Skip to main content

Posts

Showing posts from June, 2017

ڀريا - نصير اعجاز

ڀريا تاريخي ۽ قديم عمارتن جو شھر نصير اعجاز منھنجي جنم ڀُومي ڀريا شھر جي تاريخ، گھڻي پراڻي آھي. پر انھيءَ جي وجود ۾ اچڻ بابت مختلف رايا آھن. ڪي چون ٿا ته ڀِريو وسطڙو نالي ڪنھن مسلمان شخص اھو ڳوٺ ٻڌايو ھو ۽ اڳي اھو اُتر پاسي ڪنڊيارو ۽ ھالاڻيءَ ويندڙ قومي شاھراھه لڳ ھو جيڪو پوءِ ڦِٽي ويو. جنھن جا آثار ڪيترا ورھيه اڳ تائين به موجود ھئا. ھتان جي ماڻھن، سنڌ جي روايتن موجب پنھنجي قديم ورثن کي ميساري، اُتي پوک پوکڻ شروع ڪري ڏني. جنھنڪري ھاڻ اُتي، فصلن کانسواءِ ڪجھه ڏسڻ ۾ نه ايندو. ڪن ماڻھن جو چوڻ آھي ته ڀِريو ھندو ھو.

جهڏو گُودام - نور حسن هوت

جهڏو گُودام نور حسن هوت جهڏو ميرپور خاص ضلع جو هڪ قديم ۽ تاريخي شهر آهي جيڪو ٻن ديهن هر هڪ ۳۱۶ ۽ ۳۱۷ ۾ پکڙيل آهي. پراڻ درياءَ جي کاٻي ڪناري تي آباد جهڏو شهر هن وقت تعلقي جو شهر آهي. جهڏو شهر جي آبادي هن وقت پنجاهه هزار کان به وڌي وئي آهي. هي قديم ۽ تاريخي شهر ۱۷ صدي عيسوي ۾ ڪلهوڙن جي دور حڪومت ۾ قائم ٿيو. ۱۹۰۱ ع واري نقشي موجب “جهڏو پهريائين ڳوٺ محمد خان ٽالپر جي نالي سان هڪ ڳوٺ هو” سندس نالي سان محمد خان ٽالپر پرائمري اسڪول اڄ پڻ موجود آهي. چون ٿا ته مير نصير خان ٽالپر خير پور رياست کان آيو هو، ۽ انهي اچي جهڏو شهر جو بنياد رکيو هو. مير نصير خان، مير محمد خان ٽالپر جو ڀائيٽيو ۽ ناٺي هو. سندس تربت هن وقت محمد حيات خاصخيلي ۾ پراڻ درياءَ جي الهندي ڪنڌيءَ تي ۽ جهڏو شهر جي اولهه طرف واقع آهي. مير نصير خان جي اولاد مان مير مبارڪ خان ٿيو. مير مبارڪ خان جي اولاد مان مير حاجي فتح خان ٽالپر ٿيو مير حاجي فتح خان ٽالپر جا چار پٽ هر هڪ مير الله بچايو خان، مير مبارڪ خان، مير لقمان خان ۽ مير علي نواز خان ٿيا. مير حاجي فتح خان ٽالپر هڪ وڏي شخصيت هئي. سندس نالي سان فتح مارڪيٽ (سنه ۱۹۶۸ - ۰...

مورو - مشتاق باگاڻي

مورو شھر ۽ سندس شاندار ماضي - اڳوڻي سنڌ مشتاق باگاڻي عيد يا ميڙي جي موقعي تي بابا مون کي ڪپڙا ۽ بوٽ وٺي ڏيڻ لاءِ موري شهر وٺي ويندو هو. مورو اسان جي ڳوٺ کان چار ڪوهه پري اتر طرف هو. اسين صبح جو سوير ڳوٺان نڪرندا هياسين. بابا اڳيان هلندو هو ۽ آنءُ پويان ڊوڙندو ويندو هوس. ٿڪبو هوس ته مون کي ڪلهي تي کڻندو هو. ڳوٺان نڪري، لنڊي شاخ ٽپي، ڇڇ کان ٿيندا، حافظ علي مراد جي قبي کان اولهه پاسي ڊٻ مٽي، ريل وٺندا هياسين. ڏور موري شهر جون ماڙيون ڏسي آنءُ خوشيءَ ۾ نه ماپندو هوس. موري پهچي ڪنهن نم جي ڇانو ۾ ٿڪ پڃيندا هياسين. جتي هينئر شاهي بازار آهي اتي نمن جا وڏا وڻ هيا. پوءِ وکر وٺبو هو. ماني ڇُٽي ٻرڙي جي دڪان تي کائبي هئي. اهو دڪان ڇٽي جي پيءَ محمد صالح ٻرڙي جي ڏينهن کان هلي رهيو هو. ماني هيٺ وڇايل تڏن تي ويهي کائبي هئي، جيڪا اسين پنهنجي گهران ٻڌي ويندا هياسين. هوٽل تان فقط مڇيءَ جو ٻوڙ وٺبو هئو. جيڪو چئين آني پليٽ ملندو هئو.

سيوستان يا سيوهڻ - پروفيسر محبوب علي چنا

سيوستان يا سيوهڻ پروفيسر محبوب علي چنا جيڪڏهن تاريخ جي روشنيءَ ۾ سيوهڻ جو گذشته ماضي ڏسبو ته پڌري پٽ ظاهر ٿيندو ته سنڌو تهذيب جي پراچين کنڊراتي طبقي بعد، سيوهڻ جو درجو اچي ٿو. يعني سنڌ جي موجوده آباد شهرن ۾ سڀ کان قديم سيوهڻ آهي. هن شهر جو ذڪر فارسي قديم تاريخن خواھ تذڪرن جي ڪتابن ۾ آيل آهي. تاريخ سنڌ جي قديم سرچشمي، ”چچنامي“ ۾ ڄاڻايل آهي ته راءِ سهيرس بن سهاسي راءِ جي ڏينهن ۾ سنڌ ملڪ تي چار حڪمران مقرر ٿيل هئا. انهن مان هڪ سيوستان جي ”قصبه“ تي به حاڪم هو، جنهن جي هٿ ۾ ٻڌبه، جنگان، روجھاڻ، ڪوه پايه، ويندي مڪران جي حد تائين ملڪ هو. (ص 22) ”تاريخي معصومي“ به ان حقيقت کي دهرايو آهي. ”تحفته الڪرام“ جي صاحب سيوستان جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي: ”هن کي سيوهڻ ۽ سهوڻ به سڏيندا آهن. پنجينءَ ولايت ۾ آهي. هڪ قديم شهر ”سنڌ“ جي اولاد ”سهوارن“ جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. سندس قلعو (سنڌ جي مشهور) ڇهن قلعن مان آهي. انهيءَ کانپوءِ ڪيئي دفعا مرمت ٿيو آهي. قديم الايام کان خلاصو تختگاهه هو. پوءِ وري اروڙ جي راجائن ۽ تنهن کانپوءِ ٺٽي جي بادشاهن جي حڪم هيٺ رهيو. شاھ بيگ اهو ڄام فيروز کان کسيو هو. مرزا شاھ حسن و...