Skip to main content

ڪاڇو - عزيز ڪنگراڻي


ڪاڇو
سنڌ جو صحرا
عزيز ڪنگراڻي
ڪاڇو لفظ ڪڇ مان ورتل آهي. کيرٿر جنلن جي قطار جي ڪنار يا ڪڇ وارو سمورو صحرائي يا ميداني علائقو ڪاڇو سڏجي ٿو. عطا محمد ڀنڀرو جي ترجمو ٿيل راورٽي جي ڪتاب سنڌ جو مهراڻ موجب قديم زماني ۾ بکر کان ڪنڌڪوٽ، شهدادڪوٽ اتان حمل ڍنڍ، لاڙڪاڻي جي اولهه کان سنڌ درياھ جي قديم ڇاڙ وهندي دادو ضلعي ۾ منڇر سان ملي پئي. منڇر ڍنڍ کان وري اوڀر طرف وهندي سيوهڻ لڳ ڌکڻ ۾ ٻيهر سنڌ درياھ سان وڃي ملي پئي. ڪاڇو ۽ منڇر ڍنڍ پڻ هن وڏي درياهي ڇاڙ جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيا. ان ڇاڙ جي ڪناري ٿي فريدآباد، ماڏو، قصبو. واهي پانڌي (ڪوٽيرو دڙو)، علي مراد واري بستي (ڪلوئي دڙو)، ٽنڊو رحيم جو قديم ماڳ ۽ غازي شاهه جو دڙو (ماڙيکڙ يا پياري جي ماڙي) اهم پتڻ هوندا هئا.


جاگرفي بيهڪ
ڪاڇو طبعي لحا ظ کان ڏکڻ ڪاڇو ۽ اتر ڪاڇي ۾ ورهايل آهي. اتر ڪاڇي ۾ لاڙڪاڻي، قمبر-شهدادڪوٽ وارو ڪاڇو اچي وڃي ٿو. ڏکڻ ڪاڇي ۾ دادو ضلعي وارو ڪاڇو شامل آهي. ميداني لحاء کان ڪاڇو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪ ڪنڌي جيڪا کيرٿر جبلن جي ڪنار سان آهي ۽ ٻيو پٽ جيڪو ڪنڌي کا بچاءُ بند تائين ڦهليل آهي. ڪنڌي ۽ پٽ جي زمين، ثقافتي عنصر، ٻولي ۽ لب لهجن ۾ فرق آهي. جاگرافي جي حوالي سان هينئر ڪاڇي جو صحرا وڏي پکيڙ تي ڦهليل آهي. ڪاڇي جي اولهه ۾ کرٿر جبلن جي قطار، ڏکڻ ۾ منڇر ڍنڍ. اوڀر ۾ ٻوڏن کان آيل بچاءُ بند ۽ اتر ۾ ضلعي جيڪب آباد ۽ بلوچستان جي ڪڇيءَ وارا صحرائي علائقا آهن.

اهم نئيُون
ڪاڇي جو سمورو ميداني علائقو باراني آهي. هن صحرا کي کيرٿر جبلن مان وهي ايندڙ نئيون سيراب ڪن ٿيون. انهن ۾ مولا نئي، جهل مگسي ، سالاري، گاج، تڪي، نلي، ڪڪڙاني، هليلي، کنڌاني، انگئي. نئيگ ۽ ٻيون ننڍيون وڏيون نئيون اهم آهن جيڪي ساوڻيءَ ۾ کيرٿر جبلن مان وهي اچي ڪاڇي جا ميداني پٽ سيراب ڪن ٿيون. هنن نئيُن منجهان ڪن نئيُن ۾ ته ٻارهو ئي چشمن جو پاڻي وهندو رهندو آهي.

زراعت ۽ معيشت
ڪاڇي جي صحرا جي معيشت جو دارومدار ٻن وسيلن تي آهي. هڪ بارشون ۽ ٻيو واڻ وٽڻ. بارشون پونديون آهن ته نئيون وهي اينديون آهن جن سان ڪاڇي جا پٽ ڀربا آهن ۽ جام فصل ٿيندا آهن. سڄو ميداني علائقو سرسبز ۽ شاداب بڻجي ويندو آهي. برساتون پون ته ڪاڇو امير بڻجي ويندو آهي. چوڏس سڪار جون سُرهڻون ۽ خوشحالي جون هوائون گهلي پونديون آهن. بارشون نه پون ته ڪاڇي جو صحرا ڏڪار جي ور چڙهي ويندو آهي. ان ڪري هڪ چوڻي مشهور آهي ته “ڪاڇو وسي ته امير نه ته غريب جو غريب.” ڪاڇي جو ٻيو ذريعه معاش واڻ وٽڻ آهي جيڪو صدين کان هلندو اچي. واڻ ڪاڇي جي هر ڳوٺ ۾، خاص طور جوهي تعلقي واري علائقي ۾ ته تمام گهڻو واڻ وٽيو ويندو آهي. واڻ پيش جي ٻُوٽي کي ڪُٽي ان مان ٺاهيو ويندو آهي جيڪو اڪثر کٽون واڻڻ ۾ ڪم ايندو آهي. واڻ وٽڻ جو ڪم اڪثر عورتون ڪنديون آهن. چند سالن کان ڪاڇي ۾ جتي جر جو پاڻي مٺو آهي اتي ٽيوب ويلن ذريعي به آبادي ڪئي وڃي ٿي. برساتن تي ٿيندڙ فصلن ۾ جوئر، سرنهن، ڄانڀو ۽ گوار جام پوکيا ويندا آهن.

لاهيارڪي زندگي
آڳاٽي زماني ۾ جڏهن بارشون نه پونديون هيون ۽ ڪاڇو ڏڪار جي ورچڙهي ويندو هو ته ڪاڇي جي صحرا جا ماڻهو پنهنجا پڊ ڇڏي بئراج ايريا ۾ اچي جهوپڙيون اڏي اُجرت تي لاهيارا بڻجي ڪڻڪن جا لابارا ڪندا هئا جنهن جي نتيجي ۾ کين اجرت ۾ ان ملندو هو. ان داڻو گڏ ڪري وري واپس پنهنجي پڊن تي ويندا هئا. ڪي ته شهرن ۾ مزدوري به وڃي ڪندا هئا. شاه عبداللطيف ڀٽائي انهيءُ زندگيءَ ۽ هڪ عورت جي لاهيارا بڻجي ويل مائٽن لاءِ اڪير ۽ روڳ کي هڪ بيت ۾ هن طرح بيان ڪيو آهي:

سنگهارن ساري، ساٿي ڏيج سنيهڙا
هيڪل ٿي گهاري، مُنڌ ڪاڇي ڪنڌئين، (شاه)

ڪاڇي جو لوڪ گيت سَمَهُه
سمهه اصل سماع جو بگاڙ آهي. سمهه وارو لوڪ گيت هڪ قسم جي دعا آهي جيڪي آڳاٽي زماني ۾ ڪاڇيلا ڳائنيدا هئا. جڏهن بارشون نه پونديون هيون تڏهن ڪاڇي جا ماڻهو ڌڻيءَ جي بارگاھ ۾ مينهن لاءِ ٻاڏائيندي ڳائيندا هئا. ڪنهن پڌر تي گول دائرو جوڙي سَمَهُه چوندا هئا. هڪ چوندو هو “سَمَهَه ۾ سردار، ڪاڇو ڪوڏ وسائيندو هو هان هو” ۽ ٻيا گڏيل آواز ۾ وراڻيءَ ۾ ورجائيندا هئا “هوهان هو...هوهان هو”. ڪاڇيلن جو عقيدو رهيو ته هيءَ لوڪ گيت ڳائڻ سان رب راضي ٿيندو ۽ مهر جو مينهن وسائيندو ته ڪاڇو سرسبز ٿي ويندو. هن گيت جو موجوده دؤر ۾ رواج نه رهيو آهي.

ڪاڇي جا قديم ماڳ
ڪاڇي جي صحرا۾ تاريخ کان اڳ جي دور توڙي تاريخي دور جا ڪيترائي قديم ماڳ آهن. دادو کان شهدادڪوٽ تائين ڪاڇو تريخي ماڳن سان ڀريو پيو آهي. ٻڌ ڌرم جا ٺلهه، زرتشت آثار، قديم قبرستان ۽ تمام قديم دڙا ۽ ڀڙا موجود آهن جيڪي هن صحرا جي قدامت تي روشني وجهن ٿا.

پيرون جي قدرتي سوغات
ڪاڇي جي صحرا ۾ ٻيا به ڪيترائي وڻ ٽڻ ٿين ٿا پر ڄال يا ڄار جو وڻ هڪ غنيمت چئي سگهجي ٿو جنهن ۾ پيرون ٿين ٿا جيڪي ڪاڇي جي ميوات ۽ سوغات ۾ شمار ٿين ٿا. جڏهن پيرون پچن ٿا ته ڪيئي ٻار۽ ناريون ٽوريون کڻي پيرون چونڊڻ لاءِ گڏ ٿيندا آهن. پيرون وڪرو به ڪيا ويندا آهن ته پري جي رشتيدارن، مٽن مائٽن ۽ دوستن کي سوکڙي طور به موڪليندا آهن. پيرون کي سرائڪي ۾ پِيلهون چئبو آهي. طالب لغاري هڪ شعر ۾ پيرون پچڻ واري موسم جي اهميت بيان ڪئي آهي.
ڪاڇي يار ول آ لهي بيقراري،
پڪ ڳئي ني پيلهون تيڏي انتظاري.

جهنگلي جيوت ۽ نباتات
ڪاڇي جي جهنگلي جيوت ۽ نباتات هن وقت جهڙوڪر ختم ٿي وئي آهي. ڪاڇي ۾ تتر، پٽ تتر، ڳيرا، ڪبوتر، سرھ، هرڻيون، گڊ، گدڙ، لومبڙ، سيڙھ ٻيا جانور ۽ پکي اڄ به آهن. نباتات ۾ ڄار يا ڄال، ڪرڙ، ٻٻر، ڪنڊي، ڪتڻ يا ڪترڻ، ڳم، کپ، ٻُو، لاڻو، لاڻي، اڪ. کبڙ، ڳنڍير وغيره جام ٿين ٿا.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]