Skip to main content

ننگرپارڪر ضرور گهمي ڏسو- لياقت راڄپر


ننگرپارڪر ضرور گهمي ڏسو!
لياقت راڄپر
ٿر ۽ پارڪر جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ هر ماڻهو خواهش ظاهر ڪندو رهيو آهي پر جڏهن اتي پهچڻ ڏکيو هو ته اهو خواب سڀني جو پورو ڪونه ٿي سگهندو هو، ڇو جو اتي وڃڻ لاءِ سڀ کان پهريائين روڊ ۽ رستا گهربل هئا. ٻيو وري اتان جي گرمي ۽ ٻين گهربل سهولتن جي کوٽ سبب ماڻهو نه وڃي سگهندا هئا. پر جس هجي انهن کي جن سخت تڪليفون سهي به اتي ويرانين ۾، ڪکائن گهرن ۽ ڪوهن تان پاڻي ڀري اچڻ جي باوجود به اتي رهڻ پسند ڪيو ۽ ڪن ٿا.


هنن علائقن ۾ ويراني ۽ ڀٽون ضرور آهن پر اتان جي خاموشي، سڪون، امن، مهمان نوازي ۽ ڪلچر سڀني رهندڙن کي پاڻ ۾ ڳنڍي رکيو آهي. ان ۾ چاهي مسلمان هجن يا هندو، هر پاسي محبت جا گيت. هاري ناري، پکي پکڻ يا وري جانورن جي پيرن ۾ پيل ۽ ڳچيءَ ۾ پاتل چڙا به گيت ڳائن ٿا. هتي بيٺل وڻ، چَرندر جانور ۽ وڻن ۾ لٽڪيل سنگريون، رنگ برنگي گل ۽ پيرون به منظر کي خوبصورت بڻائن ٿا. ان سان گڏ بارش کان پوءِ ڀٽن تي وڇايل سائي چادر چئني طرفن کان ماڻهن لاءِ خوبصورت پيغام ڏين ٿيون. ان کان علاوه پري پري کوهن مان جڏهن رنگ برنگي ثقافتي ڪپڙا پهريل عورتون پاڻي ڀري، مٽ دلا مٿي تي يا چيلهه تي رکي هلن ٿيون ته ڄڻ ڪي پريون قطار ڪري پنهنجي ديس ڏانهن وڃن پيون. پنهنجي خواهشن جي خوابن کي حقيقي رنگ ڏيڻ لاءِ مان پنهنجي صحافي دوستن جنهن ۾ فدا حسين جيسر، رفيع الدين ۽ منير مهر سان گڏ صبح جو ڪراچيءَ مان روانو ٿي ويس ۽ ٺٽو، بدين، مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي باءِ پاس کان ٿيندو منجهند ڌاري هڪ حسين ريسٽ هائوس پهتس، جنهن کي ثقافت کاتي جي سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن وارن ٺهرايو آهي. جنهن جو نالو ٿرپارڪر جي قومي هيرو روپلو ڪولهي جي نالي تي قائم ڪيو ويو آهي، جنهن جو افتتاح ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار علي شاهه گذريل سال جي وچ ڌاري ڪيو هو.
هي ريسٽ هائوس چونئري جي ڊزائن تي اڏيو ويو آهي. جيڪو ننگرپارڪر شهر کان ۸ ڪلوميٽر پهريان مين روڊ تي آهي. اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ته هتي ٽوئرسٽ ۽ ٻين عام ماڻهن جي رهڻ جي سهولت لاءِ ڏهه اي سي روم، ڪپڙن ۽ سامان رکڻ لاءِ ڪٻٽ لڳل آهن. جڏهن ته عام ماڻهن لاءِ نان اي سي ڏهه ڪمرا به ٺهيل آهن، جن جا بات روم ڪامن آهن. اي سي ڪمري جو رينٽ ۶ هزار ۽ نان اي سي ڪمرن جو ڪرايو ۳ هزار آهي. جنهن ۾ هڪ ننڍڙي فيملي آرام سان رهي سگهي ٿي.
مان چوندس ته ڪلچر وارن جو هي ريسٽ هائوس ايندڙ ماڻهن لاءِ هڪ تحفو آهي. ڇاڪاڻ ته هتي بجليءَ جو ڪو به مسئلو نه آهي. بجليءَ لاءِ سولر نظام ۽ ڊيزل تي هلندڙ جنريٽر آهن ۽ رهندڙن کي ۲۴ ڪلاڪ بنا دير جي بجلي ملي ٿي. جڏهن ته وهنجڻ ۽ ٻئي استعمال لاءِ به پاڻي هر وقت ملي ٿو. ڇو جو اهو پاڻي ٽينڪرن ذريعي گهرايو وڃي ٿو ۽ سياري ۾ وهنجڻ لاءِ گرم پاڻي ملي وڃي ٿو. هتي هڪ ڪشادو اي سي وارو گڏجاڻي هال آهي. جتي اين جي اوز ۽ ڪمپنين وارا پنهنجون گڏجاڻيون ڪن ٿا، جنهن لاءِ هنن کي صرف ۱۵ سئو رپيا ڏيڻا پون ٿا.
هي سڀ ڪجهه مان انهيءَ ڪري ٻڌائي رهيو آهيان ته جيئن ننگرپارڪر گهمڻ لاءِ ايندڙن کي ڄاڻ ملي ۽ هو رهڻ. کائڻ ۽ گهمڻ لاءِ پريشان نه ٿين. هي ريسٽ هائوس چئن ايڪڙن تي ٻڌل آهي ۽ هتي واڪ ڪرڻ لاءِ باقاعده ٽريڪ آهي. هتي ٻه وڏا لان جڙي سگهن ٿا پر جيئن ته پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي ۽ جڏهن پاڻي پهچندو ته پوءِ هتي خوبصورت وڻ، گل ۽ ٻوٽا لڳي ويندا. جنهن سان ايندڙن جون اکيون وڌيڪ تراوت حاصل ڪنديون.
اسين ۴ وڳي شام جو ڪاسبو ڏانهن نڪري وياسين جيڪو ننگرپارڪر شهر کان ڏهه ڪلوميٽر پري آهي. ڪاسبو ڳوٺ ۾ پهچڻ سان ايئن لڳو ته هي سائو سکيو ۽ ستابو ڳوٺ آهي. جتي هر طرف ساوڪ نظر اچي رهي هئي ۽ نم ۽ ٻيا وڻ چهچ ساوا هئا. جن جي لامن تي طوطا، ڪبوتر، ڪانو ۽ مور ويٺا هئا. عجيب ڳالهه اها هئي ته جڏهن اسان راما پير جي مندر ۾ اندر گهڙياسين ته اتي مور ۽ ڊيل چڱي تعداد ۾ داڻو چڳندي نظر آيا. جڏهن ته باقي هنڌن تي مور نظر نه آيا. ان جو سبب اهو آهي ته هن ڳوٺ ۾ زراعت ۽ ميوا وڏي تعداد ۾ پيدا ڪيا وڃن ٿا. ڇو جو هتي مٺو پاڻي آهي ۽ کوهه کوٽڻ لاءِ ۴۰ کان ۶۰ فوٽن تائين پاڻي ملي وڃي ٿو.
هي ڳوٺ ٽن ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي ۽ هتي پيدا ٿيندڙ بصرن جو فصل وڏي معيار جو آهي. جيڪو ٻاهرين ملڪن ڏانهن  Export ڪيو وڃي ٿو ۽ هڪ ايڪڙ جي بصرن جي پيداوار چار سئو مڻ آهي. راما پير جو مندر تقريبن ۴ سئو سال پراڻو آهي، جنهن جي مرمت ٿيڻ کانپوءِ هاڻي نئون ڏيک ڏئي رهيو آهي. هن مندر ۾ هر سال ميلو لڳندو آهي ۽ پاڪستان کان علاوه ٻين ملڪن جا هندو حصو وٺندا آهن. ٻين هنڌن جي مقابلي ۾ هتي مينهون، ڳئون ۽ ٻڪريون ڪافي نظر آيون ۽ پکي به جتي ڪٿي نظر آيا. ڇو جو هتي پاڻي، گاهه ۽ خوراڪ موجود آهي.
ان کانپوءِ اسين ننگرپارڪر شهر ڏانهن واپس ٿياسين ۽ واٽ تي حسين ڪارونجهر جبل جي هنج ۾ ٺهيل ڪلچر ڪامپليڪس ۽ تروٽ جو ٿلهو به ڏٺوسين. اسان جي ساٿين عبدالعزيز ۽ مولا بخش تمام گهڻو ساٿ ڏنو. ننگرپارڪر شهر کان اندر ويندي جين مت جو مندر نظر آيو جيڪو تقريبن چون ٿا ته هڪ هزار سال پراڻو آهي. جنهن مان ماڻهو مورتيون چورائي ويا آهن ۽ ان جي حالت بلڪل خسته آهي. جنهن لاءِ ڪلچر محڪمي طرفان ان جي مرمت ڪرائي پئي وڃي جنهن لاءِ مندر کي وڌيڪ نقصان کان بچائڻ لاءِ تالو لڳائي ڇڏيو آهي. هتان کانپوءِ ساڙهدڙو جي طرف نڪري پياسين ته هڪ سيمينٽ جو ٺهيل رستو مليو، جيڪو ور وڪڙ کائيندو ڪڏهن هيٺ لهي پيو وڃي ته وري ڪڏهن چاڙهي تي هلي پيو. جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته اهو رستو هڪ ندي آهي، جنهن ۾ جڏهن بارش جو پاڻي ڪارونجهر جبل مان هيٺ لهي هن ۾ پوي ٿو ته پوءِ اهو منظر ڏسڻ وٽان هوندو آهي. پاڻيءَ جي وهڪري سبب جبل تي ۽ هيٺ رستن تي رڳو ساوڪ ۽ گل ڪاري هوندي آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ماڻهو ڪنهن جنت ۾ گهمي رهيو آهي.
ساڙهدڙو تقريبن ڏهه کان ۱۴ ڪلوميٽر ننگرپارڪر شهر کان ٻاهر آهي ۽ اتي جيڪو جِين مندر آهي اتي لکن جي تعداد ۾ هندو ياتري اچن ٿا ۽ اتي ٽن ڏينهن وارو ساليانو ميلو به لڳندو آهي، جنهن لاءِ لکين ماڻهو سڄي دنيا مان اچن ٿا ۽ هندو هن جڳهه کي وڏي عبادتگاهه سمجهن ٿا. هتي مرگيڪن آهي جنهن ۾ حوض آهي ۽ اتي پاڻي بيٺل هوندو آهي، جتي هندو ياتري وهنجن ٿا ۽ انهن جو خيال آهي ته اتي وهنجڻ سان هنن جا گناهه ختم ٿين ٿا. هتي شو شنڪر ۽ هسپوري ٻائو جون سماديون (قبرون) آهن. جتي هندو ڌرم جا ياتري دعائون گهرندا آهن ۽ هنن جو ايمان آهي ته هتي دعا گهرڻ سان هنن جي من جون اميدون پوريون ٿين ٿيون.
هاڻي سولر سسٽم جي ڪري سڄي ٿر ۽ پارڪر ۾ بجليءَ جي سهولت پيدا ٿي وئي آهي. ان کان علاوه سڄي ٿر ۽ پارڪر ۾ بجلي جا ٿنڀا لڳايا پيا وڃن ته جيئن ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ بجلي استعمال ڪئي وڃي پر اهو تڏهن يقين ايندو جڏهن اها بجلي ٿرين کي ملندي.
ٻئي ڏينهن صبح جو سنگت سوير اٿاري نيرن ڪري صبح جو ڀوڏيسر ڳوٺ ڏانهن نڪري وياسين، جيڪو ريسٽ هائوس کان ۳ ڪلوميٽر پري آهي. رستو پٿريلو هيو ۽ جيئن ئي ڀوڏيسر مسجد وٽ پهتاسين ته اتي ڪجهه ٻارن اسان جو استقبال ڪيو ۽ خيرات گهرڻ لڳا. اسان مان سڀني ڪجهه نه ڪجهه انهن کي ڏنو. هتي معلوم ٿيو ته غربت گهڻي آهي. ٻار ڪمزور ۽ ڦاٽل ڪپڙن ۾ هئا. ڀوڏيسر مسجد لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها ۵۰۰ سال پراڻي آهي ۽ ان جي حالت سٺي نه آهي. مسجد جي پويان هڪ وڏو پاڻيءَ جو تلاءُ آهي، جنهن ۾ بارش جو پاڻي اڃا به بيٺل آهي. جتان ماڻهو ۽ جانور پاڻي استعمال ڪن ٿا. هن تلاءَ جي ڪري علائقي جي گرائونڊ واٽر ليول وڌي وڃي ٿي ۽ ماڻهو کوهن مان پاڻي ڀرين ٿا. هتي به پاڻي هجڻ ڪري مال متاءُ ۽ پکي پکڻ نظر آيا. ڪجهه قدمن تي اڳتي آياسين ته پوڻي جين مندر نظر آيو. جيڪو ڌرتي کان ڪافي فٽ مٿي جڙيل هو جنهن تي پهچڻ لاءِ پٿر جون ڏاڪڻون ٺهيل آهن پر اهي ڊهي هيٺ مٿي ٿي ويون آهن. هي مندر به هڪ پوڻي مائيءَ ٺهرايو هو ۽ ان جي عمر به تقريبن ۸۰۰ سال ٻڌائي وڃي ٿي. ثقافت کاتي طرفان هن مندر تي ڪم هلندڙ نظر آيو.
ٿورو اڳتي هلڻ سان ٻيو ڪالي ماتا جو مندر نظر آيو، جيڪو چيو وڃي ٿو ته ۷۰۰ سال پراڻو آهي. هن مندر جي مرمت ڪئي وئي آهي ۽ اتي ڀرسان هڪ آفيس جو ڪمرو ٺهرايو ويو آهي ته جيئن مندرن کي وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي. جنهن لاءِ اتان جي هڪ ماڻهوءَ کي چوڪيدار رکيو ويو آهي. هن مندر تي ٿيل ڪم ڪافي نه آهي ۽ اڃا به ڪم ڪرائڻ جي گهڻي گنجائش آهي. ڇو جو مندر اندر جن ٿلهن تي مورتيون اڪريل آهن يا وري ڀتين جا سوراخ اڃا به مرمت نه ٿيل آهن. جتان نقصان پهچڻ جو انديشو موجود آهي. هن مندر ۾ ڪل ۸ ننڍيون Cubicles ٺهيل آهن، جتي هندو اچي خاموشيءَ سان ويهي عبات ڪندا هئا.
مون کي هي ڏسي اچرج ٿيو ته ست اٺ سئو سال اڳ هندو هتي اچي ڪئين پوڄا پاٺ ڪندا هئا ۽ اهي مندر ايترو پري ويرانيءَ ۾ ڇو ٺاهيا ويا. جڏهن ته ننگرپارڪر جي سڄي دوري ۾ مونکي ڪارونجهر جبل ڏاڍو متاثر ڪيو. هڪ ته اهو ۱۵۰۰ ميٽر سمنڊ جي سطح کان مٿي آهي ۽ تقريبن ۱۳۰ ڪلوميٽر ڊيگهه آهي ۽ هر هنڌ تي صبح ۽ شام جو اڀرندڙ ۽ لهندڙ سج جا منظر وڻندڙ هُجن ٿا. هن جبل مان ملندڙ جڙي ٻوٽين مان ٺاهيل دوائون عورتون وڪڻي رهيون هيون. جيڪي ڪيترن ئي مرضن کي شفا ڏين ٿيون. ڪارونجهر جي خوبصورتي بارشن جي مهيني ۾ ڏسڻ وٽان هوندي آهي. هن جبل ۾ ۱۴ قسمن جا ماربل پٿر آهن ۽ اوترا ئي رنگ موجود آهن. مون کي ڪنهن ٻڌايو ته Trillion ۳۶ ٽن پٿر موجود آهي.
منجهند ڌاري واپس ريسٽ هائوس تي آياسين ۽ سامان گڏ ڪري لنچ ڪرڻ کانپوءِ ڀالوا ڳوٺ ڏانهن روانا ٿياسين. واٽ تي راشد ٻڌايو ته رڌڻي جي لاءِ سامان وٺڻو آهي. هو ڪڏهن ڪڏهن اسلام ڪوٽ کان ۽ مٺيءَ کان وٺي ايندا آهن. اسلام ڪوٽ تقريبن ۱۳۰ ڪلوميٽر پري آهي. بهرحال اڌ پنڌ ڪرڻ کانپوءِ مين روڊ کان ساڄي پاسي مڙي هڪ ڏيڍ ڪلوميٽر ڪرڻ کانپوءِ ڀالوا ڳوٺ آيو. جتي ملير جي مارئي جو کوهه آهي. جتان عمر سومرو هن کي کڻي ويو هو. کوهه ۾ اڃا به پاڻي هو، جيڪو بالٽين ذريعي ڪڍيو پئي ويو ۽ ان ۾ پائپ به لڳل هئا، جيڪي اتي ٺهيل ڪلچر مرڪز ۾ پاڻي پهچائن ٿا. هن مرڪز ۾ ٽي ڪمرا ميوزم لاءِ آهن، جن ۾ عمر ۽ مارئي جا مٽيءَ مان ٺهيل مجسما رکيل آهن. ٻين ۾ مارئي طرفان استعمال ٿيندڙ ڪپڙا، ٿانو ۽ ٻيون شيون رکيل آهن. هڪ ڊرائنگ هال آهي، جتي جڏهن وزير يا وري محڪمي جا آفيسر ايندا آهن، اهي چانهه پاڻي يا ماني کائيندا آهن. هڪ رڌڻو به ٺهيل آهي. اسان جي پهچڻ تي اتي ٻه فنڪار موجود هئا، جيڪي شاهه عبداللطيف جو ڪلام سُر مارئي مان ڳائي رهيا هئا. هتي به سولر سسٽم جي ڪري بجليءَ جي سهولت هئي. باهر نڪتاسين ته هڪ سجيل ۽ سينوريل اُٺ بيٺو هو ته جيئن اسان ان تي سواري ڪيون پر وقت جي گهٽتائيءَ ڪري اهو ڪم رهجي ويو. ان کانپوءِ اسلام ڪوٽ آيو ۽ پوءِ مٿي جتي ڪجهه وقت لاءِ مارئي ريسٽ هائوس پهتاسين. هن ريسٽ هائوس ۾ هڪ ٻن ڪمرن تي مشتمل اي سي ڪمرن جي حالت سٺي نه هئي ان لاءِ سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن طرفان نئون ريسٽ هائوس جڙي رهيو آهي، جنهن ۾ ۱۶ ڪمرا اي سي وارا آهن. ڊرائنگ ۽ ڊائننگ هال، هڪ آفيس ۽ سرونٽ ڪوارٽر به ٺاهيو پيو وڃي. ڪم هلندڙ آهي پر ڪم ۾ تيزي آڻڻ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته بارش جي مند اچڻ واري آهي ۽ ٽوئرسٽ جي آمد متوقع آهي. هن ريسٽ هائوس ۾ به جنريٽر ۽ سولر نظام هوندو. اتان جي انچارج چيتل مل ٻڌايو ته هن وقت ماڻهن جي آمد گهٽ آهي جيڪا اڳتي هلي وڌي ويندي.
ڪراچيءَ لاءِ روانگي کان اڳ مٺي شهر جو دورو ڪيوسين جيئن ته ضلعي هيڊ ڪوارٽر هجڻ سبب روڊ رستا سٺا هئا. گند ڪچرو گهٽ نظر آيو. جايون پڪيون ٺهيل هيون. ٿر ڪتاب گهر مان ڪتاب خريد ڪيم ۽ گهر وارن لاءِ ڪجهه سامان، هاڻي سج لهڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن بدين جي ايريا ۾ پهتاسين ته روڊ ٺهڻ ڪري ٺٽو جي سجاول واري علائقي تائين ٽرئفڪ جو مسئلو خراب رهيو. جڏهن هي روڊ ۽ رستا بلڪل ٺهي ويندا ته پوءِ ننگرپارڪر پهچڻ اڃا وڌيڪ آسان ۽ جلد ٿي ويندو. اسلام ڪوٽ کان ننگرپارڪر وڃڻ واري روڊ تي به ڪم شروع ٿي ويو آهي. هاڻي روڊن تي بسون ويگنون ۽ ڪوسٽر هلن پيا. ٽرڪون سامان ڍوئي رهيون آهن. واٽ تي وڏن ۽ انهن کان ڪجهه ننڍن شهرن ۾ هوٽل ۽ پيٽرول پمپ لڳي ويا آهن ۽ ڪجهه لڳن پيا. گاڏين ۽ موٽر سائيڪلن جي ٽائرن جا پنچر ٺاهڻ لاءِ به جهوپڙن ۾ ڪم هلي پيو.
ننگرپارڪر کان مٺيءَ تائين آل انڊيا ريڊيو هلي رهيو هو پر اسان جي طرفان ڪو ريڊيو پروگرام هلي ٿو الائي نه! مان هن لکڻيءَ ذريعي حڪومت ۽ محققن کي گذارش ڪندس ته هو ڪارونجهر جبل تي تحقيق وارو ڪم ڪن. پاڪستان جي ماڻهن ۽ ٻين ملڪن جي ٽوئرسٽ کي گهمڻ لاءِ هاڻي ڪجهه سهولتون ملي رهيون آهن. جنهن لاءِ ثقافت کاتي جو وزير جَسُ لهڻي، جنهن سنڌ جي ماڳ مڪانن ۽ قومي ورثن کي بچائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي. سنڌ ٽوئرزم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي ايم ڊي روشن علي قناصري جي محنت به قابل تعريف آهي.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]