ڀريا
تاريخي ۽ قديم عمارتن جو شھر
نصير اعجاز
منھنجي
جنم ڀُومي ڀريا شھر جي تاريخ، گھڻي پراڻي آھي. پر انھيءَ جي وجود ۾ اچڻ بابت مختلف
رايا آھن. ڪي چون ٿا ته ڀِريو وسطڙو نالي ڪنھن مسلمان شخص اھو ڳوٺ ٻڌايو ھو ۽ اڳي
اھو اُتر پاسي ڪنڊيارو ۽ ھالاڻيءَ ويندڙ قومي شاھراھه لڳ ھو جيڪو پوءِ ڦِٽي ويو.
جنھن جا آثار ڪيترا ورھيه اڳ تائين به موجود ھئا. ھتان جي ماڻھن، سنڌ جي روايتن
موجب پنھنجي قديم ورثن کي ميساري، اُتي پوک پوکڻ شروع ڪري ڏني. جنھنڪري ھاڻ اُتي،
فصلن کانسواءِ ڪجھه ڏسڻ ۾ نه ايندو. ڪن ماڻھن جو چوڻ آھي ته ڀِريو ھندو ھو.
ھاڻوڪي
ڀريا شھر لاءِ، ڪن محققن جو خيال آھي ته؛ اھو ۱۷۷۵ع ڌاري وجود ۾ آيو. جنھن جو ذڪر، انگريزن جي ۱۸۸۸ع ڌاران تيار ڪيل، گزيٽيئر ۾ به آھي. اھو به چيو وڃي ٿو ته؛ ڪنھن زماني ۾
درياھه جي ٻوڏن سبب، ڀريا جا ماڻھو لڏپلاڻ ڪري، ڏکڻ-اولھه واري ڳوٺ ڪوٽ بھادر جي
ويجھو مٿانھينءَ تي وڃي ويٺا ھئا. جتي اڃا به اھي دڙا موجود آھن. پوءِ اُتان موٽي
اچي پنھنجا پراڻا ماڳ وسايائون. جڏھن ته ڀريا ۽ ڀرپاسي جي جاگرافيائي بيھڪ ۽ قديم
آثارن مان انھيءَ ڳالھه جي پڪ ٿئي ٿي ته سنڌونديءَ جو وھڪرو، ڪنھن زماني ۾ موجوده
ڀريا شھر ۽ سندس اوڀر ۾ ڏھه ڪلوميٽرن تي قائم ڀريا روڊ ريلوي اسٽيشن (اصل قديمي
ڳوٺ ماڇڪي) جي وچ ۾ ھوندو ھو. جتي درياھه جي پيٽ جو ڏيک ڏيندڙ وشال وارياسو پَٽُ،
اڄ به موجود آھي. ان حساب سان ڀريا جي قديم وستي سنڌو درياھه جي ڪپ تي ھئي ۽ اھا
واپاري مرڪز ھئي. ڪي محقق خيال ڏيکارين ٿا ته شڪارپور جا ھندو واپاري لڏي اچي ھتي
ويٺا ۽ ان وقت اھا وستي ”ڪوٽ ڀِرايو“ سڏبي ھئي. جنھن مان پوءِ ڦري ”ڀريا“ نالو
پئجي ويو. بھرحال تاريخي ثابتيون ٻڌائن ٿيون ته سنڌ جي حاڪم راجا ڏاھر جي لشڪر جو،
محمد بن قاسم جي لشڪر سان، ڀريا جي قديم وستيءَ واري ھنڌ به ٽڪراءُ ٿيو ھو. جتي
بھراور نالي قلعي ۾ راجا ڏاھر جو سورھن ھزار لشڪر موجود ھو ۽ ٻن مھينن تائين عرب
لشڪر قلعي کي فتح نه ڪري سگھيو. ان وقت جي قديم ڀريا شھر کي به حفاظت لاءِ چوڌاري
ڪوٽ ڏنل ھو. ڀريا جي قديم وستيءَ جي آثارن مان انھيءَ زماني جا سڪا ۽ ٻيون شيون به
مليون ھيون، جن مان ڪجھه موجوده ڀريا شھر جي ھڪ چڱي مڙس سيد امام علي شاھه وٽ
موجود ھيون. تن جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به سنڌ جي تاريخ ”فتح نامہ سنڌ _ چچ
نامو“ ۾ ڏنل اضافي نوٽس ۾ ڪيو آھي. فتحنامي ۾ ”بھراور“ نالي ڄاڻايل شھر، ڊاڪٽر
بلوچ چوي ٿو ته؛ اھو شھر گھڻو ڪري موجوده ڀريا جي لڳ ھو. ”ڀريا جي رئيس سيد امام
علي شاھه وٽ موجود سڪن مان پڪي ثابتي ملي ٿي ته بھراور نالي بستي عرب دور کان اڳ
توڙي عرب دور ۾ موجود ھئي.“ ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو.
انھيءَ
ڀريا شھر ڀرسان ئي، جنرل چارلس نيپئر پنھنجي ۲۸
سؤ فوجين جي مختصر لشڪر سميت، مياڻيءَ واري جنگ وڙھڻ
لاءِ ويندي ۱۸۴۳ع ۾ پھرين فبروريءَ کان ڇھن
ڏينھن تائين پڙاءُ ڪري ويٺو رھيو. جتي ميجر آئوٽرام توڙي ٽالپر حڪمرانن جا وڪيل به
اچي مليس ته آغا خان اَول به اچي ملاقات ڪري، کيس پنھنجي مدد جو يقين ڏياريو ھو.
”ڀريا، ساھتي
پرڳڻي ۾ ليکيو ويندو آھي. ٽالپرن جي صاحبيءَ ۾، فقط ٽي شھر؛ ڀريا، نوشھرو فيروز ۽
ٺاروشاھه ساھتي پرڳڻي جو مرڪز ھئا. جڏھن ته ساھتي پرڳڻي جون حدون ڪوٽڏجي، گمبٽ،
ڪنڊيارو، نوشھرو فيروز، مورو، سيوھڻ، سڪرنڊ، ھالا ۽ شھدادپور تائين ھيون.“ اھو، مصطفى
اورينٽل ۽ ڊگري ڪاليج نوان جتوئيءَ جي اڳوڻي پرنسيپال خاصخيلي جمال الدين مومن ۱۹۸۷ ۾ ڇپرايل ڪتابڙي ”ساھتيءَ جا سرواڻ“ ۾ لکيو ھو.
انھيءَ
ساھتيءَ جي شھر ڀريا ۾ لُھاڻا، ڀائيبند، عامل ۽ مسلمان آباد ھئا. جن ۾ ديوان
ڪوڙومل چندن مل، سندس پُٽ منوھر داس، ديوان چرنداس ٺاڪرداس گُرسھاڻي، حشمت راءِ
(حشو) ڪيولراماڻي، واڌومل ڪيولراماڻي، لوڪ نوتاڻي، اندر ڪيولراماڻي، اُتم ديارام
ھنڱوراڻي، ديوان فتح سنگھه، ارجن حاسد، شري تلوڪ چند گوپالداس، سُندر ”مجرم“،
ڪشنچند خوبچنداڻي، آخوند حاجي فيض محمد، سندس ڀاءُ حافظ محمد صادق، سيد نورمحمد
شاھه (ڪيترا ئي ڀيرا وزارتون ماڻيندڙ ۽ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجندڙ موجوده
ايم پي اي سيد مراد علي شاھه جو والد) ۽ سندس ڀاءُ سيد امام علي شاھه، حڪيم غلام
محمد سومرو عرشي ۽ ٻين ڪيترين ئي شخصيتن کي جنم ڏنو. جن تعليم، ادب، سماجي ۽ سياسي
شعبن ۾، پنھنجي خدمتن سان، ڀريا شھر جو نالو روشن ڪيو.
جڏھن
ڀريا شھر جي عظيم ھستين جي ڳالھه ڪجي ٿي ته ھن تاريخي وستيءَ جي خوشحال گھراڻن جي
اڏيل عمارتن کي به وساري نٿو سگھجي، جن جي ڪري ڀريا کي ”عمارتن جو شھر“ ڪوٺيو
ويندو ھو. ننڍپڻ ۾، ڳوٺ وڃڻ ٿيندو ھو ته گھڻو ڪري ھڪ محل جھڙي عمارت ڀرسان لنگھڻ
ٿيندو ھو. جنھن لاءِ ٻڌايو ويندو ھو ته؛ اھا عمارت ٽھلرام جي آھي. ٿلھو متارو
ٽھلرام، ورھاڱي وقت ھڪدم ھندستان لڏي ڪو نه ويو ھو. پر گھڻو پوءِ، اسان جي سانڀر ۾
ھتان ھليو ويو. ڪيترا ئي ورھيه پوءِ، جڏھن اھو محل، اسان جي پاڙي جي ئي ھڪ شخص
ورتو ته مونکي اھو محل گھمڻ جو موقعو مليو. مان ان عمارت جي اڏاوت ۽ ڪاٺ جو ڪم ٿيل
ڏسي، دنگ رھجي ويو ھئس. عمارت ۾ سڄو ساڳ جو قيمتي ڪاٺ استعمال ٿيل ھو، جنھن کي وڏن
اگھن تي خريد ڪرڻ لاءِ ڪراچيءَ جا واپاري اچي پھتا ھئا. ھاڻ جڏھن مان ڀريا شھر جي
تاريخي عمارتن جي اڀياس ۽ تصويرن لاءِ ڳوٺ پھتس ته ان تاريخي محل جي جاءِ تي ھڪ
جديد طرز جي وڏي عمارت تعمير ٿي چُڪي ھئي. ظاھر ۾ ته اھڙي جديد عمارت جي اڏاوت
ڀريا شھر جي ترقيءَ ۾ شمار ٿيندي پر حقيقت ۾ اھو ساھتي شھر جي اثاثن (آثارن جي)
ميسارجڻ جو عمل ھو، جنھن تي وڏو افسوس ٿيو. مونکي پنھنجي شاعر دوست مظفر چانڊئي جي
ڳالھه ياد آئي، جنھن تازو ئي ھڪ ڪچھريءَ ۾ ٻڌايو ھو ته؛ انگلينڊ جي شھر گلاسگو ۾
لوڪل گورنمينٽ جو قانون لاڳو آھي ته؛ ”ڪنھن به پراڻي عمارت جي اندران ته مرمت ۽
رنگ روپ ڪرائي ان کي بدلائي سگھجي ٿو پر ٻاھران عمارت جو اڏاوتي ڏيک تبديل ناھي
ڪرڻو ته جيئن تاريخي شھر جي فنِ تعمير کي ساڳي حالت ۾ قائم رکي سگھجي.“ پر اسان وٽ
ان جي اُبتڙ ٿئي ٿو. ڇو ته ھتي نه قانون آھي ۽ نه پنھنجي اثاثن کي محفوظ رکڻ جو ڪو
احساس.
انھيءَ
محل جھڙي عمارت جي سامھون ئي، گھٽيءَ جي ٻئي پاسي، ھڪ پراڻي عمارت جا کنڊر، اڃا
موجود آھن. جتي ورھاڱي کان اڳ، سنڌي ھندن جي وھانءَ جي موقعن تي، ڄڃ (مڃ) اچي گڏ
ٿيندي ھئي ۽ رڌ پچاءَ ۽ کائڻ پيئڻ جو انتظام ھوندو ھو. بلڪل ايئن جيئن اڄوڪي زماني
۾، شادي ھالن ۾ ٿئي ٿو. ان عمارت ڏانھن گھٽي، شاھي بازار واري گھٽيءَ مان ھيٺ لھي
ٿي. بازار جي مُھڙ واري حصي ۾، رھائشي گھر آھن، جتي ورھاڱي کان اڳ جي ھڪ عمارت اڃا
موجود آھي. مونکي شڪ پوي ٿو ته؛ اھو حشو ڪيولراماڻيءَ جو گھر ھو. جنھن تي اسان جي
ننڍپڻ ۾، حشوءَ جي نالي جي ماربل جي پليٽ به لڳل ھوندي ھئي. جڏھن ته ھاڻ اھا غائب
آھي. اسان پنھنجي ميمڻ پاڙي واري مسيت جي سامھون، بازار ڏانھن ويندڙ گھٽيءَ ۾
گھڙندا ھئاسين ته، ٿورڙو ئي اڳتي کاٻي پاسي، حشوءَ جي گھر جي نالي واري پليٽ نظر
ايندي ھئي. مان سوڙھي ٿي ويل ۽ پراڻن دڪانن واري گدلاڻ سان ڀريل بازار وٺي ھلندو
ويس. بازار ۽ گھٽيون، ننڍي ھوندي کان گھمندي وڏو ٿيو ھيس، پر جنھن نظر سان ھاڻي
ڏسان پيو، مونکي لڳي پيو ڄڻ پھريون ڀيرو ڳوٺ گھمي رھيو ھجان.
بازار جي
وچ ۾ به ڪي پراڻيون جايون اڃا موجود ھيون، جن کي تالا لڳل ھئا. مان انھن جون
تصويرون ٺاھيندو، سڌو وڃي انھيءَ گھر وٽ پھتس، جنھن تي واڌومل پي ڪيولراماڻيءَ جي
نالي واري ماربل جي تختي اڃا تائين لڳل آھي. اھو گھر، اوڀر پنجاب مان لڏي آيل ڪنھن
شخص کي مليل ھو، جنھن کان منھنجي ھڪ مائٽ خريد ڪيو ھو. منھنجي گذارش تي، ھن انھيءَ
تختيءَ کي جيئن جو تيئن رھڻ ڏنو ھو. اھو گھر ۱۹۳۷ع ۾ تعمير ٿيل ھو. واڌومل نوڪري ته انڊين ريلوي ۾ ڪندو ھو پر وڏو دانشور ۽
ڪتابن جو ليکڪ ھو. ڀريا جي ڪوڙومل چندن مل اڪئڊمي اسڪول جي بورڊ جو ميمبر به ھو. اڪثر
ريلوي جي سيلون ۾ ڀريا روڊ تي اچي لھندو ھو. ڀريا جي ھڪ جھوني استاد ۽ دانشور،
سائين فتح علي شاھه جي چوڻ موجب، ورھاڱي وارين حالتن شايد واڌومل جي ذھن کي سخت
متاثر ڪيو ھو ۽ ھُو گھر ٻاھران پنھنجي خيالن ۾ گُم ويٺو ھوندو ھو. انھيءَ گھر جي
پٺيان ھڪ گھٽيءَ ۾ واڌومل جو ھڪ ٻيو گھر به ھو، جتي ھاڻي ڪرنال مان آيل چوڌري اختر
ولد چوڌري ياسين رھي ٿو. ان گھر جو ٻاھريون ڏيک اصل حالت ۾ آھي. جڏھن ته اندر ساڳ
جي ڪاٺ جي درن ۽ درين، توڙي انھيءَ وقت جي رنگين شيشن کي به ساڳي حالت ۾ رھڻ ڏنو
ويو آھي. ”اسان کي پراڻي فرنيچر جي واپارين، ھڪ ھڪ در جي قيمت سٺ ھزار آڇي پر اسان
انڪار ڪيو. ڇو ته چوڌري ياسين کي ھن تاريخي عمارت جي اھميت جو احساس ھو.“ چوڌري
اختر سڄو گھر مونکي ڏيکاريندي چيو.
انھيءَ
ساڳئي پاڙي ۾، ٿورو اڳتي، انگريزن جي زماني جي پوسٽ آفيس جي عمارت اڃا قائم آھي.
انھيءَ جي ڀرسان، گھٽيءَ ۾ ھڪ حويليءَ جھڙي عمارت جو محرابدار در ڏسي، اسان اندر
ويندڙ ھڪ ھمراھه کي روڪي، گھر ڏيکارڻ جي گذارش ڪئي. ڦٽل گھر جا آثار ٻڌائن پيا ته ڪنھن
تمام خوشحال ۽ باذوق ماڻھوءَ، وڏي چاھه سان اھو گھر ٺھرايو ھوندو. جڏھن ته اندر
گھڙڻ شرط گندگي، ڀتين تي ٿڦيل ڇيڻا ۽ ورانڊي توڙي ڪمرن ۾ ٻڌل ٻڪريون ۽ ٻيا ڍور ڍڳا
ڏسي، افسوس وڪوڙي ويو ۽ دل کي تڪليف پھتي.
ساڳئي
پاڙي ۾، پنھون مل جي ماڙيءَ نالي، وڏي عمارت موجود ھئي. جنھن ۾ اصل ۾ ست حويليون
ھيون. ھر حويليءَ مٿان ماڙي ھجڻ ڪري، ست ماڙيون پري کان ڏسڻ ۾ اينديون ھيون. پنھون
مل جا ست ٻار ھئا. جن مان ھر ھڪ لاءِ الڳ ماڙي ٺھرائي ھئائين. ھر حويليءَ ۾ اڱڻ،
ورانڊو، وڏو صفحو، اندر ٻه ڪوٺيون، ھر صفحي ۾ ٻه-ڇتا ۽ ڪوٺيون، ھر صفحي مان مٿي
ماڙيءَ تي وڃڻ لاءِ ڏاڪڻ، جنھن کي ٻاھر اڱڻ ۾ به در، مٿي ماڙيءَ تي به ڪمرا، اڱڻ،
وھنجڻ جي جاءِ ۽ ڪاڪوس ھوندا ھئا. ورھاڱي کانپوءِ، اھي حويليون به ھندستان مان
آيلن کي مليون. مونکي دوستن، محمد اسلم راجپوت سان ملايو، جيڪو ڀريا جي مشھور سڱر
بوندي ٺاھڻ واري محمد شريف (مرحوم) جو پٽ ھو. ”بابا ٽن سالن جو ھو ته پنھنجي والد
محمد ديوان سان آيو ھو.“ اسلم راجپوت، اسان کي سندس حصي واري حويلي گھمائيندي
ٻڌايو. سندس چوڻ ھو ته؛ ان حويليءَ ڀرسان کوھه به ھو. جڏھن ته ھن عمارت توڙي ٻين
سمورين وڏين عمارتن جي ھيٺان تھ خانا ھوندا ھئا.“ ڪجھه ورھيه اڳ، ھڪ تمام پيرسن
عورت، پنھنجي مڙس ۽ پوٽي پوٽِيءَ سان گڏ، ھندستان مان آئي ھئي. ھن پنھنجو نالو
دادي لِيلا ٻڌايو ھو ۽ سندس چوڻ ھو ته؛ اھو گھر سندس والد جو ھو ۽ ھن پنھنجي
حياتيءَ جا سورھن ورھيه اتي گذاريا ھئا. ان کان پوءِ سندس شادي ٿي وئي. دادي لِيلا،
لٽجي ويل کوھه واري ھنڌ، اشارو ڪندي چيو ھو ته؛ اتي نار به لڳل ھو جتي ھوءَ ۽ ٻيا
ٻار راند روند ڪندا ھئا.“ اسلم ٻڌايو.
پوسٽ
آفيس جي سامھون واري علائقي ۾، ٻائي ھريرام جو مندر ھوندو ھو. جنھن کي ڊاھي، ھڪ
امير شخص پنھنجو وڏو بنگلو ٺھرائي ڇڏيو آھي. اھڙيءَ طرح، سيدن واري پاڙي ۾ موجوده
وقت ڦٽل پارڪ واري ھنڌ، اڳي جيڪا قديم عمارت ھئي، اتي ورھاڱي کان اڳ، ڪنيا-پاٺ-شالا
ھو، جتي ڇوڪرين کي ھنري تعليم ڏني ويندي ھئي. ورھاڱي کانپوءِ، ان عمارت ۾ سرڪاري
اسپتال شروع ڪئي وئي ھئي. ڀريا ۾، اھڙيون کوڙ عمارتون ھيون، جن مان ڪي زبون حالت ۾
موجود آھن، جڏھن ته اڪثر جايون پنھنجو وجود وڃائي ويٺيون آھن. ھڪ اعلى قسم جو
ڊراما ھال به ايئن ئي ميسارجي چڪو آھي. جڏھن ته ڪوڙو مل چندن مل اڪئڊمي جي ايڪڙن ۾
پکڙيل اسڪول جي عمارت، سال ۱۹۶۷ع کانپوءِ
رھائشي عمارت ۾ بدلجي، پنھنجي اصل شڪل وڃائي ويٺي آھي. پر چڱي ڳالھه ھيءَ آھي ته
ڀريا روڊ واري دڳ تي قائم، سيدن جي پارڪ، جيڪا سيد فتح علي شاھه موجب ورھاڱي کان
اڳ ھندن جو لال باغ ھو ۽ جتي شھر جا ماڻھو رانديون به کيڏندا ھئا، ان کي سيد نور
محمد شاھه مرحوم خريد ڪري قائم رکيو ۽ وري سندس فرزند سيد مُراد علي شاھه ايم پي
اي اڄ تائين سنڀاليو پيو اچي.





Comments
Post a Comment