Skip to main content

Posts

Showing posts from September, 2019

ڪارو ڪوٽ - عابد لاشاري

ڪارو ڪوٽ تاريخي ماڳ عابد لاشاري ڪارو ڪوٽ ، ضلعي دادو جي تعلقي جوهي ءَ جي شهر واهي پانڌي کان اٽڪل ۱۵ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي ، اولهه طرف کيرٿر جي جابلو سلسلي ۾ ، نئين نلي جي ڪناري تي ، تمام اوچي ٽڪري تي واقع آهي. هي ءُ ماڳ ، ق بل م سيح جي دور جو ٻڌايو وڃي ٿو . وسندي نئي نلي جي وچ وارن ٽڪرن جي مٿان ٺهيل آهي. مٿي ان ڪري ٺهيل آهي ڇو جو ان وقت جا ماڻهو اڪثر ڪري مٿانهن هنڌن تي گهر اڏي ويهندا هئا، ڇاڪاڻ ته جنگين ۽ ويڙهه جو خطرو موجود هوندو هو ۽ مٿان مورچا سنڀاليا ويندا هئا ۽ هيٺيان ايندڙ دشمنن کي پري کان ئي روڪيو ويندو هو. ان صورتحال کي مدنظر رکي هي وسندي به نئين نلي جي ڪناري وارن ٽڪرن جي مٿان ٺاهي وئي هئي. هن وسندي جي اولهه ۽ اتر طرفن کان وڏيون کاهيون آهن پر اوڀر ۽ ڏکڻ طرفن کان هن وستي کي پٿرن جي ديوار ڏنل هئي، اها ديوار وڏن پٿرن سان ٺهيل هئي جيڪا هاڻ آخري پساهن ۾ موجود آهي. وستي ۾ موجود گهرن جا صرف نشان ئي رهيا آهن ۽ جا هاڻ دڙي جي شڪل اختيار ڪري وئي آهي.

ٺاروشاھ جنڪشن

ٺاروشاھ جنڪشن خاموش آھي علي رضا قاضي ماضيءَ جي شاندار جڳهه، ساهتي پرڳڻي جي مرڪزي شهر ٺارو شاهه جي ڪاروبار ۾ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت ۾ ڪم ڪندڙ جنڪشن کي “شاندار ماضيءَ جو اجڙيل استعارو” چئي سگهجي ٿو. شهر جي اولهه واري پاسي مٺياڻي- دليپوٽا روڊ تي موجود هي ريلوي اسٽيشن هاڻي ويران کنڊر کانسواءِ ڪجهه به ناهي. ان ويراني ۾ جيڪڏهن توهان جو اتان لنگهه ٿئي ته ڪجهه معصوم ٻار گهيري ويندا، هي پينو فقيرن جا ٻار آهن، جيڪي نه ٿا ڄاڻن ته جنهن جڳهه تي بيهي “الله تو کي آفيسر ڪندو، ڪجهه پئسا ڏئي وڃ.” جي صدا هڻي رهيا آهن. اها جاءِ ماضي قريب ۾ هن تاريخي شهر جي ڪيتري مصروف جڳهه رهي آهي.