڍنڍ جي پاڻيءَ جو نظارو اڄ به تمام دلڪش نظر اچي ٿو. هن ڍنڍ کي اکور ڍنڍ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. اسان ڪُجهه دير اُتي ويهي رهياسين ۽ هن خوبصورت نظاري مان لُطف اندوز ٿيندا رهياسين. هِن ديوار جي دڙن تان لهي ڪوٽ اندر اچي وري اُتر واريءَ ديوار ڏانهن روانا ٿياسين. هن پاسي ڪُجهه نيون اڏاوتون هيون جيڪي يقينن انهن قبضا خورن جون جڙيل هيون جن ڪُجهه سال اڳ اچي هن تاريخي ماڳ تي قبضو ڪيو هو ۽ هِن قومي ورثي کي نقصان به پهچايو هُئائون. اسان پيادل هلندي هلندي اچي ڪوٽ جي اُتر اوڀر واريءَ ڪُنڊ تي پهتاسين. ديوار جي دڙي کي پار ڪري ڪوٽ کان ٻاهر آياسين ته اسان کي ڪوٽ جي ٻن برجن جا مضبوط بُنياد نظر آيا. ڪوٽ کان ٻاهر به پڪيون سرون وِکريون پيون هيون. هِن پاسي بُرجن جي وچ واريءَ ديوار جا بُنياد به موجود آهن جن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته اسان هن ڪوٽ جي زبون حال ديوار جو ڪُجهه ٽڪرو به ڏٺوسين. هتان به ڪوٽ کان ٻاهر جو نظارو تمام خوبصورت آهي. اولهندي ديوار پاسي واري ڍنڍ اُتر پاسي کان هلندي اچي هن اُتر ۽ اوڀر واريءَ ڪُنڊ تي ختم ٿئي ٿي. هِن ڪُنڊ کان هيٺ ڍنڍ ۽ ان سان گڏ سر سبز زمينون خوبصورت منظر پيش ڪري رهيون آهن. هيءُ منظر به ڏاڍو دلڪش ۽ دلفريب محسوس ٿيو. مون کي هن ڪوٽ جي تعريف ۾ مير علي شير قانع جي ڪتاب “مڪلي ناما” ۾ لکيل خوبصورت تشبيهُون ۽ منظر ڪشي ياد اچي ويئي. مير صاحب هن ڪوٽ لاءِ لکي ٿو “هيٺانهينءَ کان ڪوٽ جا بُرج ڏسجن ٿا ته اُهي آسمان سان ڳالهيون ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ڪوٽ جي ديوارن ۽ بُرجن تان ڪوٽ جي ٻاهران ڍنڍ جو دلڪش نظارو ساوا ساوا باغات جنت جو منظر نظر اچي ٿو.”
مير صاحب هيءَ منظر ڪشي شام جي ٿڌڙي هير لڳندي ۽ چانڊوڪين راتين جو ذڪر ڪندي ڪئي آهي جيڪا مون کي ۱۰۰ في صد صحيح لڳي ٿي. مير صاحب تاريخ فيروز شاهيءَ جي حوالي سان لکيو آهي؛ “دهليءَ جي شهنشاهه فيروز سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته ڪلان ڪوٽ کي ڏسي ۽ اُن کي فتح ڪرڻ مشڪل سمجهي واپس هليو ويو. اُن وقت شهنشاهه فيروز جي لشڪر ۾ نوي هزار (۹۰۰۰۰) سوار، چار سئو اسي (۴۸۰) هاٿي، پنج هزار (۵۰۰۰) ٻيڙيون ۽ لکين پيادا شامل هُئا ۽ هن ڪلان ڪوٽ جي اندر سنڌ جي فوج جا ويهه هزار (۲۰۰۰۰) سُوار ۽ چار لک پيادا سپاهه موجُود هُئا. ڪوٽ جي مضبوطيءَ ۽ اُن ۾ سپاهه جي گنجائش کان سواءِ حاڪمن (ڄامن) ۽ ٻين حڪومتي ڪارندن جون رهائش گاهون به ڪوٽ جي اندر هيون.”
اهي سڀ حوالا ثابت ڪن ٿا ته ڪلان ڪوٽ تمام مضبوط ۽ وسيع ڪوٽ هو. هن وقت به تحقيق ڪندڙ ايراضيءَ جي لحاظ کان رني ڪوٽ کان پوءِ ٻيو نمبر سنڌ جو وڏو ڪوٽ هن کي قرار ڏين ٿا. هن ڪوٽ جي برجن جو تعداد ۵۸ آھي جيڪي هاڻي ته نظر نه ٿا اچن ليڪن انهن جا بنياد ڪوٽ جي ٻاهرين پاسي کان ڏسي سگهجن ٿا، برجن جو اهو تعداد ڪوٽ جي مضبوطيءَ جو واضح مثال آهي. ٻيو ته هن ڪوٽ کي اُتر کان وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ وڌيڪ برج ۽ ٻي دفاعي ديوار به ڏنل هُئي. ان کان سواءِ ڪوٽ جي ٻاهران جنهن پاسي کان ڍنڍ نه هُئي اُن پاسي کان ڪوٽ جي حفاظت لاءِ کاهيون کوٽيل هيون. اهي سڀ حفاظتي قدم ثابت ڪن ٿا ته هيءُ ڪوٽ تمام قديم هئڻ سان گڏوگڏ انتهائي حڪمت عمليءَ سان پڻ ٺاهيو ويو هو جيڪو سنڌ جي تاريخي اڏاوت جو هڪ عظيم شاهڪار ۽ مثالي قلعو هئو.
راجا ڏاهر جي وقت ۾ ديبل جو ڪوٽ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هئو پر ڪلان ڪوٽ راجا ڏاهر جي حڪُومت کان اڳ جو تعمير ٿيل آهي. هن ڪوٽ جي اڏاوت تمام پُراني آهي ۽ ٻه ڀيرا ڊهي وڃڻ کانپوءِ هِن کي وري ٺاهيو ويو. ديبل جي اُجڙڻ کان پوءِ سمن جي دور ۾ سمان ننگر / سموئي / ٺٽو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻيا ۽ سنڌ تي ڪلهوڙن جي دور تائين ٺٽو ئي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ رهيو ۽ ڪلان ڪوٽ ۾ ٺٽي جي هر حاڪم هر ڏُکئي دور ۾ پناهه ورتي هُئي. اوائلي دور کان پوءِ سمن، ڄامن، ارغونن، ترخانن ۽ مُغلن جي دورن تائين هيءُ ڪوٽ مختلف نالن سان سڏيو ويو. هن کي ڪڏهن ڪلان ڪوٽ ۽ ڪڏهن ڪلياڻ ڪوٽ چيو ويو ته ڪن وري هِن کي تُغرل آباد ۽ تُغلق آباد به نالو ڏنو. راجا ڏاهر واري دور کان اڳ جي ٺهيل هن ڪوٽ کي ڊهي وڃڻ کان پوءِ وري سمن پنهنجي دور ۾ ٺهرايو ۽ ترخانن به هن ڪوٽ جي مرمت ڪرائي ۽ مغلن جي دور کان پوءِ هيءُ زبون ٿيندو ويو ۽ اڄ مٽيءَ ۽ سِرن جي ڍير جي شڪل ۾ موجُود آهي. ڪُجهه سال اڳ قبضاگيرن هن تاريخي ماڳ تي به وڃي قبضو ڪيو ۽ پوءِ ڪوٽ اُنهن کان خالي ڪرايو ويو پر اهي قبضاگير جيترو وقت به اُتي ويٺا ته اُنهن هن تاريخي ماڳ کي تمام گهڻو نُقصان ڏنو. ڪوٽ جون پڪيون سرون پٽي پنهنجا گهر پيا ٺاهين، ٻيو ته ڪوٽ اندر پوليس ٽريننگ لاءِ فائرنگ رينج به ٺاهي ويئي آهي جنهن لاءِ ڪوٽ جي هڪ پاسي ديوار جي دڙن کي وڌيڪ مٽي چاڙهي اُوچو ڪيو ويو آهي.
هن دور ۾ جنهن ۾ تاريخي ماڳن جي بچاءَ لاءِ ڌار وزارتون آهن اُن جي هوندي به اسان جي تاريخي ماڳن جو اهو حال آهي ته انهن جي ديوارن جي صفائي ڪرائي انهن کي ظاهر ڪرڻ بدران بلڊوزرن سان انهن مٿان مٽي چاڙهي چست پڪي ڪرڻ جو ڪم ورتو وڃي ٿو جنهن جو تمام گهڻو افسوس آھي.
هن اهم تاريخي ماڳن کان سواءِ به مڪلي ٽڪريءَ تي ڪيئي تاريخي نشانيون وکريون پيون آهن. هتي سنڌ جي ۶۰۰ سالن جي تاريخ دفن آهي. ان تي هن وقت ۾ تحقيق ٿيڻ گُهرجي ۽ ان کي اُجاگر ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي.

(روزاني ايڪتا ۾ تاريخ ۱۱ جولاء ۲۰۱۹ع تي ڇپيل ۽ ليکڪ جي فيسبڪ وال تان کنيل)

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]