Skip to main content

قاضي احمد - مومن جوڻو

قاضي احمد
خود شھر ڪيئن وجود ۾ آيو
مومن جوڻو

قاضي احمد شھر جو پراڻو نالو ميل ڪنڊي هيو، جنهن کي ميل شريف به ڪوٺيو ويندو هو. حضرت قاضي احمد رحمت الله عليه جو اباڻو ڳوٺ، ضلعي دادو جي ٽلٽي شھر ڀرسان ڳوٺ احمدين آھي، جتي حضرت قاضي احمد رح جو جنم پڻ ٿيو.
وضاحت
حضرت قاضي احمد قريشي رحمت الله عليه جا ابا ڏاڏا، اصل درياھ جي پار يعني ضلعي دادو جي ٽلٽي شهر جي ڀرسان ڳوٺ احمدين ۾ ويٺل هئا ۽ حضرت قاضي احمد رحمت الله عليه پڻ سن 1112هجري مطابق 1700ع ڌاري، ٽلٽي شھر جي ڀرسان احمدين ڳوٺ ۾ ڄاوا هئا. سندن والد صاحب، سندن نالو احمد رکيو.


سندن والد صاحب جو نالو، شيخ محمد صديق رحمت الله آھي. جيڪو پنهنجي وقت جو خدادوست، متقي ۽ پرهيزگار بزرگ هو. ان ڪري ئي پاڻ شروعاتي تعليم، پنهنجي والد ماجد کان ورتائون ۽ وڌيڪ تعليم، نالي واري عالم صوفي مخدوم مفتي عبدالواحد پاٽائي کان حاصل ڪيائون۔
راوي لکن ٿا؛ خواجا حضرت قاضي احمد رح جو وڏو ڏاڏو، ڏهين صدي جو مشھور اولياءُ شيخ المشائخ مخدوم سندو رحمت الله عليه جو مقبرو، پڻ ٽلٽي شھر ۾ آھي. حضرت قاضي احمد رحمت الله عليه جن جي دستار فضيلت، ان وقت جي وڏي درسگاھ لڪي شاھ صدر ۾ عطا ٿي۔ علم جي حاصلات مڪمل ٿيڻ بعد، کين قضا جي سند پڻ عطا ٿي ۽ پاڻ ان عهدي تي پڻ فائز رهيا. کين قضا جي سند ملڻ کانپوءِ، پاڻ قاضي احمد سان مشھور ٿيا. ان کان پوءِ جلد ئي پنهنجو اباڻو ڳوٺ ٽلٽي ڇڏي، اٽڪل 60 سالن جي لڳ ڀڳ عمر ۾، درياھ جي هن پاسي، تعلقي موري جي ديھه دم نالي جاءِ اچي رهائش پذير ٿيا. جتي مسجد، خانقاھ ۽ رهائش جون جايون ٺھرايائون. هڪ بزرگ جي حيثيت ۾ ماڻھن جو ڏانهس جلد رجوع ٿيڻ لڳو ۽ پاڻ ديھه دم ۾ رهائش پذير هئڻ ڪري، ’دمائي پير‘ مشھور ٿيا.
هڪ روايت موجب؛ هڪ دفعي حضرت قاضي احمد رحمت الله عليه جن، حج بيت الله شريف ادا ڪرڻ جي لاءِ، پنهنجي حبيبن سان گڏ قافلي جي صورت ۾ روانا ٿيا. جڏهن قافلو موجوده شھر قاضي احمد وٽان گذريو ته ان وقت ۾ اتان ڍورو وهندڙ هيو ۽ ان جي ڪري آس پاس ڪنڊين جا تمام گهڻا وڻ موجود هيا. ڍوري کي ميل ڪوٺيندا هئا. ان ڪري ان علائقي کي ’ميل ڪنڊي ڪري سڏيندا هيا۔ ڪتاب لکن ٿا ته؛ حضرت قاضي احمد ان جاءِ تي ڪجھه وقت ويهي آرام فرمايو. جتي کين روحاني راحت محسوس ٿي. پنهنجي قافلي وارن حبيبن مريدن کي فرمايائون ته؛ حج تان واپسيءَ بعد، هن جاءِ تي ئي رهي پئبو.
حج جي سفر دوران، لاڙ مان گذر ٿيو ته اتي حضرت سلطان اولياءَ خواجا محمد زمان لواري شريف وارن بزرگن سان ملاقات جو شرف حاصل ٿين ۽ اتي ايتري ويجهڙائي نصيب ٿين جو ٽن ڏينهن جي اندر باطني عروج حاصل ڪري ورتائون۔ ان کان پوءِ توجھه ۽ ارشاد ورتائون. ان کان پوءِ اجازت وٺي حج جو سفر جاري رکيائون. هڪ ڀيري حضرت سلطان اولياءَ خواجا محمد زمان لواري شريف وارن کين بشارت ڏني ته هاڻي توهان ڪنهن ٻئي جي نالي واري ڳوٺ ۾ نه رهو، بلڪ توهين پنهنجي نالي سان ڳوٺ ٻڌي اتي وڃي رهو.

پوءِ حضرت قاضي احمد رحمت الله عليه جن جڏهن حج ادا ڪرڻ بعد واپس ٿيا ته ساڳي جڳھه تي ميل ڪنڊي، جتي پاڻ ڪجھه وقت آرام فرمايو هئائون، ان جڳھه کي پنهنجو مسڪن بڻايو ۽ ڳوٺ ٻڌي ويٺا. جنهن کي ان وقت ميل ڪنڊي ۽ ميل شريف سڏيو ويندو هيو. ان وقت حضرت قاضي احمد جن اتي ماڻھو آباد ڪرڻ لاءِ، ماڻھن کي عام دعوت ڏنائون ۽ ماڻھو سندن محبت سبب اچي رهيا. اھڙيءَ طرح ھڪ عاليشان شھر بڻجي ويو. پوءِ انگريزن جي دور ۾ ھن شھر کي قاضي احمد جي نالي سان سڏيو ويو. حضرت قاضي احمد رحمت الله عليه اٽڪل 118 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي.

Comments

Popular posts from this blog

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو

ڳوٺ آريجا ڦيڙھو تاريخ جي آئيني ۾ مھتاب ڪلھوڙو ڳوٺ آريجا ڦيڙھو پنھنجي وجود ۾ تاريخي پسمنظر رکندڙ ڳوٺ آهي. هي تعلقي لاڙڪاڻي جي اهم ۽ وڏن ڳوٺن مان هڪ آهي. هي ڳوٺ لاڙڪاڻي شھر جي اولھ ۾ سينٽرل جيل روڊ سان اٺن ڪلوميٽرن ۽ انڊس هاءِ وي کان صرف پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. هن ڳوٺ جو نالو “آريجا” ذات پٺيان سَڏيو وڃي ٿو. جڏهن ته “ڦيڙهو” ڪڻڪ يا سارين جي وَل کي چيو وڃي ٿو. ماضيءَ ۾ جڏهن سارين ۽ پلال کي ڌار ڪرڻ لاءِ ٽريڪٽر ۽ ٿريشر ڪو نه هوندا هئا ته ان وقت ھاري پنھنجي سارين جي وَلِ کڻي ولِ رکڻ لاءِ مختص ڪيل زمين جي ٽُڪرن جن کي پِڙُ سڏيندا هئا تي اچي ولِ جا ڦيڙها ٺاهيندا هئا ۽ پوءِ پنھنجي واري يا نمبر اچڻ تي ڏاندن جي مدد سان پنھنجي ڦيڙھي جي ول وڇائي ڳاھ ڳاهيندا هئا ۽ پوءِ وري هوا تي اَن کي وائُري اَن جو ڪجھ حصو پنهنجي کائڻ لاءِ گهر کڻي ويندا هئا بقايا وڪڻي ڇڏيندا هئا. ڳالھ ڪجي ڦيڙهن جي ته اڄ کان ٽي ڏهاڪا اڳ تائين به هن ڳوٺ ۾ ڦيڙها رکڻ جون مخصوص جايون موجود هيون جتي گڏجي ڳاھ ڳاهيو ويندو هو پر پوءِ ٿريشر عام ٿي وڃڻ ڪري اُهي مخصوص پِڙن واريون جايون ختم ٿي ويون ۽ هارين پنهنجي پنهنجي زمينن ۾ الڳ ا...

ماڻڪ تارو - غلام مصطفيٰ سولنگي

ماڻڪ تارو غلام مصطفيٰ سولنگي ”حقيقت اها اهي ته هي ماڳ سڀني سنڌ واسين جي هڪ گڏيل ميراث آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن هنڌ جي مڪمل کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ مکيه باب جو واڌارو ٿي پوي. اسان جي خواهش آهي ته هن ماڳ کي بچاءَ جون ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن هيءَ امانت، باسلامت ايندڙ نسل کي سونپي سگهون.“

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء - عبدالحسين شاھ موسوي

ڀرالوء/ ڀريالوء/ پريان لوء/ پريالوء سما دور جو قصبو عبدالحسين شاھ موسوي [شھر پريالوء کي ڏسڻ لاء چئن ورهين کان سنڀريم پئي، نيٺ هن سال امالڪ اهڙو وجھ ٺھيو ۽ پنجين محرم الحرام تي صبح سوير سائين امداد حسين رضوي سان گڏجي محترم سميع سجاد جا مھمان بڻياسين. وٽس نيرن بہ ڪئي سين، پاڻ پريالوء شھر بہ گھمايائين ۽ ڄاڻ بہ ڏنائين. سيد سجاد حسين شاھ وٽس محفوظ ديواني دستاويز ۽ سندن جا نقل اڳ دستياب ڪيا هئا، ازانسواء پريالوء جي پڙن ۽ عزاداري جي معلومات مھيا ڪيائين. ٻنھي صاحبن جو نھايت ٿورائتو آهيان. ڪي ڪتاب مون وٽ هت ڪراچي ۾ ڪونہ هئا ان ڪري پريالوء بابت ڪجھ اهڙي معلومات جيڪا هينئر شامل ٿي پئي سگھي نہ ٿي سگھي.]