مومل جي ماڙي عنايت کٽياڻ گذريل سال نومبر جي مهيني ۾ سکر جي تاريخي ماڳن کي ڏسڻ لاءِ ويس ۽ هڪ ڏينهن مانواري دوست آغا نبيءَ سان مومل جي ماڙي (ماٿيلو) روانا ٿياسين، سکر کان نيشنل هاءِ وي رستي روهڙي کان گهوٽڪي پهتاسين ۽ گهوٽڪي شهر مان گذري ماٿيلو ويندڙ رستي سان تقريبن ۱۲ ڪلوميٽر سفر ڪري ماٿيلو پهتاسين، ماٿيلو هڪ ڳوٺ يا ننڍڙو شهر چئي سگهجي ٿو، جتي مک رستي تي ڪافي دوڪان آهن جن کان سواءِ هڪ بازار به آهي، جنهن مان گذري پڇائيندي وڃي مومل جي ماڙيءَ (نند ڪوٽ) تي پهتاسين، ڪوٽ کان پهرين ئي “مومل جي ماڙي” نالي هڪ ننڍو ليڪن خوبصورت ميوزم به ٺهيل آهي جيڪو عام طور تي بند رهي ٿو، سرڪاري طور ڪو به ملازم مقرر ٿيل نه آهي، ميوزم جي سنڀال پاڙي ۾ رهندڙ ڪري رهيا آهن ۽ ميوزم جي تالي جي چاٻي به انهن وٽ رهي ٿي، چاٻي وارو ماڻهو موجود نه هئو جنهن کي فون ڪري گهرايو ويو جيستائين هو اچي اسين هڪ ٻئي پاڙيسريءَ جنهن کي ڪورٽ ۽ ماڙيءَ بابت ڪافي معلومات هئي ان کي ساڻ ڪري ڪوٽ تي وياسين، ڪوٽ مٿاهين دڙي تي آهي جنهن جي اڳيئين ديوار ۽ مورچا ۽ هڪ پاسي واري ديوار جو ڪجهه حصو زبون حالت ۾ موجود آهن، مک دروازي کان مٿي چڙهڻ لاءِ ه...