جهڏو
گُودام
نور حسن هوت
جهڏو ميرپور خاص ضلع جو هڪ قديم
۽ تاريخي شهر آهي جيڪو ٻن ديهن هر هڪ ۳۱۶ ۽ ۳۱۷ ۾ پکڙيل آهي. پراڻ
درياءَ جي کاٻي ڪناري تي آباد جهڏو شهر هن وقت تعلقي جو شهر آهي. جهڏو شهر جي
آبادي هن وقت پنجاهه هزار کان به وڌي وئي آهي. هي قديم ۽ تاريخي شهر ۱۷ صدي عيسوي ۾ ڪلهوڙن
جي دور حڪومت ۾ قائم ٿيو. ۱۹۰۱ع واري نقشي موجب “جهڏو
پهريائين ڳوٺ محمد خان ٽالپر جي نالي سان هڪ ڳوٺ هو” سندس نالي سان محمد خان ٽالپر
پرائمري اسڪول اڄ پڻ موجود آهي. چون ٿا ته مير نصير خان ٽالپر خير پور رياست کان
آيو هو، ۽ انهي اچي جهڏو شهر جو بنياد رکيو هو. مير نصير خان، مير محمد خان ٽالپر
جو ڀائيٽيو ۽ ناٺي هو. سندس تربت هن وقت محمد حيات خاصخيلي ۾ پراڻ درياءَ جي
الهندي ڪنڌيءَ تي ۽ جهڏو شهر جي اولهه طرف واقع آهي. مير نصير خان جي اولاد مان
مير مبارڪ خان ٿيو. مير مبارڪ خان جي اولاد مان مير حاجي فتح خان ٽالپر ٿيو مير
حاجي فتح خان ٽالپر جا چار پٽ هر هڪ مير الله بچايو خان، مير مبارڪ خان، مير لقمان
خان ۽ مير علي نواز خان ٿيا. مير حاجي فتح خان ٽالپر هڪ وڏي شخصيت هئي. سندس نالي
سان فتح مارڪيٽ (سنه ۱۹۶۸-۰۳-۲۶) اڄ پڻ جهڏو شهر ۾
موجود آهي. مير الله بچايو خان ٽالپر، توڙي مير محمد لقمان خان ٽالپر جا بنگلا اڄ
به جهڏي شهر جي زيب و زينت آهن چون ٿا ته مير الله بچايو خان ٽالپر دنيا جا ستئي
عجائبات پنهنجي اکين سان ڏٺا هئا.سندس وفات کي ٿورو عرصو گذريو آهي پاڻ هن وقت
ٽنڊو جان محمد لڳ خواجه سڌا تورو جي قبرستان ۾ آرامي آهن.
مير نصير خان جي تربت کان چند
قدم ڏکڻ اولهه طرف، پراڻ درياءَ جي اولهه واري ڪناري تي، ۽ شهر جهڏو کان ڏکڻ اولهه
طرف جهڏو/ بدين باءِ پاس تي، جهڏو پير جي تربت آهي جيڪو پهريائين جهڏائي پير سڏبو
هو ۽ مٿس چوڪنڊي اڏيل آهي، جتي ناٿي
ساميءَ جي سماڌيءَ پڻ آهي. جهڏو مختلف روايتن موجب اصل ۾ ذات جو ملاح هو. ۽ پراڻ
درياءِ جي موجوده هنڌ تي ٻيڙي هلا ئيندو هو. هي هڪ خدا ترس ۽ درويش انسان هو. جنهن
جي زبان تي ٻيڙي هلائڻ وقت “حق هو الله” يا وري “الله هو” جو ذڪر رهندو هو. جهڏو
لفظ جنهن جي سنڌي ۾ معنيٰ ٿيندي
(جبل جي ڪوڀ، يا غار، جيڪا ڇت وانگر هجي، پاڻي جي کڏ، ڪنب، ڪور، پراڻو،
قديم، جهونو وغيره) جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هتي پراڻي دور ۾ شايد ڪا اونهي ڪوڀ
نما کڏ هئي جنهن ڪري جهڏو سڏجڻ لڳو.
جهڏو شهر جي آس پاس ٻيا به ڪافي
درويش، توڙي اولياءَ مدفون آهن. جن ۾ سخي تاج محمد شاهه رح، ڦلڻ شاهه رح، ساوڻ
بابا رح، خاڪي پير رح، پير معصوم شاهه رح، محمود شاهه مهدي رح، ابراهيم شاهه رح،
بابا نورالدين اجميري رح، ۽ درويش مير کوسو رح. ان کان سواءِ ملتان جي حضرت غوث بهائوالدين زڪريا رح، پڻ هن سرزمين تي پير
گهمايا ۽ جهڏو شهر کان ۱۲ ڪلو ميٽر پنڌ تي آمري ءَ جي قبرستان ۾ چِلا
ڪڍيا. اهڙن بزرگ هستين جي ڪرامتن، ۽ دعائن سان هر طرف نور جي تجلي پکڙجندي رهي. جهڏو شهر لاڙ، ٿر ۽ ناري واري ايراضي تي
آهي. لاڙ جي لعل سيد سمن شاهه جي سرڪار جي مزار پڻ جهڏي شهر کان ۱۵ ڪلو ميٽر اولهه طرف
آهي، جتي هرسال عرس مبارڪ تي ايندڙ هزارين عقيدت مند جهڏي جي رستي (جهڏو وايا
پنگريو) سيد سمن سرڪار شاهه جي ميلي تي پهچندا آهن. انهن درويشن جي مزارن تي اڄ به
چادرون چڙهن ٿيون. ۽ ميلا مچندا رهن ٿا. هزارين عقيدت مند سندن مزارن تي اچي من
جون مرادون ماڻيندا آهن.
تمنا درد دل مين هو تو کر خدمت
فقيرون کي،
نهين يه گوهر ملتا بادشاهون کي
خزانو سي،
ڪنهن زماني ۾ هي شهر وڏو
ڪاروباري مرڪز هو جيئن ته پراڻ درياءُ جي ڪپرن تي ٻيڙين جون قطارون لڳل رهنديون
هيون مختلف هنڌن تي بندرگاه به هئا جيئن ته پراڻ ندي ونگي پتڻ واري علاقي کان هيٺ
شڪور ڍنڍ رانڊيا، تائين ويندي هئي، ان ڪري پراڻ ندي جي ذريعي
گجرات انڊيا تائين وڻج واپار ٿيندو هو حيدرآباد جو ڦليلي واه ۽ بدين جو نصير واه
جن جي ذريعي جهڏي جي بندرگاه تي سامان ايندو هو جيڪو پراڻ ندي جي وسيلي ڀارت/
هندستان ويندو هو، پراڻ ندي جڏهن زور شور سان وهندي هئي ته ان تي شهر آباد ٿيڻ لڳا، جن مان جهڏو به هڪ آهي، هڪ ته هي
پراڻ درياءُ جي ڪنڌيءَ تي هو، ٻيو وري
پراڻ درياءُ تي ڪا به پل نه هئڻ ڪري، سمورو ڪاروبار ٻيڙين ذريعي ٿيندو هو،
ايندڙ ويندڙ واپاري سامان گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو گُدام هو، جنهن جا نشان اڄ به کنڊرات
جي صورت ۾ موجود آهن، تنهڪري جهڏو کي اڳي ماڻهو گُدام چوندا هئا. انهي کان علاوه
ديه۲۱۶ لڳ جهڏو ۾ “ٻرڙائي جو ڪوٽ” پنري بڊاماڻي جي راج ڌاني
جا، ڇهن کان آٺن ايڪڙن ۾ پکڙيل ، آثار قديما پڻ جهڏي جي تاريخ ۽ قدامت جي شاهدي
ڏين ٿا.
هينئر گهرجين هير، بڊاماڻي
پنرا،
جيئن تو پڳ مٿي پير، ويرين
واٽون لائيون!! شاهه لطيف سر ڏهر
هي انهي دور جي ڳالهه آهي، جڏهن
هاڪڙي درياءُ جي هنڌين، ماڳين هاڪ هئي جيڪو الاءِ ڪٿان ڪٿان کان وهي،ٽيموٽي وٽان
اچي پراڻ ۾ داخل ٿيندو هو، ۽ جڏهن پراڻ ۾ داخل ٿيندو هو تڏهن پراڻ درياءُ جون
مستيون وڌيڪ ٻيڻيون ٿي وينديون هيون. افسوس اڄ نه رهي محفل، نه رهيو ساقي، ۽ نه
وري جام، قديم وهڪرا ويران ٿيڻ سان ڄڻ سڀ ڪجهه ويران ٿي ويو!!
(ميري برباديون کا غم نه کر اپني اپني نصيب
هوتي هين)
جهڏو شهر ۽ ان جي آس پاس ۱۹۴۷ع کان پهريائين
مسلمانن کان سواءِ هندو ۽ سک تمام گهڻا رهندا هئا، جيڪي ورهاڱي کانپوءِ هندستان
“انڊيا” لڏي ويا. ياد رهي ته هندستان جي وزير خارجه سردار سورن سنگ ۽ انڊيا جي
آرمي چيف جنرل آروڙا جو تعلق پڻ تعلقي
جهڏي جي قريب ڳوٺ گجر سنگهه ديهه ۲۰۲ سان هو!! ورهاڱي بعد هتي
قائمخاني، پنجابي، رانگڙ، غوري پٺاڻ ۽ ڪاسائي اچي آباد ٿيا. هن وقت جهڏو شهر ۾
ٽالپر، ناگوري، ميمڻ، ڪنڀار، ڪڇي، کوسا، شيخ، مغل، ملڪ، قريشي، پٺاڻ، ڀٽي، خاصخيلي،
شيدي، ڪهيري، سيد، خواجا، واڻيا، مينگهواڙ، ڪولهي، ڀيل گجراتي هريجن، ريٻاري پڻ
رهندا آهن
ٿر سڀ ڊويزن ۾ ڀٽن هئڻ ڪري ڪو
به ريلوي رستو ڪونهي، فقط عمر ڪوٽ تعلقي مان ريل لنگهندي هئي جا ميرپورخاص کان
اوڀر طرف جوڌپور ڏي ويندي هئي. ۱۸ اگست ۱۸۹۲ع تي حيدرآباد کان
شادي پليءَ تائين وڏي پٽي ۶-۴ فوٽ واري ريلوي
انگريز سرڪار جاري ڪئي، ۲۲ ڊسمبر ۱۹۰۰ع ۾ شادي پليءَ ٻاڙ
ميڙ تائين ننڍي پٽي ٽي فوٽ ساڍاٽي انچ ريلوي جاري ٿي، ۲۰ اڪٽوبر ۱۹۰۱ع ۾ حيدرآباد کان
شادي پليءَ واري ريلوي بدلائي ننڍي پٽي واري ڪئي وئي ۽ سڄي لائن تي “جوڌپور
بيڪانير ريلوي” نالو رکيو ويو اها ريلوي ۱۰ نومبر ۱۹۲۴ع کان جوڌپور ۽
بيڪانير جدا ڪيون ويون جنهن ڪري هن تي نالو “جوڌپور ريلوي” رکيو ويو. اها ريلوي
مهاراجا جوڌپور، جوڌپور کان خريدڪئي ۽ بعد ۾ “نارٿ ويسٽرن ريلوي” سڏجڻ لڳي،
.سن ۱۹۰۹ع ۾ “سنڌ لائٽ ريلوي
ڪمپني” ميرپورخاص کان جهڏي تائين ريلوي جاري ڪئي جنهن کي وڌائي سنه ۱۹۳۴ع ۾ نبي سر روڊ کان
اڪڙي پٿورو اسٽيشن وٽ مٿئين ريلوي سان ملائي
ويئي ننڍي ريلوي لائين پٽڙي وڇائي وئي، ۽ بعد ۾ سنه ۱۹۲۲ع ۾ انهي لائين کي
اڳتي وڌايو ويو. هن تي هيٺيون اسٽيشنون رهيون. جمڙائو، جهلوري، جميس آباد، ڪاڇيلو،
ڊگهڙي، ٽنڊو جان محمد، جهڏو، روشن آباد، نئون ڪوٽ، فضل ڀنڀرو، ٽالهي، نبي سر روڊ،
ڪنري، ڪنجهيجي، ساماروروڊ، محمد رحيم ڪالرو، صالح ڀنڀرو ۽ پٿورو، هن لائن کي اگر
سرسري نگاهه سان ڏسجي ته هي لائن ۽ اسٽيشنون ائين نظر اينديون، جئين تسبيح يا
مالها ۽ ان ۾ بيٺل مڻيا!! جهڏو به ڪنهن وقت ۾ ريلوي اسٽيشن هو. سنه ۱۹۱۱ع ۾ ميرپورخاص کان
جهڏو، هن لائين کي اڳي لوپ لائن چيوويندو هو. هي لوپ لائين جئين ته جوڌپور جي راجا
اميد سنگ جوڌپور اسٽيٽ ريلوي جي نالي سان هلائي هئي. تنهن ڪري اڳئين دور جا ماڻهو هتي
هلندڙريل گاڏي کي “راجا جي ريل” چوندا هئا. اڳي ٿر جو گهڻو واپار عمر ڪوٽ رستي ڇوڙ
اسٽيشن تائين هلندو هو، ۽ مٺي ۽ ڏيپلي تعلقن جو واپار جهڏي اسٽيشن تان، پر جڏهن
جهڏي کان اڳتي پٿورو ريلوي لائين نڪتي، تڏهن مٺي ۽ ڏيپلي تعلقن جي صدر اسٽيشن نئون
ڪوٽ بنجي وئي، جيڪا مٺي کان ۳۳ ميل ۽ ڏيپلي کان ۳۴ ميل پري آهي.
ڇاڇرو ۽ ننگر پارڪر تعلقن لاءِ
صدر اسٽيشن ڪنري هئي، جيڪا ڇاڇري کان ۴۸ ميل ۽ چيلهار کان ۳۰ ميل پري آهي. جهڏي
ريلوي اسٽيشن کان روزانو ڇهه گاڏيون گذرنديون هيون، جيڪا ڳالهه اڄ ڪلهه ماضي جو هڪ
قصو لڳي ٿي. جهڏي ريلوي اسٽيشن تان آخري ريل گاڏي سنه ۱۹۹۵ع ۾ گذري هئي!!
اڄڪلهه جهڏو ريلوي اسٽيشن ويران آهي، مون کي ٻاراڻي وهيءَ دوران پرائمري اسڪول ۾،
ريل گاڏيءَ بابت پڙهيل هيءُ نظم اڄ به ياد اچي ٿو؛
اچو ته ننڍڙي ريل
هلايون،
باهه بَبونءَ مان
دُونهن دُکايون،
ڇَهه ڇَهه پئسا، ٻه
ٻه پايُون!!.
ڇا ته لفظ هئا، ڇا ته رڌم ۽
رواني هئي، ڄڻ لفظ به ريل گاڏي جي گاڏن وانگر ڇڪ ڇڪ ڪندا پيا هلن. ٻاراڻن ڪتابن جا
نظم هڪ ٻئي کان وڌ، خوبصورت ۽ دل پذير هئا. جيڪي اڄ پنجاهه سالن جي عمر ۾ به
منهنجي ذهن تي نقش ٿيل آهن. مٿي ذڪر ڪيل نظم مٿان ڪاري رنگ جي انجڻ جي تصوير هوندي
هئي. مون اُن کي پهرين ڀيري “نبي سر روڊ” هڪ ننڍڙي ريلوي اسٽيشن تي ڏٺو هو. اهو
منظر اڄ به مون کي چٽي طرح ياد آهي. تمام پري کان ريل جي پٽڙين تي ڪاري ٽٻڪي جيان
گاڏي نمودار ٿي هئي. اسٽيشن تي ويٺل سڀ ماڻهون اٿي بيٺا هئا. گاڏي سيٽي وڄائيندي،
گجگوڙ ڪندي، زمين کي ڏڪائيندي، ٻاڦ اڇُلائيندي، ڪاري پهاڙ جيڏي انجڻ، گاڏن کي
ڇڪيندي بريڪن جا چيڪاٽ ڪري اچي اسان جي اڳيان بيٺي هئي. خوف کان منهنجي دل جي ڌڪ
ڌڪ، ريل گاڏي جي ڇُڪ ڇُڪ کان ٻيڻي ٿي ويئي هئي. بابا مون کي مٿي کڻي ريل جي ڏاڪن
تي چاڙهيو هو. ڪجهه مسافر لٿا ۽ ڪجهه چڙهيا. وري سيٽي وڄائي آهستي آهستي ڇُڪ ڇُڪ
ڪندي گاڏي هلڻ لڳي هئي. اهو منهنجو ريل ۾ سفر ڪرڻ جو پهريون تجربو هو. اُن کان
پوءِ وقتن فوقتن اچڻ وڃڻ ٿيندو رهيو. اهو پاڪستان ريلوي جو شايد عروج وارو زمانو
هو. چوندا آهن ته هر عُروج ۽ ڪمال کي هڪ ڏينهن زوال اچڻو ئي آهي، سو هن ريلوي لائن
سان به ائين ئي ٿيو.
ڪافي وقت کان ريلوي سروس بند ٿي
چڪي آهي، ريلوي پليٽ فارم واري ايراضي تي قبضا گروپ مافيا ڇانيل آهي، ريلوي
انتظاميه قبضه گروپ مافيا خلاف هڪ ٻه دفعو آپريشن به ڪيو، پر صرف ريڙهي وارن، يا
ڪنهن غريب جي جهوپڙي تائين محدود رهيو.
سٺ واري ڏهاڪي ۾ جهڏي ۾ ڪپهه
ٽاڻڻ جا ڪارخانا پنهنجي اوج تي هئا. جهڏو شهر آس پاس جي ڳوٺن ۾ رهندڙ غريب ماڻهن
جي روزگار لاءِ هڪ اهم ذريعو پڻ آهي، جهڏو شهر ۾ هن وقت هڪ وڏي مرچ منڊي آهي ان کا
علاوه هر سومر تي مال جي پڙي لڳندي آهي. رڍون، ٻڪريون، ڳئون، مينهون، ڍڳا، ڪڪڙ،
ڪبوتر وغيره هزارن جي تعداد ۾ خريد و فروخت ٿيندا آهن. جهڏي کي با ذوق ماڻهن جو شهر چئجي ته ڪو وڌاءُ
نه ٿيندو، جهڏي ڪيترا ئي اديب شاعر توڙي صحافي پيدا ڪيا آهن جن ۾ غلام
حيدر، غمدل مرحوم، الهجڙيو شاد، خالد صدف، شاهد مجيد، حنيف عاطر، محمد ايوب کوسو،
يونس همدم، نياز پتافي، آمر انصاري، شوڪت خاصخيلي، قادر سيال، پناه شاهه، ماڪن
شاهه رضوي، مرتضيٰ ڏاڏاهي ۽ ٻيا کوڙ سارا نالا قابل ذڪر آهن. جهڏي شهر جو ڪجهه
نامور شخصتيون، جنهن ۾ مير فتح خان ٽالپر، مير مبارڪ خان ٽالپر، مير الهبچايو خان
ٽالپر، مير محمد لقمان خان ٽالپر، اهڙا نالا آهن، جن غريب ۽ عام ماڻهن جي تمام وڏي
خدمت ڪئي، ان کا سواءِ شيخ محبوب علي مرحوم، مجرم لغاري مرحوم، نه صرف پريس ڪلب
جهڏو جا باني آهن، مگر پريس ڪلب ۾ ويهي مظلوم ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ مشوره
ڏيندا هئا۽ عرضيون لکندا هئا عوام پروري ڪري مذڪورهه نالا اڄ به زنده آهن ۽ زنده
رهندا.




جهڏو جي تاريخ ، واپار، ريلوي ۽ بزرگ هستين جو ذڪر پڙهڻ کانپوءِ دل تي وجداني ڪيفيت تاري ٿيو وڃي دل داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿي سگهي.
ReplyDelete