مورو
شھر ۽ سندس شاندار ماضي - اڳوڻي سنڌ
مشتاق باگاڻي
عيد يا
ميڙي جي موقعي تي بابا مون کي ڪپڙا ۽ بوٽ وٺي ڏيڻ لاءِ موري شهر وٺي ويندو هو.
مورو اسان جي ڳوٺ کان چار ڪوهه پري اتر طرف هو. اسين صبح جو سوير ڳوٺان نڪرندا
هياسين. بابا اڳيان هلندو هو ۽ آنءُ پويان ڊوڙندو ويندو هوس. ٿڪبو هوس ته مون کي ڪلهي
تي کڻندو هو. ڳوٺان نڪري، لنڊي شاخ ٽپي، ڇڇ کان ٿيندا، حافظ علي مراد جي قبي کان
اولهه پاسي ڊٻ مٽي، ريل وٺندا هياسين. ڏور موري شهر جون ماڙيون ڏسي آنءُ خوشيءَ ۾
نه ماپندو هوس. موري پهچي ڪنهن نم جي ڇانو ۾ ٿڪ پڃيندا هياسين. جتي هينئر شاهي
بازار آهي اتي نمن جا وڏا وڻ هيا. پوءِ وکر وٺبو هو. ماني ڇُٽي ٻرڙي جي دڪان تي
کائبي هئي. اهو دڪان ڇٽي جي پيءَ محمد صالح ٻرڙي جي ڏينهن کان هلي رهيو هو. ماني
هيٺ وڇايل تڏن تي ويهي کائبي هئي، جيڪا اسين پنهنجي گهران ٻڌي ويندا هياسين. هوٽل
تان فقط مڇيءَ جو ٻوڙ وٺبو هئو. جيڪو چئين آني پليٽ ملندو هئو.
ڇٽي ٻرڙي
جي دڪان جي پاسي ۾ غلام حيدر ٻرڙي جو ڀانڊو هو. بيماري بڙيءَ جي صورت ۾ بابا مون
کي حافظ نور محمد ميمڻ حڪيم کان دوا وٺي ڏيندو
هو. جيڪو گچيرائي ميمڻ هو ۽ موري ۾ اچي دواخانو
کوليو هئائين. سندس هٿ ۾ چڱي شفا هوندي
هئي.
موري ۾
ان وقت جيڪي ٻيا حڪيم هيا. انهن ۾ لعل بخش ڪانڌڙو، الهه ورايو ميمڻ، قاضي محمد
دائود ۽ ڪرم شاهه تمام سٺا ۽ مشهور حڪيم هيا. طاهر ڀٽي جي هوٽل اڳيان وڏو پٽ هوندو
هو. جتي گدرن ۽ هنڌاڻن جا واپاري سج لٿي اچي گڏ ٿيندا هيا. ان زماني ۾ لغارين بجراڻين،
عرض محمد جي ڳوٺ ۽ خيري ديري مان گدرا ۽ ڇاهيون آڻي واڪ تي وڪڻندا هيا. گدرن جا
واپاري اسان جي پراڻي ڳوٺ بجراڻين جا لغاري هيا. جن مان ڪن جا نالا گل محمد غازي،
شيرل، رانجهو، حاجي ۽ هاشم هيا. خان محمد ميمڻ مشهور دلال هو. گدرن جو اگهه هڪ
روپئي کان ڏيڍ رپئي ٻوري هو.
اتي
گاهه جون پڙيون به هونديون هيون جن مان هڪ حاجي ڪاسائي هلائيندو هو. پاسي ۾ گوشت مڇي
جي مارڪيٽ هئي. مٺو ڪاسائي، لعل بخش ڪاسائي،
جمع ڪاسائي، ربن ڪاسائي ۽ حاجي ڪاسائي ڪاسائڪو ڌنڌو ڪندا هيا. مڇي وڪڻندڙ ساٽين ۾
قاسم، قادن ۽ عرس ساٽي مشهور هيا. مڇي پلي جي فراواني هئي. انهن مان فقط حاجي، ڪاسائي
حال حيات آهي، باقي سڀ جا سڀ هي فاني جهان ڇڏي داراالبقا ڏانهن راهي ٿي ويا.
وڏيرو
خاوندڏنو شيخ شهر جو چيئرمين هو. احمد شاهه ۽ محمد بخش ميمڻ محصول جي اڳاڙي ڪندا
هيا. امير شاهه، جان محمد سرهيو (پوءِ شهر جو چيئرمين ٿيو) حاجي صالح ميمڻ، سيٺ
سليمان، سائين جعفر شاهه شهر جا سريال هيا. سيٺ سليمان ميمڻ ۽ وڏيري خاوند ڏني جون اوطاقون مشهور هونديون
هيون. سيٺ سليمان وڏو مهمان نواز هو.
اڳوڻو
مورو ڇا هو ان جو احوال به قلم بند ڪندو هلان.
مير
علي شير شائق ڪلهوڙن جي دور جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. هو پنهنجي شهر خدا آباد جي
بازار جي تعريف ڪندي لکي ٿو. جيڪڏهن سير ڪرڻ جو ارادو آهي ته دل هٿ جي تريءَ تي ڪڍي
رک. هن جي گهٽين ۾ هر طرف سوين يوسف قطارون ٻڌيو بيٺا آهن. هن جو هر دڪان ڪنعان جو
نمونو آهي. شهر جهان جي جان آهي. خدا وند هن کي آباد رک. منهنجو شهر مورو به ان
کان گهٽ نه هو.
کيمن
يو مولاڻي جي هڪ ليک مطابق موري جو بنياد چندرگپت موريا جي وقت ۾ پيو، ٻي روايت
مطابق جوڌپور جي راجڪمار موڙا سنگهه جي چوٿين نمبر پٽ نستها سنگهه هي علائقو هٿ ڪيو
۽ پنهنجي پيءُ جي نالي پويان هي شهر ٻڌايو. نوشهروفيروز جي گزيٽ مطابق ملتان مان
آيل هڪ بزرگ مورو فقير جي نالي پويان هي شهر سڏجڻ لڳو. اسان کي موڙا سنگهه واري ڳالهه
وزنائتي ٿي لڳي. ڇاڪاڻ ته موري جي آس پاس سکن جا گهڻا ڳوٺ آباد هيا. هونئن موريا
گهراڻي جا آثار به سنڌ ۾ ملن ٿا. ٻڌ جي خاڪ مان سنڌ کي به حصو مليو هو ۽ موري
ويجهو ٺل مير رڪڻ ان دور جي خاص نشاني اڃا به موجود آهي. بهرحال مورو ساهتيه پرڳڻي جو اهم واپاري شهر هو. موري
جي قدامت ۽ واپاري اهميت بابت کيمن يو مولاڻي جي هڪ ليک مان ڪجهه ٽڪرا نقل ڪيون ٿا.
”امپيريل گزيٽئر مطابق سن 1891ع ۾ موري جي آبادي 57646 هئي ۽ سن 1901ع ۾
66441 هئي. موري تعلقي ۾ 78 ڳوٺ آباد هيا. جن مان 19 ڳوٺ وڏا هيا“. مٿي ڏنل انگن
اکرن مان واضح آهي ته ڏهن سالن ۾ موري شهر
جي آبادي لڳ ڀڳ ڏهه هزار وڌيل ٿي ڏسجي. ان
مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مورو ان دور
۾ ڪيڏو اهم شهر هو.
پراڻي
وقت ۾ موري ۾ صابڻ، جواهرات، ڪِٽُ ۽ ٽرامي جي برتنن جو وڏو ڪم هلندو هو. هتي
سونارا ۽ وڏا واپاري جام رهندا هيا، جيڪي خراسان ۽ ٻين پرڏيهي ملڪن ڏانهن قافلا ٺاهي
واپار ڪرڻ ويندا هيا. مورو ڪپهه ۽ عطر جي واپار ڪري به مشهور هوندو هو. موري جا انگوڇا، ململ ۽ بافتو
دور ديسن تائين مشهور هيا. موري جي ڇر جي ڪم جي سڄي سنڌ ۾ هاڪ هوندي هئي. موري ۾ ڪاشيءَ
جي ڪم جا ماهر ڪاريگر رهندا هيا. موري جون
ڪاشيءَ جون سرون مشهور هونديون هيون. موري ۾ لوهاڻا ذات جا هندو به رهندا هيا اهي
شوپنٿي هيا. پپر ۽ ٻٻر جي وڻن جي پوڄا ڪندا هيا.
مورو ڪٻٽي
راند جي ڪري به مشهور هو. هتان جا رانديگر سڄي هندستان ۾ڪٻٽيءَ جي چٽاڀيٽي ۾ حصو وٺڻ ويندا هيا ۽ هندستان جا ناميارا رانديگر موري ۾
ايندا هيا. دينو درزي تريءَ جو ڪاريگر هو. ننڍو هاشم ۽ وڏو هاشم ڪينچيءَ جا ماهر
هيا.
موري ۾
ڀرياڻين جو پاڙو ۽ تيواڻين جو پاڙو مشهور هيا. ڀرياڻين جي پاڙي ۾ هڪ وڏي همٿ واري
عورت رهندي هئي. شهر ۾ هڪ وڏي بازار هوندي هئي. جيڪا مٿان ڍڪيل هوندي هئي جنهن کي ڍڪ
بازار سڏيندا هيا. موري ۾ ٻائي کسيا داس ۽ اڌمداس وارن جو هڪ ٽڪاڻو هوندو هو. شهر
جي اوڀر طرف نانگو ٽڪاڻو هوندو هو. ڀائي ساڌو
رام جي گهر ۾ به گروگرنٿ صاحب رکيل
هوندو هو. سندس وڏو ڀاءُ ڀائي پوڄرام حڪمت جو ڄاڻو هو. دوائن ۽ ڦڪين لاءِ پيسومل
پساري جو دڪان مشهور هوندو هو. مهراج جهمٽرام
۽ ان جو وڏو ڀاءُ مهراج ديارام ڪتال جي ڳوٺ مان لڏي موري ۾ اچي ويٺا هيا ۽ سماجي
ورڪر هيا. شهر ۾ داين جو پاڙو هوندو هو. گونگو دايو شير مڙس هو. شهر ۾ نوٽيفائيڊ
ايريا ڪميٽي هوندي هئي. جنهن جو چيئرمين حاجي محمد صالح ميمڻ هوندو هو.
جتي
هينئر سيٺ خدابخش جي ٻيڙين جو دڪان آهي اتي پپر جو وڏو وڻ موجود هوندو هو. ان جي
اتر پاسي پاڻي جو وڏو تلاءُ هو. جنهن جي
وچ تي به پپر جو وڏو وڻ هو ۽ ان جي چوڌاري به نمن ۽ پپر جا وڏا وڻ هيا. صبح جو سوير پوڄا ٿيندي هئي. گومندو ٻائو ۽ ميهر ٻائو
ٽڪاڻن ۾ رهندا هيا. سيٺ ٽينئون مل، ايسر داس ۽ خان چند ماستر هيا.
سائين شير
محمد شاهه جو اوتارو مشهور هو. جتي راڳ رنگ جو محفلون ٿينديون هيون. مير ويڙهي ۾
حاجي حجم ٿالهه گهڙي تي دودي چنيسر جي ڳالهه
کڻندو هو ته رات وهامي ويندي هئي. چيلو مل
۽ سيٺ موڏو مل جو جتين جو دڪان هوندو
هو. قاسم ٻرڙي جو به بوٽن جو دڪان هوندو
هو ۽ سيٺ نٿرمل جو به پراڻي شاهي بازار ۾
بوٽن جو دڪان هو.
استاد
خدابخش شيخ، استاد عبدالرحمان ٻڍاڻي، محمد هاشم، نڀاندو مولاڻي، استاد ڀلي ڏنو ٻڍاڻي،
محمد صديق مشڪي ۽ اسماعيل ميمڻ شهر جا
مشهور رازا هيا. عبدالغني کٽي ۽ ڪنڊو کٽي شهر جا ڌوٻي هيا. حجمن ۾ عبدالرحمان حجم،
عبدالله حجم، جمعون حجم، محمد يوسف، اوستو خيرو ۽ اسحاق سرهيو مشهور ڪاريگر هيا.
طوهرون به ڪندا هيا. ڪوڙو سرهيو ۽ جمال ڀٽي
سٺا درزي هيا. ابراهيم ڪاٺر سڀني جو ڄاتل سڃاتل هو. فوٽي ڪلهوڙي جو سائيڪلن جو دڪان
هو. حڪمت جو ڪم به ڪندو هو. مسٽر چيلا رام مشهور وڪيل هو. چئونڪ ۾ آفيس هوندي هيس.
مورند واڻيو اخباري نمائندو هو. حاجي ۽ پريل ٻئي لوهار هيا. اصل حيسب جاهيا دڪان
موري ۾ هون. سومر، گاجي ۽ عبدالڪريم به ڀلا لوهار هيا. گل محمد لوهار بندوقن ٺاهڻ جو ڪاريگر هو ۽ شاعر به هو. حاجي جمعون ڪنڀر،
حاجي حمزو ڪنڀر ۽ حاجي عبدالله ڪنڀر ڀلا ڪنڀار هيا. اترين پاسي هنن جون وڏيون
آويون هيون. جتي ٺڪر جا ٿانو تيار ڪري پچائيندا هيا. حاجي حمزو شاعر به هو. غلام
حيدر ميمڻ، بلوچ خان، غلام حيدر ڪاسائي، غلام شبير، استاد ٻرڙو، الله بخش ميراثي،
يعقوب ٻرڙو ۽ الهندو ڪوري ٻيرڙين جا ٻاڌارا هيا. سيٺ محمد جڙيل، حاجي دين محمد
سولنگي ۽ يامين سولنگي جون ٻيڙين جون مانڊڻيون هيون، ان کان علاوه سيٺ پرڀو مل ڪلاد
جي چئونڪ ۾ ٻيڙين جي مانڊڻي هئي جتي هينئر شيخن جو ڪپڙي جو دڪان آهي اتي چئينچل واڻئي
جو مٺائي جو دڪان هوندي هو. سيٺ ليلومل ۽ سيٺ مينگهومل جا ريزڪي وکر جا دڪان هيا.
پيسو پساري ۽ مکي منگهر جا پسارڪا دڪان پڻ هيا. قاسم، يوسف ميمڻ، صالح ٻرڙو
نانوائي هيا. ملو پريل ۽ عبدالله ميمڻ چانهن وارا هيا. پيرو ماڇي، خضر، عبدالله،
رمضان ميمڻ ٽانگا وهائيندا هيا. ان کان اڳ مڙهو واڻيو، درو ڪوندي مل جو پٽ، گيهي
مل، لکي مل، چوهر مل، ڀيرو مل به ٽانگا وهائيندا هيا. سيٺ پارومل جو بٺو هوندو هو
۽ ان جون سرون مشهور هونديون هيون. جهمون مل ۽ لاهوري مل مشهور سونارا هيا. نوتو
مل انڌو هوندو هو. ڪنواٺيءَ تي پاڻي ڀريندو هو. لکي ۽ گيهي وڏا ڍيرا کڻي
ايندا هيا. گهڻو پوءِ پارو ماڇي جي ڳوٺ جا
بهار ۽ صاحب ڏنو ماڇي موري ۾ آيا ۽ پنهنجي هنرمنديءَ جو ڌاڪو ويهاريائون لغاري
بجراڻين کان علي گوهر ڊکڻ، ايوب ڊکڻ ۽ مٺو ڊکڻ آيا ۽ موري ۾ اچي پنهنجون مڏيون
قائم ڪيائون. ان کان علاوه رمضان، دادن ۽ موسن به ملوڪ ڪاريگر هيا. موسن مسڪين هو
پر وڏو سونگارو هو. فنڪارن ۾ اسماعيل فقير ۽ اڪ فقير شر ناهه جا درياهه ڪاريگر
هيا. بلاول فقير دهل وڄائيندو هو. ڪهڙا
نالا ڳڻائي ڪهڙا ڳڻائجن ڇا ته ملوڪ مهانڊا
هيا موري ۾ ۽ انهن سڀني سريالن، هنرمندن ۽ پورهيتن جي ڪري ئي موري جو مان ۽ شان
هو.
موري
جي شاهي بازار سهڻي هوندي هئي. ترتيب سان
دڪان ٺهيل هيا، صفائي جو اعليٰ انتظام هوندو هو.
سنڌ جي
ٻين شهرين وانگر مورائين جي رهڻ جو به پنهنجو انداز هو. صبح جو سوير اٿي ڏندڻ-پاڻي کان فارغ ٿي مارڪيٽ اچبو
هو، جتي گوشت مڇي، تازين سبزين ۽ ميوات جي فراواني هوندي هئي. پنهنجي گهرج آهر هر
شخص، ڳنڌڻ ڀاڄي ۽ ميوات خريد ڪري گهر ويندو هو. نيرن پاڻي ڪري تيار ٿي پوءِ گذر
سفر لاءِ نڪربو هو. دڪاندا پنهنجا دڪان کولي ويهندا هيا. هنر مند ۽ ڪاريگر ۽ مزدور پنهنجي پنهنجي ڪرت سان وڃي لڳندا هيا ۽ ائين روزمره جو وهنوار
شروع ٿي ويندو هو.




Comments
Post a Comment