Skip to main content

دليل ڪوٽ يا دهليل ڪوٽ - غلام حسين جوڻو


دليل ڪوٽ يا دهليل ڪوٽ
غلام حسين جوڻو
’دليل ڪوٽ‘ يا ’دهليل ڪوٽ جو قلعو سڪرنڊ کان نواب شاهه ويندڙ رستي جي ساڄي هٿ تي اتر ۽ اولهه واري ڪنڊ تي آهي. جيڪو روزاني هزارين ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي نظرن جو مرڪز بنيل رهي ٿو. جيڪو پري کان نظر اچي ٿو. ياد رهي ته، اهو قلعو نواب شاهه شهر کان اٽڪل يارهن ميل ۽ سڪرنڊ شهر کان ٽن ميلن جي مفاصلي تي آهي. چون ٿا ته هن ڪوٽ جو اصل نالو ”دهليل“ هو. جيڪو وقت گذرڻ سان  گڏ ڪنهن نموني ڦري “دليل” ٿي پيو. ان متقلق  مختلف رايا ۽ قياس آرايون ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون. ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته، ڄاڻايل قلعو ٽالپرن جي هڪ نواب “مير دليل خان” ٺهرايو هو. جڏهن ته ڪن ٻين ماڻهن جو خيال ان جي ۽ ابتڙ آهي. هو، اها ڳالهه مڃين ٿا ته، اهو ٽالپرن جي حڪومتي دور ۾ تعمير ٿيو هو. پر، ان کي ٽالپرن ڪون جوڙايو هو. اهو، “دليل خان مگسي” تعمير ڪرايو هو. وري ڪي انهن ٻنهي راين کي رد ڪندي چون ٿا ته، بيان ڪيل قلعو يا ڪوٽ ميرن جي هڪ ڪوٽوال ٺهرايو هو. ان لاءِ تاريخ جو اڀياس ڪرڻ ضروري آهي.


تاريخ جا ورق کولي ڏسبو ته، معلوم ٿئي ٿو ته، ٽالپرن جي دور ۾ هن علائقي ۾ ڪو به نواب، حاڪم، بادشاهه يا ڪوٽوال مٿين ٻنهي نالن سان ڪونه هو. اهو ئي سبب آهي ته، هن ڪوٽ جي تعمير ڪرائڻ واري شخص جي نالي تي ڪيئن سوال اڀري رهيا آهن. جنهن ڪري هن ڪوٽ جو صحيح نالو معلوم ڪرڻ ۾ مونجهارو پيدا ٿي پيو آهي. هن ڪوٽ جو اصلي نالو ڇا هو؟ اهو معاملو اڃا تحقيق طلب آهي. البته بلاذري ”فتح البلدان“ ۾ به هن ڪوٽ جو نالو ”دهليله“ لکيو هو. جنهن مان اهو اندازو سولائي سان لڳائي سگهون ٿا ته ان جو اصل نالو ”دهليله“ آهي. وقت گذرندي، هتان جي رهواسين ۽ مقامي ماڻهن “دهليل” لفظ جي “هه” حذف ڪري ڇڏي ۽ اهڙي طرح سان هو ”دهليل“ مان ڦري ”دليل“ ٿي ويو. جيڪو اڄ به ان نالي سان مشهور ومعروف آهي. هاڻ  ”دهليل“ چوڻ وارو ڪو به ماڻهو ڪونه ٿو سُجهي. اها به مڃيل حقيقت آهي ته ”دهليل“ جي ڀيٽ ۾ ”دليل“ چوڻ سولو لڳي ٿو. ان مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مقامي ۽ علائقائي ماڻهن پنهنجي سهولت ڪرڻ لاءِ دليل چوڻ شروع ڪيو هجي.
هي قلعو پڪين سرن يا پٿرن جو ٺهيل ناهي ۽ نه وري ڪو سيمينٽ سان ليپو اٿس. ان جي تعمير ۾ چيڪي مٽي، سرون ۽ کٻڙ جي ڪاٺ جو استعمال نظر اچي ٿو. هن وقت قلعي جي اوچائي اٽڪل ٽيهارو کن فوٽ ٿيندي. قلعي جي ديوار ايتري ته ڪشادي ۽ ويڪري آهي جو ٻه ڏاند گاڏيون مٿس آساني سان هڪ ئي وقت هلي سگهن ٿيون. قريشي حامد علي خانائي پنهنجي هڪ مضمون (جيڪو ماهوار ”پيغام“ ”ڪراچي نومبر- ڊسمبر ۱۹۷۹ع ۾ ڇپيو هو) ۾ هن قلعي جي ڪل ايراضي سوا نو ايڪڙ لکي اٿس. جڏهن ته مرحوم قائم الدين خاصخيلي سڪرنڊ واري به بيان ڪيل تاريخي ماڳ تي تحقيق ڪئي هئي. جنهن جو چوڻ هو ته، هي قلعو ڪل اٺن ايڪڙن جي ايراضي تي ٻڌل آهي. مٿين ٻنهي محققن ۽ اديبن جي راين ۾ فرق آهي. اهي بيان متضاد ڏسڻ ۾ اچن پيا. ان صورتحال ۾ هن قلعي جي ايراضي جي باري ۾ ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي ۽ نه وري ڪا حتمي راءِ ڏيئي سگهجي ٿي. ان ڏس ۾ روينيو کاتي وارا صحيح ايراضي ٻڌائي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ ته انهي کاتي جو عملو زميني ماپ يا پيمائش کان بخوبي واقف آهي تنهن کان سواءِ زمينن جو رڪارڊ به سندن دفترن ۾ موجود آهي.
حقيقت ۾ هيءُ قلعو اسان جي پراڻين تهذيبن جو مرڪز آهي ۽ هميشه کان تهذيبن جو انساني زندگي سان تمام گهڻو تعلق رهندو پيو اچي. انهن تهذيبن کي زندهه رکڻ لاءِ عوام توڙي وقت جي حڪومت جي ذميواري آهي. پر، افسوس، جو هتان جي عوام توڙي حڪومت هن قلعي کي هميشه نظر انداز ڪيو آهي. حالانڪ مير نور محمد خان ۱۲۴۹ هجري مطابق ۱۸۳۳ع کان وٺي ۱۲۵۴هه مطابق ۱۸۴۰ع تائين هن قلعي جي مرمت جو ڪم ڪرايو هو. تنهن کان پوءِ ڪنهن به حڪومت هن تاريخي جاءِ ڏانهن ڌيان ڪونه ڏنو ۽ نه وري ڪو مرمت جو ڪم ڪرايو يا ڪنهن تعميراتي ڪم ۾ حصو ورتو. جنهن ڪري سمورو ترقياتي ڪم اڄ ڏينهن تائين رولڙي جو شڪار آهي. ياد رهي ته، جيڪڏهن ڄاڻايل قلعي جي مرمت جو ڪم هينئر نه ڪرايو ويو ته، اهو ڪنهن به وقت مٽي جو ڍير بنجي سگهي ٿو. اهو، انديشو هر وقت ڪر کنيو بيٺو آهي ۽ اسان جي قوم هن تاريخي يادگار قلعي کان محروم رهجي ويندي. سڄاڻ قومون هميشه پنهنجي تاريخي ورثي جي حفاظت ڪنديون آهن. اسان جي قوم به هڪ مهذب قوم آهي. تنهن کي گهرجي ته هن قلعي جي حفاظت ترجيحي بنيادن تي ڪري. هن قلعي ۾ رهندڙ هڪ معزز شخصيت، مرحوم حاجي ڌڻي بخش ملاح هڪ دفعو ٻڌايو هو ته، هن ڪوٽ جي اندر، کوهه کوٽرايم پئي ته کوٽائي دوران ڪي پراڻا سڪا هٿ آيا هئم، جيڪي هن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جهڙن ماهرن کي ڏيکاريا. جن ٻڌايو هو ته، اهي پراڻا سڪا نادر شاهه جي بادشاهي جي دور جا آهن. هاڻ ڏسڻو آهي ته نادر شاهه ڪهڙي سن ۾، سنڌ تي حڪومت ڪئي يا هتي آيو. ان باري ۾ تاريخدانن کان معلوم ڪرڻ ضروري آهي يا تاريخ کي پڙهڻ گهرجي ته جيئن گهربل معلومات ملي سگهي.
هاڻ سوال ٿو پيدا ٿئي ته، هن قلعي کي ڪهڙي مقصد لاءِ تعمير ڪرايو ويو هو؟ ان سلسلي ۾ مختلف رايا ٻڌايا پيا وڃن. ڪن جو چوڻ آهي ته، اهو قلعو شڪار لاءِ ٺاهيو ويو هو ۽ ڪن جو اهو چوڻ آهي ته، فوجي دفاع جي ڪري اهو تعمير ڪرايو ويو هو. پر، ”چچنامه“ ۾ آهي ته ”محمد بن قسم، ”برهمڻ آباد“ جي فتح ڪرڻ جو پڪو ۽ پختو ارادو ڪيو هو. ان وقت اهو شهر آباد ۽ وسندڙ هو. ان شهر جو سمورو علائقو سرسبز ۽ ڪشادو هو. ”راوڙ“ ۽ ”برهمڻ آباد“ وچ ۾ ٻه قلعا موجود هئا. جن مان هڪ کي ”بهرور“ ۽ ٻئي کي ”دهليل“ سڏيندا هئا. انهن قلعن ۾ اٽڪل سورنهن هزار جنگي سپاهي رهندا هئا. محمد بن قاسم اتي پهچي ٻن مهينن تائين گهيرو ڪيو. “بهرور” جي فتح کان پوءِ جڏهن اها خبر “دهليل” کي پهتي اها به معلومات مليس ته محمد بن قاسم فوج سان هن طرف اچي رهيو آهي ته  قلعي ۾ رهندڙ واپاري هندوستان طرف هليا ويا ۽ باقي جنگي سپاهي قلعي ۾ لڙائي لاءِ تيار ٿي ويٺا. اٽڪل ٻن مهينن تائين قلعي جو گهيرو رهيو. نيٺ قلعي وارن تنگ ٿي، ڪفن پهري، خوشبوءِ مکي، قلعي جي ان دروازي وٽ ٻارن ۽ ٻچن کي موڪليو جنهن جو رخ ريگستان ڏانهن هو”. (چچنامه (سنڌي ترجمو) صفحه ۲۸۷ کان ۲۸۸ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد).
مٿين تاريخي حوالي سان اها ڳالهه چٽي طرح سمجهه ۾ اچي ويئي ته، هي قلعو قديم دور ۾ دشمن جي حملي کان بچڻ لاءِ هڪ بهترين ڪوٽ هو ۽ ملڪ جي بچاءُ ۽ دفاع جو هڪ ذريعو بنيل هو. مٿين بيان موجب هتان جا ماڻهو اڪثر ڪري واپاري هوندا هئا. جن جو واپار پري، پري جي علائقن ۽ ملڪن سان هلندو هو. ”سنڌي ٻولي جي لساني جاگرافي“ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آهي ته ”ابن حوقل (۳۳۱ هجري يا ۹۴۳عيسوي کان ۳۵۸ هجري يا ۹۶۸عيسوي) جڏهن برصغير جي سفر تي آيو هو ۽ هن ملڪ جا نقشا تيار ڪيا هئائين، تڏهن هن سنڌ جو به نقشو تيار ڪيو هو، جو غالبن سنڌ جو پهريون نقشو هو.“ (سنڌي ٻولي جي لساني جاگرافي صفح ۱۷۸ سٽ ۱۴، ۱۳، ۱۲) ان سلسلي کي برقرار رکندي، ميان شمس الدين قريشي” آئينه قديمه سنڌ“ ۾ بن حوقل جي نقشي متعلق لکيو آهي ته، “ابن حوقل هاڪڙي درياهه جي وهڪري جي اولهندي طرف ”اروڙ“ جو شهر ۽ ڏکڻ ۾ ”سدوسان“ جو شهر ڏيکاريو آهي. اهو حصو نواب شاهه ضلعي جي اوڀرندي وارو حصو ناري تائين ٿئي ٿو. هن حصي ۾ ”ٺل مير رڪن” جو دولتپور صفن کان اٺن ميلن تي هڪ قديمي ٺل آهي. انهي هاڪڙي درياهه جي ڪناري تي ”سنڌوجن وارو ڪچو قلعو“ ۽ نواب شاهه ۽ سڪرنڊ وارو ڪچو قلعو” قديم قلعن جا نشان آهن. (آئينه قديم سنڌ صفح ۲۰۹ کان ۲۹۸) ان مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته، ابن حوقل دهليل واري ڪوٽ جي نشاندهي پنهنجي نقشي ۾ پڻ ڪئي آهي. نواب شاهه ۽ سڪرنڊ وارو ڪچو قلعو ظاهر ڪيو اٿس. جيڪو اهو ئي قلعو آهي. جڏهن ته هتي ان کان سواءِ ڪو ٻيو قلعو ناهي ۽ نه وري اهڙي نشاندهي ڪيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
اها به هڪ حقيقت آهي ته، هن قلعي جو اڏاوتي ڪم جيئن مورچا ۽ دروازي جي اندران ٺاهيل ڪمرا هوبهو ڪوٽڏيجي قلعي وانگر آهن. انهن ٻنهي جي طرز ۽ نمونو ساڳيو آهي. تنهن مان ائين ٿو لڳي ته، هي قلعو به ڪوٽڏيجي قلعي جي دور جو آهي. اهو به عام مشاهدو آهي ته، قلعي جي اڏاوت ۾ خاص طور تي مکيه دروازي، دري توڙي پيڙهه ۾ تنبيلن وانگر ٺاهيل ڪمرن يا جاين ۾ استعمال ٿيل سرون حيدرآباد جي پڪي قلعي ۾ استعمال ٿيل سرن جهڙيون سنهڙيون آهن. هن وقت مذڪوره قلعي جي ٻاهران حڪومت طرفان هڪ هاءِ اسڪول گرلس ۽ بوائز پرائمري اسڪولس، ڊسپينسري، زراعت کاتي ۽ يونين ڪائونسل جون آفيسون قائم ٿيل آهن. تنهن کان سواءِ ڳوٺ جي وڏيرن جو به هڪ عاليشان بنگلو آهي ۽ روڊ جي ڪناري سان چند هوٽلون ۽ دوڪان هئڻ ڪري ويتر هتان جي نظاري کي پررونق ڪري ڇڏيو آهي. جتي هر، وقت ماڻهن جي رش ڏسڻ ۾ اچي ٿي. هن ڳوٺ ۾ ميربحر، انڙ، مگسي، بروهي ماڇي ۽ ڪن ٻين ذاتين جا ماڻهو رهن ٿا. جڏهن ته قلعي جي اندر رڳو ميربحرن جا گهر موجود آهن. هن قلعي ۾ ملاحن جو وجود ڏند ڪٿائن جي حد تائين به ملي ٿو. هڪ ڪٿا يا چوڻي موجب درياء جي ڪناري تي واقع هن قلعي ۾ ملاحن جي هڪ جٿي کي ڦاسي ڏني ويئي هئي. مٿن الزام هو ته، انهن حملو ڪندڙ فاتح فوج جي مخالفت ۾ ڌرتي جي قوتن سان ساٿ ڏنو هو. ڪٿا موجب اهي ملاح ٻيڙن ۽ قلعي جي سار سنڀال جا ذميوار هئا. انهن تي اهو ڪم مقرر ڪيو ويو هو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته، هن قلعي سان ملاحن جو تعلق اوترو ئي پراڻو ٿي سگهي ٿو جيترو اهو پراڻو ۽ قديمي آهي.
بهرحال هن وقت هيءُ قلعو مڪمل طرح وساريل آهي. قديم آثارن وارو کاتي به، ان کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. قلعي جي حالت خراب ۽ خسته ٿيندي پئي وڃي. ان مان چاپڙ ڪري رهيا آهن. برسات ۾ ڳري رهيو آهي. هن وقت تباهي جي ڪناري ڏانهن وڃي پيو. ان کي بچائڻ ۽ حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪي ٺوس قدم کڻڻ جي گُهرج آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته سنڌ سرڪار هن طرف ڌيان ڏيئي، ان جي فوري طور مرمت ڪرائي، ته جيئن قلعي کي وڌيڪ نقصان نه پهچي سگهي. ان واٽ ۾ ڪجهه ناڻو خرچ ڪرڻ جي به ضرورت آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت کي پنهنجن وسيلن مان ڪجهه رقم، هن قلعي جي ترقي ۽ سارسنڀال جي مد ۾ مختص ڪرڻ گهرجي. ان کان علاوه ان باري ۾ تحقيق ڪرائڻ به وقت جي ضرورت آهي ته جيئن ان جي تاريخي حيثيت جي معلومات ملي سگهي. آخر ۾ آئون ملاحن کي سلام ٿو پيش ڪريان جيڪي هن ڪوٽ جي اندر آباد آهن ۽ ڪوٽ جي سارسنڀال ڪري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ پنهنجي حيثيت آهر پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا. سمورين دشوارين ۽ تڪليفن کي به منهن پيا ڏين. کين جس هجي.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]